يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ المَلِكِ القُدّوسِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
تسبيح (پاڪائي بيان) ڪري الله جي رهي آهي هر شيءِ جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪا زمين ۾ آهي، (اهو) بادشاهه آهي، قدوس (نهايت پاڪ) زبردست داناءُ آهي |
هُوَ الَّذى بَعَثَ فِى الأُمِّيّۦنَ رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 2) |
اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيو اڻ پڙهيلن ۾ هڪ رسول خود انهن مان، جيڪو کين ٻڌائي ٿو، سندس آيتون ۽ سڌاري ٿو سندن زندگي ۽ کين تعليم ڏئي ٿو ڪتاب ۽ حڪمت جي، ۽ جڏهن ته اهي هئا ان کان اڳي پيل گمراهي پڌري ۾ |
وَءاخَرينَ مِنهُم لَمّا يَلحَقوا بِهِم وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
۽ (ان رسول جي بعثت- موڪلڻ) انهن ٻين لاءِ به آهي جيڪي اڃا ساڻن نه مليا آهن، ۽ اهو زبردست داناءُ آهي |
ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 4) |
اهو الله جو فضل آهي، ڏيندو آهي جنهن کي وڻيس، ۽ الله ئي آهي فضل ڪرڻ وارو (سڀ کان) وڏو |
مَثَلُ الَّذينَ حُمِّلُوا التَّورىٰةَ ثُمَّ لَم يَحمِلوها كَمَثَلِ الحِمارِ يَحمِلُ أَسفارًا بِئسَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 5) |
مثال انهن جو جن تي وڌو ويو بار تورات جو، پر نه کنيو انهن ان جو بار، تن جو مثال ان گڏهه وانگر آهي جنهن تي لڏيل هجن ڪتاب، ان کان وڌيڪ برو مثال آهي انهن ماڻهن جو، جن ڪوڙو ڀانيو الله جي آيتن کي، ۽ الله نٿو هدايت ڪري انهن ماڻهن کي جيڪي ظالم آهن |
قُل يٰأَيُّهَا الَّذينَ هادوا إِن زَعَمتُم أَنَّكُم أَولِياءُ لِلَّهِ مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 6) |
چئو (انهن کي) اي انسانؤ! جيڪي يهودي بنجي ويا آهيو، ڀانيو ٿا جي توهان لاڏلا آهيو الله جا ٻين سڀني ماڻهن کي ڇڏي، ته پوءِ تمنا ڪريو موت جي، جي توهان پنهنجي انهيءَ ڳالهه ۾ سچا آهيو |
وَلا يَتَمَنَّونَهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ نه ڪندا تمنا اهي اهڙي ڪڏهن به پنهنجي ڪرتوتن جي ڪري جيڪي سندن هٿن ڪيا ۽ الله ڄاڻندڙ آهي اهڙن ظالمن کي |
قُل إِنَّ المَوتَ الَّذى تَفِرّونَ مِنهُ فَإِنَّهُ مُلٰقيكُم ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
چؤ (انهن کي) بيشڪ جنهن موت کان توهان ڀڄو ٿا، اهو ته بيشڪ ايندو ضرور توهان تي، پوءِ موٽائي پيش ڪيا ويندؤ ان جي آڏو جيڪو ڄاڻي ٿو ڳجهه ۽ ظاهر کي، پوءِ اهو ئي ٻڌائيندو توهان کي ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نودِىَ لِلصَّلوٰةِ مِن يَومِ الجُمُعَةِ فَاسعَوا إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ وَذَرُوا البَيعَ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 9) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جڏهن سڏيا وڃو نماز جي لاءِ ڏينهن جمعي جي، ته جلدي ڪريو ذڪر الله جو (نماز پڙهو)، ۽ ڇڏي وڻج واپار کي، اهو توهان جي لاءِ وڌيڪ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ان کي ڄاڻو |
فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلوٰةُ فَانتَشِروا فِى الأَرضِ وَابتَغوا مِن فَضلِ اللَّهِ وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 10) |
پوءِ جڏهن پوري ٿي وڃي نماز، ته پکڙجي وڃو زمين ۾ ۽ ڳوليو فضل الله جو، ۽ ياد ڪندا رهو الله کي گهڻي کان گهڻو، من نصيب ٿي وڃي توهان کي ڪاميابي |
وَإِذا رَأَوا تِجٰرَةً أَو لَهوًا انفَضّوا إِلَيها وَتَرَكوكَ قائِمًا قُل ما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ مِنَ اللَّهوِ وَمِنَ التِّجٰرَةِ وَاللَّهُ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 11) |
۽ جڏهن ڏٺو انهن واپار ۽ راند تماشو ته ان ڏي ڊوڙ پاتي ۽ توکي ڇڏي ڏنو بيٺل، چؤ (انهن کي) جيڪي آهي الله وٽ، اهو بهتر آهي راند تماشي ۽ واپار کان، ۽ الله ئي ڀلو آهي (سڀني) روزي ڏيندڙن کان |