سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق الله تعالى جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِمَ تَقولونَ ما لا تَفعَلونَ (آيت : 2) |
اي ايمان وارؤ! توهان اهڙي ڳالهه ڇو چوندا آهيو جنھن تي توهان خود عمل نه ڪندا آهيو؟ |
كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ أَن تَقولوا ما لا تَفعَلونَ (آيت : 3) |
الله تعالى جي ويجهو اها هڪ وڏي ناپسنديده ڳالهه آهي جو توهان اهڙي ڳالهه چئو جنھن تي توهان خود عمل نٿا ڪريو. |
إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذينَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنيٰنٌ مَرصوصٌ (آيت : 4) |
بيشڪ الله تعالى اهڙن ماڻهن کي پسند ڪندو آهي جيڪي ان جي رستي ۾ متحد ٿي جنگ وڙهندا آهن ڄڻ ته هو (جنگ جي ميدان ۾) شيهي سان ٺهيل ڀت وانگر (بيٺا) آهن. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ لِمَ تُؤذونَنى وَقَد تَعلَمونَ أَنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم فَلَمّا زاغوا أَزاغَ اللَّهُ قُلوبَهُم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن موسى ($) پنھنجي قوم کي چيو ته: اي منھنجي قوم! توهان مون کي (هروڀرو) ڇوٿا تڪليف ڏيو؟ حالانڪه توهان کي خبر آهي ته مان توهان ڏي الله تعالى جو رسول ٿي آيو آهيان. پوءِ جڏهن هُنن ٽيڙائي ڏيکاري ته الله تعالى به سندن دلين کي ٽيڙو ڪري ڇڏيو. الله تعالى نافرمان قوم کي هدايت نه ڏيندو آهي. |
وَإِذ قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ يٰبَنى إِسرٰءيلَ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَمُبَشِّرًا بِرَسولٍ يَأتى مِن بَعدِى اسمُهُ أَحمَدُ فَلَمّا جاءَهُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 6) |
۽ جڏهن عيسى پُٽ مريم (ؐ) چيو ته: اي بني اسرائيل! مان توهان ڏي الله تعالى جو رسول ٿي آيو آهيان. جيڪو مون کان اڳ تورات موجود آهي مان ان جي تصديق ڪندڙ آهيان ۽ مان هڪ اهڙي رسول سڳوري جي خوشخبري ڏيندڙ آهيان جيڪو مون کان پوءِ ايندو. ان جو نالو احمد (ﷺ) هوندو پوءِ جڏهن هو (يعني احمد ﷺ) انهن وٽ پڌريون نشانيون کڻي آيو ته هُنن چيو ته هي ته پڌرو جادو آهي. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُوَ يُدعىٰ إِلَى الإِسلٰمِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
ڀلا ان شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو؟ جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ گهڙي، حالانڪه ان کي ته اسلام ڏي سڏيو وڃي ٿو. الله تعالى ظالم ماڻهن کي هدايت نه ڏيندو آهي. |
يُريدونَ لِيُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَاللَّهُ مُتِمُّ نورِهِ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 8) |
اهڙا ماڻهو ته الله تعالى جي نور کي پنھنجي ڦُوڪن سان وسائڻ چاهيندا آهن، پر الله تعالى پنھنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي. ڀلي جا اها ڳالهه ڪافرن کي ڪيترو ئي برو لڳي. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 9) |
اهو (الله) ئي آهي جنھن پنھنجي رسول سڳوري کي هدايت (وارو رستو) ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو ته جيئن هو هن دين کي ٻين سڀني دينن جي مٿان غالب ڪري. ڀلي جا مشرڪن کي ڪيترو ئي برو لڳي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ تِجٰرَةٍ تُنجيكُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 10) |
اي ايمان وارؤ! ڇا مان توهان کي اهڙو واپار نه ٻڌايان جيڪو توهان کي دردناڪ عذاب کان نجات ڏياري؟ |
تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 11) |
توهان الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) تي ايمان آڻيو ۽ الله تعالى جي رستي ۾ پنھنجي مالن ۽ جانين سان جھاد ڪريو. جيڪڏهن توهان سمجهو ها ته اهو ئي توهان لاءِ بھتر آهي. |
يَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَيُدخِلكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
(ان جي نتيجي ۾) هو توهان (جي ڀلائي) لاءِ توهان جي گناهن کي معاف ڪندو ۽ توهان کي اهڙن باغيچن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون ۽ هميشه رهڻ وارن باغن ۾ رهائش لاءِ پاڪيزه (۽ سھڻيون) جايون هونديون. اهائي ته وڏي ڪاميابي آهي. |
وَأُخرىٰ تُحِبّونَها نَصرٌ مِنَ اللَّهِ وَفَتحٌ قَريبٌ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 13) |
۽ (دنيا جي حساب سان) توهان جيڪا ٻي نعمت چاهيو ٿا اها به ڏيندو (يعني) الله تعالى جي طرفان (ظاهري) مدد ۽ ويجهي فتح. سو مؤمنن کي (انهن ٻنهي نعمتن جي) خوشخبري ٻڌائي ڇڏيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا أَنصارَ اللَّهِ كَما قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ لِلحَوارِيّۦنَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ فَـٔامَنَت طائِفَةٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ وَكَفَرَت طائِفَةٌ فَأَيَّدنَا الَّذينَ ءامَنوا عَلىٰ عَدُوِّهِم فَأَصبَحوا ظٰهِرينَ (آيت : 14) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى (جي دين) جا مددگار ٿي وڃو جيئن عيسى پٽ مريم (ؐ) پنھنجي حوارين (يعني ايمان آڻيندڙ ساٿين) کي چيو ته الله تعالى جي رستي ۾ منھنجي مدد ڪرڻ وارو ڪير آهي؟ ان تي حوارين چيو ته: اسان الله تعالى جا مددگار آهيون. پوءِ بني اسرائيل مان هڪڙي گروهه مٿس ايمان آندو ۽ ٻئي ان جو انڪار ڪيو، پوءِ اسان سندن دشمنن جي مقابلي ۾ ايمان وارن جي مدد ڪئي پوءِ هو غالب ٿي ويا. |