يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لَهُ المُلكُ وَلَهُ الحَمدُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
جو ڪجهه آسمان ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي (مقرر قانون تي هلندي ان جي عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو. ان جي ئي بادشاهي آهي ۽ ان جي ئي تعريف آهي ۽ هر (شيء کي پنهنجي مقرر قانونن تي هلائڻ جي) انهيءَ کي سڀ ڪا قدرت حاصل آهي. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم فَمِنكُم كافِرٌ وَمِنكُم مُؤمِنٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 2) |
هو اهو آهي جنهن اوهان کي (انسان ڪري) پيدا ڪيو (اوهان کي ارادي ۽ اختيار جي سگهه مليل آهي، ان سگهه جو نتيجو آهي جي) ڪو اوهان مان ڪافر ۽ ڪو اوهان مان ايمان وارو آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا (ان جا نتيجا ان مڪافات واري قانون هيٺ جڙن ٿا) تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
آسمانن ۽ زمين کي تدبير سان (خوبين وارو) بنايو اٿس ۽ اوهان جون صورتون (خوبين واريون) بنايون اٿس، پوءِ اوهان جي صورتن کي (ڪارگر ڪري) چڱو ڪيو اٿس (ته جيئن ان معيار کي سامهون رکي خدا جي صفتن کي پاڻ ۾ اوتيو. زندگي جي اصل ريت اها ئي آهي ۽ پوءِ) ان ڏي ئي موٽڻ آهي. |
يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 4) |
جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، انکي ڄاڻي ٿو. ۽ جو لڪايو ٿا ۽ جو ظاهرظهور ڪريو ٿا، ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ الله دلين جي (اندر پچندڙ پهن، خيالن ۽) ڳالهين کي ڄاڻندڙ آهي. (انهيءَ ڪري ممڪن ئي ڪونهي ته انسان جو عمل نتيجي بنا رهجي وڃي.) |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ فَذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 5) |
ڇا اوهان کي انهن جي خبر نه پهتي جيڪي هن کان اڳي ڪافر ٿيا، پوءِ انهن (دنيا ۾) پنهنجي ڪم جي سزا (جو مزو) چکيو ۽ (آخرت ۾ به) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُ كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالوا أَبَشَرٌ يَهدونَنا فَكَفَروا وَتَوَلَّوا وَاستَغنَى اللَّهُ وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 6) |
اهو هن ڪري ته انهن وٽ سندن رسول ظاهر نشانيون، دليل ۽ قانون کڻي ايندا هئا، پوءِ تن چيو ته، اسان کي (اسان جهڙا) ماڻهو رستو ڏيکاريندا ڇا؟ (حالانڪ انهن کي ته الله جي ڳالهه ڏسڻي هئي) پوءِ (غور ڪرڻ بنا تڪبر وچئون) انڪار ڪيائون ۽ منهن ڪوڙي ڇڏيائون ۽ الله به (سندن) پرواهه نه ڪئي ۽ الله بي پرواهه ساراهيل آهي. |
زَعَمَ الَّذينَ كَفَروا أَن لَن يُبعَثوا قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتُبعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِما عَمِلتُم وَذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 7) |
ڪافر دعويٰ ڪن ٿا ته کين ڪڏهن به جيئرو ڪري نه اٿاريو ويندو. (اي پيغمبر! کين) چئون ته، ڇو نه! آئون پنهنجي پاليندڙ جو قسم کڻان ٿو ته، اوهان کي ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي اوهان کي خبر ڏني ويندي ۽ اهو (ڪم) الله لاءِ (بيحد) آسان آهي. |
فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالنّورِ الَّذى أَنزَلنا وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 8) |
تنهن ڪري الله ۽ سندس رسول تي ۽ ان نور (قرآن) تي جو اسان (عقل جي رهنمائي لاءِ روشني ڪري) نازل ڪيو آهي، ايمان آڻيو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (جو سڀ ڪم ان جي مڪافات واري قانون جي نگاهه ۾ هوندا آهن). |
يَومَ يَجمَعُكُم لِيَومِ الجَمعِ ذٰلِكَ يَومُ التَّغابُنِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
(جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته پوءِ) جنهن ڏينهن الله اوهان کي (آخري فيصلي طور) گڏ ٿيڻ جي ڏينهن لاءِ گڏ ڪندو، اهوئي کٽڻ هارائڻ جو ڏينهن آهي ۽ جيڪي الله تي ايمان رکندڙ هوندا ۽ چڱو عمل ڪندا رهيا ته انهن کان سندن مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن هي هيٺان نهرون وهن ٿيون. انهن ۾ هميشه رهندا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ خٰلِدينَ فيها وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 10) |
۽ جن (دنيا جي زندگيءَ ۾) انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي ئي باهه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا ۽ اها موٽڻ جي جاءِ ڏاڍي بڇڙي آهي. |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ يَهدِ قَلبَهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 11) |
ڪابه اڻوڻندڙ ڳالهه الله جي (مقرر قانونن) کان سواءِ نٿي ٿئي. ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو (ته پنهنجي عقل ۽ فهم سان الله جي مقرر قانونن جي اها هدايت واري روشني ماڻيندو. نتيجي ۾) اهو سندس دل کي (مصيبتن کان بچڻ جو) رستو ڏيکاريندو ۽ الله سڀ ڪنهن شيء کي ڄاڻندڙ آهي. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّيتُم فَإِنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 12) |
۽ الله جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو حڪم مڃيو، پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته (ان ۾ اوهان جو پنهنجو ئي نقصان آهي) اسان جي رسول تي ته رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ جو ڪم آهي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 13) |
الله کان سواءِ ڪوبه عبادت ۽ فرمانبرداريءَ جي لائق نه آهي ۽ الله (جي قانونن جي محڪميت ۽ ٺوس هئڻ) تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ مِن أَزوٰجِكُم وَأَولٰدِكُم عَدُوًّا لَكُم فَاحذَروهُم وَإِن تَعفوا وَتَصفَحوا وَتَغفِروا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
اي ايمان وارؤ! کي اوهان جون زالون ۽ اولاد (خدا جي فرمانبرداري واري نظام ۾ عملي شرڪت تي) اوهان جا دشمن آهن. پوءِ (انهن کي ساڳي انسانيت عامه جي فڪر تي وٺي اچو پر) انهن کان هوشيار رهو ۽ جيڪڏهن (ڪا اڙي ڪري وجهن ته کين) معاف ڪريو، مڙي وڃو ۽ بخش ڪريو ته الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
إِنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 15) |
اوهان جا مال ۽ اولاد رڳو آزمائش آهن ۽ (اوهان خدائي قانونن تي هلي ان آزمائش ۾ پار پئو ته پوءِ) الله وٽ (پار پوڻ وارن لاءِ) وڏو اجر آهي. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا استَطَعتُم وَاسمَعوا وَأَطيعوا وَأَنفِقوا خَيرًا لِأَنفُسِكُم وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 16) |
سو جيترو ٿي سگهيو اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جا احڪام) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ (پنهنجي ڪمائي خدا جي پالڻهاريءَ وانگر کليل رکي) خرچ ڪريو ته اوهانجي نفسن جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪي (ٻين جي ضرورت کي پنهنجي وس آهر نظرانداز نه ڪندا ۽) پنهنجي نفسن جي حرص کان بچايا ويندا، سي ئي ڪامياب آهن. |
إِن تُقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعِفهُ لَكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ شَكورٌ حَليمٌ (آيت : 17) |
(الله جي چوڻ تي هلي ٻين جون ضرورتون پوريون ڪري) جيڪڏهن اوهين الله کي چڱو قرض ڏيندو ته هو اوهان کي اهو (قرض) گهڻو وڌائي ڏيندو ۽ اوهان کي (نقصانن کان) بخشيندو. ۽ الله وڏو قدردان (ماڻهن جي ڪوتاهي ڪرڻ تي) بردبار آهي. |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
ڳجهه ۽ ظاهر (۾ اوهانجي نيتن ۽ جَذبن) کي ڄاڻڻ وارو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |