يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لَهُ المُلكُ وَلَهُ الحَمدُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
سي پاڪ چَون پَروَر کي، سڀئـِي ڪَن سُبحان، آهن اُڀن ۽ ڀون ۾، جيڪِي جُڳ جَھان، مِڙئـِي مُلڪ اُن جو، ٻِي جِي ڪوڏي ڪانه، ۽ ڳُڻ سَڀ اُن جاڳائـڻا، سَڀ اُنهِئَ جا اِحسان، هَر شي مَٿي هَر آن، هَلندِي وارو اُهو هيڪڙو. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم فَمِنكُم كافِرٌ وَمِنكُم مُؤمِنٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 2) |
سو اُهوئي آھِ، جنهن اوهان کي جوڙيو، پوءِ ڪي ڪافِر ٿيا اوهان مان، ۽ ڪِن جو واحِد تي ويساه، ۽ ڏِسندڙ آھِ اَلله، جيڪِي ڪَريو ڪَمڙا. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
جوڙئـِين اُڀ، زَمِين کي، قائـِم بَرقرار، پڻ سَو رنگ اَهنجون صُورتون، جوڙيون تِنهن جبّار، سُونهن اوهان جي صُورتِين، ڏِنِي پوءِ ڏاتار، ۽ تِنهِين ڏي تَڪرار، آھِ وَرڻو ڪِنهن وار ۾. |
يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 4) |
سو سَڀ ڄاڻي پاڻ ٿو، جيڪِي اُڀن اَندر، پڻ جيڪِي زَمن زَمِين ۾، سو سَمجھي سَربسر، ۽ ڳُجھو، پَڌرو ڪم ڪريو، سو پَرُوڙي پَروَر، ۽ جو دِليَن ۾ دَفتر، تِنهنجو پَرکِيندڙ پاڻ ڌَڻِي. |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ فَذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 5) |
ڇا اوهان کي نه آئـِيو، اُنهن جو اَحوال؟ آڳي ڪُفر جِن ڪيو، ڦِريا هُئا ڦيريال، پوءِ سَزا سَندنِ ڪَمن جِي، چکيؤن چَڱِئ چال، ۽ ساڙوسُورن نال، اَڃا آهي اُنهن لئي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُ كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالوا أَبَشَرٌ يَهدونَنا فَكَفَروا وَتَوَلَّوا وَاستَغنَى اللَّهُ وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 6) |
اِهو سَڀ اِن ڪري، ته هونِ اِهڙو حال، ته جڏهن به آيَنِ اُنهن جا، نبي نيڪ نِهال، سَچِيَن ثابِتيَن سان، پوءِ ڪيؤن قِيل مَقال، سَئـِين ڇاسُهائنيون، ماڻهو اَسان مِثال؟ پوءِ ڦِريا ۽ مُنهن ڦيريؤن، ٿيا پُٺيرا پيمال، پوءِ پَروَر بي پَرواه ٿِيو، کَيائـِينِ خيال، ۽ بي پَرواه بَحال، پڻ ساراهِيَل سَچو ڌَڻِي. |
زَعَمَ الَّذينَ كَفَروا أَن لَن يُبعَثوا قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتُبعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِما عَمِلتُم وَذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 7) |
جي ڪاهي پِيا ڪُفر ۾، تِن ڪيو غَلط گُمان، ته اَصل ئـِي ڪِين اُٿاربا، ڪَر اُنهن کي اِعلان، هائو سُنهن سانِيَمِ جو، سوگند سَندو سُبحان، اَوس اَوهِين اُٿاربا، موٽِي تِنهن مَڪان، خُوب ڏِبيان خبرون، جيڪِي ڪريو مَنجھ جھان، ۽ آھِ گھڻو آسان، اِهو ڪَم ڪَرِيم تي. |
فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالنّورِ الَّذى أَنزَلنا وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 8) |
پوءِرَبَّ ۽ سَندسِ رَسول تي، آڻيو اَوهِين اِيمان، پڻ نازِل ڪيوسون نُور، جو قادِر جو قُرآن، ۽ سَمجھندڙ آھِ سُبحان، جيڪِي ڪريو ڪَمڙا. |
يَومَ يَجمَعُكُم لِيَومِ الجَمعِ ذٰلِكَ يَومُ التَّغابُنِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
اَوهان کي اَلله، ڪَٺي ڪَندو جِنهن ڏِينهن لئي، ڪارڻ ڏِينهن قِيام جي، ميلي مَحشر گاھ، ڏِينهن اُهوئـِي آھِ، نفع، يا نقصان جو. ۽ جيڪو مَڃي مالِڪ کي، ۽ ڪَندو چَڱِي ڪار، ميٽي مَدايون اُن جُون، ۽ ڏئيسِ گَھر گُلزار، هردم هيٺان جن جي، ناليون وَهن نِبار، سَدا ساڪِن اُن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، آھِ وَڏو اَپار، ماڻڻ اُهو مراد جو. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ خٰلِدينَ فيها وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 10) |
۽ اُهي جِن ڪُفر ڪيو، ڦِريا کون فَرمان، ۽ ڪوٺيؤن اَسان جون آيتون، ڪُوڙا باب بيان، اُهي ساٿِي ڀاتِي باھِ جا، مَنجھ تِنهن ماڳ مَڪان، هَميشه حيران، ۽ سو بِلڪُل بُڇڙو ماڳ ٿيو! |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ يَهدِ قَلبَهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 11) |
رَسي نه مُصِيبت ڪا، مَگر اِذن ساڻ اَلله، ۽ رَکي جيڪو رُوح ۾، واحِد تي ويساه، قادِر اُن جي قلب کي، سَئـِين سُهائي راه، ۽ آگو آھِ آگاه، هَر شئ سَندي حال کان. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّيتُم فَإِنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 12) |
اي اُهي جِن مَڃيو!، مالِڪ بي مِثال، ڪي اَوهان جون عورتون، ڪي اَهنجا نونهِال، آهِن عَدو اوهان جا، پوءِرکونِ خوف خيال، ۽ جي مرهيونِ، ۽ مڙت ڪريون، ۽ بخشيونِ ڪري ڀال، پوءِ بي شڪ جَلَّ جَلال، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 13) |
اُهو اَلله، جِنهن ري ناھِ ڪو، سائـِين لَهندڙ سار، پوءِ بارِي مَٿي بار، رَکڻ گُھرجي مُؤمِنِين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ مِن أَزوٰجِكُم وَأَولٰدِكُم عَدُوًّا لَكُم فَاحذَروهُم وَإِن تَعفوا وَتَصفَحوا وَتَغفِروا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
اي اُهي جِن مَڃيو!، مالِڪ بي مِثال، ڪي اَوهان جون عورتون، ڪي اَهنجا نونهِال، آهِن عَدو اوهان جا، پوءِرکونِ خوف خيال، ۽ جي مرهيونِ، ۽ مڙت ڪريون، ۽ بخشيونِ ڪري ڀال، پوءِ بي شڪ جَلَّ جَلال، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو. |
إِنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 15) |
مال ۽ اولاد اَوهان جو، آهي اِمتحان، ۽ صاحِب رَبُّ سُبحان، اُن وٽ آهي اَجر وَڏو. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا استَطَعتُم وَاسمَعوا وَأَطيعوا وَأَنفِقوا خَيرًا لِأَنفُسِكُم وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 16) |
پوءِ ڌاريو ڊپ ڌڻئَ جو، جيڪِي پُهچ سارِيو پاڻ، ۽ سڻو سَندسِ ڳالهيون، ۽ پاريو سَڀ پَرياڻ، ۽ خَرچيو خدا ڪاڻ، جيڪي ڀلو ڀانيو پاڻ لئي. ۽ سَندنِ هِنيِـين جي هَٻَڇ کان، پناھ جي پائـينِ، پوءِ اُهيئـِي آهِينِ، سوڀارا سَڀِـين پَرِين. |
إِن تُقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعِفهُ لَكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ شَكورٌ حَليمٌ (آيت : 17) |
جي ڏِيندا قرض ڪرِيم کي، سُهڻو ساهِن ڌار، ته اوهان لئي اَن کي، ٻِيڻو ڪري ٻِيهار، ۽ بيشڪ بَخشي آن کي، ۽ آهي موکيِندڙ مُختار، کَمندل خطائون خلق جون، ٻُجھندڙ مَنجھ، ٻَهار، |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
ٻُجھندڙ مَنجھ، ٻَهار، غالِب آهي غَفّار، ڏاڍو ڏاهو ڏيھہ ڌَڻِي. |