سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
وَر وَر واحِد پاڪ کي، واکاڻيو وه واھ! جيڪِي اُڀ، زمين ۾، خلقون خاطر خواھ، ۽ آهي اُهو اَلله، ڏاڍو ۽ ڏاهو گھڻو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِمَ تَقولونَ ما لا تَفعَلونَ (آيت : 2) |
اي آندو جن اِيمان سي ڪوه چئو، جو ڪِين ڪريو؟ |
كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ أَن تَقولوا ما لا تَفعَلونَ (آيت : 3) |
وَڏو آھِ وِڏوڙ ۾، صاحِب، وٽ سُبحان، ته چَئو، ساڻ زبان، جو ڪم ڪريوئـِي ڪِين ڪِي. |
إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذينَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنيٰنٌ مَرصوصٌ (آيت : 4) |
پَڪ رکي ٿو پاڪ ڌَڻِي، اُنهن سان پِرت پِيار، جي وِڙهن سَندسِ واٽ ۾، ڪري هيڪ قطار، ڪر آهِن بَرقرار، ساڳِي شِيهي جو ڪوٽ ڪو. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ لِمَ تُؤذونَنى وَقَد تَعلَمونَ أَنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم فَلَمّا زاغوا أَزاغَ اللَّهُ قُلوبَهُم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن پَنهنجِي پَهر کي، چيو مُوسٰى مِير، ته ڪيڻمِ ڪوه رَنجاڙيو؟ جڏهن سَمجھيو مَنجھ سَرِير، ته آئون اوهان ڏي آهيان، قاصِد رَبَّ، قَدِير، پوءِ جڏهن ڦِريا، ته ڦيريَنِ دِليون صاحِب رَبَّ سُڌِير، ۽ سُهائي نَه سَچ سِير، آگو اوڳِئَ ذات کي. |
وَإِذ قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ يٰبَنى إِسرٰءيلَ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَمُبَشِّرًا بِرَسولٍ يَأتى مِن بَعدِى اسمُهُ أَحمَدُ فَلَمّا جاءَهُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 6) |
۽ عِيسٰى پُٽ مريم جي، جڏهن وَراڻيو وِير، ته اِسرائـِيل جا، فرزند فيض پَذِير!، آئون اوهان ڏي آهيان قاصِد رَبَّ قَدِير، صَحِي ڪَندڙ توريت کي، جو مُنهان اڳ مُنِير، پڻ ڪِنهن پيغمبر پاڪ جِي، خاصِي ڏِيندڙ کِير، اِيندو مُنهنجِي پُٺ ۾، جنهن جو اَحمد نام امير، پوءِ جڏهن اُنهن ۾ آئيو، کَڻِي آيتون اَڪسِير، ته چَوَڻ لڳا چوٽِير، ته هِي سِحر صَفا پَڌرو. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُوَ يُدعىٰ إِلَى الإِسلٰمِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ زِياده ظُلم ڪرڻ ۾، اُنهيان آهي ڪير؟ ٻَڌا ڪُوڙ ڪَرِيم تي، جِنهن پَڌرا کوڙي پير، ۽ اُنهئ کي اِسلام ڏي، سَڏيو وَڃي جِنهن وير، ۽ سائـِين نه سُهائي سير، ذرو ظالم ذات کي. |
يُريدونَ لِيُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَاللَّهُ مُتِمُّ نورِهِ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 8) |
پِيا پَچائـِن پُور، ته نُور ڌَڻِي جي دِين جو، وِسائن پَنهنجي وات سان، ۽ هوڏانهن پاڪ حُضور، پُورو پنهنجي نُور کي، ظاهر ڪندو ضرور، ۽ مُنڪر مُوڳا مور، ڀَلِين بُڇيان ڀانئـِن کَڻِي! |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 9) |
اُهو مالِڪ جِنهن موڪليو، پَنهنجو پَيغمبر، سُونهپ ۽ سَچي دِين سان، خاص اِنهِئَ خاطِر، ته ڪَريس قوِي هَر دِين تي، ڏيئـِي سوڀون سربَسر، ۽ ديکِيندڙ ٻِئا ڌُر، مَر ته مَٺِين ڀانئـِن کَڻِي! |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ تِجٰرَةٍ تُنجيكُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 10) |
ڇا آن کي ڏَسيان، اي مُؤمنو! وَڌندڙ سو واپار؟ جو آجو اَوهان کي ڪري، ڪَنان اَهنج آزار، |
تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 11) |
ته رَبَّ ۽ سَندس رسول ۾، آڻيو اِعتبار، ۽ لَڙو رَبَّ جِي راه ۾، ڪريو ويرِيَنِ مَٿي وار، پنهنجي مال مَتاع سان، پڻ جانِيَن سان جُونجھار، جي سوچيو ٿا سَچّار،!، ته ڀَلو اوهان لئي آھِ اِي. |
يَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَيُدخِلكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
پڻ اوهان جي عيبن مان، بَخشي نخشڻهار، ۽ جوڙي آن کي جاءِ ڏئي، مَنجِھين باغ بهار،، هَلن هيٺان جن جي، ناليون نُور نِبار، پڻ موچارِيَن ماڙِيَن ۾، گھاٽي مَنجھ گُلزار، آهي وَڏو اَپار، اِي ماڻڻ مَن مُراد جو. |
وَأُخرىٰ تُحِبّونَها نَصرٌ مِنَ اللَّهِ وَفَتحٌ قَريبٌ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 13) |
۽ ٻِيون نيون نِت نِعمتون، جن لئي سِڪو مَنجھ سَرِير، هِڪ مَدد مالِڪ پاڪ جِي، ٻِي ويجِھي سوڀ سُڌير، پوءِ کلِي ڏي تون کِير، مُرسل! مؤمنن کي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا أَنصارَ اللَّهِ كَما قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ لِلحَوارِيّۦنَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ فَـٔامَنَت طائِفَةٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ وَكَفَرَت طائِفَةٌ فَأَيَّدنَا الَّذينَ ءامَنوا عَلىٰ عَدُوِّهِم فَأَصبَحوا ظٰهِرينَ (آيت : 14) |
اي مُؤمن! مَددگار، رَهو ڌڻِئَ جي دِين جا، جِيئن عِيسٰى پُٽ مَريم جي، ڪَئـِي پَرِيٽن پُڪار، ته مُنهنجو مَددگار، ڪو آهي پَروَر پارِ؟ هِڪدم تڏهن حوارِين، لَڳائـِي لَلڪار، ته اَسِين مَددگار، آهيون ڌَڻِئَ جي دِين جا. پوءِ اسرائـِيل جي اولاد مان، آندو ڪِن اِيمان، ڪا ٽولِي ٽَرِي ڌار ٿي، ڦِريا کون فرمان، پوءِ مَدد ڏِنِي سون مُؤمِنين، اُنهن جي دُشمن سودگران، پوءِ موٽِي مَنجھ ميدان، ٿيا سو ڀارا صُبح سان. |