يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لَهُ المُلكُ وَلَهُ الحَمدُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪري رهيون آهن اُهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، انهيءَ جو ملڪ آهي ۽ انهيءَ جي تعريف آهي، ۽ اهو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم فَمِنكُم كافِرٌ وَمِنكُم مُؤمِنٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 2) |
اهو ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو پوءِ ڪي توهان مان ڪافر آهن ۽ ڪي توهان مان مؤمن آهن، ۽ الله تعالى توهان جا عمل ڏسندڙ آهي |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
انهيءَ آسمانن ۽ زمينن کي وڏي حڪمت سان پيدا ڪيو ۽ توهان جون صورتون بنايون پوءِ توهان جون تمام سهڻيون صورتون بنايون ۽ انهي ڏانهن موٽڻ آهي |
يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 4) |
اهو ڄاڻي ٿو انهيءَ کي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي ۽ اهو ڄاڻي ٿو جيڪو توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا، ۽ الله تعالى دلين جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ فَذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 5) |
ڇا توهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي جن توهان کان اڳ ۾ ڪفر ڪيو، پوءِ انهن پنهنجي ڪئَي جو وبال چکيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُ كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالوا أَبَشَرٌ يَهدونَنا فَكَفَروا وَتَوَلَّوا وَاستَغنَى اللَّهُ وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 6) |
اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ انهن وٽ سندن پيغمبر دليلن سان پهتا، پوءِ انهن چيو ڇا (اهي) ماڻهو اسان کي هدايت ڏيندا، پوءِ اهي ڪافر ٿيا ۽ اهي ڦِريا ۽ الله تعالى (انهن کان) بي نيازي ڪئي، ۽ الله تعالى بي نياز، ساراهيل آهي |
زَعَمَ الَّذينَ كَفَروا أَن لَن يُبعَثوا قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتُبعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِما عَمِلتُم وَذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 7) |
ڪافرن چيو ته اهي هرگز نه اٿاريا ويندا، رسولِ عربي توهان فرمايو هَا! مون کي منهنجي رب جو قسم آهي ته توهان ضرور اٿاريا ويندا، ان کان پوءِ توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏني ويندي، ۽ اهو الله تعالى لاءِ آسان آهي |
فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالنّورِ الَّذى أَنزَلنا وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 8) |
پوءِ توهان الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهيءَ نور (قرآن ڪريم) تي جيڪو اسان نازل ڪيو آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان باخبر آهي |
يَومَ يَجمَعُكُم لِيَومِ الجَمعِ ذٰلِكَ يَومُ التَّغابُنِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
اهو قيامت جي ڏينهن توهان سڀني کي جمع ڪندو ۽ اهو ڏينهن (ڪافرن ۽ گنهگارن لاءِ) حسرت جو ڏينهن هوندو، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى تي ايمان رکي ٿو ۽ عمل صالح ڪري ٿو، الله تعالى انهيءَ تان ان جا ڪيل گناه ميٽرائي ڇڏي ٿو ۽ ان کي باغن ۾ داخل ڪري ٿو جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون (اهي) هميشه هميشه انهيءَ ۾ هوندا، اها عظيم ڪاميابي آهي |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ خٰلِدينَ فيها وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 10) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو، اهي جهنمي آهن، اهي هميشه هميشه انهيءَ ۾ رهندا، ۽ اِها موٽڻ جي تمام خراب جاءِ آهي |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ يَهدِ قَلبَهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 11) |
نٿي پهچي ڪا مصيبت مگر الله جي اجازت سان ۽ جيڪو ماڻهو الله تي ايمان آڻي ٿو، الله تعالى ان جي دل کي هدايت ڏي ٿو، ۽ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّيتُم فَإِنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 12) |
۽ توهان الله تعالى جي فرمانبرداري ڪريو ۽ توهان رسولِ عربيءَ جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان مُنهن موڙيو پوءِ اسان جي رسولن تي فقط صاف تبليغ ڪرڻ آهي |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 13) |
الله آهي، ناهي ڪو معبود مگر اُهو، ۽ الله تعالى تي مؤمنن کي توڪل ڪرڻ گھرجي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ مِن أَزوٰجِكُم وَأَولٰدِكُم عَدُوًّا لَكُم فَاحذَروهُم وَإِن تَعفوا وَتَصفَحوا وَتَغفِروا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
اي مؤمنو ! بيشڪ توهان جون ڪي گھر واريون ۽ ڪي توهان جا اولاد توهان لاءِ دشمن آهن پوءِ توهان انهن کان محتاط رهو، ۽ جيڪڏهن توهان معاف ڪندا ۽ توهان درگذر ڪندا ۽ توهان بخش ڪندا، پوءِ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
إِنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 15) |
توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد (توهان لاءِ) آزمائش آهن، ۽ الله تعالى وٽ ئي اجرِ عظيم آهي |
فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا استَطَعتُم وَاسمَعوا وَأَطيعوا وَأَنفِقوا خَيرًا لِأَنفُسِكُم وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 16) |
پوءِ توهان الله کان ڊڄو جيترو توهان کان پهچي سگھي ۽ توهان (نصيحت) ٻڌو ۽ توهان (حڪم) مڃو ۽ توهان (ضروري) خرچ ڪريو، اهو توهان لاءِ بهتر آهي، جيڪو ماڻهو نفس جي حرص کان بچو پوءِ اهي ئي نجات وارا آهن |
إِن تُقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعِفهُ لَكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ شَكورٌ حَليمٌ (آيت : 17) |
جيڪڏهن توهان الله جي راه ۾ ثواب جي اميد سان خرچ ڪندا ته اهو ان کي توهان لاءِ وڌائيندو ۽ اهو توهان کي بخش ڪندو، ۽ الله شڪر قبول ڪندڙ بردبار آهي |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
اهو غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ غالب حڪمت وارو آهي |