يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ المَلِكِ القُدّوسِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
سي سَڀ پَر ۾ پاڪ چَوَن، ڌَڻِئَ کي دَم دَم، آهِن اُڀن ۽ ڀُون ۾، جي ڪارگريون ۽ ڪم، حاڪِم حاڪِمن جو، عيبن کان اُتم، طاقت وارو تَم، پڻ قابِلڪار، ڪَمن ۾. |
هُوَ الَّذى بَعَثَ فِى الأُمِّيّۦنَ رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 2) |
اُهو جِنهن اُماڻيو، اَڻپڙهيلن اَندر، اَکر نَه پَڙهيل، اُنهن جِھڙو، پارِس، پيغمبر، پَڙهي پَڌرايون اُن جون، مَٿن مُقرّر، ۽ پاڪ ڪرينِ پاپَن کان، اُجارينِ اَنور، ۽ ڪتاب ۽ اُن جا قاعِدا، ٿو سيکارينِ سَروَر، توڻي پَڌري مُنجھ ۾، مَهند هُئا مُضطر، |
وَءاخَرينَ مِنهُم لَمّا يَلحَقوا بِهِم وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
۽ ٻِيا به اُنهن مان ڪِي اَڃا، نه گڏِيَنِ جو گوهر، ۽ اُهو آهي زور زبر، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |
ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 4) |
اِهي ڪَرم ڪَلتار، وَڻيسِ تِنهن سان، سي ڪري، ۽ صاحِب رَبَّ سَتّار، آهي وَڏي وَڙ جو ڌَڻِي. |
مَثَلُ الَّذينَ حُمِّلُوا التَّورىٰةَ ثُمَّ لَم يَحمِلوها كَمَثَلِ الحِمارِ يَحمِلُ أَسفارًا بِئسَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 5) |
جن خواندن کڻايو وِيو، توريت سَندو بار، پِوءِ نه اُٺايؤن اُن کي، اُنهن جا اِهڙا پار، اُن گڏھ جي آچار، جو کَڻي ڪِتاب ڪيڏهِين. حال سَڄي تِنهن ساٿ جو، بِلڪُل بُڇڙو آهِه، جِنِين ڪُوڙيو ڪوٺيون، آيتون ﷲ، ۽ رَبُ نه سُهائي راه، ذَرو ظالمِ ذات کي. |
قُل يٰأَيُّهَا الَّذينَ هادوا إِن زَعَمتُم أَنَّكُم أَولِياءُ لِلَّهِ مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 6) |
اُهي، جي ٿيا يَهُود، مِڙن ماڻهنِ جي وِچان، جي دوست ڌڻي جا، پاڻ کي ڀانيو ٿا بيهُود!، پوءِ موت گُهرو موجُود، جي سَچا سُخن ۾ آهيو. |
وَلا يَتَمَنَّونَهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ سَدا سَڌن نَه اُن ڏي، تِن ڪمن کان ڪُلال، جي سَندنِ هَٿن هَلائِيا، اَڳڀرا اَعمال، ۽ واحِد واقِف حال، آهي آزارِيندڙن جو. |
قُل إِنَّ المَوتَ الَّذى تَفِرّونَ مِنهُ فَإِنَّهُ مُلٰقيكُم ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
چئو، ته ڀَڄو جِنهن موت کان، سو مِلڻو اوهان سان مُور، پوءِ ڳُجهي پَڌري ڄاڻندڙ ڏانهن، موٽائِبا مَغرور!، پوءِ کولي ڏِيندان خبرون، ذَرو پُرزو ضرور، اِن مِڙن جو مَذڪُور، جيڪي عَمل ڪَندا آهيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نودِىَ لِلصَّلوٰةِ مِن يَومِ الجُمُعَةِ فَاسعَوا إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ وَذَرُوا البَيعَ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 9) |
اي آندو جِن اِيمان! جڏنهن جُمعي جي بانگ ٿئي، پوءِ سڀيئِي سَنبرو، سارڻ لئي سُبحان، ڇڏيو سودي سَٽ کي، ڏِيو دَر دُڪان، جي ڌاريو ٿا ڌِيان، ته ڀَلو اوهان لئي آهِ اِي. |
فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلوٰةُ فَانتَشِروا فِى الأَرضِ وَابتَغوا مِن فَضلِ اللَّهِ وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 10) |
پوءِ جَڏهن نماز پُني، ته پکڙو ڀُون ۾ بي گمان، ڀَلي ڌَڻِيءَ جي ڀال مان، گُهرو سڀ گُذران، گهڻو گهڻي ۾ ساريو، صاحِب، کي سُبحان، تہ مومِن اَوهِين مان، مَن مُرادون ماڻيو. |
وَإِذا رَأَوا تِجٰرَةً أَو لَهوًا انفَضّوا إِلَيها وَتَرَكوكَ قائِمًا قُل ما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ مِنَ اللَّهوِ وَمِنَ التِّجٰرَةِ وَاللَّهُ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 11) |
۽ جڏهن ڏِٺائون جُمعي ۾، وِندر، يا واپار، تہ توکي بِيٺل تِت ڇَڏي، پلٽيا تِنهِين پار، چئو تہ آهِن چيز جي، صاحِب وَٽ، سَتار، سي سودي سَٽ ۽ راند کان، بِهتر برقرار، ۽ سڀنيان ڀَلو ڀَتار، ﷲ جَلَّ جَلالهُ. |