يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ المَلِكِ القُدّوسِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو الله جي پاڪائي ٿو بيان ڪري_ جو بادشاهه، نهايت پاڪ، غالب ۽ ڏاهپ وارو آهي. |
هُوَ الَّذى بَعَثَ فِى الأُمِّيّۦنَ رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 2) |
هو اُهو آهي، جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو، جو انهن تي سندس آيتون ٿو پڙهي، انهن کي پاڪ ٿو ڪري ۽ کين ڪتاب ۽ ڏاهپ ٿو سيکاري، نه ته هو انهي کان اڳ پڌري گمراهي ۾ هئا- |
وَءاخَرينَ مِنهُم لَمّا يَلحَقوا بِهِم وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
۽ انهن مان جيڪي ٻيا اڃا ساڻن نه مليا آهن (تن ڏي به). ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. |
ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 4) |
اهو الله جو فضل آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو ۽ اهو الله وڏي فضل وارو آهي. |
مَثَلُ الَّذينَ حُمِّلُوا التَّورىٰةَ ثُمَّ لَم يَحمِلوها كَمَثَلِ الحِمارِ يَحمِلُ أَسفارًا بِئسَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 5) |
جن تي توريت جو بار وڌو ويو، پوءِ اهو چڱي طرح نه ادا ڪيائون، تن جو مثال انهي گڏهه وانگر آهي، جنهن رڳو ڪتابن جا دفتر کنيا، هي بڇڙو مثال انهي قوم جو آهي، جن خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو ۽ الله ظالم قوم کي هدايت نٿو ڪري. |
قُل يٰأَيُّهَا الَّذينَ هادوا إِن زَعَمتُم أَنَّكُم أَولِياءُ لِلَّهِ مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 6) |
چئو ته اي يهوديؤ! جيڪڏهن ڀانيو ٿا، ته ٻين ماڻهن کان سواءِ رڳو اوهين خدا جا دوست آهيو، ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته موت جي گهر ڪريو- |
وَلا يَتَمَنَّونَهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
پر سندن هٿن جي ڪمائي سبب هو موت جي خواهش ڪڏهن به نه ڪندا ۽ الله ظالمن کي ڄاڻيندڙ آهي- |
قُل إِنَّ المَوتَ الَّذى تَفِرّونَ مِنهُ فَإِنَّهُ مُلٰقيكُم ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا، سو ته ضرور اوهان کي پهچڻ وارو آهي، پوءِ ڳجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻيندڙ ڏي موٽايا ويندؤ، پوءِ جيڪي اوهان ڪندا هئا، تنهن کان هو اوهان کي واقف ڪندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نودِىَ لِلصَّلوٰةِ مِن يَومِ الجُمُعَةِ فَاسعَوا إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ وَذَرُوا البَيعَ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 9) |
اي مؤمنو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي، تڏهن الله جي ياد ڪرڻ لاءِ ڊوڙو ۽ ڌنڌو واپار ڇڏيو- جيڪڏهن ڄاڻو ٿا ته اهو اوهان لاءِ بهتر آهي- |
فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلوٰةُ فَانتَشِروا فِى الأَرضِ وَابتَغوا مِن فَضلِ اللَّهِ وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 10) |
پوءِ جڏهن نماز پوري ڪئي وڃي، تڏهن زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ الله جو فضل (رزق) ڳوليو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪريو، ته من اوهين ڪامياب ٿيو. |
وَإِذا رَأَوا تِجٰرَةً أَو لَهوًا انفَضّوا إِلَيها وَتَرَكوكَ قائِمًا قُل ما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ مِنَ اللَّهوِ وَمِنَ التِّجٰرَةِ وَاللَّهُ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 11) |
(۽ اي نبي! ڪن مسلمانن جو اهو حال آهي جو) جڏهن ڪو سودو يا ڪو تماشو ڏسن ٿا، تڏهن ان ڏانهن هليا ٿا وڃن ۽ توکي بيٺل ئي ڇڏي ٿا وڃن- چئو ته جيڪي الله وٽ آهي، سو تماشي ۽ سودي کان سٺو آهي، الله سڀني کان وڌيڪ رزق ڏيندڙ آهي. |