يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لَهُ المُلكُ وَلَهُ الحَمدُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
تسبيح (پاڪائي) الله جي بيان ڪري رهي آهي هر اها شيءِ جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ آهي، انهيءَ جي بادشاهي آهي ۽ ان جي ئي ساراهه آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ تي وس وارو آهي |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم فَمِنكُم كافِرٌ وَمِنكُم مُؤمِنٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 2) |
اهو ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو، پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي ۽ توهان مان ڪو مؤمن، ۽ الله اهو سڀ ڪجهه توهان جو ڪيل عمل ڏسي رهيو آهي |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي (بلڪل) حق تي، ۽ ٺاهي توهان جي صورت پوءِ تمام سهڻي صورت ڏني ۽ آخرڪار ان ڏي ئي توهان کي موٽڻو آهي |
يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 4) |
اهو الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ (اهو به) ڄاڻي ٿو جيڪي توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي توهان ظاهر ڪريو ٿا، ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي توهان جي دلين (سينن) ۾ آهي |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ فَذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 5) |
ڇا توهان کي خبر نه پهتي انهن ماڻهن جي، جن ڪفر ڪيو ان کان اڳي ۽ چکيو مزو وبال جو پنهنجي ڪفر جي نتيجي ۾ ۽ انهن جي لاءِ عذاب آهي تمام سخت؟ |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُ كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالوا أَبَشَرٌ يَهدونَنا فَكَفَروا وَتَوَلَّوا وَاستَغنَى اللَّهُ وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 6) |
انهيءَ نتيجي جا حقدار ان ڪري ٿيا جو انهن وٽ سندن رسول پڌرا دليل کڻي ايندا رهيا، پر انهن چيو، ڇا انسان اسان کي هدايتون ڏيندا؟ اهڙيءَ طرح انهن مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ منهن ڦيريائون، تڏهن بي پرواهه ٿيو کانئن الله، ۽ الله ته آهي ئي پنهنجي ذات ۾ ساراهيل |
زَعَمَ الَّذينَ كَفَروا أَن لَن يُبعَثوا قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتُبعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِما عَمِلتُم وَذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 7) |
وڏي دعويٰ سان چيو منڪرن ته اهي مرڻ کان پوءِ هرگز ٻيهر اٿاريا نه ويندا، کين چؤ: نه، منهنجي رب جو قسم، ضرور اٿاريا ويندا، پوءِ ضرور ٻڌايو ويندو ته ڇا ڪيو آهي توهان (دنيا ۾) ۽ ائين ڪرڻ الله جي لاءِ تمام سولو آهي |
فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالنّورِ الَّذى أَنزَلنا وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 8) |
پوءِ ايمان آڻيو الله تي، ۽ سندس رسول تي، ۽ ان روشنيءَ تي جيڪا اسان نازل ڪئي آهي (يعني قرآن)، ۽ الله جيڪي توهان ڪريو ٿا ان کان باخبر آهي |
يَومَ يَجمَعُكُم لِيَومِ الجَمعِ ذٰلِكَ يَومُ التَّغابُنِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
(توهان کي خبر پوندي) جڏهن گڏجاڻي جي ڏينهن توهان سڀ گڏ ٿيندا، اهو ڏينهن هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ هارائڻ ۽ کٽڻ جو هوندو ۽ جنهن ايمان آندو آهي الله تي ۽ عمل ڪيا آهن سُٺا، (الله) ان جا گناهه ان کان ڇاڻي ڇڏيندو ۽ کيس داخل ڪندو اهڙن باغن ۾ جن جي هيٺان وهنديون هونديون نهرون، اهي ماڻهو ان ۾ رهندا هميشه جي لاءِ، اها ئي ته ڪاميابي وڏي آهي |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ خٰلِدينَ فيها وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 10) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو ڄاتو اسان جي آيتن کي، اهي رهاڪو هوندا دوزخ جا سدائين رهندا انهيءَ ۾، ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو هنڌ آهي |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ يَهدِ قَلبَهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 11) |
نه ٿي اچي ڪابه مصيبت ڪڏهن سواءِ حڪم الله جي، ۽ جيڪو شخص ايمان رکندو هجي الله تي اهو هدايت بخشي ٿو سندس دل کي، ۽ الله کي هر شيءِ جو علم آهي |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّيتُم فَإِنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 12) |
۽ اطاعت ڪريو الله جي ۽ پيروي ڪريو رسول جي، پر جڏهن توهان منهن موڙيندؤ (تابعداري کان) ته پوءِ اسان جي رسول تي (ڪا ذميواري ناهي) سواءِ پڌري پيغام پهچائڻ جي |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 13) |
الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو خدا ناهي، ان ڪري الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي مؤمنن کي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ مِن أَزوٰجِكُم وَأَولٰدِكُم عَدُوًّا لَكُم فَاحذَروهُم وَإِن تَعفوا وَتَصفَحوا وَتَغفِروا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! بيشڪ توهان جي زالن ۽ توهان جي اولاد مان ڪي دشمن آهن توهان جا، انهن کان هوشيار رهو، ۽ جي توهان معاف ڪريو ۽ درگذر ڪريو ۽ بخشيو ته پوءِ بيشڪ الله به بخشڻهار ۽ مهربان آهي |
إِنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 15) |
بيشڪ توهان جو مال ۽ توهان جو اولاد هڪ آزمائش آهن، ۽ الله وٽ ئي اجر آهي (سڀ کان) وڏو |
فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا استَطَعتُم وَاسمَعوا وَأَطيعوا وَأَنفِقوا خَيرًا لِأَنفُسِكُم وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 16) |
پوءِ ڊڄندا رهو الله کان جيتري قدر توهان جي وس ۾ آهي ۽ ٻڌو ۽ اطاعت ڪريو ۽ خرچ ڪريو پنهنجا مال، اهو بهتر آهي توهان جي لاءِ، ۽ جيڪي دل جي تنگيءَ کان بچيل رهيا، اهي ئي آهن ڇوٽڪارو لهڻ وارا |
إِن تُقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعِفهُ لَكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ شَكورٌ حَليمٌ (آيت : 17) |
جي توهان قرض ڏيو الله کي، سٺو ته اهو ڪئين حصا وڌائي ڏيندو توهان کي، ۽ معاف ڪندو توهان جا قصور ۽ الله وڏو قدردان ۽ بُردبار آهي |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
ڄاڻي ٿو (هر) ڳجهه کي ۽ ظاهر جي (هر شيءِ کي) هو زبردست داناءُ آهي |