يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ المَلِكِ القُدّوسِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪري رهيون آهن اهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، اُهو حقيقي بادشاهه، مقدس غالب حڪمت وارو آهي |
هُوَ الَّذى بَعَثَ فِى الأُمِّيّۦنَ رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 2) |
اهو ئي آهي جنهن اُمِيُنِ (اڻ پڙهيلن ۾) انهن مان رسولِ عربيءَ کي موڪليو جيڪو انهن تي ان جون آيتون پڙهي ٿو ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو، ۽ بيشڪ اهي رسولِ عربيءَ کان اڳ ۾ صاف گمراهيءَ ۾ هئا |
وَءاخَرينَ مِنهُم لَمّا يَلحَقوا بِهِم وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
۽ انهن پَويَنِ کي (علم و حڪمت عطا ڪري ٿو) جيڪي انهن کي نه پهتا، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي |
ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 4) |
اهو الله تعالى جو فضل آهي، پاڻ جنهنکي چاهي عطا ڪري ٿو، ۽ الله تعالى عظيم فضل ڪندڙ آهي |
مَثَلُ الَّذينَ حُمِّلُوا التَّورىٰةَ ثُمَّ لَم يَحمِلوها كَمَثَلِ الحِمارِ يَحمِلُ أَسفارًا بِئسَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 5) |
انهن (يهودين) جو مثال جن تي تورات (جي علم ۽ عمل جو بار) رکيو ويو، ان کان پوءِ انهن اهو بار نه کنيو، انهن جو مثال ان گڏهه جهڙو آهي جيڪو پٺن تي ڪتاب کڻي ٿو، (اهو) تمام خراب مثال آهي ان قوم جو جيڪي الله تعالى جي آيتن جي تڪذيب ڪن ٿا، ۽ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڏي |
قُل يٰأَيُّهَا الَّذينَ هادوا إِن زَعَمتُم أَنَّكُم أَولِياءُ لِلَّهِ مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 6) |
رسولِ عربي توهان فرمايو، اي يهوديو جيڪڏهن توهان ڀانيو ٿا ته بيشڪ توهان الله جا پيارا آهيو، ٻين ماڻهن کانسواءِ، پوءِ توهان موت جي تمنا ڪريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
وَلا يَتَمَنَّونَهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ اهي ڪڏهن به موت جي تمنا نه ڪندا، انهي بداعماليءَ سببان جيڪا انهن پنهنجي هٿن سان ڪئي آهي، ۽ الله تعالى ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي |
قُل إِنَّ المَوتَ الَّذى تَفِرّونَ مِنهُ فَإِنَّهُ مُلٰقيكُم ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
رسولِ عربي توهان فرمايو، بيشڪ جنهن موت کان توهان فرار ٿيو ٿا، پوءِ بيشڪ اهو توهان سان ملاقات ڪندو، ان کان پوءِ توهان کي الله تعالى ڏانهن موٽايو ويندو، پوءِ اهو توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏيندو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نودِىَ لِلصَّلوٰةِ مِن يَومِ الجُمُعَةِ فَاسعَوا إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ وَذَرُوا البَيعَ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 9) |
اي مؤمنو ! جنهن وقت توهان کي (جمعي جي ڏينهن) جمعي جي نماز لاءِ سڏيو وڃي پوءِ توهان الله جي ذڪر ڏانهن سعيو ڪريو ۽ توهان واپار کي ڇڏي ڏيو، اهو توهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا |
فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلوٰةُ فَانتَشِروا فِى الأَرضِ وَابتَغوا مِن فَضلِ اللَّهِ وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 10) |
پوءِ جنهن وقت نماز ادا ٿي وڃي پوءِ توهان زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ الله جي فضل (رزق ۽ علم) جي طلب ڪريو ۽ توهان الله تعالى جو گھڻو ذڪر ڪريو ته يقيناً توهان نجات حاصل ڪندا |
وَإِذا رَأَوا تِجٰرَةً أَو لَهوًا انفَضّوا إِلَيها وَتَرَكوكَ قائِمًا قُل ما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ مِنَ اللَّهوِ وَمِنَ التِّجٰرَةِ وَاللَّهُ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 11) |
۽ جنهن وقت انهن تجارت يا راند تماشو ڏٺو ته (گھڻا) اوڏانهن ويا ۽ توهان کي خطبي ۾ بيٺل ڇڏيائون، رسولِ عربي توهان فرمايو ته جيڪو (ثواب) الله وٽ آهي اهو راند تماشي ۽ تجارت کان بهتر آهي، ۽ الله تعالى بهترين رزق ڏيندڙ آهي |