يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لَهُ المُلكُ وَلَهُ الحَمدُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
تسبيح پڙهي ٿي الله جي لاءِ اها شيءِ جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪا زمين ۾ آهي ان جي بادشاهي آهي ۽ ان جو حمد آهي ۽ اهو هرشيءِ تي قادر آهي . |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم فَمِنكُم كافِرٌ وَمِنكُم مُؤمِنٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 2) |
اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي پوءِ اوهان مان ڪو ڪافر آهي ۽ اوهان مان ڪو مؤمن آهي ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي . |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
پيدا ڪيائين آسمان ۽ زمين حق سان ۽ صورت ڏنائين اوهان کي پوءِ سهڻيون بنايائين اوهان جون صورتون ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻ آهي . |
يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 4) |
ڄاڻي ٿو اهو جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي ۽ ڄاڻي ٿو جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا ۽ الله ڄاڻندڙ آهي سينن واريون ڳالهيون . |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ فَذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 5) |
ڇا نه آئي اوهان وٽ خبر انهن جي جن ڪفر ڪيو اڳ ۾ پوءِ چکيائون وبال پنهنجي امر جو ۽ انهن جي لاءِ عذاب درد ناڪ آهي . |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُ كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالوا أَبَشَرٌ يَهدونَنا فَكَفَروا وَتَوَلَّوا وَاستَغنَى اللَّهُ وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 6) |
اهو ان سببان جو تحقيق شان هي آهي ته آيا ٿي انهن وٽ رسول انهن جا روشن دليلن سان پوءِ چيائون ته ڇا بشر هدايت ڪن ٿا اسان کي؟ پوءِ ڪفر ڪيائون ۽ منهن موڙيائون ۽ بي پرواهي ڏيکاري الله ۽ الله بي نياز، ساراهيل آهي . |
زَعَمَ الَّذينَ كَفَروا أَن لَن يُبعَثوا قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتُبعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِما عَمِلتُم وَذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 7) |
گمان ڪيو انهن جن ڪفر ڪيو هي ته هرگز نه اٿاريا ويندا فرماءِ هائو منهنجي رب جو قسم آهي ته البته ضرور اٿاريا ويندؤ ان کان پوءِ البته ضرور خبر ڪيا ويندؤ ان جي جيڪي عمل ڪيا اوهان ۽ اهو الله لاءِ آسان آهي . |
فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالنّورِ الَّذى أَنزَلنا وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 8) |
پو ءِ ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ نور تي جيڪو نازل ڪيو اسان ۽ الله ان جي جيڪي ڪيو ٿا خبررکندڙ آهي . |
يَومَ يَجمَعُكُم لِيَومِ الجَمعِ ذٰلِكَ يَومُ التَّغابُنِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
جنهن ڏينهن گڏ ڪندو اوهان کي گڏ ٿيڻ جي ڏينهن لاءِ اهو ڏينهن کَٽڻ ۽ هارائڻ جو آهي ۽ جيڪو ايمان آڻي ٿو الله تي ۽ ڪري ٿو صالح عمل ميٽي ڇڏيندو ان کان برايون ان جون ۽ داخل ڪندو ان کي بهشتن ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ هميشہ اها ڪاميابي وڏي آهي . |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ خٰلِدينَ فيها وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 10) |
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن کي اهي جهنمي آهن هميشہ رهندڙ ان ۾ ۽ بري آهي موٽڻ جي جا ءِ . |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ يَهدِ قَلبَهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 11) |
نه ٿي پهچي ڪا مصيبت مگر الله جي اذن سان ۽ جيڪو ايمان آڻي ٿو الله تي ته هدايت ڪري ٿو ان جي دل کي ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي . |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّيتُم فَإِنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 12) |
۽ اطاعت ڪيو الله جي ۽ اطاعت ڪيو رسول جي پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيو اوهان پوءِ اسان جي رسول تي صرف کليل پيغام پهچائڻ آهي . |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 13) |
سچو معبود ناهي ڪو مبعود مگر اهو ۽ الله تي پوءِ جڳائي ٿو ته توڪل ڪن مؤمن . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ مِن أَزوٰجِكُم وَأَولٰدِكُم عَدُوًّا لَكُم فَاحذَروهُم وَإِن تَعفوا وَتَصفَحوا وَتَغفِروا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
اي ايمان وارا! بيشڪ اوهان جي زالن مان ۽ اوهان جي اولاد مان دشمن آهن اوهان جا پوءِ ڊڄو انهن کان ۽ جيڪڏهن معاف ڪندؤ ۽ درگذر ڪندؤ ۽ بخش ڪندؤ پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي . |
إِنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 15) |
اوهان جا مال ۽ اوهان جا اولاد صرف فتنو آهن ۽ الله ان وٽ اجر وڏو آهي . |
فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا استَطَعتُم وَاسمَعوا وَأَطيعوا وَأَنفِقوا خَيرًا لِأَنفُسِكُم وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 16) |
پوءِ الله کان ڊڄو جيترو ڪري سگهو ٿا ۽ ٻڌو ۽ اطاعت ڪيو ۽ خرچ ڪيو ته ڀلو هوندو اوهان جي لاءِ ۽ جيڪو بچايو ويندو پنهنجي نفس جي حرص کان پوءِ اهيئي ڪامياب آهن . |
إِن تُقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعِفهُ لَكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ شَكورٌ حَليمٌ (آيت : 17) |
جيڪڏهن قرض ڏيندؤ الله کي قرض سهڻو ته ٻيڻو ڪندو ان کي اوهان جي لاءِ ۽ بخش ڪندو اوهان کي ۽ الله قدر دان بردبار آهي . |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
ڳـجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻندڙ غالب، حڪمت وارو آهي . |