يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا عَدُوّى وَعَدُوَّكُم أَولِياءَ تُلقونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَقَد كَفَروا بِما جاءَكُم مِنَ الحَقِّ يُخرِجونَ الرَّسولَ وَإِيّاكُم أَن تُؤمِنوا بِاللَّهِ رَبِّكُم إِن كُنتُم خَرَجتُم جِهٰدًا فى سَبيلى وَابتِغاءَ مَرضاتى تُسِرّونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَأَنا۠ أَعلَمُ بِما أَخفَيتُم وَما أَعلَنتُم وَمَن يَفعَلهُ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 1) |
اي مؤمنو ! توهان منهنجي ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بنايو، توهان انهن ڏانهن دوستي جي ڪري رسولِ عربي جون خبرون پهچايو ٿا، حالانڪ تحقيق انهن (حق) جو انڪار ڪيو جيڪو توهان وٽ پهتو، انهن رسولِ عربي ۽ توهان کي هجرت ڪرائي ان لاءِ جو توهان الله تي ايمان آندو، جيڪو توهان جو رب آهي، جيڪڏهن توهان منهنجي واٽ ۾ جهاد لاءِ نڪتا ۽ (توهان) منهنجي رضا گھرو ٿا (ته انهن سان دوستي نه رکو) توهان انهن کي دوستي جي ڪري خفيه خبرون پهچايو ٿا، ۽ آئون توهان جي مخفي ۽ ظاهر کي وڌيڪ ڄاڻان ٿو، ۽ توهان مان جنهن ماڻهو ايئن ڪيو پوءِ بيشڪ اهو سنئين رستي تان گمراه ٿيو |
إِن يَثقَفوكُم يَكونوا لَكُم أَعداءً وَيَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم وَأَلسِنَتَهُم بِالسّوءِ وَوَدّوا لَو تَكفُرونَ (آيت : 2) |
جيڪڏهن اهي (ڪافر) توهان کي لهن ته توهان سان دشمني ڪن ۽ توهان ڏانهن (جنگ لاءِ) هٿ وڌائن ۽ پنهنجي زبانن کي برائي لاءِ هلائن ۽ اهي خواهش ڪن ٿا ته ڪاش توهان ڪافر ٿيو |
لَن تَنفَعَكُم أَرحامُكُم وَلا أَولٰدُكُم يَومَ القِيٰمَةِ يَفصِلُ بَينَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 3) |
هرگز قيامت جي ڏينهن توهان کي توهان جون مائٽيون ۽ اولاد نفعو نه ڏيندا، الله تعالى توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي |
قَد كانَت لَكُم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ فى إِبرٰهيمَ وَالَّذينَ مَعَهُ إِذ قالوا لِقَومِهِم إِنّا بُرَءٰؤُا۟ مِنكُم وَمِمّا تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ كَفَرنا بِكُم وَبَدا بَينَنا وَبَينَكُمُ العَدٰوَةُ وَالبَغضاءُ أَبَدًا حَتّىٰ تُؤمِنوا بِاللَّهِ وَحدَهُ إِلّا قَولَ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ لَأَستَغفِرَنَّ لَكَ وَما أَملِكُ لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ رَبَّنا عَلَيكَ تَوَكَّلنا وَإِلَيكَ أَنَبنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 4) |
بيشڪ توهان (مسلمانن) لاءِ سهڻي پيروي آهي (حضرت) ابراهيم جي قولن ۾ ۽ جيڪي مؤمن ساڻن گڏ هئا، جنهن وقت انهن پنهنجي قوم کي چيو بيشڪ اسين توهان کان ۽ توهان جي بتن کان بيزار آهيون جن جي توهان الله کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا، اسين توهان جو انڪار ڪريون ٿا، ۽ توهان ۽ اسان جي وچ ۾ هميشه لاءِ دشمني ۽ بغض پيدا ٿيو آهي ايستائين جو توهان الله تي ايمان آڻيو جيڪو وحدہٗ لا شريڪَ لہٗ آهي، سواءِ ان قول ابراهيم جي جيڪو ان سندس چاچي لاءِ چيو هو ته آئون تنهنجي لاءِ ضرور بخشش طلب ڪندس ۽ آئون الله جي حضور ۾ تو لاءِ ڪنهن شيءِ جو مالڪ ناهيان، اي اسان جا رب اسان تو تي توڪل ڪئي ۽ تو ڏانهن رجوع ٿياسين ۽ تو ڏانهن موٽڻو آهي |
رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا وَاغفِر لَنا رَبَّنا إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 5) |
اي اسان جا رب تون اسان کي ڪافرن جي فتني (آزمائش) ۾ نه وجھه ۽ اي اسان جا رب تون اسان کي بخش ڪر، بيشڪ تون غالب حڪمت وارو آهين |
لَقَد كانَ لَكُم فيهِم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 6) |
بيشڪ تحقيق توهان لاءِ انهن ۾ سهڻي پيروي هئي اهڙي ماڻهو لاءِ جيڪو الله تعالى ۽ قيامت ۾ اميد رکي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو (ان کان) مُنهن موڙي ٿو پوءِ بيشڪ الله تعالى ئي غني (۽) ساراهيل آهي |
عَسَى اللَّهُ أَن يَجعَلَ بَينَكُم وَبَينَ الَّذينَ عادَيتُم مِنهُم مَوَدَّةً وَاللَّهُ قَديرٌ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
قريب آهي جو الله تعالى توهان جي ۽ توهان جي دشمنن جي وچ ۾ دوستي ڪرائي ڇڏي، ۽ الله قادر آهي، ۽ الله غفور رحيم آهي |
لا يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ لَم يُقٰتِلوكُم فِى الدّينِ وَلَم يُخرِجوكُم مِن دِيٰرِكُم أَن تَبَرّوهُم وَتُقسِطوا إِلَيهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 8) |
جيڪي ماڻهو دين ۾ توهان سان نٿا وڙهن ۽ انهن توهان کي پنهنجي گھرن مان نه ڪڍيو، الله تعالى توهان کي اهڙن ماڻهن سان احسان ۽ انصاف ڪرڻ جي منع نٿو فرمائي، بيشڪ الله تعالى انصاف ڪندڙن سان محبت رکي ٿو |
إِنَّما يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ قٰتَلوكُم فِى الدّينِ وَأَخرَجوكُم مِن دِيٰرِكُم وَظٰهَروا عَلىٰ إِخراجِكُم أَن تَوَلَّوهُم وَمَن يَتَوَلَّهُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 9) |
جيڪي ماڻهو دين ۾ توهان سان وڙهن ٿا ۽ انهن توهان کي توهان جي گھرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ توهان جي ڪڍڻ لاءِ انهن مدد ڪئي الله تعالى فقط اهڙن ماڻهن سان دوستيءَ جي توهان کي منع فرمائي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو انهن سان دوستي رکندو پوءِ اهي ئي ظالم آهن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا جاءَكُمُ المُؤمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامتَحِنوهُنَّ اللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِهِنَّ فَإِن عَلِمتُموهُنَّ مُؤمِنٰتٍ فَلا تَرجِعوهُنَّ إِلَى الكُفّارِ لا هُنَّ حِلٌّ لَهُم وَلا هُم يَحِلّونَ لَهُنَّ وَءاتوهُم ما أَنفَقوا وَلا جُناحَ عَلَيكُم أَن تَنكِحوهُنَّ إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ وَلا تُمسِكوا بِعِصَمِ الكَوافِرِ وَسـَٔلوا ما أَنفَقتُم وَليَسـَٔلوا ما أَنفَقوا ذٰلِكُم حُكمُ اللَّهِ يَحكُمُ بَينَكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
اي مؤمنو جڏهن توهان وٽ مؤمن عورتون (ڪافرن وٽان) هجرت ڪري اچن پوءِ توهان انهن جو امتحان وٺو، الله تعالى انهن جي ايمان کي بهتر ڄاڻي ٿو، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن کي مؤمن معلوم ڪريو پوءِ توهان انهن کي ڪافرن ڏانهن نه موٽايو، اهي ڪافرن لاءِ حلال ناهن ۽ نه اهي ڪافر انهن لاءِ حلال آهن، ۽ توهان انهن جي مڙسن کي ڏيو جيڪو انهن خرچ ڪيو آهي ۽ توهان (مؤمنن) تي ڪو گناه ڪونهي جو توهان انهن عورتن سان نڪاح ڪريو جڏهن ته کين سندن مَهرون ادا ڪريو، ۽ ڪافر عورت جي نڪاح تي مضبوط نه ٿيو ۽ توهان انهن کان گھرو جيڪو توهان خرچ ڪيو ۽ اهي (ڪافر) توهان کان گھُرن جيڪو انهن خرچ ڪيو، اهو توهان لاءِ الله جو حڪم آهي، اُهو توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو، ۽ الله تعالى هميشه ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
وَإِن فاتَكُم شَيءٌ مِن أَزوٰجِكُم إِلَى الكُفّارِ فَعاقَبتُم فَـٔاتُوا الَّذينَ ذَهَبَت أَزوٰجُهُم مِثلَ ما أَنفَقوا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏهن توهان جي هٿ مان ڪجھه عورتون (ڪنهن سبب جي ڪري) ڪافرن ڏانهن نڪر ي وڃن پوءِ توهان انهن کي سزا ڏيو پوءِ جن ماڻهن جون گھر واريون ويون آهن، انهن کي (مالِ غنيمت مان) ايترو ڏيو جيترو انهن خرچ ڪيو آهي، ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو جنهن تي توهان يقين رکندڙ آهيو |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا جاءَكَ المُؤمِنٰتُ يُبايِعنَكَ عَلىٰ أَن لا يُشرِكنَ بِاللَّهِ شَيـًٔا وَلا يَسرِقنَ وَلا يَزنينَ وَلا يَقتُلنَ أَولٰدَهُنَّ وَلا يَأتينَ بِبُهتٰنٍ يَفتَرينَهُ بَينَ أَيديهِنَّ وَأَرجُلِهِنَّ وَلا يَعصينَكَ فى مَعروفٍ فَبايِعهُنَّ وَاستَغفِر لَهُنَّ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي سچا نبي جنهن وقت توهان وٽ مؤمن عورتون اچن (۽) ان ڳالهه تي بيعت ڪن ته اهي الله سان گڏ ڪنهن کي شريڪ نه ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه بدڪاري ڪنديون ۽ نه اهي پنهنجي اولادن کي قتل ڪنديون ۽ نه اهي بُهتان آڻينديون جنهنکي پنهنجي هٿن ۽ پيرن سان گھڙين ٿيون، ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ توهان جي بي فرماني نه ڪنديون، پوءِ توهان انهن عورت سان بيعت ڪريو ۽ توهان الله کان انهن لاءِ بخشش طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم قَد يَئِسوا مِنَ الءاخِرَةِ كَما يَئِسَ الكُفّارُ مِن أَصحٰبِ القُبورِ (آيت : 13) |
اي مؤمنو توهان انهيءَ قوم سان (قطعاً) دوستي نه رکو جن تي الله تعالى غضب ڪيو آهي، اُهي آخرت کان نااميد ٿيا جيئنڪ ڪافر قبرن وارن کان نااميد ٿيا |