القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُنٰفِقُوۡنَ  مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 11


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1)

اي نبي! جڏهن اهي منافق تو وٽ اچن ٿا ته چون ٿا: "اسان شاهدي ڏيون ٿا ته تون بيشڪ الله جو رسول آهين"، هائو، الله ته ڄاڻي ٿو ته تون برابر سندس رسول آهين، پر وري الله شاهدي ٿو ڏئي ته اهي منافق ڪوڙا آهن

اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2)

انهن پنهنجن قسمن کي ڍال بڻايو آهي ۽ ان طرح اهي الله جي رستي کان پاڻ به رُڪيل آهن ۽ ٻين کي به روڪين ٿا، اهي ڪهڙيون نه بڇڙيون حرڪتون پيا ڪن

ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3)

اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي، جو انهن ماڻهن ايمان آڻي پوءِ وري ڪفر ڪيو آهي، تنهنڪري سندن دلين تي مــُـهر لڳائي وئي، هاڻي اهي ڪجهه به نٿا سمجهن

وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4)

انهن کي ڏسندين ته سندن ڏيلَ (جسم) توکي ڏاڍا شاندار نظر ايندا. ڳالهائن ته ويٺو ٻڌ سندن ڳالهيون، پر حقيقت ۾ ائين آهن جو ڄڻڪ ٽيڪ ڏئي بيهاريل ڪاٺ جا بنڊ. هر ڪڙڪي کي اهي پنهنجي خلاف ٿا سمجهن. اهي پڪا دشمن اٿيئي، تنهنڪري انهن کان مڙيئي انديشو ڪر. الله جي مار پوينِ، اهي ڪيڏانهن پيا اُبتا ڦيرايا وڃن

وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5)

۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته اچو ته الله جو رسول توهان لاءِ بخشش جي دعا گهري ته ڪنڌ ٿا موڙين ۽ تون ڏسين ٿو ته ڏاڍي وڏائي ۾ پئجي منهن موڙين ٿا

سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6)

اي نبي! تون کڻي انهن لاءِ بخشش جي دعا گهرين يا نه گهرين، مڙيئي ڳالهه ساڳئي آهي. الله انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. الله نافرمانن کي هدايت واري واٽ هرگز نه وٺائيندو آهي

هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7)

اِهي اُهي ماڻهو آهن، جيڪي چون ٿا ته رسول جي ساٿين تي خرچ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو تانته اهي ٽـڙي پکڙي وڃن. جڏهن ته آسمانن ۽ زمين جي خزانن جو مالڪ الله آهي پر اهي منافق نٿا سمجهن

يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8)

اهي چون ٿا ته اسان مديني واپس پهچون، ته جيڪو عزت وارو آهي سو بي عزت کي ڪڍي ٻاهر ڪندو، حالانڪه عزت ته الله ۽ سندس رسول ۽ مؤمنن لاءِ آهي پر اهي منافق نٿا ڄاڻن

يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9)

اي ايمان وارؤ! توهان جا مال ۽ توهان جو اولاد توهان کي الله جي ياد کان غافل نه ڪن، جيڪي ائين ڪندا، سي ئي ٽوٽي ۾ پوڻ وارا آهن

وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10)

جيڪو رزق اسان توهان کي ڏنو آهي ان مان خرچ ڪريو، هن کان اڳ جو توهان مان ڪنهن جو موت اچي سهڙي ۽ پوءِ هو چوي ته "منهنجا رب! جيڪر اڃان ڪجهه ٿورڙي ڪا مهلت ڏئين ها ته مان خير خيراتون ڪريان ها ۽ صالح ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃان ها"

وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11)

حالانڪه جڏهن به ڪنهن جو عمل وارو مدو پورو ٿي ويندو آهي ته پوءِ الله ڪنهن کي به هرگز وڌيڪ مهلت نه ڏيندو آهي ۽ جيڪي به توهان ڪريو ٿا، الله ان کان پوريءَ طرح واقف آهي


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025