إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1) |
جڏهن مُنافق ٿا اَچن، اَوهان وٽ انور، چيائون چَپَن سان، ٿا ساک ڏِيون سَرور، ته آهين تون اَلله جو، ريٻارو، رَهبر، ۽ تون پَڪ پيغمبر اُن جو، ٿو پروڙي پرور، ۽ صاحب ڏِئي ٿو ساک اِها، ته مُنافِق مُنڪر، بِلڪُل سي بَدتر، ڪُوڙا آهن قلب ۾. |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2) |
سَندنِ ڪُوڙن قسمن کي، ڦيري ڪيائون ڍال، پوءِ رَبَّ جِي راه کان، ڪيؤن بَند بَحال، جي ڪم ڪن، هي ڪُلال، سي بلڪل آهن بُڇڙا! |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3) |
اِهو اِن آڌار، ته مَڃيؤن، ۽ موٽِي ڦِريا، پوءِ مُهر سَندنِ مَن تي، هنئـِي ويئـِي هيڪار، پوءِ اِهي هارِيا تِنهن هارِ، صَفا سَمجھن ڪِين ڪِي. |
وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4) |
۽ جڏهن ڏِسينِ ڏيل، ته توکي وَڻنِ پيا واه جو، ۽ جي ڪُڇن ته، ڪَن ڏيئـِي، ڪامل! ٻُڌِينِ قِيل، ڪرڪاٺيون اُڀيون اَٽڪ تي، آهِن اُهي عَلِيل، بِلڪُل ڀانئـِن پاڻ تي، هَر زحمت کي ذَلِيل، اُهي دُشمن آهن دِين جا، رک اُنهن جو خوف خلِيل، شل! جڙون ڪپٖـيـنِ جَلِيل، واريا وَڃن، ڪِنهن واٽ تي؟ |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5) |
۽ جَڏهن آڇيو وڃي اُنهن کي، ته اَچو ته، اوهان ڪاڻ، مَره مالِڪ کان گُھري، پاڪ پيغمبر پاڻ، تڏهن مٿا موڙيون، ۽ سوٺئـِي کِيَن سُڄاڻ!، پِئا پير جَھلِين پاڻ، ۽ اُهي آڪڙ ۾ ٿِي آڪَرا. |
سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6) |
تون مَره مَڱِين، نه مڱين، آهي سَرکو تِن سِر، مَرهِيندن نه مُورهِين، پاڪ ڌَڻِي پَروَر، ڏوهِيَن کي ڏاتر، سَئـِين سُهائي ڪِين ڪِي. |
هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7) |
اُهي ئـِي آهِين سي، جي بَڪِين بَڪ بيڪار، ته جي رَهن رَبَّ پاڪ جي، مُرسل وَٽ، مَهندار، لَهو نه سَندنِ سَنڀار، ته پاڻهِي وِيندا پَکڙِي. ۽ آهِن ڪُل اَلله جا، مال خزانا مُور، آهِن اُڀن، ڀُونيَن ۾، جي ڀانڊار ڀَرپُور، پر مُنافِق مَغرُور، صَفا سَمجھن ڪِين ٿا. |
يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8) |
چَون ته آياسون اَسِين، جي موٽِي مَديني پارِ، ته ڪَڍندو مَنجھانسِ ڪَمزور کي، اَوس عِزَّتدار، ۽ عِزّت آهي اَلله کي، قائـِم بَرقرار، پڻ مُرسل مِير کي، پڻ مُؤمِنَن مُوچار، پَر مُنافِق مَڪار، صَفا سَمجھن ڪِين ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9) |
موهِينِ نه آن کي مُؤمِنو! سارڻ کان سَتَّار، ملڪِيت مال اوهان جو، پن اَهنجا ٻچا ٻار، جي ڪَندا اِها ڪار، اُهي آهِن، نِپَٽ نُـقصان ۾. |
وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10) |
۽ آن کي ڏِنوسون، اُن مَنجھان، ڏِيو ڏُکويَن کي ڏان، اِنهيان اَڳ ته اَوهان مان، ڪِنهن جو موت ٿئي مِهمان، آکي پوءِ اَرمان ۾، ته سانيَمِ! رَبَّ، سُبحان، ڪو ويجھو وَقت ڏِيـينمِ ها!، مُهلت مِهربان!، ته ڪريان ها ڪوڏ مان، ڪِن اَڀرن تي اِحسان، ۽ نيڪن مان نِڌان، پاڻ ٿيان ها پَڪ سان. |
وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11) |
۽ جڏهن آيو اَجل ڪِنهن جو، ته ڌَڻِي ڇَڏيَس نه دَم، ۽ جيڪِي ڪَريو ڪَم، آگو آگاھ اُن ڪنان. |