يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا عَدُوّى وَعَدُوَّكُم أَولِياءَ تُلقونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَقَد كَفَروا بِما جاءَكُم مِنَ الحَقِّ يُخرِجونَ الرَّسولَ وَإِيّاكُم أَن تُؤمِنوا بِاللَّهِ رَبِّكُم إِن كُنتُم خَرَجتُم جِهٰدًا فى سَبيلى وَابتِغاءَ مَرضاتى تُسِرّونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَأَنا۠ أَعلَمُ بِما أَخفَيتُم وَما أَعلَنتُم وَمَن يَفعَلهُ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 1) |
اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهين منهنجي راھ ۾ جهاد ڪرڻ ۽ منهنجي رضامنديءَ جي اميد ۾ (گهر کان) نڪتا آهيو ته منهنجي ۽ پنهنجن دشمنن کي دوست نه بنايو. اوهين ته انهن ڏي دوستيءَ جو نياپو موڪليو ٿا ۽ جو (دين) حق اوهان ڏي آيو آهي تنهن کان اهي ماڻهو انڪار ڪن ٿا. اهي ماڻهو رسول کي ۽ اوهان کي ان ڳالھ تي (ته گهر کان) ڪڍن ٿا جو اوهان پنهنجي پروردگار خدا تي ايمان آندو آهي (۽) اوهين آهيو جو انهن ڏي لڪي لڪي دوستي جا پيغام ڪريو ٿا هوڏانهن جو ڪجھ به لڪي يا ظاهر ڪريو ٿا آءُ تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان ۽ اوهان مان جو شخص ائين ڪندو سو سڌي راھ کان پڪ ٿڙي ويو. |
إِن يَثقَفوكُم يَكونوا لَكُم أَعداءً وَيَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم وَأَلسِنَتَهُم بِالسّوءِ وَوَدّوا لَو تَكفُرونَ (آيت : 2) |
جيڪڏهن اوهين انهن جي هٿ اچي ويندو ته اهي اوهان جا دشمن ٿي پوندا ۽ ايذاءُ لاءِ اوهان ڏي پنهنجا هٿ به ڊگها ڪندا ۽ زبانون به ۽ اها خواهش اٿن ته اوهين ڪافر ٿيو. |
لَن تَنفَعَكُم أَرحامُكُم وَلا أَولٰدُكُم يَومَ القِيٰمَةِ يَفصِلُ بَينَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 3) |
قيامت جي ڏينهن نه اوهان جون مائٽيون ۽ نه اوهان جا اولاد اوهان کي فائدو پهچائيندا خدا توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کي ڏسي رهيو آهي. |
قَد كانَت لَكُم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ فى إِبرٰهيمَ وَالَّذينَ مَعَهُ إِذ قالوا لِقَومِهِم إِنّا بُرَءٰؤُا۟ مِنكُم وَمِمّا تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ كَفَرنا بِكُم وَبَدا بَينَنا وَبَينَكُمُ العَدٰوَةُ وَالبَغضاءُ أَبَدًا حَتّىٰ تُؤمِنوا بِاللَّهِ وَحدَهُ إِلّا قَولَ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ لَأَستَغفِرَنَّ لَكَ وَما أَملِكُ لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ رَبَّنا عَلَيكَ تَوَكَّلنا وَإِلَيكَ أَنَبنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 4) |
(مسلمانو!) اوهان لاءِ ته ابراهيم ۽ ان جي ساٿين جي (هلت چلت) جو سٺو نمونو (موجود) آهي جو جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته اسين اوهان کان ۽ انهن (بتن) کان جن کي اوهين خدا کان سواءِ پوڄيو ٿا بيزار آهيون. اسين اوهان جي (دين جا) منڪر آهيون ۽ جيستائين اوهين اڪيلي خدا تي ايمان نه آڻيندو. (تيستائين) اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ پڌري دشمني ۽ بغض قائم ٿي ويو. پر (هاءُ) ابراهيم پنهنجي (رسمي) پيءُ کي (البت) هي چيو هو ته آءُ تنهنجي معافي لاءِ دعا ضرور گهرندس ۽ خدا جي اڳيان ته آءُ تنهنجي لاءِ ڪو به اختيار نه ٿو رکان. اي اسان جا پالڻهار (خدا) اسان تو تي ئي ڀروسو ڪيو آهي ۽ تنهنجي ذات ڏي ئي اسين رجوع ڪريون ٿا ۽ تو ڏي ئي (اسين) موٽي اچڻا آهيون. |
رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا وَاغفِر لَنا رَبَّنا إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 5) |
اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کي ڪافرن جي آزمائش (جو ذريعو) نه بنائي ۽ پروردگار تون اسان کي معاف ڪر بيشڪ تون غالب ۽ حڪمت وارو آهيم. |
لَقَد كانَ لَكُم فيهِم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 6) |
(مسلمانو!) انهن ماڻهن جي (افعال) جو اوهان لاءِ جي خدا ۽ ڏينهن قيامت جي اميد رکي ٿو سٺو نمونو آهي ۽ جيڪو منهن موڙيندو ته خدا بيپرواھ ساراهيل آهي. |
عَسَى اللَّهُ أَن يَجعَلَ بَينَكُم وَبَينَ الَّذينَ عادَيتُم مِنهُم مَوَدَّةً وَاللَّهُ قَديرٌ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
جلد ئي خدا توهان ۽ انهن ۾ جن سان اوهان دشمني رکي آهي دوستي پيدا ڪري ڇڏي خدا ته قادر آهي ۽ خدا وڏو معاف ڪندڙ مهربان آهي. |
لا يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ لَم يُقٰتِلوكُم فِى الدّينِ وَلَم يُخرِجوكُم مِن دِيٰرِكُم أَن تَبَرّوهُم وَتُقسِطوا إِلَيهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 8) |
جي ماڻهو اوهان سان نه دين جي باري ۾ وڙهيا ۽ نه انهن اوهان کي اوهان جي گهرن مان لڏايو انهن سان ڀلائي ڪرڻ ۽ انهن سان انصاف ڪرڻ سان پيش اچڻ لاءِ خدا اوهان کي نه ٿو جهلي. بيشڪ خدا ته انصاف وارن کي دوست رکي ٿو. |
إِنَّما يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ قٰتَلوكُم فِى الدّينِ وَأَخرَجوكُم مِن دِيٰرِكُم وَظٰهَروا عَلىٰ إِخراجِكُم أَن تَوَلَّوهُم وَمَن يَتَوَلَّهُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 9) |
خدا رڳو اوهان کي انهن ماڻهن سان دوستي رکڻ کان روڪي ٿو جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ (انهن جي) مدد ڪئي ۽ جيڪي انهن سان دوستي رکندا سي ئي ظالم آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا جاءَكُمُ المُؤمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامتَحِنوهُنَّ اللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِهِنَّ فَإِن عَلِمتُموهُنَّ مُؤمِنٰتٍ فَلا تَرجِعوهُنَّ إِلَى الكُفّارِ لا هُنَّ حِلٌّ لَهُم وَلا هُم يَحِلّونَ لَهُنَّ وَءاتوهُم ما أَنفَقوا وَلا جُناحَ عَلَيكُم أَن تَنكِحوهُنَّ إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ وَلا تُمسِكوا بِعِصَمِ الكَوافِرِ وَسـَٔلوا ما أَنفَقتُم وَليَسـَٔلوا ما أَنفَقوا ذٰلِكُم حُكمُ اللَّهِ يَحكُمُ بَينَكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
اي ايمان وارو! جڏهن اوهان ڏي ايماندار عورتون وطن ڇڏي اچن ته اوهين انهن کي آزمايو خدا ته سندن ڪردار کان واقف آهي ئي. پوءِ جيڪڏهن اوهين به کين ايماندار سمجهو ته انهن کي ڪافرن ڏي نه موٽايو (ڇو ته) نه اهي زالون انهن لاءِ حلال آهن ۽ نه اهي ڪافر انهن زالن لاءِ حلال آهن ۽ انهن ڪافرن جيڪي (انهن زالن جي مهر ۾) خرچ ڪيو هجي سو انهن کي ڏيو. پوءِ جڏهن انهن زالن جو کين مهر ڏيو ته اوهان تي ڪو گناھ نه آهي جو اوهين تن سان نڪاح ڪريو ۽ ڪافر عورتن جي آبرو (جي اوهان جون زالون آهن) پنهنجي وس ۾ نه رکو (ڇڏي ڏيو ته ڀلي وڃي ڪافرن سان ملن) ۽ اوهان جو ڪجھ (انهن تي) خرچ ڪيو هجي (سو ڪافرن کان) گهري وٺو ۽ انهن به جيڪي خرچ ڪيو هجي (اهو اوهان کان) گهري وٺن اهو ئي خدا جو حڪم آهي جو خدا اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو. ۽ خدا وڏو واقف ڪار (۽) حڪيم آهي. |
وَإِن فاتَكُم شَيءٌ مِن أَزوٰجِكُم إِلَى الكُفّارِ فَعاقَبتُم فَـٔاتُوا الَّذينَ ذَهَبَت أَزوٰجُهُم مِثلَ ما أَنفَقوا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان ڪا زال اوهان جي هٿ مان نڪري ڪافرن ڏي هلي وڃي ۽ (خرچ نه ملي) ۽ اوهين (انهن ڪافرن سان) وڙهيو ۽ کين ڦريو ته (غنيمت مان) جن جون زالون هليون ويون آهن تن کي ايترو ڏيو جيترو سندس خرچ ٿيو آهي ۽ جنهن خدا تي اوهان ايمان آندو آهي ان کان ڊڄندا رهو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا جاءَكَ المُؤمِنٰتُ يُبايِعنَكَ عَلىٰ أَن لا يُشرِكنَ بِاللَّهِ شَيـًٔا وَلا يَسرِقنَ وَلا يَزنينَ وَلا يَقتُلنَ أَولٰدَهُنَّ وَلا يَأتينَ بِبُهتٰنٍ يَفتَرينَهُ بَينَ أَيديهِنَّ وَأَرجُلِهِنَّ وَلا يَعصينَكَ فى مَعروفٍ فَبايِعهُنَّ وَاستَغفِر لَهُنَّ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي رسول جڏهن اوهان وٽ ايماندار زالون اوهان سان هن ڳالھ تي بيعت ڪرڻ اچن ته اهي نه ڪنهن کي خدا جو شريڪ بنائينديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه زنا ڪنديون ۽ نه پنهنجي اولاد کي ماري ڇڏينديون ۽ نه پنهنجن هٿن پيرن جي اڳيان ڪو به بهتان (پٽ جو مڙس تي) گهڙي آنينديون ۽ نه ڪنهن نيڪ ڪم ۾ اوهان جي نافرماني ڪنديون ته اوهين تن کان بيعت وٺي ڇڏيو ۽ خدا کان انهن جي معافيءَ لاءِ دعائون گهرو. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم قَد يَئِسوا مِنَ الءاخِرَةِ كَما يَئِسَ الكُفّارُ مِن أَصحٰبِ القُبورِ (آيت : 13) |
اي ايمان وارو! اوهين اهڙي قوم سان دوستي نه رکو جن تي خدا غضبناڪ ٿيو آهي، اهي آخرت کان اهڙا نا اميد ٿيا آهن جيئن ڪافر مردن (جي ٻيهر زنده ٿيڻ) کان نا اميد آهن. |