سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جي پاڪائي ٿو بيان ڪري ۽ اهو غالب ڏاهپ وارو آهي- |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِمَ تَقولونَ ما لا تَفعَلونَ (آيت : 2) |
اي مؤمنو! جيڪي نٿا ڪريو، سو ڇو ٿا چئو؟ |
كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ أَن تَقولوا ما لا تَفعَلونَ (آيت : 3) |
اها ڳالهه الله وٽ بلڪل نا پسند آهي، جو جيڪي نٿا ڪريو، سو چئو. |
إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذينَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنيٰنٌ مَرصوصٌ (آيت : 4) |
بيشڪ الله انهن سان محبت ٿو رکي، جي سندس واٽ ۾ اهڙي صف ٻڌي لڙائي ٿا ڪن، جو ڄڻ اهي ڪا شيهي جي پلٽيل ڀت آهن. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ لِمَ تُؤذونَنى وَقَد تَعلَمونَ أَنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم فَلَمّا زاغوا أَزاغَ اللَّهُ قُلوبَهُم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته، ”اي منهنجي قوم! مون کي ڇو ٿا ايذايو، جڏهن اوهين ڄاڻو ٿا، ته بيشڪ آءُ اوهان ڏي الله جو رسول آهيان_“ پوءِ جڏهن ڏنگائي ڪيائون، ته الله سندن دلين کي ڏنگو ڪيو ۽ الله بدڪار قوم کي رستو نه ڏيکاريندو آهي. |
وَإِذ قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ يٰبَنى إِسرٰءيلَ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَمُبَشِّرًا بِرَسولٍ يَأتى مِن بَعدِى اسمُهُ أَحمَدُ فَلَمّا جاءَهُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 6) |
۽ جڏهن عيسيٰ مريم جي پٽ چيو ته ”اي يهوديو! بيشڪ آءُ اوهان ڏانهن الله جو موڪليل آهيان، جيڪو توريت مون کان اڳ آيل آهي، ان جو سچو ڪندڙ آهيان ۽ هڪ اهڙ ي رسول جي مبارڪ ٿو ڏيان، جو مون کان پوءِ اچڻ وارو آهي، ان جو نالو ”احمد“ (ﷺ) آهي.“ پوءِ جڏهن وٽن اهو کليل معجزن سان آيو، تڏهن چيائون ”هي پڌرو جادو آهي.“ |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُوَ يُدعىٰ إِلَى الإِسلٰمِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي؟ جنهن الله تي ڪوڙ ٻَڌو، جڏهن ته هو اسلام ڏانهن سڏيو ٿو وڃي، ۽ بيشڪ الله ظالم قوم کي رستو نٿو ڏيکاري_ |
يُريدونَ لِيُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَاللَّهُ مُتِمُّ نورِهِ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 8) |
هو چاهين ٿا ته الله جي روشنيءَ کي ڦوڪن سان وسائين، پر الله پنهنجي روشنيءَ کي مڪمل ڪندو، پوءِ ڀل ڪافر مٺيان ڀانئين! |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 9) |
الله اهو آهي، جنهن پنهنجي رسول کي، هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو، ته سڀني دينن جي مٿان ان کي غالب ڪري، پوءِ ڀل مشرڪن کي بڇاڻ لڳي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ تِجٰرَةٍ تُنجيكُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 10) |
اي مؤمنو! اوهان کي انهي واپار جو ڏس ڏيان، جو اوهان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟ |
تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 11) |
الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو، پنهنجي مال ۽ جسم سان خدا ڪارڻ جهاد ڪريو، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا، ته اهو اوهان لاءِ بهتر آهي. |
يَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَيُدخِلكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
هو اوهان جا گناهه اوهان کي بخشيندو ۽ اوهان کي انهن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون پيون وهن، ۽ سٺيون جايون، هميشه رهندڙ باغن ۾_ اها وڏي ڪاميابي آهي. |
وَأُخرىٰ تُحِبّونَها نَصرٌ مِنَ اللَّهِ وَفَتحٌ قَريبٌ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 13) |
۽ پڻ ٻيون (نعمتون به)، جن کي اوهين پسند ٿا ڪريو، (يعني) الله جي طرفان مدد ۽ ويجهي فتح. ۽ مؤمنن کي مبارڪ ڏي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا أَنصارَ اللَّهِ كَما قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ لِلحَوارِيّۦنَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ فَـٔامَنَت طائِفَةٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ وَكَفَرَت طائِفَةٌ فَأَيَّدنَا الَّذينَ ءامَنوا عَلىٰ عَدُوِّهِم فَأَصبَحوا ظٰهِرينَ (آيت : 14) |
اي مؤمنو! الله (جي دين) جا مددگار ٿيو_ جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ حوارين کي چيو ته ”آهي ڪو، جو الله جي دين ۾ منهنجو مددگار ٿئي؟“ حوارين چيو ته ”اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون“_ پوءِ بني اسرائيل جي هڪ ٽوليءَ ايمان آندو ۽ ٻيءَ جماعت انڪار ڪيو- پوءِ ايمان وارن کي انهن جي دشمنن تي غلبو ڏنوسون، ته اهي غالب ٿيا. |