سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
تسبيح (پاڪائي بيان) ڪئي آهي الله جي هر شيءِ جيڪا آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي، ۽ اهو ئي آهي غالب حڪمت وارو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِمَ تَقولونَ ما لا تَفعَلونَ (آيت : 2) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! ڇو ٿا چئو اها ڳالهه (توهان) جيڪا نٿا ڪريو |
كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ أَن تَقولوا ما لا تَفعَلونَ (آيت : 3) |
سخت اڻ وڻندڙ آهي اها ڳالهه الله وٽ جيڪا توهان چئو ٿا پر نٿا ڪريو |
إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذينَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنيٰنٌ مَرصوصٌ (آيت : 4) |
بيشڪ الله پسند ڪري ٿو انهن ماڻهن کي جيڪي وڙهن ٿا سندس راهه ۾ اهڙيءَ طرح صف ٻڌي جيئن اهي ڀت آهي شيهي جي |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ لِمَ تُؤذونَنى وَقَد تَعلَمونَ أَنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم فَلَمّا زاغوا أَزاغَ اللَّهُ قُلوبَهُم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
۽ (ياد ڪريو اها ڳالهه) جڏهن چيو هو موسيٰ پنهنجي قوم کي اي منهنجي قوم! ڇو ٿا مون کي ايذايو توهان ۽ جڏهن ته توهان ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آئون رسول آهيان الله جو توهان ڏي موڪليل؟ پوءِ جڏهن انهن ڏنگائي اختيار ڪئي ته ڏنگو ڪيو الله سندن دلين کي، ۽ الله نٿو هدايت ڪري انهيءَ قوم کي جيڪا بدڪار آهي |
وَإِذ قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ يٰبَنى إِسرٰءيلَ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَمُبَشِّرًا بِرَسولٍ يَأتى مِن بَعدِى اسمُهُ أَحمَدُ فَلَمّا جاءَهُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 6) |
۽ (ياد ڪريو) جڏهن چيو هو عيسيٰ پٽ مريم، اي بني اسرائيل! بيشڪ آئون رسول آهيان الله جو توهان ڏي موڪليل، تصديق ڪندڙ آهيان (ان جو) جيڪو موجود آهي توهان جي هٿن ۾ تورات ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان ان رسول جي جيڪو مون کان پوءِ ايندو، سندس نالو هوندو احمد، پر جڏهن اهو وٽن آيو چٽيون نشانيون کڻي ته انهن چيو، هي ته جادو آهي سنئون سڌو |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُوَ يُدعىٰ إِلَى الإِسلٰمِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ ان شخص کان وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو جيڪو هڻي بهتان الله تي ڪوڙا، ۽ اهو سڏي ٿو (الله جي اطاعت) اسلام لاءِ، ۽ الله نه ڏيندو آهي هدايت اهڙن ظالمن کي |
يُريدونَ لِيُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَاللَّهُ مُتِمُّ نورِهِ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 8) |
اهي گُهرن ٿا وِسائڻ نور الله جي کي پنهنجي وات جي ڦوڪن سان، ۽ الله (جو فيصلو آهي ته اهو) پکيڙيندو پنهنجي نور کي، پوءِ ڀلي نه وڻي ڪافرن کي |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 9) |
اهو ئي ته آهي جنهن موڪليو آهي پنهنجي رسول کي هدايت ۽ دين سچي سان، جيئن غالب ڪري ان کي سڀني دينن تي، پوءِ ڀلي ڪيترو به اڻوڻندڙ ڇو نه هجي مشرڪن کي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ تِجٰرَةٍ تُنجيكُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 10) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! ڏَس ڏيان توهان کي انهيءَ واپار جو، جيڪو بچائي توهان کي عذاب دردناڪ کان؟ |
تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 11) |
ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي، ۽ جهاد ڪريو راهِه خدا ۾ پنهنجي مالن سان ۽ پنهنجي جانين سان، اهو ئي بهتر آهي توهان لاءِ، جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا |
يَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَيُدخِلكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
معاف ڪندو (الله) توهان جا گناهه ۽ داخل ڪندو توهان کي اهڙن باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، ۽ رهڻ جي جاءِ بهشتن ۾ توهان کي بهترين گهر عطا ڪندو، اها ئي ڪاميابي آهي وڏي |
وَأُخرىٰ تُحِبّونَها نَصرٌ مِنَ اللَّهِ وَفَتحٌ قَريبٌ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 13) |
۽ ٻي شيءِ جيڪا توهان گُهرو ٿا، سا به ڏيندو، مدد طرفان الله جي ۽ فتح (جيڪا) يجهڙائيءَ ۾ حاصل ٿيڻ واري ۽ (اي نبي!) خوشخبري ڏي ايمان وارن کي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا أَنصارَ اللَّهِ كَما قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ لِلحَوارِيّۦنَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ فَـٔامَنَت طائِفَةٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ وَكَفَرَت طائِفَةٌ فَأَيَّدنَا الَّذينَ ءامَنوا عَلىٰ عَدُوِّهِم فَأَصبَحوا ظٰهِرينَ (آيت : 14) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! بنجو مددگار الله جا، جيئن چيو هو عيسيٰ پٽ مريم خطاب ڪندي پنهنجي حوارين کي، ”ڪير آهي مددگار منهنجو الله ڏي سڏڻ ۾؟“ چيو هو حوارين، ”اسين آهيون مددگار الله جا“، ان وقت ايمان آندو هڪ ٽولي بني اسرائيل جي ۽ انڪار ڪيو ٻئي ٽولي، پوءِ اسان مدد ڪئي ايمان آڻڻ وارن جي سندن دشمنن جي مقابلي ۾، پوءِ اهي ئي سوڀارا ٿيا |