يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا عَدُوّى وَعَدُوَّكُم أَولِياءَ تُلقونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَقَد كَفَروا بِما جاءَكُم مِنَ الحَقِّ يُخرِجونَ الرَّسولَ وَإِيّاكُم أَن تُؤمِنوا بِاللَّهِ رَبِّكُم إِن كُنتُم خَرَجتُم جِهٰدًا فى سَبيلى وَابتِغاءَ مَرضاتى تُسِرّونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَأَنا۠ أَعلَمُ بِما أَخفَيتُم وَما أَعلَنتُم وَمَن يَفعَلهُ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ! اوهين منهنجن دشمنن ۽ پنهنجن دشمنن (ڪافرن) کي دوست نه بنايو! اوهين انهن ڏي دوستيءَ جا پيغام موڪليو ٿا. هوڏانهن جو حق اوهان وٽ آيو آهي، ان جو اهي انڪار ڪري چڪا آهن. رسول ﷺ ۽ اوهان کي (پنهنجي ديس مان) هن ڪري ڪڍن ٿا جو اوهين پنهنجي پاليندڙ (الله) کي مڃيو ٿا، جيڪڏهن اوهين منهنجي رستي ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضامندي گهرڻ لاءِ نڪتا آهيو. (ته کين دوست نه بنايو) اوهين لڪي انهن سان دوستي رکو ٿا هوڏانهن جيڪي اوهين لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا ان کي آءُ چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهيان ۽ جو اوهان مان اهو ڪم ڪندو سو بيشڪ سڌي رستي کان پري وڃي پيو. |
إِن يَثقَفوكُم يَكونوا لَكُم أَعداءً وَيَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم وَأَلسِنَتَهُم بِالسّوءِ وَوَدّوا لَو تَكفُرونَ (آيت : 2) |
جيڪڏهن اوهين انهن جي هٿ اچي ويندو ته هو اوهان جا دشمن ٿي پوندا ۽ اوهان ڏي بڇڙائيءَ سان پنهنجا هٿ ۽ زبانون ڊگهيون ڪندا ۽ هي خواهش اٿن ته اوهين ڪافر ٿيو. |
لَن تَنفَعَكُم أَرحامُكُم وَلا أَولٰدُكُم يَومَ القِيٰمَةِ يَفصِلُ بَينَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 3) |
قيامت جي ڏينهن نه اوها نجون مائٽيون ۽ نه اوها ن جا اولاد اوهان کي فائدو پهچائيندا، الله اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسي رهيو آهي. |
قَد كانَت لَكُم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ فى إِبرٰهيمَ وَالَّذينَ مَعَهُ إِذ قالوا لِقَومِهِم إِنّا بُرَءٰؤُا۟ مِنكُم وَمِمّا تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ كَفَرنا بِكُم وَبَدا بَينَنا وَبَينَكُمُ العَدٰوَةُ وَالبَغضاءُ أَبَدًا حَتّىٰ تُؤمِنوا بِاللَّهِ وَحدَهُ إِلّا قَولَ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ لَأَستَغفِرَنَّ لَكَ وَما أَملِكُ لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ رَبَّنا عَلَيكَ تَوَكَّلنا وَإِلَيكَ أَنَبنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 4) |
بيشڪ ابراهيم ۽جيڪي ان سان گڏ هئا تن (جي ڳالهين) ۾ اوهان لاءِ چٽي پيروي آهي. جڏهن انهن پنهنجيءَ قوم کي چيو ته اسين اوهان کان ۽ جن کي اوهين الله کان سواءِ پوڄيو ٿا، تن کان بيزار آهيون. اسان اوهان (جي عقيدي) جو انڪار ڪيو ۽ اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ دشمني ۽ وير هميشه لاءِ پڌرو ٿي چڪو جيستائين اڪيلي الله کي (نه) مڃيو پر ابرآهيم عه جو پنهنجي پيءُ کي چوڻ ته آءُ ضرور تو لاءِ معافي گهرندس توڙي جو آءُ تولاءِ الله جي طرفان ڪنهن شيءِ جو به اختيار نه ٿو رکان (۽ ابرآهيم عه چيو ته) اي اسان جا پاليندڙ! توتي اسان ڀروسو ڪيو ۽ توڏي موٽيا آهيون ۽ توڏي ئي موٽڻ آهي. |
رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا وَاغفِر لَنا رَبَّنا إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 5) |
اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ڪافرن جو زيردست نه ڪر ۽ اسان کي معاف ڪر اي اسان جا پاليندڙ! بيشڪ تون زبردست (۽) حڪمت وارو آهين. |
لَقَد كانَ لَكُم فيهِم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 6) |
بيشڪ ان (مٿين) جماعت ۾ اوهان مان ان لاءِ جو الله (جي ثواب) ۽ قيامت جي ڏينهن (اچڻ) جي اميد رکي ٿو چٽي پيروي آهي. ۽ جيڪو منهن موڙيندو ته الله ئي بي پرواه سارآهيل آهي. |
عَسَى اللَّهُ أَن يَجعَلَ بَينَكُم وَبَينَ الَّذينَ عادَيتُم مِنهُم مَوَدَّةً وَاللَّهُ قَديرٌ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
اميد آهي ته الله اوهان جي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ جن سان اوهان دشمني رکي آهي دوستي پيدا ڪري ڏئي. ۽ الله ڪري سگهي ٿو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
لا يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ لَم يُقٰتِلوكُم فِى الدّينِ وَلَم يُخرِجوكُم مِن دِيٰرِكُم أَن تَبَرّوهُم وَتُقسِطوا إِلَيهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 8) |
الله اوهان کي انهن کان نه ٿو جهلي جن نه اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ نه اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ته اوهين انهن سان ڀلائي ڪريو ۽ انهن سان انصاف جو معاملو ڪريو. بيشڪ الله ته انصاف وارن کي دوست رکي ٿو. |
إِنَّما يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ قٰتَلوكُم فِى الدّينِ وَأَخرَجوكُم مِن دِيٰرِكُم وَظٰهَروا عَلىٰ إِخراجِكُم أَن تَوَلَّوهُم وَمَن يَتَوَلَّهُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 9) |
الله رڳو اوهان کي انهن کان جهلي ٿو جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽اوهان کي پنهنجن گهر ن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ته اوهين انهن سان دوستي رکو. ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي (مسلمانن تي) ظلم ڪندڙ آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا جاءَكُمُ المُؤمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامتَحِنوهُنَّ اللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِهِنَّ فَإِن عَلِمتُموهُنَّ مُؤمِنٰتٍ فَلا تَرجِعوهُنَّ إِلَى الكُفّارِ لا هُنَّ حِلٌّ لَهُم وَلا هُم يَحِلّونَ لَهُنَّ وَءاتوهُم ما أَنفَقوا وَلا جُناحَ عَلَيكُم أَن تَنكِحوهُنَّ إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ وَلا تُمسِكوا بِعِصَمِ الكَوافِرِ وَسـَٔلوا ما أَنفَقتُم وَليَسـَٔلوا ما أَنفَقوا ذٰلِكُم حُكمُ اللَّهِ يَحكُمُ بَينَكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان وٽ ايمان واريون عورتون لڏي اچن ته انهن (جي ايمان) کي جاچيو. الله انهن جي ايمان کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي . پوءِ جيڪڏهن اوهان کي معلوم ٿئي ته اهي ايمان واريون آهن ته انهن کي ڪافرن ڏي نه موٽايو. نه اُهي (مسلمان عورتون) انهن لاءِ حلال آهن ۽ نه اُهي (ڪافر مرد) هنن لاءِ حلال ٿيندا. ۽ جو ڪجهه انهن (ڪافر مردن) خرچ ڪيو هجي سو کين ڏيو. ۽ اوهان تي انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪجهه به گناه نه آهي جڏهن اوهين کين سندن مهر ڏيو. ۽ ڪافر زالن جي عزت پنهنجي قبضي ۾ نه رکو ۽ جيڪو اوهان خرچ ڪيو هجي سو گهري وٺو ۽ جو انهن خرچ ڪيو هجي سو اُهي گهري وٺن. اهو الله جو حڪم آهي. الله اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو. ۽ الله علم وارو (۽) حڪمت وارو آهي. |
وَإِن فاتَكُم شَيءٌ مِن أَزوٰجِكُم إِلَى الكُفّارِ فَعاقَبتُم فَـٔاتُوا الَّذينَ ذَهَبَت أَزوٰجُهُم مِثلَ ما أَنفَقوا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏهن اوهانجن زالن مان ڪا اوهان جي هٿ کان نڪري ڪافرن ڏي وڃي پوءِ اوهان جي سزا ڏيڻ جو وارو اچي ته جن جون زالون ويون هجن انهن کي ايترو ڏيو جيترو انهن خرچ ڪيو هجي. ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن کي اوهين مڃيو ٿا. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا جاءَكَ المُؤمِنٰتُ يُبايِعنَكَ عَلىٰ أَن لا يُشرِكنَ بِاللَّهِ شَيـًٔا وَلا يَسرِقنَ وَلا يَزنينَ وَلا يَقتُلنَ أَولٰدَهُنَّ وَلا يَأتينَ بِبُهتٰنٍ يَفتَرينَهُ بَينَ أَيديهِنَّ وَأَرجُلِهِنَّ وَلا يَعصينَكَ فى مَعروفٍ فَبايِعهُنَّ وَاستَغفِر لَهُنَّ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي نبي ﷺ! جڏهن تو وٽ ايمان واريون زالون اچي هن ڳالهه تي بيعت ڪن ته نه الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه زنا ڪنديون ۽ نه پنهنجن ٻچن کي ڪُهنديون ۽ نه پنهنجن هٿن۽ پيرن سان تهمت ٺاهي ڪنهن تي هڻنديون. ۽ نه ڪنهن چٽي ڳالهه ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون ته تون سندن بيعت قبول ڪر! ۽ انهن لاءِ الله کان معافي گهر! بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم قَد يَئِسوا مِنَ الءاخِرَةِ كَما يَئِسَ الكُفّارُ مِن أَصحٰبِ القُبورِ (آيت : 13) |
اي ايمان وارؤ! اوهين اهڙي قوم سان دوستي نه رکو جن تي الله ڪاوڙيو آهي اهي آخرت کان اهڙا نااميد ٿيا آهن جيئن ڪافر قبرن وارن کان نااميد ٿيا آهن. |