يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ المَلِكِ القُدّوسِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
جو ڪجھ آسمانن ۾ ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو، جو بادشاھ پاڪ ذات زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
هُوَ الَّذى بَعَثَ فِى الأُمِّيّۦنَ رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 2) |
هو اهو آهي جنهن مڪي وارن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو. ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهي ۾ هئا. |
وَءاخَرينَ مِنهُم لَمّا يَلحَقوا بِهِم وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
۽ انهن مان ٻين لاءِ به (کيس موڪليو اٿس) جيڪي اڃان تائين انهن سان نه مليا آهن ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 4) |
اهو خدا جو فضل (۽ ڪرم) آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي. ۽ الله ئي ته وڏو صاحب فضل آهي. |
مَثَلُ الَّذينَ حُمِّلُوا التَّورىٰةَ ثُمَّ لَم يَحمِلوها كَمَثَلِ الحِمارِ يَحمِلُ أَسفارًا بِئسَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 5) |
جن ماڻهن (جي مٿن) تي تورات لڏايو ويو پوءِ انهن ان (جي بار) کي نه کنيو انهن جو مثال گڏھ وانگر آهي جنهن تي (وڏا) ڪتاب لڏايل هجن. جن ماڻهن خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن جي حالت ڪهڙي نه بڇڙي آهي. ۽ خدا ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو رسائي. |
قُل يٰأَيُّهَا الَّذينَ هادوا إِن زَعَمتُم أَنَّكُم أَولِياءُ لِلَّهِ مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 6) |
(اي رسول! تون) چوين: اي يهوديو! جيڪڏهن اوهين هي دعوى ڪريو ٿا ته سڀني ماڻهن کان سواءِ رڳو اوهين ئي خدا جا دوست آهيو ته (پوءِ ڀلا) موت جي خواهش ڪريو جيڪڏهن (ان دعوى ۾) سچا آهيو. |
وَلا يَتَمَنَّونَهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
هوڏانهن اهي ڪڏهن به اها خواهش نه ڪندا انهن ڪرتوتن جي ڪري جن کي اڳي ئي ڪري چڪا آهن ۽ خدا ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. |
قُل إِنَّ المَوتَ الَّذى تَفِرّونَ مِنهُ فَإِنَّهُ مُلٰقيكُم ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
(اي رسول! کين) چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا سو ته ضرور اوهان وٽ پهچڻ واري آهي. پوءِ ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري ڏي اوهان کي موٽايو ويندو، پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نودِىَ لِلصَّلوٰةِ مِن يَومِ الجُمُعَةِ فَاسعَوا إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ وَذَرُوا البَيعَ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز (جمعه) لاءِ بانگ ڏني وڃي ته خدا جي ياد ڪرڻ لاءِ جلدي ڪريو ۽ سودي واپار کي ڇڏي ڏيو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. |
فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلوٰةُ فَانتَشِروا فِى الأَرضِ وَابتَغوا مِن فَضلِ اللَّهِ وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 10) |
پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته (ڀلي) زمين ۾ پکڙجي وڃو، ۽ خدا جي فضل سان (پنهنجي روزيءَ) جي تلاش ڪريو ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪندا رهو من اوهين ڪامياب ٿيو. |
وَإِذا رَأَوا تِجٰرَةً أَو لَهوًا انفَضّوا إِلَيها وَتَرَكوكَ قائِمًا قُل ما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ مِنَ اللَّهوِ وَمِنَ التِّجٰرَةِ وَاللَّهُ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 11) |
(اي رسول) اهي جڏهن ڪو واپار يا ڪو تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٿڙي پکڙجي وڃن ٿا ۽ تو کي بيٺل ڇڏي ٿا وڃن (اي رسول کين) چئو ته جو خدا وٽ آهي سو تماشي ۽ واپار کان گهڻو چڱو آهي ۽ خدا سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي. |