إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1) |
جڏهن اچن ٿا تو وٽ منافق ته چون ٿا ته اسين شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون البته الله جورسول آهين ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون البته ان جو رسول آهين ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ منافق البته ڪوڙا آهن . |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2) |
بنايائون پنهنجن قسمن کي ڍال پوءِ الله جي واٽ کان روڪيائون بلاشڪ اهي برو آهي اهو جيڪو ڪيائون ٿي . |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3) |
اهو ان سببان ته بيشڪ انهن ايمان آندو ان کان بعد ڪفر ڪيائون پوءِ مهر هنئي وئي انهن جي دلين تي پوءِ اهي نه ٿا سمجهن . |
وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4) |
۽ جڏهن ڏسندين انهن کي ته وڻندا توکي انهن جا جسم ۽ جيڪڏهن ڳالهائيندا ته ٻڌندين انهن جو قول ڄڻ ته اهي ڪاٺيون ٽيڪ ڏنل آهن ڀانئن ٿا هر ڪڙڪيدار آواز کي پنهنجي مٿان اهيئي دشمن آهن پوءِ بچندو رهه انهن کان شال هلاڪ ڪري انهن کي الله ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا؟ . |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته اچو ته مغفرت طلب ڪري اوهان لاءِ الله جو رسول ته ڦيرايائون مٿن پنهنجن کي ۽ ڏسندين انهن کي ٿا رڪجن ۽ اهي هٺ ڪندڙ آهن . |
سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6) |
برابر آهي انهن تي مغفرت طلب ڪئي تو انهن جي لاءِ يا نه مغفرت طلب ڪئي تو انهن جي لاءِ هرگز نه بخش ڪندو الله انهن کي بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري فاسق قوم کي . |
هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7) |
اهيئي آهن جيڪي چون ٿا نه خرچ ڪيو انهن تي جيڪي رسول الله وٽ آهن تانجو ٽڙي پکڙجي وڃن ۽ الله جا آهن خزانا آسمانن جا ۽ زمين جا ۽ پر منافق نه ٿا سمجهن . |
يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8) |
چون ٿا ته البته جيڪڏهن موٽياسون مديني ڏانهن ته البته ضرور ڪڍندو وڏي عزت وارو ان مان نهايت ذليل کي ۽ الله جي لاءِ آهي عزت ۽ ان جي رسول جي لاءِ ۽ مؤمنن جي لاءِ ۽ پر منافق نه ٿا ڄاڻن . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارا ! نه غافل بنائن اوهان کي مال اوهان جا ۽ نه اولاد اوهان جو الله جي ذڪر کان ۽ جيڪي ڪندا اهو پوءِ اهيئي نقصان وارا آهن . |
وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10) |
۽ خرچ ڪيو ان مان جو رزق ڏنو اسان اوهان کي ان کان اڳي جو اچي هڪڙي اوهان جي وٽ موت پوءِ چوي اي منهنجا رب! ڇو نه مهلت ڏنيئي مون کي مدت ويجهيءَ تائين پوءِ خيرات ڪيان ها مان ۽ هجا هان مان صالحن مان . |
وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11) |
۽ هرگز نه مهلت ڏيندو الله ڪنهن نفس کي جڏهن ايندو ان جو موت ۽ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪو ڪيو ٿا . |