يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ المَلِكِ القُدّوسِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو، جو بادشاه پاڪ ذات زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
هُوَ الَّذى بَعَثَ فِى الأُمِّيّۦنَ رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 2) |
هو اُهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽عقلمندي سيکاري ٿو. ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهي ۾ هئا. |
وَءاخَرينَ مِنهُم لَمّا يَلحَقوا بِهِم وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
۽ انهن مان ٻين لاءِ به (ان کي موڪليو اٿس) جيڪي اڃان تائين مسلمانن سان نه مليا آهن ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 4) |
اهو الله جو فضل آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏي. ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. |
مَثَلُ الَّذينَ حُمِّلُوا التَّورىٰةَ ثُمَّ لَم يَحمِلوها كَمَثَلِ الحِمارِ يَحمِلُ أَسفارًا بِئسَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 5) |
جن کي تورات (جو ڪتاب) کنڻايو ويو، پوءِ ان کي نه کيائون انهن جو مثال گڏه جي مثال جهڙو آهي جو (گهڻا) ڪتاب کڻي وڃي ٿو. جن ماڻهن الله جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن جي حالت ڪهڙي نه بڇڙي آهي. ۽ الله ظالم قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. |
قُل يٰأَيُّهَا الَّذينَ هادوا إِن زَعَمتُم أَنَّكُم أَولِياءُ لِلَّهِ مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 6) |
(اي پيغمبر !) چئو ته اي يهوديو! جيڪڏهن اوهين هي دعويٰ ڪريو ٿا ته سڀني ماڻهن کان سواءِ رڳو اوهين الله جا دوست آهيو ته (پوءِ) موت جي خواهش ڪريو |
وَلا يَتَمَنَّونَهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
جيڪڏهن (ان دعوا ۾ ) سچا آهيو. هوڏانهن اهي ڪڏهن به اها خواهش نه ڪندا انهن ڪمن جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ الله ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. |
قُل إِنَّ المَوتَ الَّذى تَفِرّونَ مِنهُ فَإِنَّهُ مُلٰقيكُم ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا سو ته ضرور اوهان کي پهچڻ وارو آهي. وري ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري ڏي اوهان کي موٽايو ويندو، پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نودِىَ لِلصَّلوٰةِ مِن يَومِ الجُمُعَةِ فَاسعَوا إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ وَذَرُوا البَيعَ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ ٻانگ ڏني وڃي ته الله جي ياد ڪرڻ لاءِ جلدي ڪريو ۽ سودي واپار کي ڇڏي ڏيو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته (ڀلي) |
فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلوٰةُ فَانتَشِروا فِى الأَرضِ وَابتَغوا مِن فَضلِ اللَّهِ وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 10) |
زمين ۾ پکڙجي وڃو، ۽ الله جو فضل گهرو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪريو مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. |
وَإِذا رَأَوا تِجٰرَةً أَو لَهوًا انفَضّوا إِلَيها وَتَرَكوكَ قائِمًا قُل ما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ مِنَ اللَّهوِ وَمِنَ التِّجٰرَةِ وَاللَّهُ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 11) |
(اي پيغمبر !) اهي جڏهن ڪو واپار يا ڪو تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٽڙي پکڙي وڃن ٿا ۽ توکي بيٺل ڇڏي ٿا ڏين. (اي پيغمبر !) تون چئو ته جو الله وٽ آهي سو تماشي ۽ واپار کان گهڻو چڱو آهي ۽ الله سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي. |