يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا عَدُوّى وَعَدُوَّكُم أَولِياءَ تُلقونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَقَد كَفَروا بِما جاءَكُم مِنَ الحَقِّ يُخرِجونَ الرَّسولَ وَإِيّاكُم أَن تُؤمِنوا بِاللَّهِ رَبِّكُم إِن كُنتُم خَرَجتُم جِهٰدًا فى سَبيلى وَابتِغاءَ مَرضاتى تُسِرّونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَأَنا۠ أَعلَمُ بِما أَخفَيتُم وَما أَعلَنتُم وَمَن يَفعَلهُ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان منهنجي راهه ۾ جهاد ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ (وطن ڇڏي گهرن مان) نڪتا آهيو ته پوءِ منهنجي ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بڻايو، توهان انهن سان دوستيءَ لاءِ حيلا هلايو ٿا، حالانڪه جيڪو حق توهان وٽ آيو آهي، هنن ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ رسول کي ۽ خود توهان کي به رڳو ان ڪري ملڪ نيڪالي ٿا ڏين، جو توهان الله، پنهنجي رب تي ايمان آندو آهي، توهان لڪائي انهن ڏانهن دوستيءَ جا نياپا موڪليو ٿا پر مان ته سڀ ڪجهه چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو، جيڪي توهان لڪائي ٿا ڪريو يا کليو کلايو ٿا ڪريو. جيڪو به توهان مان ائين ڪري ته اهو پڪ ئي پڪ سڌي رستي کان ٿـڙي ويو |
إِن يَثقَفوكُم يَكونوا لَكُم أَعداءً وَيَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم وَأَلسِنَتَهُم بِالسّوءِ وَوَدّوا لَو تَكفُرونَ (آيت : 2) |
هنن جو رويو ته هي آهي، جو جيڪڏهن توهان تي هٿ پڳن ته توهان سان دشمني ڪندا ۽ هٿن ۽ زبان سان توهان کي آزاريندا. هو ته چاهن ٿا ته توهان جيڪر ڪافر ٿي وڃو |
لَن تَنفَعَكُم أَرحامُكُم وَلا أَولٰدُكُم يَومَ القِيٰمَةِ يَفصِلُ بَينَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 3) |
قيامت جي ڏينهن نڪي توهان جون مٽيون مائٽيون توهان جي ڪنهن ڪم اينديون، نه توهان جي اولاد ڪو توهان کي نفعو ڏيندي. انهيءَ ڏينهن الله توهان جي وچ ۾ جدائي وجهي ڇڏيندو ۽ الله ئي توهان جي عملن کي ڏسڻ وارو آهي |
قَد كانَت لَكُم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ فى إِبرٰهيمَ وَالَّذينَ مَعَهُ إِذ قالوا لِقَومِهِم إِنّا بُرَءٰؤُا۟ مِنكُم وَمِمّا تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ كَفَرنا بِكُم وَبَدا بَينَنا وَبَينَكُمُ العَدٰوَةُ وَالبَغضاءُ أَبَدًا حَتّىٰ تُؤمِنوا بِاللَّهِ وَحدَهُ إِلّا قَولَ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ لَأَستَغفِرَنَّ لَكَ وَما أَملِكُ لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ رَبَّنا عَلَيكَ تَوَكَّلنا وَإِلَيكَ أَنَبنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 4) |
توهان لاءِ ابراهيم ۽ سندس ساٿين ۾ هڪڙو سهڻو مثال موجود آهي، جو انهن پنهنجيءَ قوم وارن کي کولي چئي ڇڏيو ته "اسان توهان کان ۽ انهن کان جن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪريو ٿا بيزار آهيون. اسان توهان جي عقيدي جو انڪار ڪيو ۽ اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ هميشه لاءِ دشمني ۽ وير پيدا ٿي پيو آهي، جيستائين توهان هڪڙي الله تي ايمان نه آڻيو"، پر ابراهيم جو پنهنجي پيءُ کي هي چوڻ (ٻي ڳالهه آهي) ته "مان تو لاءِ بخشش جي دعا ضرور گهرندس، باقي الله کان تو لاءِ ڪجهه وٺڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي". (۽ ابراهيم ۽ سندس ساٿين جي دعا اها هئي ته) "اي اسان جا رب! توتي ئي اسان ڀاڙيو آهي ۽ توڏانهن ئي وري آيا آهيون ۽ تنهنجي ئي در موٽي اچڻو آهي |
رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا وَاغفِر لَنا رَبَّنا إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 5) |
اي اسان جا رب! اسانکي ڪافرن جو زيردست نه بڻاءِ ۽ اي اسان جا رب! اسان جي قصورن کان ٽارو ڪر، بيشڪ تون ئي زبردست داناءُ آهين" |
لَقَد كانَ لَكُم فيهِم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 6) |
انهن ئي ماڻهن جي هلت ۾ توهان لاءِ هڪڙو سهڻو مثال موجود آهي، هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو الله ۽ آخرت جي ڏينهن جي اميد رکندو هجي. ان کان جنهن منهن ڦيريو ته پوءِ الله بي نياز ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي |
عَسَى اللَّهُ أَن يَجعَلَ بَينَكُم وَبَينَ الَّذينَ عادَيتُم مِنهُم مَوَدَّةً وَاللَّهُ قَديرٌ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
ٿي سگهي ٿو ته الله ڪنهن وقت توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ جن سان توهان جي دشمني آهي، محبت پيدا ڪري ڇڏي. الله وڏي سگهه وارو آهي ۽ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي |
لا يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ لَم يُقٰتِلوكُم فِى الدّينِ وَلَم يُخرِجوكُم مِن دِيٰرِكُم أَن تَبَرّوهُم وَتُقسِطوا إِلَيهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 8) |
الله توهان کي انهن ماڻهن سان نيڪيءَ ۽ انصاف سان هلڻ کان نٿو روڪي، جن دين جي معاملي ۾ توهان سان جنگ نه ڪئي آهي ۽ نه توهان کي توهانجي گهرن مان ڪڍيو اٿن. بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪندو آهي |
إِنَّما يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ قٰتَلوكُم فِى الدّينِ وَأَخرَجوكُم مِن دِيٰرِكُم وَظٰهَروا عَلىٰ إِخراجِكُم أَن تَوَلَّوهُم وَمَن يَتَوَلَّهُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 9) |
الله ته توهان کي فقط انهن ماڻهن سان دوستي ڪرڻ کان روڪي ٿو، جن دين جي معاملي ۾ توهان سان جنگ ڪئي آهي ۽ توهان کي توهان جي گهرن کان ڪڍي ڇڏيو اٿن ۽ توهان جي ڪڍڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪئي اٿن. انهن سان جيڪي دوستي ڪن، سي ئي ظالم آهن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا جاءَكُمُ المُؤمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامتَحِنوهُنَّ اللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِهِنَّ فَإِن عَلِمتُموهُنَّ مُؤمِنٰتٍ فَلا تَرجِعوهُنَّ إِلَى الكُفّارِ لا هُنَّ حِلٌّ لَهُم وَلا هُم يَحِلّونَ لَهُنَّ وَءاتوهُم ما أَنفَقوا وَلا جُناحَ عَلَيكُم أَن تَنكِحوهُنَّ إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ وَلا تُمسِكوا بِعِصَمِ الكَوافِرِ وَسـَٔلوا ما أَنفَقتُم وَليَسـَٔلوا ما أَنفَقوا ذٰلِكُم حُكمُ اللَّهِ يَحكُمُ بَينَكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن مؤمن عورتون هجرت ڪري توهان وٽ اچن ته (انهن جي مؤمن هجڻ جي) جاچ ڪريو. باقي سندن ايمان جي اصل حقيقت ته الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو. پوءِ جڏهن توهان کي پتو پئجي وڃي ته اهي مؤمن آهن ته انهن کي ڪافرن ڏانهن موٽائي نه موڪليو، نڪي اهي ڪافرن لاءِ حلال آهن ۽ نه ڪافر انهن لاءِ حلال آهن. سندن ڪافر مڙسن جيڪي مــَـهر کين ڏنا هئا، سي انهن کي واپس ڪريو ۽ ساڻن نڪاح ڪرڻ ۾ توهان تي ڪوبه گناهه ڪونهي، جڏهن توهان سندن مــَـهر کين ڏئي ڇڏيو ۽ توهان پاڻ به ڪافر عورتن کي نڪاح ۾ نه جهليو. جيڪي مــَـهر توهان پنهنجي ڪافر زالن کي ڏنا هئا، سي توهان موٽائي وٺو ۽ جيڪي مهر ڪافرن (پنهنجي مسلمان زالن کي) ڏنا هئا، سي اهي واپس وٺن. اهو الله جو حڪم آهي، هو توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو ۽ هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ داناءُ آهي |
وَإِن فاتَكُم شَيءٌ مِن أَزوٰجِكُم إِلَى الكُفّارِ فَعاقَبتُم فَـٔاتُوا الَّذينَ ذَهَبَت أَزوٰجُهُم مِثلَ ما أَنفَقوا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏهن توهان جي ڪافر زالن جي مهرن مان ڪجهه توهان کي ڪافرن کان واپس نه ملي ۽ پوءِ توهان جو وارو اچي ته انهن ماڻهن کي جن جون زالون اُتي رهجي ويون آهن، اوتري رقم ڏئي ڇڏيو، جيتري سندن ڏنل مهرن جي آهي ۽ انهيءَ الله کان ڊڄندا رهو، جنهن تي توهان ايمان آندو آهي |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا جاءَكَ المُؤمِنٰتُ يُبايِعنَكَ عَلىٰ أَن لا يُشرِكنَ بِاللَّهِ شَيـًٔا وَلا يَسرِقنَ وَلا يَزنينَ وَلا يَقتُلنَ أَولٰدَهُنَّ وَلا يَأتينَ بِبُهتٰنٍ يَفتَرينَهُ بَينَ أَيديهِنَّ وَأَرجُلِهِنَّ وَلا يَعصينَكَ فى مَعروفٍ فَبايِعهُنَّ وَاستَغفِر لَهُنَّ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي نبي! جڏهن تو وٽ مؤمن عورتون بيعت ڪرڻ لاءِ اچن ۽ اهو عهد ڪن ته هو الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪنديون، چوري نه ڪنديون، زنا نه ڪنديون، پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪنديون، پنهنجن هٿن ۽ پيرن جي آڏو ڪوبه بهتان گهڙي نه آڻينديون ۽ چڱين ڳالهين بابت تنهنجي ڪنهن به حڪم جي نافرماني نه ڪنديون ته بيعت وٺين ۽ سندن حق ۾ الله کان بخشش جي دعا گهر. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم قَد يَئِسوا مِنَ الءاخِرَةِ كَما يَئِسَ الكُفّارُ مِن أَصحٰبِ القُبورِ (آيت : 13) |
اي ايمان وارؤ! انهن ماڻهن کي دوست نه بڻايو، جن تي الله جو ڏمر ٿيو آهي، جيڪي آخرت کان ائين نا اميد آهن، جيئن قبرن ۾ پيل ڪافر نا اميد آهن |