إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1) |
(اي نبيﷺ!) جڏهن تو وٽ منافق ايندا آهن ته چوندا آهن ته اسان گواهي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله تعالى جو رسول آهين. الله تعالى کي خبر آهي ته توهان واقعي ان جا رسول آهيو (پر) الله تعالى گواهي ڏي ٿو ته بيشڪ منافق ڪوڙا آهن. |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2) |
انهن (منافقن) قَسمن کي ڍال (يعني بچڻ جو ذريعو) بنائي ڇڏيو آهي. جنھن جي ڪري هو (ماڻهن کي) الله تعالى جي رستي کان روڪين ٿا. بيشڪ هو جيڪو ڪجهه ڪن ٿا سو انتھائي برو آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3) |
اهو ان ڪري آهي جو انهن ايمان آڻڻ کان پوءِ ٻيهر ڪفر جو رستو اختيار ڪيو. (۽ نتيجي ۾) انهن جي دلين تي مھر هنئي وئي آهي، تنھن ڪري هاڻي هي ڪا ڳالهه سمجهي نٿا سگهن. |
وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4) |
جڏهن تون انهن جي (قد ڪاٺ ۽) جسمن کي ڏسندين ته توکي حيراني وٺي ويندي ۽ جڏهن هو ڳالهائين ٿا ته تون رڳو انهن جون ڳالهيون ٻڌندو رهه. ايئن لڳندا آهن ڄڻ ته ڪاٺيءَ جا بيھاريل شهتير هجن (يا کڻي اڄ جي دور جي حساب سان بيھاريل روبوٽ هجن جيڪي بٽڻ دٻائڻ سان ڳالهائيندا رهندا آهن) ڊڄڻا اهڙا آهن جو هر وڏي آواز کي پنھنجي لاءِ خطرو سمجهندا آهن. اهي پڪا دشمن آهن. تنهنڪري انهن کان بچي رهجانءِ، انهن تي الله تعالى جي مار پوي هُو ڪاڏي ڦيرايا وڃن ٿا؟ |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته اچو الله تعالى جو رسول توهان جي لاءِ بخشش جي دُعا گهري ته تون ڏسندين ته هو مٿي کي ڌوڻو ڏئي ۽ تڪبر ڪندي اچڻ کان رڪجي ويندا آهن. |
سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6) |
تون انهن جي لاءِ بخشش جي دعا گهرين يا نه گهرين انهن لاءِ ڳالهه برابر آهي. الله تعالى انهن کي ڪڏهن به نه بخشيندو. بيشڪ الله تعالى نافرمان قوم کي هدايت نه ڏيندو آهي. |
هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7) |
هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي چوندا آهن ته جيڪي ماڻهو رسول سڳوري وٽ رهن ٿا تن تي ڪجهه به خرچ نه ڪريو ته جيئن اُهي هتان هليا وڃن. پر آسمانن ۽ زمين جي خزانن جو مالڪ فقط الله تعالى آهي. پر انهن منافقن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي. |
يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8) |
منافق چون ٿا ته (هاڻي) جڏهن اسان جنگ (بني المصطلق) کان موٽي مديني پھچنداسين ته عزت وارا ماڻهو اُتان ذليلن کي تڙي ڪڍي ڇڏيندا. حالانڪه عزت ته الله تعالى، سندس رسول سڳوري ۽ مؤمنن جي لاءِ آهي، پر منافق نٿا ڄاڻن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ! (خيال ڪجو ايئن نه ٿئي جو) توهان جا مال ۽ توهان جو اولاد توهان کي الله تعالى جي ياد کان غافل نه ڪري ڇڏي.۽ جيڪي ماڻهو ايئن ڪندا، سي وڏي خساري ۾ پئجي ويندا. |
وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10) |
۽ اسان توهان کي جيڪو رزق ڏنو آهي ان منجهان موت اچڻ کان پھريائين خرچ ڪري وٺو (اِيئَن نه ٿئي) جو پوءِ موت جي وقت ماڻهو چوڻ لڳي ته: اي منھنجا پالڻھار! مون کي ٿوري مھلت ڇو نه ڏنئي ته جيئن مان خيرات ڪري وٺان ها ۽ نيڪ ماڻهن ۾ شامل ٿيان ها؟ |
وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11) |
الله تعالى ڪنھن کي به موت جو وقت اچڻ کان پوءِ ڪابه مھلت نه ڏيندو آهي. توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا، الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. |