إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1) |
(اي رسول) جڏهن تو وٽ منافق اچن ٿا ته چون ٿا اسين شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو رسول آهين ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون ان جو رسول آهين ۽ بيشڪ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ منافق ڪوڙا آهن (دل سان نه ٿا چون). |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2) |
انهن پنهنجن قسمن کي ڍال ڪري ورتو آهي پوءِ اهي الله جي رستي کان پيا روڪين. بيشڪ اهي جو ڪجھ پيا ڪن سو بڇڙو آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3) |
اهو هن ڪري جو انهن ايمان آندو وري انڪار ڪيائون پوءِ انهن جي دلين تي (ڄڻ ته) ٺپو هنيو ويو آهي جو هاڻي اهي ڄاڻن ئي نه ٿا. |
وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4) |
۽ جڏهن تون انهن (منافقن کي ڏسندين ته ٺيڪ ۽ مناسب عضون جي ڪري) سندن قد بت ڏاڍو چڱو لڳندو ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪندا ته اهڙيون جيڪر خيال سان ٻڌن (پر صحيح عقل کان خالص) ڄڻ ته اهي ٽيڪ ڏياري بيهاريل بند آهن. هر هڪ دانهن کي پنهنجي لاءِ (مصيبت) سمجهن ٿا. (اي رسول) اهي ئي تنهنجا دشمن آهن سو انهن کان بچندو رھ! خدا جي مٿن مار پوي ڪئين ابتا وڃن ٿا. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو ته خدا جو رسول اوهان لاءِ معافي گهري ته پنهنجا مٿا موڙين ٿا. ۽ (اي رسول) تون (ان وقت) کين ڏسندين ته وڏائي ڪري منهن موڙين ٿا. |
سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6) |
انهن جي لاءِ برابر آهي ته تون انهن لاءِ معافي گهرين يا انهن لاءِ معافي نه گهرين خدا کين ڪڏهن به معاف نه ڪندو. خدا ته ڪڏهين به بدڪارن کي منززل مقصود تائين نٿو پهچائي. |
هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7) |
هي اهي ماڻهو ته آهن (جي انصارن کي) چون ٿا ته جي (مهاجر) خدا جي رسول وٽ رهن ٿا تن تي خرچ نه ڪريو تان جو اهي پاڻ هيڏي هوڏي ٿي وڃن. هوڏانهن آسمانن ۽ زمين جا خزانا ته خدا وٽ آهن پر منافق نه ٿا ڄاڻن. |
يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8) |
اهي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن اسين موٽي مديني پهچون ته عزت وارا ماڻهو (پاڻ) وڏي بي عزت (رسول) کي اتان ڪڍي ڇڏيندا. هوڏانهن عزت ته خاص خدا ۽ سندس رسول ۽ مومنن لاءِ آهي پر منافق نه ٿا ڄاڻن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارو! نه ڪي اوهان کي پنهنجا مال ۽ نه پنهنجا اولاد خدا جي ياد کان غافل ڪن. ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي نقصان پاڻ وارا آهن. |
وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10) |
۽ جو رزق اسان اوهان کي عطا ڪيو آهي تنهن مان هن کي اڳي (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪريو جو اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي وڃي (۽) پوءِ چوي ته اي منهنجا پالڻهار! جيڪر مون کي ٿوري مدت تائين مهلت ڏين ها ته خيرات ڪريان ها ۽ چڱن ماڻهن مان ٿيان ها. |
وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11) |
۽ جڏهن ڪنهن جو موت اچي ٿو ته خدا ان کي هرگز مهلت نه ٿو ڏئي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا ان کان خبردار آهي. |