يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا عَدُوّى وَعَدُوَّكُم أَولِياءَ تُلقونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَقَد كَفَروا بِما جاءَكُم مِنَ الحَقِّ يُخرِجونَ الرَّسولَ وَإِيّاكُم أَن تُؤمِنوا بِاللَّهِ رَبِّكُم إِن كُنتُم خَرَجتُم جِهٰدًا فى سَبيلى وَابتِغاءَ مَرضاتى تُسِرّونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَأَنا۠ أَعلَمُ بِما أَخفَيتُم وَما أَعلَنتُم وَمَن يَفعَلهُ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 1) |
اي مؤمنوَ جيڪڏهن اوهين منهنجي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضا مندي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيو، ته منهنجي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بنايو، انهن ڏانهن دوستيءَ جي ڪري پيغام موڪليو ٿا، مگر جيڪو اوهان وٽ سچ آيو آهي، تنهن جا ته اهي منڪر آهن_ رسول کي ۽ اوهان کي هن ڪري (وطن مان) ڪڍن ٿا، جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ الله تي ايمان آندو آهي_ اوهين ته انهن لاءِ دوستيءَ جي ڪري ڳجها نياپا ٿا موڪليو، مگر جيڪي ڳجهو ڪريو ٿا يا پڌرو ڪريو ٿا، اهو آءُ چڱي طرح ڄاڻيندڙ آهيان_ ۽ اوهان مان جيڪو ائين ڪندو، سو بيشڪ سڌو رستو ڀُليو. |
إِن يَثقَفوكُم يَكونوا لَكُم أَعداءً وَيَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم وَأَلسِنَتَهُم بِالسّوءِ وَوَدّوا لَو تَكفُرونَ (آيت : 2) |
جيڪڏهن هو اوهان کي هٿ ڪندا، ته اوهان جا پڪ دشمن هوندا ۽ اوهان ڏانهن پنهنجا هٿ ۽ پنهنجيون زبانون بُري ارادي سان وڌائيندا ۽ گهرندا ته جيڪر اوهين به ڪافر ٿيو. |
لَن تَنفَعَكُم أَرحامُكُم وَلا أَولٰدُكُم يَومَ القِيٰمَةِ يَفصِلُ بَينَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 3) |
اوهان جا مائٽ خواهه اوهان جو اولاد قيامت جي ڏينهن اوهان کي هر گز فائدو نه پهچائيندا، (الله) اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. |
قَد كانَت لَكُم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ فى إِبرٰهيمَ وَالَّذينَ مَعَهُ إِذ قالوا لِقَومِهِم إِنّا بُرَءٰؤُا۟ مِنكُم وَمِمّا تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ كَفَرنا بِكُم وَبَدا بَينَنا وَبَينَكُمُ العَدٰوَةُ وَالبَغضاءُ أَبَدًا حَتّىٰ تُؤمِنوا بِاللَّهِ وَحدَهُ إِلّا قَولَ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ لَأَستَغفِرَنَّ لَكَ وَما أَملِكُ لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ رَبَّنا عَلَيكَ تَوَكَّلنا وَإِلَيكَ أَنَبنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 4) |
بيشڪ ابراهيم ۽ سندس ساٿين ۾ اوهان لاءِ چڱي پيروي آهي_ جڏهن پنهنجي قوم کي چيائون ”بيشڪ اسين اوهان کان ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيو ٿا، تن کان بيزار آهيون، اسين اوهان جا منڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ هميشه لاءِ دشمني ۽ وير پڌرو ٿي چڪو، جيسين هڪ الله تي ايمان نه آڻيندا_ سواءِ هن ڳالهه جي، جو ابراهيم جو پنهنجي پيءُ کي چوڻ ته ”تولاءِ ضرور بخشش گهرندس، پر الله کان تو لاءِ ڪجهه به ڪري نٿو سگهان.“ (۽ چيائون) ”اي اسان جا ڌڻي! اسان توتي ڀروسو رکيو، تو ڏانهن موٽياسون ۽ تو ڏي ئي موٽڻ آهي. |
رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا وَاغفِر لَنا رَبَّنا إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 5) |
اي اسان جا ڌڻي! اسان کي ڪافرن لاءِ آزمائش نه بناءِ_ اي اسان جا ڌڻي! اسان کي بخش، بيشڪ تون غالب ۽ ڏاهپ وارو آهين.“ |
لَقَد كانَ لَكُم فيهِم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 6) |
بيشڪ انهن ۾ توهان لاءِ سٺو طريقو آهي، جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکندڙ آهي_ ۽ جيڪو منهن موڙيندو، ته بيشڪ الله سڀ کان بي پرواهه ساراهيل آهي. |
عَسَى اللَّهُ أَن يَجعَلَ بَينَكُم وَبَينَ الَّذينَ عادَيتُم مِنهُم مَوَدَّةً وَاللَّهُ قَديرٌ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
ٿي سگهي ٿو؛ جو الله اوهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري، جن سان انهن مان دشمني رکي اٿوَ، الله سگهارو آهي ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
لا يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ لَم يُقٰتِلوكُم فِى الدّينِ وَلَم يُخرِجوكُم مِن دِيٰرِكُم أَن تَبَرّوهُم وَتُقسِطوا إِلَيهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 8) |
جن شخصن اوهان سان دين ۾ نه جنگ ڪئي آهي ۽ نڪي اوهان جي گهرن مان اوهان کي ٻاهر ڪڍيو آهي، تن سان احسان ڪرڻ ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ کان الله اوهان کي نٿو روڪي_ بيشڪ الله انصاف ڪندڙن سان محبت ٿو رکي. |
إِنَّما يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ قٰتَلوكُم فِى الدّينِ وَأَخرَجوكُم مِن دِيٰرِكُم وَظٰهَروا عَلىٰ إِخراجِكُم أَن تَوَلَّوهُم وَمَن يَتَوَلَّهُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 9) |
الله فقط انهن سان دوستي رکڻ کان اوهان کي منع ڪري ٿو، جن شخصن اوهان سان دين بابت جنگ ڪئي، اوهان کي اوهان جي گهرن مان ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ ٻين جي مدد ڪئي_ جيڪي انهن سان دوستي رکندا، سي ئي ظالم آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا جاءَكُمُ المُؤمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامتَحِنوهُنَّ اللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِهِنَّ فَإِن عَلِمتُموهُنَّ مُؤمِنٰتٍ فَلا تَرجِعوهُنَّ إِلَى الكُفّارِ لا هُنَّ حِلٌّ لَهُم وَلا هُم يَحِلّونَ لَهُنَّ وَءاتوهُم ما أَنفَقوا وَلا جُناحَ عَلَيكُم أَن تَنكِحوهُنَّ إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ وَلا تُمسِكوا بِعِصَمِ الكَوافِرِ وَسـَٔلوا ما أَنفَقتُم وَليَسـَٔلوا ما أَنفَقوا ذٰلِكُم حُكمُ اللَّهِ يَحكُمُ بَينَكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
اي مؤمنو! جڏهن اوهان وٽ مؤمنياڻيون وطن ڇڏي اچن، تڏهن کين جاچيو، الله انهن جي ايمان کي چڱو ڄاڻنيدڙ آهي_ پوءِ جيڪڏهن کين مؤمنياڻيون ڄاڻو، ته انهن کي ڪافرن ڏانهن موٽائي نه موڪليو_ اُهي ڪافرن لاءِ حلال ناهن ۽ نڪي ڪافر انهن لاءِ حلال آهن_ ۽ جيڪو خرچ ڪيائون، سو انهن مڙسن کي ڏيو ۽ جڏهن کين سندن مهر ڏيو، ته انهن جي نڪاح ڪرڻ ۾ اوهان تي گناهه نه آهي_ ۽ اوهين به ڪافرياڻين جي لاڳاپن کي پاڻ وٽ نه روڪيو ۽ جيڪو اوهان خرچ ڪيو، سو ڀلي انهن کان گهرو ۽ جيڪي هنن خرچ ڪيو، سو به ڀل اوهان کان گهرن، اهو الله جو حڪم آهي، جو اوهان جي وچ ۾ فيصلو ٿو ڪري ۽ الله ڄاڻيندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
وَإِن فاتَكُم شَيءٌ مِن أَزوٰجِكُم إِلَى الكُفّارِ فَعاقَبتُم فَـٔاتُوا الَّذينَ ذَهَبَت أَزوٰجُهُم مِثلَ ما أَنفَقوا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان ڪا ڪافرن ڏانهن ويئي هجي، پوءِ اوهان (ڪافرن تي) سوڀ ڪئي، ته جن جون زالون ويون هجن تن کي اوترو ڏين، جيترو انهن خرچ ڪيو هو، ۽ انهي الله کان ڊڄو، جنهن تي اوهين ايمان آڻيندڙ آهيو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا جاءَكَ المُؤمِنٰتُ يُبايِعنَكَ عَلىٰ أَن لا يُشرِكنَ بِاللَّهِ شَيـًٔا وَلا يَسرِقنَ وَلا يَزنينَ وَلا يَقتُلنَ أَولٰدَهُنَّ وَلا يَأتينَ بِبُهتٰنٍ يَفتَرينَهُ بَينَ أَيديهِنَّ وَأَرجُلِهِنَّ وَلا يَعصينَكَ فى مَعروفٍ فَبايِعهُنَّ وَاستَغفِر لَهُنَّ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي نبي! جڏهن تو وٽ مؤمن زالون تو سان بيعت ڪرڻ لاءِ اچن، ته ”ڪنهن کي الله سان شريڪ نه ڪنديون، نڪي چوري ڪنديون، نڪي زنا ڪنديون، نڪي پنهنجي اولاد کي قتل ڪنديون، نڪي اهڙي ڪوڙي تهمت رکنديون، جنهن کي پنهنجي هٿن پيرن سان ٺاهيو هجنِ، ۽ نڪي ڪنهن چڱي ڪم ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون؛“ تڏهن ساڻن بيعت ڪر ۽ انهن لاءِ الله کان بخشش گهر، بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم قَد يَئِسوا مِنَ الءاخِرَةِ كَما يَئِسَ الكُفّارُ مِن أَصحٰبِ القُبورِ (آيت : 13) |
اي مؤمنو! اوهين انهي قوم سان دوستي نه رکو، جنهن تي الله ڏمريو آهي_ بيشڪ اهي آخرت کان اهڙا نا اميد ٿيا آهن، جهڙو ڪافر قبرن وارن (جي جيئري ٿيڻ) کان نا اميد ٿيا آهن. |