يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا عَدُوّى وَعَدُوَّكُم أَولِياءَ تُلقونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَقَد كَفَروا بِما جاءَكُم مِنَ الحَقِّ يُخرِجونَ الرَّسولَ وَإِيّاكُم أَن تُؤمِنوا بِاللَّهِ رَبِّكُم إِن كُنتُم خَرَجتُم جِهٰدًا فى سَبيلى وَابتِغاءَ مَرضاتى تُسِرّونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَأَنا۠ أَعلَمُ بِما أَخفَيتُم وَما أَعلَنتُم وَمَن يَفعَلهُ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 1) |
اي اُهي جن اَلله ۾، آندو اِعتبار، مون ۽ اَهنجي عَدو کي، نه ڪريو ڪم ۾ يار، سَندا محبت موڪليو، پارا پاتِن پار، ۽ جو حق اَوهان وَٽ آئيو، اُن کان ڪيؤن اِنڪار، اوهان ۽ مُرسل مِير کي، ڪيؤن ديسان ڌار، هِن تان، ته مالِڪ مڃيو، پنهنجو پالڻهار، جي اَوهِين نِڪتا آهيو، جنگ ڪرڻ جُونجھار!، ۽ مُنهنجِي رَوش، راه ۾، مَرضيمِ ماڻڻ هارِ، مُخفِي ڏانهنِ موڪليو، پيغام پِرت پِيار، ۽ آئون اِنهِئَ سڀ جِي، ٿو رکان سُڌ سَنڀار، جيڪِي اَندر ۾ اوريان، يا اوهان ڪيو اِظهار، ۽ اوهان مان اي مومنو!، جو ڪندو اِهاڪار، بيشڪ سو بَدڪار، وِرسيو، وِچٿرو واٽ کان. |
إِن يَثقَفوكُم يَكونوا لَكُم أَعداءً وَيَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم وَأَلسِنَتَهُم بِالسّوءِ وَوَدّوا لَو تَكفُرونَ (آيت : 2) |
جي پَڪڙينيان تَه پَڪ سان، ويرِي هُوندان تِنهن وار، ۽ هٿ، زبانو بُري طرح، پکيڙينِ اَنهن جي پار، ۽ خواهِش رَکن خُوار، ته هُوند! ڦِرو حَق ڪنان. |
لَن تَنفَعَكُم أَرحامُكُم وَلا أَولٰدُكُم يَومَ القِيٰمَةِ يَفصِلُ بَينَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 3) |
وِيا ۽ ويجھايون اَهنجون، نه ڏِينِ اَوهان آڌار، ڪندو ڏِينهن قيام جي، اَهنجا ٽڳا ٽوڙي ڌار، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، سي ڏِسندڙ آھِ ڏيھ ڌَڻِي. |
قَد كانَت لَكُم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ فى إِبرٰهيمَ وَالَّذينَ مَعَهُ إِذ قالوا لِقَومِهِم إِنّا بُرَءٰؤُا۟ مِنكُم وَمِمّا تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ كَفَرنا بِكُم وَبَدا بَينَنا وَبَينَكُمُ العَدٰوَةُ وَالبَغضاءُ أَبَدًا حَتّىٰ تُؤمِنوا بِاللَّهِ وَحدَهُ إِلّا قَولَ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ لَأَستَغفِرَنَّ لَكَ وَما أَملِكُ لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ رَبَّنا عَلَيكَ تَوَكَّلنا وَإِلَيكَ أَنَبنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 4) |
آهي اِبراهيم ۾، پڻ اُن سان جي، اڳوان، سَچ پَچ سُهِڻي پيروِي، پڻ نُڪتو نيڪ نشان، ڪيائون سَندنِ قوم ۾، جڏهن اِهو اِعلان، ته اَسِين اوهان کان آهيون، بيزار بي گمان، پڻ اُنهن کان، جِن اَلله ري، نمو ٿا نادان!، فوراً ڦرياسون اوهان ڪنان، ناتا بَند نِڌان، ۽ ويروروڌ پاڻ ۾، اَڻَهِين ڏِينهن عيان، جيسين اَوهِين اِيمان، آڻيو هِڪ الله تي. مگر اِبراهِيم جو، بابَسِ لئي بيان، ته مَعافِي مڱندسِ تو ڪري، صاحِب، کان سُبحان، ۽ قادِر ربَّ، ڪَرِيم وٽ، ٻِي سَگھ سارِيان ڪانه، تَوَڪَّل رکيوسون تو مَٿي، اي سندمِ رَبَّ، رحمان! ۽ تو هِڪ جاءِ تي، توهيڪ ڏي، موٽياسون مَنان!، ۽ توڏي نيٺ نِڌان، آھِ مِڙوئـِي موٽڻو. |
رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا وَاغفِر لَنا رَبَّنا إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 5) |
پرور! پَرک اَسان کي، ڪر نه ڪُفارن ڪاڻ، ۽ مَرهيون مِهر ساڻ، آهِين سَٻر سَٻوجھ تون! |
لَقَد كانَ لَكُم فيهِم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 6) |
آهي اوهان لئي اُن ۾، سَچ پَچ سُهڻِي پَر، اَلله ۽ آخِر ڏِينهن ۾، جي رکن آس اَپر، ۽ ڦِريل ڪو ڦِرندو، ته پاڪ ڌَڻِي پَروَر، آهي توڙان تونگر، پڻ سَدا ساراهِيل گھڻو. |
عَسَى اللَّهُ أَن يَجعَلَ بَينَكُم وَبَينَ الَّذينَ عادَيتُم مِنهُم مَوَدَّةً وَاللَّهُ قَديرٌ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
اوڏو آھِ اَللهَ، ته جِن کي، دُشمن ڌاريو، اوهان ۽ اُنهن وِچ ۾، ڪري قُرب جو ٺاھ، ۽ صاحِب وَڏِئَ سَگھ جو، اَلله تعالىٰ آھ، ۽ ڏيہ کي ڏوه گُناھ، مَرِهيندڙ ۽ مِهرڀَريو. |
لا يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ لَم يُقٰتِلوكُم فِى الدّينِ وَلَم يُخرِجوكُم مِن دِيٰرِكُم أَن تَبَرّوهُم وَتُقسِطوا إِلَيهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 8) |
اوهان کي اُنهن ڪنان، جَھلي نٿو جَبّار، جي اوهان سان دِين ۾، نه وِڙهيا ڪِهِين وار، نه اوهان کي اُنهن ڪيو، پنهنجي ديسان ڌار، ته ساڻنِ صِلو ڳنڊيو، لهونِ سار سَنڀار، پڻ عَدل ڪريو اُنهن سان، ڪو اِنصافِي آچار، ڪري پاڻ پيار، آگو اِنصافِيَن سان. |
إِنَّما يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ قٰتَلوكُم فِى الدّينِ وَأَخرَجوكُم مِن دِيٰرِكُم وَظٰهَروا عَلىٰ إِخراجِكُم أَن تَوَلَّوهُم وَمَن يَتَوَلَّهُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 9) |
آن کي رڳو اُنهن ڪنان، جَھلي ٿو جَبَّار، جي لڙيا اوهان سان دِين ۾، پڻ ڪيونيان ديسان ڌار، ۽ ڪيون اَهنجي ڪَڍڻ تي، ويرين سان وَهار، هِن کان ته ڌاريو دوست تِن، ۽ جوڌارينِ دوست دار، پوءِ اُهي اِهڙي پار، آهِن هاڃيڪار، هڏهِين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا جاءَكُمُ المُؤمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامتَحِنوهُنَّ اللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِهِنَّ فَإِن عَلِمتُموهُنَّ مُؤمِنٰتٍ فَلا تَرجِعوهُنَّ إِلَى الكُفّارِ لا هُنَّ حِلٌّ لَهُم وَلا هُم يَحِلّونَ لَهُنَّ وَءاتوهُم ما أَنفَقوا وَلا جُناحَ عَلَيكُم أَن تَنكِحوهُنَّ إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ وَلا تُمسِكوا بِعِصَمِ الكَوافِرِ وَسـَٔلوا ما أَنفَقتُم وَليَسـَٔلوا ما أَنفَقوا ذٰلِكُم حُكمُ اللَّهِ يَحكُمُ بَينَكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
اچن اوهان ڏي مُؤمِنو! جڏهن ڇڏي ماڳ مَڪان، عورتون اَشراف سي، آندو جِن اِيمان، اوهين وَٺو اُنهن کان، اوّل اِمتحان، آهي سَندنِ ايمان کي، سَمجھندڙ سُبحان، پوءِ جي صَحِي کين سَمجھيان، مُؤمن مُسلمان، ته وَرِي نَه اُنهن کي واريو، ڪڏهن ڏُونہ ڪُفران، هِي نه حَلال اُنهن مَٿي، ۽ نه لائـِق هُو لاڪانِ، ۽ جو ڏِنـائون ڏان، سو واري وَرن کي ڏِيو. ۽ جي پَرڻيون، ته پاپ نه ڪو اوهان تي، اَمِين!، مَهر مُقرّر اُنهن جِي، جڏهن ڪيڻنِ ڏِنان ڪابِين، ۽ ڪافِرياڻيَن جو ڪِين، پَڪريو پانڌ نِڪاح جو. ۽ خَرچ اُڳاڙِيو اُنهن ڪنان، جو ڪيان تِن ڪاڻ، ۽ هُنن پڻ ڏِنو جو ڏاڻ، اُهو ا ُڳاڙينِ اوهان ڪنان. اِهو اَوهان وِچ فيصلو، ڪري ٿو ڪلتار، ۽ سائـِين سَمجھندار، پڻ پُورو آهي پارکو. |
وَإِن فاتَكُم شَيءٌ مِن أَزوٰجِكُم إِلَى الكُفّارِ فَعاقَبتُم فَـٔاتُوا الَّذينَ ذَهَبَت أَزوٰجُهُم مِثلَ ما أَنفَقوا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 11) |
۽ جي اوهان جي جوين مان، ڪا ويئـِي وڃڻ کي ڳالھ، پوءِ اوهان وَرسون وارِيون، فتح ڪيان فِى الحال، ته وِيئون وَنيون جِن جون، تِن ڀَري ڏِيو بحال، وِهانءَ ويلي خرچيو، مَردن جِھڙو مال، اُنهِئَ پاڪ اَلله جو، رَکو خوف خيال، جِنهن هادِئَ جا هَر حال، آڻ مَڃِيندڙ آهيو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا جاءَكَ المُؤمِنٰتُ يُبايِعنَكَ عَلىٰ أَن لا يُشرِكنَ بِاللَّهِ شَيـًٔا وَلا يَسرِقنَ وَلا يَزنينَ وَلا يَقتُلنَ أَولٰدَهُنَّ وَلا يَأتينَ بِبُهتٰنٍ يَفتَرينَهُ بَينَ أَيديهِنَّ وَأَرجُلِهِنَّ وَلا يَعصينَكَ فى مَعروفٍ فَبايِعهُنَّ وَاستَغفِر لَهُنَّ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
جڏهن نَبِي! اَچَنئـِي نارِيون، ٿيون ڏِينئـِي ٻول ٻيهار، ته ڪنديون ڪِين ڪَرِيم سان، ڪو ڀيڙو ڀائيوار، ۽ چورِي، ڏارِي ڪانه ڪنديون، ۽ نه ڪُهندِيون سَندن ٻار، نه بَنائـِينديون بُهتان ڪو، ڪارو ڪُوڙ نِبار، سَندنِ هَٿن ۽ پيرن وِچان، تِنهن کي ڪن تيار، ۽ چَڱِئَ ۾ چَڱئي چَوڻ کان، وِينديون ڪِين ٻَهار، پوءِ وَٺ وَچن اُنهن کان، بيعت بَرقرار، ۽ اُنهن لئي اَلله کان، مَعافِي گُھر مَهندار، بيشڪ بَخشڻهار، سائـِين سَٻاجھو گھڻو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم قَد يَئِسوا مِنَ الءاخِرَةِ كَما يَئِسَ الكُفّارُ مِن أَصحٰبِ القُبورِ (آيت : 13) |
اي آندو جِن اِيمان! سي سَنگت نه رکو تِنهن ساٿ سان، ڏاڍو ڏَمريو جِن مَٿي، مالِڪ مِهربان، آسرپل آخرت مان، نادان ٿيا نِڌان، لاٿو جِيئن ڪُفران، اَهل قبر مان آسرو. |