سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جي شيون آسمانن ۾ آهن ۽ جي شيون زمين ۾ آهن (سي سڀ) خدا جي تسبيح ڪن ٿيون ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِمَ تَقولونَ ما لا تَفعَلونَ (آيت : 2) |
اي ايمان وارو! اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪندا آهيو جي نه ٿا ڪريو. |
كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ أَن تَقولوا ما لا تَفعَلونَ (آيت : 3) |
جيڪي اوهين نه ٿا ڪريو سا ڳالھ چوڻ خدا وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالھ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذينَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنيٰنٌ مَرصوصٌ (آيت : 4) |
خدا ته انهن سان الفت رکي ٿو جيڪي سندس راھ ۾ صفون ٻڌي اهڙي طرح وڙهن ٿا جو ڄڻ ته اهي شيءِ هي پلٽيل ڀت آهن. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ لِمَ تُؤذونَنى وَقَد تَعلَمونَ أَنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم فَلَمّا زاغوا أَزاغَ اللَّهُ قُلوبَهُم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم کي چيو هو ته اي منهنجي قوم! ڇو مون کي ڏکايو ٿا اوهين ته ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آءُ اوهان جي طرف خدا جو موڪليل (پيغمبر) آهيان. پوءِ جڏهن ڏنگا ٿيا ته خدا به سندن دلين کي ڏنگو ڪيو. ۽ خدا بدڪار ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي. |
وَإِذ قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ يٰبَنى إِسرٰءيلَ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَمُبَشِّرًا بِرَسولٍ يَأتى مِن بَعدِى اسمُهُ أَحمَدُ فَلَمّا جاءَهُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 6) |
۽ (ياد ڪريو) جڏهن مريم جي پٽ عيسى چيو هو ته: اي بني اسرائيلو! آءُ اوهان ڏي خدا جو موڪليل (رسول) آهيان ۽ جو ڪتاب توريت منهنجي اڳيان آهي ان کي سچو ٿو چوان ۽ هڪ پيغمبر جنهن جو نالو احمد هوندو (۽ اهو) مون کان پوءِ اچڻ وارو آهي تنهن جي خوش خبري ٻڌايان ٿو. ته جڏهن اهو (پيغمبر احمد) وٽن پڌرا معجزا وٺي آيو ته چوڻ لڳا، هي ته کليل جادو آهي. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُوَ يُدعىٰ إِلَى الإِسلٰمِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ جنهن کي اسلام ڏي سڏيو وڃي (۽) اهو (مڃڻ جي بدلي) خدا تي ڪوڙ (بدوڙ) جوڙي تنهن کان وڌيڪ ڪير ظالم هوندو ۽ خدا ظالمن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي. |
يُريدونَ لِيُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَاللَّهُ مُتِمُّ نورِهِ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 8) |
اهي ماڻهو پنهنجي واتن سان (ڦوڪ ڏئي) خدا جي نور کي وسائڻ گهرن ٿا. هوڏانهن خدا پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي توڙي جو ڪافرن کي اها ڳالھ بڇڙي لڳي. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 9) |
هو اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي جو مشرڪن کي بڇڙو لڳي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ تِجٰرَةٍ تُنجيكُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 10) |
اي ايمان وارو! ڇا آءُ اوهان کي اهڙي سوداگري جي خبر ڏيان جا اوهان کي (قيامت جي) دردناڪ عذاب کان بچائي؟ |
تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 11) |
(ته) خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ خدا جي راھ ۾ پنهنجن مالن ۽ جانن سان جهاد ڪريو، اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. |
يَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَيُدخِلكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
(ائين ڪندو ته خدا) اوهان کي اوهان جا گناھ معاف ڪندو ۽ اوهان کي اهڙن باغن ۾ رهائيندو جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا ۽ (تمام) سٺين جاين ۾ به جي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها تمام وڏي ڪاميابي آهي. |
وَأُخرىٰ تُحِبّونَها نَصرٌ مِنَ اللَّهِ وَفَتحٌ قَريبٌ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 13) |
۽ هڪڙي ٻي به ڳالھ (اوهان کي ڏيندو) جنهن کي اوهين پسند ڪريو ٿا (۽ اها) خدا جي طرفان مدد ۽ ويجهي فتح آهي ۽ (اي رسول) ايمان وارن کي (اها) خوش خبري ٻڌاءِ. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا أَنصارَ اللَّهِ كَما قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ لِلحَوارِيّۦنَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ فَـٔامَنَت طائِفَةٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ وَكَفَرَت طائِفَةٌ فَأَيَّدنَا الَّذينَ ءامَنوا عَلىٰ عَدُوِّهِم فَأَصبَحوا ظٰهِرينَ (آيت : 14) |
اي ايمان وارو! خدا جا مددگار ٿيو جيئن مريم جي پٽ عيسى (پنهنجن) حوارين کي چيو هو ته (ڀلا) خدا ڏي (سڏڻ ۾) منهنجا مددگار ڪير آهن؟ ته حواري چوڻ لڳا ته اسين خدا جا انصار آهيون، پوءِ بني اسرائيلن مان هڪ جماعت (مٿس) ايمان آندو ۽ هڪ ٽولو ڪافر رهيو. پوءِ جن ايمان آندو اسان تن کي سندن دشمنن جي مقابلي ۾ مدد ڪئي ته (نيٺ) اهي ئي غالب رهيا. |