سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
پاڪائي بيان ڪري ٿي الله جي هر اها شيءِ جيڪا آسمانن ۾ ۽ جيڪا زمين ۾ آهي ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِمَ تَقولونَ ما لا تَفعَلونَ (آيت : 2) |
اي ايمان وارا ! ڇو ٿا چئو جيڪي نه ٿا ڪيو . |
كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ أَن تَقولوا ما لا تَفعَلونَ (آيت : 3) |
وڏي ڪاوڙ (جو سبب آهي) الله وٽ ته چئو اهو جيڪو نه ٿا ڪيو . |
إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذينَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنيٰنٌ مَرصوصٌ (آيت : 4) |
بيشڪ الله محبت ٿو رکي انهن سان جيڪي جنگ ڪن ٿا ان جي واٽ ۾ صفون ٻڌي ڄڻ ته اهي عمارتون (پاڙن ۾) سيهو پلٽايل آهن . |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ لِمَ تُؤذونَنى وَقَد تَعلَمونَ أَنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم فَلَمّا زاغوا أَزاغَ اللَّهُ قُلوبَهُم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
۽ ياد فرماءِ جڏهن چيو موسى پنهنجي قوم کي ته اي منهنجي قوم وارا! ڇو ٿا ايذايو مون کي ۽ تحقيق ڄاڻو ٿا ته بيشڪ مان الله جو رسول آهيان اوهان ڏانهن پوءِ جڏهن ڏنگائي ڪيائون ته ڏنگو بنايو الله انهن جي دلين کي ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري فاسق قوم کي . |
وَإِذ قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ يٰبَنى إِسرٰءيلَ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَمُبَشِّرًا بِرَسولٍ يَأتى مِن بَعدِى اسمُهُ أَحمَدُ فَلَمّا جاءَهُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 6) |
۽ جڏهن چيو عيسى ابن مريم اي بني اسرائيل! بيشڪ مان الله جو رسول آهيان اوهان ڏانهن تصديق ڪندڙ ان جي جو اڳي مون کان هو توراة ۽ خوشخبري ڏيندڙ ان رسول جي جيڪو ايندو مون کان پوءِ نالو ان جو احمد آهي پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ دليلن سان ته چيائون هي جادو چٽو آهي . |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُوَ يُدعىٰ إِلَى الإِسلٰمِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جنهن ٺاهيو الله تي ڪوڙ ۽ اهو سڏيو وڃي ٿو اسلام ڏانهن ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري ظالم قوم کي . |
يُريدونَ لِيُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَاللَّهُ مُتِمُّ نورِهِ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 8) |
ارادو ڪن ٿا تانته وسائين الله جي نور کي پنهنجن واتن سان ۽ الله پورو ڪندڙ آهي پنهنجي نور کي جيتوڻيڪ نه پسند ڪيو ڪافرن . |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 9) |
اهو الله اهو آهي جنهن موڪليو پنهنجي رسول کي هدايت سان ۽ سچي دين سان تانته غالب ڪري ان کي دينن سڀني تي جيتوڻيڪ نه پسند ڪيو مشرڪن . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ تِجٰرَةٍ تُنجيكُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 10) |
اي ايمان وارا! ڇا ڏس ڏيان مان اوهان کي اهڙي تجارت جو جيڪا ڇڏائي اوهان کي عذاب دردناڪ کان . |
تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 11) |
ايمان آڻيو اوهان الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ جهاد ڪيو الله جي واٽ ۾ پنهنجن مالن ۽ پنهنجن سرن سان اهو ڀلو آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن ڄاڻو ٿا . |
يَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَيُدخِلكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
ته بخشيندو اوهان لاءِ اوهان جا گناھ ۽ داخل ڪندو اوهان کي بهشتن ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون ۽ پاڪ جاين ۾ رهڻ وارن بهشتن ۾ اها وڏي ڪاميابي آهي . |
وَأُخرىٰ تُحِبّونَها نَصرٌ مِنَ اللَّهِ وَفَتحٌ قَريبٌ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 13) |
۽ ٻي شيءِ جو محبت رکو ٿا ان سان مدد الله وٽان ۽ فتح ويجهي ۽ بشارت ڏي مؤمنن کي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا أَنصارَ اللَّهِ كَما قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ لِلحَوارِيّۦنَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ فَـٔامَنَت طائِفَةٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ وَكَفَرَت طائِفَةٌ فَأَيَّدنَا الَّذينَ ءامَنوا عَلىٰ عَدُوِّهِم فَأَصبَحوا ظٰهِرينَ (آيت : 14) |
اي ايمان وارا! ٿي پئو الله (جي دين) جا مددگار جيئن چيو عيسى مريم جي پٽ حوارين کي ته ڪير مددگار منهنجا آهن الله جي طرف چيو حوارين ته اسين الله جا مددگار آهيون پوءِ ايمان آندو هڪ جماعت بني اسرائيلين مان ۽ ڪفر ڪيو ٻي جماعت پوءِ تائيد ڪئي اسان انهن جي جن ايمان آندو سندن دشمن تي پوءِ ٿي ويا غالب . |