إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1) |
(اي نبي!) جڏهن منافق تو وٽ اچن ٿا چَوَن ٿا ته: ”اسان شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو رسول آهين.“ ۽ (هائو) الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون ضرور ان جو رسول آهين. ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بلاشڪ منافق ڪوڙا آهن. |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2) |
انهن پنهنجي قسمن کي ڍال بنائي ورتو آهي پوءِ اُهي (ٻين کي) الله جي رستي کان روڪن ٿا. بيشڪ اهو نهايت بڇڙو (ڪم) آهي جيڪو اُهي ڪن ٿا. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3) |
اُهو هن ڪري ته انهن (زبان سان) ايمان آندو پوءِ (دل سان) ڪافر رهيا پوءِ انهن جي دلين تي مُهر لڳائي وئي سو اُهي نه ٿا سمجهن. |
وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4) |
۽ جڏهن تون کين ڏسندين ته تو کي انهن جا جسم شاندار لڳندا. ۽ جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ڪندا ته تون انهن جي گفتگو ٻڌندين. (يعني گفتار جا مٺا هوندا پر حقيقت ۾) ڄڻڪ اُهي ٽيڪ ڏياري بيهاريل بُنڊَ آهن. هر اونچي آواز کي اهي پنهنجي خلاف سمجهن ٿا. اهي ئي (تنهنجا) دشمن آهن پوءِ انهن کان ڪنارو ڪر. الله جي انهن مٿان مار پوي ڪيئن اونڌا ڦيرايا وڃن ٿا! |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته: ”اچو ته الله جو رسول اوهان لاءِ بخشش گهري“ ته پنهنجا مٿا موڙن ٿا ۽ تون کين ڏسندين ته وڏائي ڪندي پاڻ کي روڪي ڇڏن ٿا. |
سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6) |
انهن (منافقن) جي حق ۾ برابر آهي ته تون انهن جي لاءِ معافي گهرين يا انهن لاءِ معافي نه گهرين. الله انهن کي اصلي معاف نه ڪندو. بيشڪ الله نافرمان قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي. |
هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7) |
هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته جيڪي (فقراء) الله جي رسول (ﷺ) وٽ آهن انهن تي خرچ نه ڪيو ته اُهي ٽڙي پکڙي وڃن. حالانڪه آسمانن ۽ زمين جا سڀ خزانا الله جا آهن ۽ پر منافق نه ٿا سمجهن. |
يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8) |
چون ٿا ته اگر اسان مديني واپس ٿياسين ته (اسان) عزت وارا ماڻهو اتان کان ذليل ماڻهن (يعني مسلمانن) کي ضرور ڪڍي ٻاهر ڪنداسين. حالانڪه عزت الله لاءِ آهي ۽ ان جي رسول لاءِ ۽ ايمان وارن لاءِ آهي ۽ پر منافق نه ٿا ڄاڻن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ! توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد توهان کي الله جي ياد کان غافل نه بنائن ۽ جيڪو ماڻهو ائين ڪندو ته اُهي ماڻهو نقصان پائڻ وارا آهن. |
وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10) |
۽ خرچ ڪيو ان مان جيڪو اسان اوهان کي رزق ڏنو آهي، ان کان اڳ جو اوهان مان ڪنهن هڪ کي موت اچي وڃي پوءِ چوي ته: ”اي منهنجا پالڻهار تو مون کي ٿوري مدت تائين مهلت ڇونه ڏني جو آءٌ صدقو ڪيان ها ۽ صالح ماڻهن مان ٿيان ها“. |
وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11) |
حالانڪه الله هرگز ڪنهن شخص کي مهلت نه ٿو ڏئي جڏهن ان جي موت جو وقت اچي وڃي، ۽ الله خبروار آهي انهن ڪمن کان جيڪي توهان ڪيو ٿا. |