يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لَهُ المُلكُ وَلَهُ الحَمدُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق الله تعالى جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي. بادشاهي ان جي ئي آهي ۽ تعريف به ان جي ئي آهي ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم فَمِنكُم كافِرٌ وَمِنكُم مُؤمِنٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 2) |
اُهو (الله) ئي آهي جنھن توهان کي پيدا ڪيو آهي. پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي ته ڪو مؤمن ۽ توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا، ان تي الله تعالى جي گهري نظر آهي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
(هُن) آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي ۽ توهان جي شڪل ۽ صورت کي تمام سھڻو بنايو آهي ۽ ان ڏانھن ئي موٽڻو آهي. |
يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 4) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي هُو سڀ ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه توهان لڪايو ٿا يا ظاهر ڪريو ٿا ان کي به هو خوب ڄاڻي ٿو، الله تعالى ته سينن جي رازن کي به ڄاڻي ٿو. |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ فَذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 5) |
ڇا توهان تائين هنن کان اڳ گذري ويل ڪافرن جي خبر نه پھتي آهي؟ جو انهن پنھنجي عملن جي سزا چکي ۽ (قيامت ۾) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُ كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالوا أَبَشَرٌ يَهدونَنا فَكَفَروا وَتَوَلَّوا وَاستَغنَى اللَّهُ وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 6) |
اها سزا هُنن کي اِن ڪري ملي جو وٽن رسول سڳورا پڌريون نشانيون کڻي ايندا رهيا پر هي چوندا هئا ته ڇا اسان کي (هاڻي) انسان ئي هدايت ڏيندا؟ سو انهن ڪفر ڪيو ۽ منھن ڦيري ڇڏيو پوءِ الله تعالى به انهن کان بي پرواهي اختيار ڪئي. الله تعالى بي پرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. |
زَعَمَ الَّذينَ كَفَروا أَن لَن يُبعَثوا قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتُبعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِما عَمِلتُم وَذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 7) |
ڪافرن جي اها دعوى آهي ته کين ڪڏهن به ٻيھر نه اٿاريو ويندو، تون چؤ ته ڇونه! قسم آهي منھنجي رب جو! توهان سڀني کي ٻيھر جيئرو به ڪيو ويندو ۽ توهان کي توهان جا ڪيل ڪم به ٻڌايا ويندا ۽ ايئن ڪرڻ الله تعالى جي لاءِ تمام سولو آهي. |
فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالنّورِ الَّذى أَنزَلنا وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 8) |
تنھن ڪري توهان الله تعالى، ان جي رسول سڳوري ۽ اسان جيڪو نور (يعني قرآن) نازل ڪيو آهي ان تي ايمان آڻيو. الله تعالى توهان جي عملن کان خوب واقف آهي. |
يَومَ يَجمَعُكُم لِيَومِ الجَمعِ ذٰلِكَ يَومُ التَّغابُنِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
جڏهن هو توهان سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ واري ڏينھن گڏ ڪندو. اهوئي ته کٽڻ ۽ هارائڻ جو ڏينھن هوندو ۽ جيڪو الله تعالى تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو ته هو (الله) انهن جي ڪوتاهين کي مِٽائي ڇڏيندو ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون. هو انهن ۾ هميشه رهندا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ خٰلِدينَ فيها وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 10) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اُهي جھنمي آهن. هو سدائين ان ۾ رهندا ۽ اُها ڏاڍي بري جاءِ آهي. |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ يَهدِ قَلبَهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 11) |
ڪابه مصيبت الله تعالى جي اجازت کان سواءِ نه ايندي آهي. جيڪو ماڻهو الله تعالى تي ايمان آڻيندو ته هو ان جي دل کي هدايت نصيب ڪندو ۽ الله تعالى هر شيءِ کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّيتُم فَإِنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 12) |
الله تعالى جي اطاعت ڪريو ۽ رسول سڳوري جي اطاعت ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان منھن موڙيندا ته بيشڪ اسان جي رسول جي مٿان رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ جي ذميداري آهي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 13) |
الله تعالى اهو آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي ۽ مؤمنن کي ته رڳو ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ مِن أَزوٰجِكُم وَأَولٰدِكُم عَدُوًّا لَكُم فَاحذَروهُم وَإِن تَعفوا وَتَصفَحوا وَتَغفِروا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
اي ايمان وارؤ! بيشڪ توهان جي گهر وارين ۽ توهان جي اولاد مان ڪجهه توهان جا دشمن آهن، انهن کان هوشيار رهجو ۽ جيڪڏهن توهان (انهن کي) معاف ڪريو، درگذر ڪريو ۽ بخش ڪريو ته (اهو توهان لاءِ) بھتر آهي. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 15) |
توهان جا مال ۽ توهان جو اولاد (هڪ قسم جي) آزمائش آهن ۽ الله تعالى وٽ وڏواجر آهي. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا استَطَعتُم وَاسمَعوا وَأَطيعوا وَأَنفِقوا خَيرًا لِأَنفُسِكُم وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 16) |
سو جيترو ٿي سگهي الله تعالى کان ڊڄندا رهو، (ان جو حڪم) ٻڌو، اطاعت ڪريو ۽ (ان جي راهه ۾) خرچ ڪريو. اهو توهان جي لاءِ بھتر آهي ۽ جيڪو ماڻهو پنھنجي نفس جي هوس کان بچايو ويو (درحقيقت) اهو ئي ڪامياب ماڻهو آهي. |
إِن تُقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعِفهُ لَكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ شَكورٌ حَليمٌ (آيت : 17) |
جيڪڏهن توهان الله تعالى کي سھڻو قرض ڏيندا ته هو توهان کي گهڻو وڌائي ڏيندو ۽ توهان (جي گناهن) کي معاف به ڪندو. الله تعالى وڏو قدردان ۽ وڏو بردبار آهي. |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
هو لڪيل ۽ ظاهر جو ڄاڻيندڙ ۽ زبردست حڪمت وارو آهي. |