يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لَهُ المُلكُ وَلَهُ الحَمدُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (سي سڀ) خدا جي ئي تسبيح ڪن ٿا. ان جي حڪومت آهي ۽ حمد (به) ان لاءِ ئي لائق آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قادر آهي. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم فَمِنكُم كافِرٌ وَمِنكُم مُؤمِنٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 2) |
انهيءَ ته اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ ڪو اوهان مان ڪافر آهي ته ڪو مومن ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کي ڏسي رهيو آهي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
ان ئي آسمانن ۽ زمين کي حڪمت ۽ مصلحت سان پيدا ڪيو ۽ ان ئي اوهان جو شڪليون ٺاهيون ته سڀ کان سٺيون صورتون جوڙيائين ۽ ان ڏي (ئي) موٽي هلڻو آهي. |
يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 4) |
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي اهو (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو جو ڪجھ اوهين لڪي ڇپي ۽ ظاهر بظاهر ڪريو ٿا تنهن کان (به) واقف آهي ۽ خدا ته دلين جي ڳجھ جو به واقف آهي. |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ فَذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 5) |
ڇا اوهان کي انهن جي خبر نه پهتي آهي جن (اوهان کان) اڳ ڪفر ڪيو ته انهن پنهنجن ڪرتوتن جي سزا (دنيا ۾ ئي) ڀوڳي ۽ (آخرت ۾ ته) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ئي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُ كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالوا أَبَشَرٌ يَهدونَنا فَكَفَروا وَتَوَلَّوا وَاستَغنَى اللَّهُ وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 6) |
اهو هن ڪري جو انهن ڏي سندن پيغمبر پڌرا معجزا وٺي آيا ته چوڻ لڳا ڇا ماڻهو اسان جو هادي بڻبو؟ مطلب ته اهي ڪافر ٿي ويٺا ۽ منهن ڦيري ويٺا ۽ خدا به (انهن جي) پرواھ نه ڪئي ۽ خدا ته بيپرواھ لائق حمد آهي ئي. |
زَعَمَ الَّذينَ كَفَروا أَن لَن يُبعَثوا قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتُبعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِما عَمِلتُم وَذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 7) |
ڪافرن جو هي خيال آهي ته اهي ٻيو ڀيرو نه اٿاريا ويندا. (اي رسول) چئو ته هاءُ! پنهنجي پروردگار جو قسم اوهين ضرور اٿاريا ويندو. پوءِ جيڪي ڪم اوهين ڪندا رهيا تنهن جي باري ۾ ضرور اوهان کي ٻڌايو ويندو ۽ اهو ڪم ته خدا تي آسان آهي. |
فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالنّورِ الَّذى أَنزَلنا وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 8) |
تنهن ڪري الله ۽ سندس رسول تي ۽ ان نور تي ايمان آڻيو جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا خبردار آهي. |
يَومَ يَجمَعُكُم لِيَومِ الجَمعِ ذٰلِكَ يَومُ التَّغابُنِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
جڏهن اهو قيامت جي ڏينهن اوهان سڀني کي گڏ ڪندو. اهو ئي کٽڻ هارائڻ جو ڏينهن آهي. ۽ جيڪي الله تي ايمان آڻيندا ۽ چڱو عمل ڪندا ته انهن کان سندن مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ انهن کي (بهشت جي) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. جن ۾ هميشه رهندا اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ خٰلِدينَ فيها وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 10) |
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي ئي دوزخي آهن ان ۾ پيا رهندا ۽ اها موٽڻ جي جاءِ (ڏاڍي) بڇڙي آهي. |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ يَهدِ قَلبَهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 11) |
جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته خدا جي اذن سان ۽ جو شخص خدا تي ايمان آڻي ٿو ته خدا ان جي دل جي هدايت ڪري ٿو ۽ خدا هر شيءِ کان چڱيءَ طرح آگاھ آهي. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّيتُم فَإِنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 12) |
۽ خدا جي تابعداري ڪري پوءِ جيڪڏهن اوهان (ان ڳالھ) کان منهن ڦيريو ته (ياد رکو! ته) اسان جي رسول تي رڳو (اوهان تائين) پيغام پهچائڻ فرض آهي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 13) |
الله (اهو آهي) جنهن کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ مومنن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ مِن أَزوٰجِكُم وَأَولٰدِكُم عَدُوًّا لَكُم فَاحذَروهُم وَإِن تَعفوا وَتَصفَحوا وَتَغفِروا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
اي ايمان وارو! ڪي اوهان جون زالون ۽ اولاد اوهان جا دشمن آهن ته اوهين انهن (جي فريب) کان بچندا رهو. ۽ جيڪڏهن اوهان معاف ڪيو ۽ درگزر ڪيو ۽ بخشي ڇڏيو ته خدا وڏو بخشڻهار نهايت رحم وارو آهي. |
إِنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 15) |
اوهان جا مال ۽ اوهان جا اولاد رڳو آزمائش آهن. ۽ خدا وٽ ته وڏو اجر (موجود) آهي. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا استَطَعتُم وَاسمَعوا وَأَطيعوا وَأَنفِقوا خَيرًا لِأَنفُسِكُم وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 16) |
ته جيترو ڪي اوهان کان ٿي سگهي خدا کان ڊڄندا ۽ (سندس حڪم) ٻڌو ۽ مڃيو۽ پنهنجي بهتريءَ لاءِ (سندس راھ ۾) خرچ ڪريو. ۽ جو شخص پنهنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو ته اهڙا ئي ماڻهو مرادون پائڻ وارا آهن. |
إِن تُقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعِفهُ لَكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ شَكورٌ حَليمٌ (آيت : 17) |
جيڪڏهن اوهين خدا کي قرض حسنه ڏيندو ته اهو ان کي اوهان جي لاءِ ڪيترو ئي وڌائي ۽ اوهان کي عطا ڪندو. ۽ خدا ته وڏو قدردان بردبار آهي. |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |