القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ التَّغَابُنِ مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 18


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لَهُ المُلكُ وَلَهُ الحَمدُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1)

جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ٿو ڪري. ملڪ ان جو آهي ۽ ان جي ئي ساراهه آهي ۽ هو هر هڪ شيءِ تي وس وارو آهي.

هُوَ الَّذى خَلَقَكُم فَمِنكُم كافِرٌ وَمِنكُم مُؤمِنٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 2)

هو اُهو آهي، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو، پوءِ اوهان مان ڪو ڪافر آهي ۽ ڪو مؤمن_ ۽ جيڪي به اوهين ڪريو ٿا، سو الله ڏسندڙ آهي.

خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3)

هن آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رٿ سان بنايو آهي ۽ اوهان جون صورتون بنايائين، پوءِ اوهان جون شڪليون نهايت سٺيون آهن ۽ ان ڏي ئي موٽڻ آهي.

يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 4)

جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي_ سو ڄاڻي ٿو، جيڪي اوهين لڪايو ٿا ۽ ظاهر ٿا ڪريو، سو به ڄاڻي ٿو- ۽ الله سينن جو ڳجهه ڄاڻيندڙ آهي.

أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ فَذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 5)

ڇا، اوهان وٽ اڳوڻن ڪافرن جي خبر نه آئي آهي؟ جن پنهنجي ڪئي جي سزا چکي ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي.

ذٰلِكَ بِأَنَّهُ كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالوا أَبَشَرٌ يَهدونَنا فَكَفَروا وَتَوَلَّوا وَاستَغنَى اللَّهُ وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 6)

اهو هن ڪري، جو سندن رسول معجزن سان وٽن ايندا هئا، پوءِ چوندا هئا، ته ”ڇا، اسان جهڙا ماڻهو اسان کي رستو ڏيکاريندا؟“ پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منهن ڦيرايائون- ته الله بي پرواهي ڏيکاري ۽ الله بي پرواهه ساراهيل آهي-

زَعَمَ الَّذينَ كَفَروا أَن لَن يُبعَثوا قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتُبعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِما عَمِلتُم وَذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 7)

ڪافر ڀانئن ٿا ته انهن کي ڪڏهن نه اٿاربو_ چئو ته ”هائو منهنجي رب جو قسم! اوهين اٿاربؤ، پوءِ جيڪي ڪندا هئو، ان جي اوهان کي خبر ڏبي ۽ اهو الله لاءِ سولو آهي.“

فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالنّورِ الَّذى أَنزَلنا وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 8)

تنهن ڪري الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهيءَ روشنيءَ تي به، جيڪا نازل ڪئي سون ۽ جيڪي ڪندا آهيو، ان جي الله خبر رکندڙ آهي.

يَومَ يَجمَعُكُم لِيَومِ الجَمعِ ذٰلِكَ يَومُ التَّغابُنِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9)

جڏهن قيامت جي ڏينهن اوهانکي گڏ ڪندو، اهو ڏينهن هارائڻ ۽ کٽڻ جو آهي_ پوءِ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو، تنهنکان الله ان جون برايون ميٽيندو ۽ اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون پيون وهن_ ان ۾ سدائين رهندا ۽ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي.

وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ خٰلِدينَ فيها وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 10)

۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، اهي دوزخي آهن، ان ۾ سدائين رهندا ۽ اهو هنڌ بڇڙو آهي.

ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ يَهدِ قَلبَهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 11)

الله جي حڪم کان سواءِ ڪا به مصيبت نٿي پهچي ۽ جيڪو الله تي ايمان ٿو آڻي، ان جي دل کي سنئين واٽ ٿو لڳائي ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.

وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّيتُم فَإِنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 12)

الله جي تابعداري ڪريو ۽ رسول جي، جيڪڏهن منهن موڙيندؤ، ته اسان جي رسول تي رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ آهي.

اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 13)

الله کان سواءِ ٻيو ڪو سائين ڪونهي ۽ مؤمنن کي جڳائي، ته الله تي ڀروسو ڪن.

يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ مِن أَزوٰجِكُم وَأَولٰدِكُم عَدُوًّا لَكُم فَاحذَروهُم وَإِن تَعفوا وَتَصفَحوا وَتَغفِروا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14)

اي مؤمنو! بيشڪ اوهان جي زالن ۽ اولاد مان ڪي اوهان جا دشمن آهن، تنهن ڪري انهن جو فڪر رکو ۽ جيڪڏهن معاف ڪريو، درگذر ڪريو ۽ بخشيو ته بيشڪ الله به بخشڻهار مهربان آهي.

إِنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 15)

اوهان جا مال ۽ اوهان جو اولاد رڳي آزمائش آهن ۽ الله وٽ وڏو اجر آهي.

فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا استَطَعتُم وَاسمَعوا وَأَطيعوا وَأَنفِقوا خَيرًا لِأَنفُسِكُم وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 16)

تنهن ڪري جيترو ٿي سگهيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (ان جو حڪم) ٻڌو ۽ تابعداري ڪريو ۽ (ان جي راهه ۾) خرچ ڪريو، ته اوهان لاءِ چڱو آهي_ ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا، سي ئي ڪامياب آهن.

إِن تُقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعِفهُ لَكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ شَكورٌ حَليمٌ (آيت : 17)

جيڪڏهن الله کي چڱو قرض ڏيندؤ ته اهو اوهان کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو، ۽ الله قدردان بردبار آهي_

عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18)

ڳجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻيندڙ، غالب ۽ ڏاهپ وارو آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025