إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1) |
رسولِ عربي جڏهن توهان وٽ منافق اچي چون ٿا ته اسين شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ توهان يقيناً الله جا رسول آهيو، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو ته بيشڪ توهان ان جا رسول آهيو، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو ته بيشڪ منافق يقيناَ ڪوڙا آهن |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2) |
انهن پنهنجي قَسمَن کي ڍال بنايو آهي پوءِ اهي الله تعالى جي راه کان روڪين ٿا، بيشڪ اهي تمام خراب عمل ڪن ٿا |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3) |
اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ انهن زباني طور ايمان آندو ان کان پوءِ ڪفر ڪيو، پوءِ انهن جي دلين تي مُهر هنئي وئي پوءِ اهي نٿا سوچين |
وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4) |
۽ جڏهن توهان انهن کي ڏسندا ته انهن جا جسم توهان کي وڻندا، ۽ جيڪڏهن اهي ڳالهائن ته توهان انهن جو ڳالهائڻ ٻڌو ٿا، انهن جو مثال ان ڪاٺي وانگر آهي جيڪا ديوار تي ٽيڪ ڏئي بيهاريل هجي، اهي هر وڏي آواز کي پاڻ لاءِ (مصيبت) ڀانئين ٿا، اهي توهان مؤمنن جا پڪا دشمن آهن پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو، الله تعالى انهن کي هلاڪ ڪيو، اهي اُبتا ڪيڏانهن موٽن ٿا |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5) |
۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان اچو، رسولِ عربي توهان لاءِ الله تعالى کان معافي طلب ڪري ته اهي پنهنجا مُنهن ڦيرين ٿا ۽ توهان انهن کي ڏسندا ته اهي ( استغفار کان) مُنهن ڦيرائن ٿا ۽ اهي تڪبر ڪندڙ آهن |
سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6) |
انهن لاءِ برابر آهي جو توهان انهن لاءِ بخشش طلب ڪريو يا بخشش طلب نه ڪريو. الله تعالى هرگز انهن کي نه بخشيندو، بيشڪ الله تعالى فاسقن جي قوم کي هدايت نٿو ڏي |
هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته توهان انهن ماڻهن تي خرچ نه ڪريو جيڪي رسول لله وٽ آهن ايستائين جو اهي جدا جدا ٿين، ۽ الله تعالى وٽ آسمانن ۽ زمينن جا خزانا آهن، پر منافق نٿا سوچين |
يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8) |
اهي چون ٿا ته جيڪڏهن اسين موٽي مدينه پهتاسين ته ضرور طاقتور، ڪمزور کي مدينه مان ٻاهر ڪڍندو، ۽ الله تعالى لاءِ عزت آهي ۽ ان جي رسول کي عزت آهي ۽ مؤمنن کي عزت آهي پر منافق نٿا ڄاڻن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9) |
اي مؤمنو ! توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد توهان کي الله جي ذڪر کان غافل نه ڪن، ۽ جيڪو ماڻهو ايئن ڪندو، پوءِ اهي ئي نقصان وارا آهن |
وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10) |
۽ توهان اسان جي عطا ڪيل رزق مان خرچ ڪريو ان کان اڳ ۾ جو توهان مان هڪڙي کي موت اچي، پوءِ چوي اي منهنجا رب تو مون کي ٿورو وقت مهلت ڇو نٿي ڏني، پوءِ آئون خير خيرات ڪريان ها ۽ آئون صالحين مان هجان ها |
وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11) |
۽ جڏهن انسان جو اجل (موت جو وقت) اچي ٿو ته الله هرگز ان کي پوئتي نٿو ڪري، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي |