يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ المَلِكِ القُدّوسِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي (مقرر ڪيل نظام تي هلندي سندس عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو، جو بادشاه، پاڪ ذات ۽ زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
هُوَ الَّذى بَعَثَ فِى الأُمِّيّۦنَ رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 2) |
هو اُهو آهي جنهن (ڪائنات جي نظام کي ترتيب ۾ رکڻ وانگر انساني نظام کي ترتيب ۾ رکڻ لاءِ) اڻ پڙهيلن ۾ (جن کي اڳ عرصي کان آسماني ڪتاب نه مليو هو) انهن مان هڪ رسول موڪليو جيڪو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين (تربيت سان) پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي (ٻيا علم ۽ فهم) سيکاري ٿو، ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا. |
وَءاخَرينَ مِنهُم لَمّا يَلحَقوا بِهِم وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
۽ انهن مان ٻين لاءِ به (جيڪي بعد ۾ ايندا ان کي (ئي) موڪليو اٿس) جيڪي اڃا تائين مسلمان سان نه مليا آهن ۽ اهو (هينئر عالمگير نبوت ڏيڻ ۾) زبردست حڪمت وارو آهي. |
ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 4) |
اهو (وحي جو اچڻ) الله جو فضل آهي جنهن کي وڻيس (جو پنهنجي مشيت سان وحي جي مخاطبن کي ان لائق سمجهي) تنهن کي ڏئي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. |
مَثَلُ الَّذينَ حُمِّلُوا التَّورىٰةَ ثُمَّ لَم يَحمِلوها كَمَثَلِ الحِمارِ يَحمِلُ أَسفارًا بِئسَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 5) |
جن کي تورات (جو ڪتاب) کڻايو ويو، پوءِ ان کي نه کنيائون، انهن جو مثال گڏهه جي مثال جهڙو آهي، جو (گهڻا) ڪتاب کڻي وڃي ٿو. جن ماڻهن الله جي آيتن کي (پنهنجي بي عملين جي انڪار سان) ڪوڙو ڪيو تن جي حالت ڪهڙي نه بڇڙي آهي. ۽ الله (اهڙي) زيادتي ڪندڙ قوم کي رستو نٿو ڏيکاري. |
قُل يٰأَيُّهَا الَّذينَ هادوا إِن زَعَمتُم أَنَّكُم أَولِياءُ لِلَّهِ مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 6) |
(اي پيغمبر!) چئو ته، اي يهوديو! جيڪڏهن اوهين هي دعويٰ ڪريو ٿا ته سڀني ماڻهن (منجهئون) رڳو اوهين الله جا دوست آهيو ته (پوءِ ان جي آزمائش هي آهي ته سندس رستي ۾) موت جي خواهش ڪريو جيڪڏهن (ان دعويٰ ۾) سچا آهيو. |
وَلا يَتَمَنَّونَهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
هوڏانهن اهي ڪڏهن به اها خواهش نه ڪندا، انهن ڪمن جي (ڀوَ) ڪري جن کي سندن هٿن اڳي (آخرت لاءِ) موڪليو آهي ۽ الله مجرمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. |
قُل إِنَّ المَوتَ الَّذى تَفِرّونَ مِنهُ فَإِنَّهُ مُلٰقيكُم ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا سو (ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن) اوهان کي پهچڻ وارو آهي. وري ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري ڏي اوهان کي موٽايو ويندو، پوءِ جيڪي اوهين ڪريو پيا تنهن جي (نتيجي جي) اوهان کي خبر ڏيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نودِىَ لِلصَّلوٰةِ مِن يَومِ الجُمُعَةِ فَاسعَوا إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ وَذَرُوا البَيعَ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي ته (اجتماعي طرح) الله جي ياد ڪرڻ لاءِ جلد ڪريو ۽ سودي واپار (۽ ٻين مشغولين) کي ڇڏي ڏيو. (اچي الله جا قانون ۽ هدايتون ٻڌو جن جي مطابق توهان کي هلڻو آهي.) اهو (اجتماع) اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي، جيڪڏهن اوهين (ان جا نتيجا) ڄاڻو! |
فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلوٰةُ فَانتَشِروا فِى الأَرضِ وَابتَغوا مِن فَضلِ اللَّهِ وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 10) |
پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته (ڀلي) زمين تي پکڙجي وڃو ۽ (حلال رزق ذريعي) الله جو فضل گهرو ۽ (دنيا جي سڀني ڪمن ۾) الله (جي قانونن تي عمل ڪندي ان) کي گهڻو ياد ڪريو تان ته اوهين ڪامياب ٿيو. |
وَإِذا رَأَوا تِجٰرَةً أَو لَهوًا انفَضّوا إِلَيها وَتَرَكوكَ قائِمًا قُل ما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ مِنَ اللَّهوِ وَمِنَ التِّجٰرَةِ وَاللَّهُ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 11) |
(اي پيغمبر!) اهي جڏهن ڪو واپار يا ڪو تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٽڙي پکڙي وڃن ٿا ۽ توکي (خطبي ۾) بيٺل ڇڏي ٿا ڏين. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، جو الله وٽ آهي سو تماشي ۽ واپار کان گهڻو چڱو آهي ۽ الله سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي. |