سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو. ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِمَ تَقولونَ ما لا تَفعَلونَ (آيت : 2) |
اي ايمان وارؤ! اهڙي ڳالهه ڇو ٿا چئو جا نٿا ڪريو. جيڪي اوهين نٿا ڪريو |
كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ أَن تَقولوا ما لا تَفعَلونَ (آيت : 3) |
سا ڳالهه چوڻ الله وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي. |
إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذينَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنيٰنٌ مَرصوصٌ (آيت : 4) |
بيشڪ الله انهن کي دوست رکي ٿو جيڪي سندس رستي ۾ صفون ٻڌي جنگ ڪن ٿا ڄڻ ته اُهي شيهي پلٽيل ڀت آهن. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ لِمَ تُؤذونَنى وَقَد تَعلَمونَ أَنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم فَلَمّا زاغوا أَزاغَ اللَّهُ قُلوبَهُم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن موسيٰ عه پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! ڇو مون کي ڏکويو ٿا اوهين ته ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آءُ اوهان جي طرف الله تعاليٰ جو موڪليل آهيان. پوءِ جڏهن ڏنگا ٿيا ته الله به سندن دلين کي ڏنگو ڪيو. ۽ الله بدڪار قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. |
وَإِذ قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ يٰبَنى إِسرٰءيلَ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَمُبَشِّرًا بِرَسولٍ يَأتى مِن بَعدِى اسمُهُ أَحمَدُ فَلَمّا جاءَهُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 6) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن مريم جي پٽ عيسيٰ عه چيو اي بني اسرائيل! بيشڪ آءُ اوهان جي طرف الله جو موڪليل آهيان جيڪو تورات منهنجي اڳيان آهي ان کي سچو چوندڙ آهيان ۽ هڪ اهڙي رسول جي خوشخبري ٻڌائيندڙ آهيان جو مون کان پوءِ ايندو، ان جو نالو احمد (الله جي گهڻي تعريف ڪرڻ وارو) هوندو. پوءِ اهو جڏهن وٽن پڌريون نشانيون کڻي آيو تڏهن چيائون ته هي پڌرو جادو آهي |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُوَ يُدعىٰ إِلَى الإِسلٰمِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ ڪير ان کان وڏو ظالم آهي جيڪو الله تي ڪوڙ گهڙي ٿو هوڏانهن ان کي اسلام ڏانهن سڏيو وڃي ٿو. ۽ الله ظالم قوم کي رستو نٿو ڏيکاري. |
يُريدونَ لِيُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَاللَّهُ مُتِمُّ نورِهِ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 8) |
اُهي (ڪافر) گهرن ٿا ته الله جي نور کي پنهنجن واتن سان وسائي ڇڏين هوڏانهن الله پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي توڙي جو ڪافرن کي بڇڙو لڳي. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 9) |
هو اُهو آهي جنهن پنهنجي رسول (محمدﷺ) کي سڌي رستي جي سمجهه ۽ سچو دين ڏئي موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي جو مشرڪن کي بڇڙو لڳي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ تِجٰرَةٍ تُنجيكُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 10) |
اي ايمان وارؤ! ڇا آءُ اوهان کي اهڙيءَ سوداگريءَ جي خبر ڏيان جا اوهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي؟ |
تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 11) |
الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ الله جي رستي ۾ پنهنجن مالن ۽ جانن سان جنگ ڪريو، اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي |
يَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَيُدخِلكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. (ائين ڪندو ته الله) اوهان کي اوهان جا گناه معاف ڪندو ۽ اوهان کي باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واه وهن ٿا ۽ سٺين جاين ۾ به جي رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها وڏي ڪاميابي آهي. |
وَأُخرىٰ تُحِبّونَها نَصرٌ مِنَ اللَّهِ وَفَتحٌ قَريبٌ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 13) |
هڪڙي ٻي به ڳالهه (اوهان کي ڏيندو) جنهن کي اوهين پسند ڪريو ٿا (۽ اها) الله جي طرفان مدد ۽ ويجهي فتح آهي۽ ايمان وارن کي (ان جي) خوشخبري ٻڌاءِ. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا أَنصارَ اللَّهِ كَما قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ لِلحَوارِيّۦنَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ فَـٔامَنَت طائِفَةٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ وَكَفَرَت طائِفَةٌ فَأَيَّدنَا الَّذينَ ءامَنوا عَلىٰ عَدُوِّهِم فَأَصبَحوا ظٰهِرينَ (آيت : 14) |
اي ايمان وارؤ! الله جي دين جا مددگار ٿيو جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ عه پنهنجن يارن کي چيو ته الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير آهن؟ انهن يارن چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون، پوءِ بني اسرائيلن مان هڪ جماعت ايمان آندو ۽ هڪ جماعت ڪافر ٿي. پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني پوءِ اهي غالب ٿيا. |