إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1) |
جڏهن ايندا آهن تو وٽ اهي منافق، ته چوندا آهن، ”اسان شاهدي ڏيون ٿا ته تون بيشڪ رسول آهين الله جو“، ۽ الله اهو ڄاڻي ٿو ته تون بيشڪ انهن جو رسول آهين، پر الله شاهدي ڏئي ٿو ته پڪ سان اهي منافق بلڪل ڪوڙا آهن |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2) |
انهن ورتو آهي ڍال ڪري پنهنجن قسمن کي پوءِ اهي رڪجن ٿا الله جي راهه کان ۽ دنيا کي روڪين ٿا، بيشڪ اهي بريون حرڪتون آهن جيڪي اهي ڪري رهيا آهن |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3) |
اهو سڀ ان ڪري آهي جو انهن آندو ايمان پوءِ ڪفر ڪيائون، ان ڪري مُهر لڳائي وئي سندن دلين تي، هاڻي اهي ڪجهه نٿا سمجهن |
وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4) |
۽ جڏهن ڏسين انهن کي ته توکي نهايت شاندار نظر ايندا سندن بدن، ۽ جڏهن ڳالهائن ته ٻڌندو رهين تون سندن ڳالهيون، پر اصل ۾ اهي ڪاٺ جا بُند آهن جيڪي اڀا ڪيل هجن ڀت سان، گمان ڪن ٿا هر بلند آواز کي خلاف پنهنجي، اهي پڪا دشمن آهن انهن کان پاسو ڪريو، مار پوي انهن تي الله جي، اهي ڪيڏانهن ڦرندا پيا وڃن |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن چيو وڃي ٿو انهن کي، ته اچو جيئن بخشش جي دعا گهري توهان جي لاءِ رسول الله جو، ته لوڏيندا آهن اهي پنهنجو مٿو ۽ تون ڏسندو آهين انهن کي ته رڪجن ٿا اهي اچڻ کان وڏي آڪڙ سان |
سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6) |
(اي نبي!) برابر آهي انهن جي لاءِ ته تون بخشش جي دعا انهن جي لاءِ گهرين يا نه گهرين بخشش جي دعا انهن جي لاءِ، هرگز معاف نه ڪندو الله انهن کي، بيشڪ الله نٿو ڏئي هدايت انهن کي جيڪي فاسق (بدڪار) آهن |
هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7) |
هي اهي ئي آهن جيڪي چوندا آهن ته خرچ بند ڪريو (انهن تي) جيڪي ساٿي آهن رسول الله جا، جيئن اهي ٽڙي پکڙي وڃن، (جڏهن ته) الله ئي مالڪ آهي خزانن جو آسمانن ۽ زمين ۾، پر اهي منافق نٿا سمجهن |
يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8) |
اهي چون ٿا ته اسان موٽي پهچون ته (سهي) مديني، ته ڪڍي ٻاهر ڪندو عزت وارو آهي انهن کي جيڪو ذليل آهي، جڏهن ته الله لاءِ ئي عزت آهي ۽ سندس رسول لاءِ ۽ مؤمنن جي لاءِ، پر اهي منافق نٿا ڄاڻن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! نه غافل ڪري توهان کي توهان جو مال ۽ نه توهان جو اولاد الله جي ذڪر کان، ۽ جيڪي ماڻهو ائين ڪندا پوءِ اهي ئي آهن نقصان ۾ وڃڻ وارا |
وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10) |
۽ خرچ ڪريو ان مان جيڪو رزق توهان کي ڏنو ويو آهي، ان کان اڳي جو اچي وڃي ڪنهن تي توهان مان موت، ان وقت اهو چوي ته، اي منهنجا رب! ڇو نه مون کي مهلت ڏني موت جي ويجهي اچڻ کان اڳي، جيئن آئون صدقو ڪريان ۽ ٿي وڃان ها صالحن مان |
وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11) |
پر جڏهن مهلت پوري ٿيڻ جو وقت ايندو آهي ته الله ڪنهن کي به وڌيڪ مهلت نه ڏيندو آهي، ۽ الله باخبر آهي ان کان جيڪي توهان ڪريو ٿا |