إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1) |
جڏھن منافق تو وٽ ايندا آھن (ته) چوندا آھن ته شاھدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو پيغمبر آھين، ۽ الله ڄاڻندو آھي ته بيشڪ تون سندس پيغمبر آھين، ۽ الله شاھدي ٿو ڏئي ته بيشڪ (اُھي) منافق ڪوڙا آھن. |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2) |
پنھنجن قَسمن کي ڍال (ڪري) ورتو اٿن پوءِ الله جي واٽ کان جھلن ٿا، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3) |
اھو ھن ڪري آھي جو اُنھن ايمان آندو وري انڪار ڪيائون پوءِ انھن جي دلين تي مُھر ھنئي وئي تنھنڪري اُھي نه سمجھندا آھن. |
وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4) |
۽ (اي پيغمبر تون) جڏھن کين ڏسندو آھين (تڏھن) سندن جُسا توکي وڻندا آھن، ۽ جيڪڏھن ڳالھائيندا آھن ته اُنھن جي ڳالھ ڪَن ڏئي ٻڌندو آھين، ڄڻڪ اُھي اُڀيون ڀِت سان ڪاٺيون رکيل آھن، سڀڪنھن آواز کي پاڻ تي ڀو ڀائيندا آھن، اُھي ويري آھن تنھنڪري کائن حِذ رک، الله کين ھلاڪ ڪري، ڪيڏانھن ڦيرايا ٿا وڃن. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5) |
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته اچو ته الله جو پيغمبر اوھان لاءِ بخشش گھري تڏھن پنھنجا مٿا موڙيندا آھن ۽ انھن کي ڏسندو آھين ته وڏائي ڪندڙ ٿي جھلجن ٿا. |
سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6) |
تون انھن لاءِ بخشش گھرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھرين ته انھن لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، انھن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو، بيشڪ الله بي دينن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. |
هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7) |
اھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته جيڪي (مھاجر) الله جي پيغمبر وٽ آھن تن تي خرچ نه ڪريو تان جو ڇڏي وڃن، ۽ (ھيءَ نه ڄاڻندا آھن ته) آسمانن ۽ زمين جا خزانا خاص الله جا آھن پر (ان ڳالھ کي) مُنافق نه سمجھندا آھن. |
يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8) |
چوندا آھن ته جيڪڏھن (اسين) مديني ۾ موٽي پُتاسون ته وڌيڪ عِزّت وارو تمام بي عزتي کي اُتان ضرور ڪڍي ڇڏيندو، ۽ عِزّت الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ مؤمنن کي آھي پر (اھا ڳالھ) منافق نه ڄاڻندا آھن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ اوھان کي نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان ويسلو ڪري، ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي ڇيئي وارا آھن. |
وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10) |
۽ جيڪي اوھان کي روزي ڏني اٿون تنھن منجھان اُنھي کان اڳ خرچ ڪريو جو اوھان مان ڪنھن ھڪڙي کي موت پھچي پوءِ چوڻ لڳي ته اي منھنجا پالڻھار جيڪر مون کي ھڪ ٿوري مُدت تائيم مُھلت ڏين ھا ته خيرات ڪريان ھا ۽ صالحن مان ٿيان ھا. |
وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11) |
۽ جڏھن ڪنھن جيءَ جو اجل ايندو آھي (تڏھن) اُن کي الله ڪڏھن مُھلت نه ڏيندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي. |