إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1) |
جڏهن منافق تو وٽ ٿا اچن، چون ٿا ته اسين شاهدي ٿا ڏيون، ته ”بيشڪ تون الله جو رسول آهين“ ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون ان جو رسول آهين ۽ الله شاهدي ٿو ڏئي، ته بيشڪ منافق ڪوڙا آهن- |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2) |
هنن سندن قسمن کي ڍال ڪري ورتو آهي، جو الله جي واٽ کان روڪين ٿا، بيشڪ اهي جيڪي ڪن ٿا، سو بڇڙو آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3) |
اهو هن ڪري، جو انهن ايمان آندو، پوءِ انڪار ڪيائون، تنهن ڪري انهن جي دلين تي مهر لڳائي ويئي، پوءِ اهي نٿاسمجهن. |
وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4) |
جڏهن کين ڏسين ٿو، تڏهن سندن بدن توکي وڻن ٿا ۽ جيڪڏهن ڳالهائين ٿا، ته انهن جي ڳالهه ڪن ڏيئي ٻڌين ٿو_ پر اُهي ڄڻ اڀيون ٿيل ڪاٺيون آهن، سڀ ڪنهن آواز کي پاڻ تي ڀائيندا آهن، در حقيقت اهي دشمن آهن، انهن کان پاسو ڪر_ الله انهن کي ناس ڪري، ڪيڏانهن ڦيرايا ٿا وڃن! |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5) |
جڏهن کين چئبو آهي ته ”اچو، ته الله جو رسول اوهان لاءِ بخشش گهري، تڏهن پنهنجا منهن موڙيندا آهن ۽ انهن کي ڏسين ٿو ته وڏائي ڪندڙ ٿي رڪجن ٿا- |
سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6) |
تون انهن لاءِ بخشش گهرين يا نه گهرين، ساڳي ڳالهه آهي، الله انهن کي ڪڏهن به نه بخشيندو، بيشڪ الله بدڪارن کي رستو نٿو ڏيکاري. |
هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7) |
اهي اهڙا آهن، جو هڪ ٻئي کي چون ٿا، ته جيڪي محتاج الله جي رسول وٽ رهن ٿا، تن تي ڪجهه به نه خرچيو، ته هو ڇڏي هليا وڃن_ مگر آسمانن ۽ زمين جا خزانا الله جا آهن پر منافق نٿا سمجهن. |
يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8) |
چون ٿا ته ”جيڪڏهن اسين مديني ۾ موٽي وياسون، ته وڌيڪ عزت وارو نهايت هيڻي کي اتان ضرور ڪڍي ڇڏيندو.“ مگر عزت الله ۽ ان جي رسول ۽ مؤمنن لاءِ آهي، پر منافق نٿا ڄاڻن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9) |
اي مؤمنو! اوهان کي اوهان جا مال ۽ اوهان جو اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان غافل نه ڪن ۽ جيڪي ائين ڪندا، سي ئي نقصان وارا آهن. |
وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10) |
۽ جيڪا اوهان کي روزي ڏني اٿئون، تنهن مان انهي کان اڳي خرچ ڪريو، جو اوهان مان ڪنهن کي موت پهچي، پوءِ چوي، ته ”اي ڌڻي مون کي ٿوري وقت تائين مهلت ڏين ها، ته خيرات ڪريان ها ۽ نيڪن مان ٿيان ها! |
وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11) |
مگر جڏهن ڪنهن جو اجل ايندو آهي، تڏهن الله ان کي هر گز مهلت نه ڏيندو آهي ۽ جيڪي به اوهين ڪريو ٿا، انهي جي الله خبر رکندڙ آهي. |