القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡجُمُعَۃِ مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 11


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ المَلِكِ القُدّوسِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1)

الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿي هر اها شيءِ، جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪا زمين ۾ آهي، بادشاهه آهي، نهايت پاڪ آهي، زبردست ۽ حڪمت وارو آهي

هُوَ الَّذى بَعَثَ فِى الأُمِّيّۦنَ رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 2)

اهوئي آهي، جنهن اڻ پڙهيلن ۾ منجهانئن ئي هڪڙو رسول اٿاريو، جيڪو کين سندس آيتون ٻڌائي ٿو، انهن جون زندگيون سنواري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو. جڏهن ته ان کان اڳ هو پڌري گمراهيءَ ۾ پيل هئا

وَءاخَرينَ مِنهُم لَمّا يَلحَقوا بِهِم وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3)

۽ (ان رسول جي بعثت) انهن ٻين ماڻهن لاءِ به آهي، جيڪي اڃان ساڻن مليا ناهن، الله زبردست داناءُ آهي

ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 4)

اهو سندس فضل آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو ۽ هو تمام وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي

مَثَلُ الَّذينَ حُمِّلُوا التَّورىٰةَ ثُمَّ لَم يَحمِلوها كَمَثَلِ الحِمارِ يَحمِلُ أَسفارًا بِئسَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 5)

جن ماڻهن کي تورات کڻايو ويو هو، پر هنن اهو بار نه کنيو، انهن جو مثال ان گڏهه وانگر آهي، جنهن تي ڪتاب لڏيل هجن، ان کان به اڃان وڌيڪ خراب مثال آهي انهن ماڻهن جو، جن الله جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو آهي. اهڙن ظالمن کي الله هدايت نصيب نه ڪندو آهي

قُل يٰأَيُّهَا الَّذينَ هادوا إِن زَعَمتُم أَنَّكُم أَولِياءُ لِلَّهِ مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 6)

چوينِ ته "اي يهودي بڻجي وڃڻ وارؤ! جيڪڏهن توهان جو اهو خيال آهي ته ٻين سڀني ماڻهن کي ڇڏي رڳو توهان ئي الله جا دادلا آهيو ته پوءِ موت جي تمنا ڪريو، جيڪڏهن توهان پنهنجي ان خيال ۾ سچا آهيو"

وَلا يَتَمَنَّونَهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 7)

پر اهي ڪڏهن به انهيءَ جي تمنا نه ڪندا، پنهنجن انهن ڪرتوتن جي ڪري، جيڪي هي ڪري چڪا آهن ۽ الله انهن ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو

قُل إِنَّ المَوتَ الَّذى تَفِرّونَ مِنهُ فَإِنَّهُ مُلٰقيكُم ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8)

(اي نبي) چوين ته "جنهن موت کان ڀڄو ٿا سو ته توهان تي اچڻو ئي آهي، پوءِ توهان انهيءَ ذات جي آڏو پيش ڪيا ويندؤ، جيڪو لڪل توڙي ظاهر جو ڄاڻندڙ آهي ۽ پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڇا پيا ڪندا رهيا آهيو"

يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نودِىَ لِلصَّلوٰةِ مِن يَومِ الجُمُعَةِ فَاسعَوا إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ وَذَرُوا البَيعَ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 9)

اي ايمان وارؤ! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ سڏيو وڃي ته الله کي ياد ڪرڻ ڏانهن ڊوڙو ۽ وڻج واپار ڇڏي ڏيو، اهو توهان جي لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻو

فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلوٰةُ فَانتَشِروا فِى الأَرضِ وَابتَغوا مِن فَضلِ اللَّهِ وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 10)

پوءِ جڏهن نماز پوري ٿي وڃي ته زمين ۾ ٽـڙي پکڙي وڃو ۽ الله جي فضل جي ڳولا ڪريو ۽ الله کي تمام گهڻو ياد ڪندا رهو ته مــَـنَ توهان کي ڪاميابي نصيب ٿئي

وَإِذا رَأَوا تِجٰرَةً أَو لَهوًا انفَضّوا إِلَيها وَتَرَكوكَ قائِمًا قُل ما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ مِنَ اللَّهوِ وَمِنَ التِّجٰرَةِ وَاللَّهُ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 11)

(اي نبي) ۽ جڏهن انهن واپار ۽ راند تماشو ٿيندي ڏٺو ته ان ڏانهن ڊوڙي ويا ۽ توکي بيٺل ڇڏي ويا. چوين ته جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، سو راند تماشي ۽ وڻج واپار کان وڌيڪ بهتر آهي ۽ الله سڀ کان بهتر رزق ڏيندڙ آهي


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025