القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ التَّغَابُنِ مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 18


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لَهُ المُلكُ وَلَهُ الحَمدُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1)

الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿي جا شيءِ آسمانن ۾ آهي ۽ جا شيءِ زمين ۾ آهي، ان جي بادشاهي آهي ۽ ان جي ئي واکاڻ آهي، اُهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.

هُوَ الَّذى خَلَقَكُم فَمِنكُم كافِرٌ وَمِنكُم مُؤمِنٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 2)

اُهو ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي ۽ توهان مان ڪو ايمان وارو آهي. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي توهان ڪم ڪيو ٿا.

خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3)

ان آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو ۽ ان توهان جون صورتون بنايون پوءِ توهان جون صورتون سهڻيون بنايائين، ۽ ان ڏانهن موٽڻ آهي.

يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 4)

اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (سڀ) کي ۽ ڄاڻي ٿو توهان جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا. ۽ الله سينن جي رازن کي ڄاڻڻ وارو آهي.

أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ فَذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 5)

ڇا توهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي جن اڳ ڪفر ڪيو هيو، پوءِ انهن (دنيا ۾) پنهنجي ڪرتوتن جي سزا چکي ۽ (آخرت ۾) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

ذٰلِكَ بِأَنَّهُ كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالوا أَبَشَرٌ يَهدونَنا فَكَفَروا وَتَوَلَّوا وَاستَغنَى اللَّهُ وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 6)

اِهو هن ڪري ته انهن وٽ سندن رسول پڌريون نشانيون کڻي ايندا هئا ته اُهي چوندا هئا: ”ڇا بشر اسان کي هدايت جي راهه ڏيکاريندا“؟ پوءِ ڪفر ڪيائون ۽ (حق کان) مُنهن موڙيائون ۽ الله به (انهن جي ) ڪا پرواهه نه ڪئي. ۽ الله بي پرواهه سڀ خوبين وارو آهي.

زَعَمَ الَّذينَ كَفَروا أَن لَن يُبعَثوا قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتُبعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِما عَمِلتُم وَذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 7)

ڪافرن هي گمان ڪيو ته اُهي (مرڻ بعد) هرگز نه اٿاريا ويندا. چؤ: ”ڇونه؟ مون کي منهنجي پالڻهار جو قسم ته توهان ضروري اٿاريا ويندا پوءِ توهان کي خبر ڏني ويندي جيڪي توهان عمل ڪيا، ۽ اُهو الله تي آسان آهي“.

فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالنّورِ الَّذى أَنزَلنا وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 8)

پوءِ توهان ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ ان نور تي جيڪو اسان نازل ڪيو آهي. ۽ الله خبروار آهي توهان جيڪي عمل ڪيو ٿا.

يَومَ يَجمَعُكُم لِيَومِ الجَمعِ ذٰلِكَ يَومُ التَّغابُنِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9)

جنهن ڏينهن (الله) اوهان کي گڏ ڪندو گڏ ٿيڻ واري ڏينهن لاءِ، اُهو ئي کٽڻ هارائڻ جو ڏينهن آهي. ۽ جيڪو ماڻهو الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ چڱا ڪم ڪري ٿو ته ان کان سندس مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ ان کي بهشتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. اُهو ان ۾ هميشه رهندو اها زبردست ڪاميابي آهي.

وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ خٰلِدينَ فيها وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 10)

۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو اُهي دوزخي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهندا. ۽ اُها بري موٽڻ جي جاءِ آهي.

ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ يَهدِ قَلبَهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 11)

ڪا مصيبت الله جي اجازت کان سواءِ نه ٿي پهچي سگهي. ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻي ٿو ته الله سندس دل کي هدايت ڏئي ٿو. ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.

وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّيتُم فَإِنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 12)

۽ الله جو حڪم مڃو ۽ رسول جو فرمان مڃو، پوءِ جيڪڏهن توهان منهن موڙيندؤ ته اسان جي رسول تي صرف پڌرو پيغام پهچائڻ آهي.

اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 13)

الله اهو آهي جو ان کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. ۽ الله تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.

يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ مِن أَزوٰجِكُم وَأَولٰدِكُم عَدُوًّا لَكُم فَاحذَروهُم وَإِن تَعفوا وَتَصفَحوا وَتَغفِروا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14)

اي ايمان وارؤ! بيشڪ توهان جي زالن ۽ توهان جي اولادن مان ڪي توهان جا دشمن آهن پوءِ انهن کان هوشيار رهو ۽ جيڪڏهن اوهان معاف ڪيو ۽ مُڙي وڃو ۽ بخش ڪيو ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.

إِنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 15)

توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد صرف توهان جي آزمائش ئي آهن. ۽ تمام وڏو اجر ته الله وٽ آهي.

فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا استَطَعتُم وَاسمَعوا وَأَطيعوا وَأَنفِقوا خَيرًا لِأَنفُسِكُم وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 16)

پوءِ توهان الله کان ڊڄندا رهو جيتريقدر به ٿي سگهي ۽ (احڪام) ٻڌو ۽ فرمانبرداري ڪيو ۽ خرچ ڪيو اهو توهان جي پنهنجي لاءِ ڀلو آهي. ۽ جيڪو پنهنجي نفس جي حرص کان بچايو وڃي پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن.

إِن تُقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعِفهُ لَكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ شَكورٌ حَليمٌ (آيت : 17)

جيڪڏهن اوهان الله کي چڱو قرض ڏيندؤ ته اُهو توهان جي لاءِ ان کي ٻيڻو ڪندو ۽ اوهان جي بخشش ڪندو ۽ الله وڏو قدردان بردبار آهي.

عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18)

هر ڳُجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي اُهو غالب حڪمت وارو آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025