يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا عَدُوّى وَعَدُوَّكُم أَولِياءَ تُلقونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَقَد كَفَروا بِما جاءَكُم مِنَ الحَقِّ يُخرِجونَ الرَّسولَ وَإِيّاكُم أَن تُؤمِنوا بِاللَّهِ رَبِّكُم إِن كُنتُم خَرَجتُم جِهٰدًا فى سَبيلى وَابتِغاءَ مَرضاتى تُسِرّونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَأَنا۠ أَعلَمُ بِما أَخفَيتُم وَما أَعلَنتُم وَمَن يَفعَلهُ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ! توهان منهنجي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بنائي وٺو، جو اوهان انهن ڏانهن دوستي جا پيغام موڪليو ٿا حالانڪه اُهي ان حق جا انڪاري آهن جو اوهان وٽ آيو آهي. رسول کي ۽ خود توهان کي رڳو هن ڪري جلا وطن ڪن ٿا جو اوهان الله تي ايمان آندو آهي جيڪو توهان جو پروردگار آهي. اگر توهان منهنجي رستي ۾ جهاد لاءِ ۽ منهنجي رضامندي لاءِ نڪتا آهيو (ته انهن سان دوستيون نه رکو جو) اوهان انهن ڏانهن دوستي جا ڳجها پيغام موڪليا ٿا. حالانڪه آءٌ چڱي طرح ڄاڻان ٿو جيڪي اوهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا، ۽ جيڪو اوهان مان اهو ڪم ڪندو ته سو بيشڪ سڌي راهه کان ڀٽڪي ويندو. |
إِن يَثقَفوكُم يَكونوا لَكُم أَعداءً وَيَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم وَأَلسِنَتَهُم بِالسّوءِ وَوَدّوا لَو تَكفُرونَ (آيت : 2) |
اگر اوهان انهن جي هٿ اچي وڃو ته اُهي اوهان جا دشمن ٿي پوندا ۽ اُهي پنهنجا هٿ ۽ پنهنجون زبانون توهان ڏانهن برائي سان ڊگهيون ڪندا ۽ چاهيندا ته جيڪر توهان ڪافر ٿي وڃو. |
لَن تَنفَعَكُم أَرحامُكُم وَلا أَولٰدُكُم يَومَ القِيٰمَةِ يَفصِلُ بَينَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 3) |
قيامت واري ڏينهن اوهان کي نفعو نه ڏينديون نه اوهان جون مائٽيون ۽ نه اوهان جا اولاد، (الله) اوهان جي وچ ۾ فيصلو فرمائيندو. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا. |
قَد كانَت لَكُم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ فى إِبرٰهيمَ وَالَّذينَ مَعَهُ إِذ قالوا لِقَومِهِم إِنّا بُرَءٰؤُا۟ مِنكُم وَمِمّا تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ كَفَرنا بِكُم وَبَدا بَينَنا وَبَينَكُمُ العَدٰوَةُ وَالبَغضاءُ أَبَدًا حَتّىٰ تُؤمِنوا بِاللَّهِ وَحدَهُ إِلّا قَولَ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ لَأَستَغفِرَنَّ لَكَ وَما أَملِكُ لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ رَبَّنا عَلَيكَ تَوَكَّلنا وَإِلَيكَ أَنَبنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 4) |
بيشڪ اوهان جي لاءِ ابراهيم ۽ ان جي ساٿين ۾ بهترين نمونو آهي، جڏهن انهن پنهنجي قوم کي چيو ته: ”اسان اوهان کان ۽ جن (بتن) جي اوهين الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا بلڪل بيزار آهيون. اسان اوهان جو انڪار ڪيو ۽ اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ دشمني وير هميشه لاءِ پڌرو ٿي چڪو ايستائين جو اوهان هڪ الله تي ايمان آڻيو“، پر ابراهيم (عليه السلام) جو پنهنجي (پالڻ واري) پيءُ کي چوڻ ته: ”آءٌ ضرور تو لاءِ معافي گهرندس، توڙي جو آءٌ تو لاءِ الله جي طرفان ڪنهن به شيءِ جو اختيار نه ٿو رکان“. (ابراهيم ۽ سندس ساٿين دعا گھري) ”اي اسان جا پالڻهار اسان تو تي ڀروسو ڪيو ۽ اسان تو ڏانهن موٽيا آهيون ۽ تو ڏانهن ئي موٽڻ آهي. |
رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا وَاغفِر لَنا رَبَّنا إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 5) |
اي اسان جا پالڻهار تون اسان کي ڪافرن جي لاءِ آزمائش نه بناءِ ۽ اسان کي بخش، اي اسان جا پالڻهار بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين“. |
لَقَد كانَ لَكُم فيهِم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 6) |
بيشڪ اوهان لاءِ انهن ۾ سهڻو نمونو (۽ بهترين پيروي) آهي، هر ان ماڻهو لاءِ جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکي ٿو. ۽ جيڪو مُنهن موڙيندو ته پوءِ بيشڪ الله اُهو ئي بي پرواهه ساراهيل آهي. |
عَسَى اللَّهُ أَن يَجعَلَ بَينَكُم وَبَينَ الَّذينَ عادَيتُم مِنهُم مَوَدَّةً وَاللَّهُ قَديرٌ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
قريب آهي جو الله اوهان جي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ جن سان اوهان دشمني رکي آهي دوستي پيدا ڪري ڇڏي. ۽ الله سگھه وارو آهي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
لا يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ لَم يُقٰتِلوكُم فِى الدّينِ وَلَم يُخرِجوكُم مِن دِيٰرِكُم أَن تَبَرّوهُم وَتُقسِطوا إِلَيهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 8) |
الله اوهان کي انهن کان نه ٿو جهلي جن نه اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ نه اوهان کي اوهان جي گهرن مان ڪڍيائون جو اوهان انهن سان ڀلائي جو سلوڪ ڪيو ۽ انهن سان انصاف جو برتاءُ ڪيو. بيشڪ الله انصاف وارن سان محبت رکي ٿو. |
إِنَّما يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ قٰتَلوكُم فِى الدّينِ وَأَخرَجوكُم مِن دِيٰرِكُم وَظٰهَروا عَلىٰ إِخراجِكُم أَن تَوَلَّوهُم وَمَن يَتَوَلَّهُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 9) |
الله رڳو اوهان کي انهن سان دوستي رکڻ کان روڪي ٿو، جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ توهان کي پنهنجي گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ توهان جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪيائون ۽ جيڪو انهن سان دوستي رکندو پوءِ اُهي ئي ظالم آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا جاءَكُمُ المُؤمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامتَحِنوهُنَّ اللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِهِنَّ فَإِن عَلِمتُموهُنَّ مُؤمِنٰتٍ فَلا تَرجِعوهُنَّ إِلَى الكُفّارِ لا هُنَّ حِلٌّ لَهُم وَلا هُم يَحِلّونَ لَهُنَّ وَءاتوهُم ما أَنفَقوا وَلا جُناحَ عَلَيكُم أَن تَنكِحوهُنَّ إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ وَلا تُمسِكوا بِعِصَمِ الكَوافِرِ وَسـَٔلوا ما أَنفَقتُم وَليَسـَٔلوا ما أَنفَقوا ذٰلِكُم حُكمُ اللَّهِ يَحكُمُ بَينَكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان وٽ ايمان واريون عورتون هجرت ڪري اچن ته توهان انهن جي (مؤمن هجڻ جي) جانچ ڪيو. الله انهن جي ايمان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. پوءِ اگر اوهان کي انهن جي مؤمن هجڻ جو يقين ٿئي ته انهن کي ڪافرن ڏانهن نه موٽايو. نه اُهي (مؤمنياڻيون) انهن (ڪافرن) لاءِ حلال آهن ۽ نه اُهي (ڪافر) هنن لاءِ حلال آهن. ۽ انهن (ڪافر مردن) جيڪو (مال انهن تي بطور مهر) خرچ ڪيو هجي سو کين ادا ڪيو. ۽ توهان تي انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪوبه گناهه نه آهي، جڏهن توهان کين سندن حق مهر ادا ڪري ڏيو، ۽ (اي مسلمانو!) ڪافر عورتن جي عزت پنهنجي قبضي ۾ نه رکو (يعني پنهنجي نڪاح ۾ نه رکو) ۽ توهان جيڪو خرچ ڪيو هجي سو گُهري وٺو، ۽ جو انهن خرچ ڪيو هجي سو اُهي گُهري وٺن. اهو الله جو حڪم آهي. اُهو توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَإِن فاتَكُم شَيءٌ مِن أَزوٰجِكُم إِلَى الكُفّارِ فَعاقَبتُم فَـٔاتُوا الَّذينَ ذَهَبَت أَزوٰجُهُم مِثلَ ما أَنفَقوا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان ڪا اوهان جي هٿ کان نڪري ڪافرن ڏانهن وڃي پوءِ توهان ڪافرن کي (بطور جنگ) سزا ڏيو، پوءِ (اوهان کي مالِ غنيمت ملي ته) جن جون زالون ويون هيون (غنيمت جي مال مان) انهن کي ايترو ڏيو جيڪو انهن خرچ ڪيو هيو. ۽ الله کان ڊڄو جنهن تي توهان ايمان رکڻ وارا آهيو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا جاءَكَ المُؤمِنٰتُ يُبايِعنَكَ عَلىٰ أَن لا يُشرِكنَ بِاللَّهِ شَيـًٔا وَلا يَسرِقنَ وَلا يَزنينَ وَلا يَقتُلنَ أَولٰدَهُنَّ وَلا يَأتينَ بِبُهتٰنٍ يَفتَرينَهُ بَينَ أَيديهِنَّ وَأَرجُلِهِنَّ وَلا يَعصينَكَ فى مَعروفٍ فَبايِعهُنَّ وَاستَغفِر لَهُنَّ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي نبي! جڏهن تو وٽ ايمان واريون عورتون اچي هن ڳالهه تي بيعت ڪن ته نه الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه بدڪاري ڪنديون ۽ نه پنهنجي اولاد کي قتل ڪنديون ۽ نه ڪو اهڙو بهتان ٻَڌنديون جيڪو پنهنجي هٿن پيرن جي سامهون گهڙي وٺن ۽ ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ تنهنجي نافرماني نه ڪنديون ته تون سندن بيعت قبول ڪر ۽ انهن لاءِ الله کان معافي گهر. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم قَد يَئِسوا مِنَ الءاخِرَةِ كَما يَئِسَ الكُفّارُ مِن أَصحٰبِ القُبورِ (آيت : 13) |
اي ايمان وارؤ! اهڙن ماڻهن سان دوستي نه رکو جن تي الله ڏمريو آهي، بيشڪ اُهي آخرت کان (ائين) مايوس ٿيا آهن جيئن ڪافر قبرن وارن کان نااميد آهن. |