يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ المَلِكِ القُدّوسِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق الله تعالى جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي جيڪو بادشاهه، انتھائي پاڪ ۽ زبردست حڪمت وارو آهي. |
هُوَ الَّذى بَعَثَ فِى الأُمِّيّۦنَ رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 2) |
اُهو (الله) ئي آهي جنھن (يھودين جي نزديڪ عرب جي) امّين ۾ انهن مان ئي هڪ رسول موڪليو جيڪو کين الله تعالى جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌائي ٿو. انهن (جي ذهنن) کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو. هن کان اڳ اُهي پڌري گمراهي ۾ پيل هئا. |
وَءاخَرينَ مِنهُم لَمّا يَلحَقوا بِهِم وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
(هي رسول سڳورو) انهن ماڻهن جي لاءِ به آهي جيڪي اڃا ايمان وارن سان نه مليا آهن ۽ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 4) |
هي الله تعالى جي مھرباني آهي. هو جنھن کي وڻيس تنھن کي (رسالت جي صورت ۾ مھرباني) عطا ڪري ۽ الله تعالى وڏي مھرباني ڪندڙ آهي. |
مَثَلُ الَّذينَ حُمِّلُوا التَّورىٰةَ ثُمَّ لَم يَحمِلوها كَمَثَلِ الحِمارِ يَحمِلُ أَسفارًا بِئسَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 5) |
جن ماڻهن تي تورات جي سنڀالڻ جي ذميداري رکي وئي هئي، اُهي ان (ذميداري) کي نه سنڀالي سگهيا، انهن جو مثال ان گڏهه وانگر آهي جيڪو (صرف وزن سمجهي ڪيترائي) ڪتاب کڻي ٿو. ۽ اُنهن ماڻهن جو مثال به تمام برو آهي جن الله تعالى جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. الله تعالى ظالم قوم کي هدايت نه ڏيندو آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا الَّذينَ هادوا إِن زَعَمتُم أَنَّكُم أَولِياءُ لِلَّهِ مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 6) |
چؤ ته: اي يھوديو! جيڪڏهن توهان کي اهو غرور آهي ته ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ توهان الله تعالى جا وڌيڪ پيارا (۽ دادلا) آهيو ته پوءِ جيڪڏهن توهان ان دعويٰ ۾ سچا آهيو ته موت جي تمنا ڪريو. |
وَلا يَتَمَنَّونَهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
هي پنھنجي ڪيل بُرن عملن جي ڪري ڪڏهن به (موت جي) تمنا نه ڪندا. الله تعالى ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
قُل إِنَّ المَوتَ الَّذى تَفِرّونَ مِنهُ فَإِنَّهُ مُلٰقيكُم ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
چؤ ته بيشڪ جنھن موت کان توهان ڀڄو ٿا اُهو ته توهان تي ضرور ايندو. پوءِ توهان (ان هستي ڏانهن) موٽايا ويندا جيڪو ڳجهه ۽ ظاهر کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو پوءِ جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا هو توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نودِىَ لِلصَّلوٰةِ مِن يَومِ الجُمُعَةِ فَاسعَوا إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ وَذَرُوا البَيعَ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان کي جمعي جي ڏينھن نماز لاءِ سڏيو وڃي ته توهان (فورًا) واپار کي ڇڏي ڏيو ۽ الله تعالى جي ذڪر ڏانھن ڊوڙو. جيڪڏهن توهان ڄاڻو ته اهو عمل توهان جي لاءِ بھترآهي. |
فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلوٰةُ فَانتَشِروا فِى الأَرضِ وَابتَغوا مِن فَضلِ اللَّهِ وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 10) |
پوءِ جڏهن نماز پوري ٿي وڃي ته هاڻي توهان الله تعالى جو فضل تلاش ڪرڻ لاءِ زمين ۾ ٽڙي پکڙجي وڃو ۽ الله تعالى کي خوب ياد ڪريو ته جيئن توهان ڪاميابي حاصل ڪريو. |
وَإِذا رَأَوا تِجٰرَةً أَو لَهوًا انفَضّوا إِلَيها وَتَرَكوكَ قائِمًا قُل ما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ مِنَ اللَّهوِ وَمِنَ التِّجٰرَةِ وَاللَّهُ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 11) |
جڏهن هنن (پنهنجي سامھون) واپار يا کيل تماشو ٿيندي ڏٺو ته توکي اڌ ۾ ڇڏي اوڏانهن هليا ويا (کين سمجهاءِ ته) الله تعالى وٽ جيڪو اجرموجود آهي سو ان کيل تماشي ۽ واپار کان گهڻو بھتر آهي ۽ الله تعالى بھترين رزق ڏيندڙ آهي. |