يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا عَدُوّى وَعَدُوَّكُم أَولِياءَ تُلقونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَقَد كَفَروا بِما جاءَكُم مِنَ الحَقِّ يُخرِجونَ الرَّسولَ وَإِيّاكُم أَن تُؤمِنوا بِاللَّهِ رَبِّكُم إِن كُنتُم خَرَجتُم جِهٰدًا فى سَبيلى وَابتِغاءَ مَرضاتى تُسِرّونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَأَنا۠ أَعلَمُ بِما أَخفَيتُم وَما أَعلَنتُم وَمَن يَفعَلهُ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ! توهان منھنجي ۽ پنھنجي دشمنن کي دوست نه ٺاهيو حالانڪه توهان وٽ جيڪو سچو دين آيو آهي، هي ماڻهو ان جو انڪار ڪن ٿا پوءِ به توهان انهن ڏي لڪي دوستي جا هٿ وڌايو ٿا. هي ماڻهو ته (ان ڪري) رسول سڳوري ۽ توهان کي جلا وطن ڪن ٿا جو توهان پنھنجي پالڻھار تي ايمان آندو آهي. جيڪڏهن توهان منھنجي راهه ۾ جھاد ڪرڻ ۽ منھنجي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيو ته (پوءِ انهن سان دوستي نه رکو) توهان جو ڪجهه لڪايو ٿا يا ظاهر ڪريو ٿا مان سڀ ڄاڻان ٿو. (هاڻي) توهان مان جيڪو به اهڙي حرڪت ڪندو (پڪ سمجهو ته) هو سڌي رستي کان گمراهه ٿي ويو. |
إِن يَثقَفوكُم يَكونوا لَكُم أَعداءً وَيَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم وَأَلسِنَتَهُم بِالسّوءِ وَوَدّوا لَو تَكفُرونَ (آيت : 2) |
جيڪڏهن هي (ڪافر) توهان کي ڪٿي قابو ڪري وٺندا ته هو توهان سان دشمنن وارو سلوڪ ڪندا ۽ پنھنجي هٿن ۽ زبانن (يعني طعنن تنڪن) جي ذريعي توهان کي وڏي تڪليف پھچائيندا. هي ته چاهين ٿا ته توهان (ڪنهن به طريقي سان) ڪافر ٿي وڃو. |
لَن تَنفَعَكُم أَرحامُكُم وَلا أَولٰدُكُم يَومَ القِيٰمَةِ يَفصِلُ بَينَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 3) |
قيامت جي ڏينھن توهان کي مٽي مائٽي ۽ توهان جو اولاد ڪوبه فائدو نه پھچائي سگهندا. الله تعالى توهان سڀني جي وچ ۾ جدائي وجهي ڇڏيندو. الله تعالى توهان جي عملن کي خوب ڏسندڙ آهي. |
قَد كانَت لَكُم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ فى إِبرٰهيمَ وَالَّذينَ مَعَهُ إِذ قالوا لِقَومِهِم إِنّا بُرَءٰؤُا۟ مِنكُم وَمِمّا تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ كَفَرنا بِكُم وَبَدا بَينَنا وَبَينَكُمُ العَدٰوَةُ وَالبَغضاءُ أَبَدًا حَتّىٰ تُؤمِنوا بِاللَّهِ وَحدَهُ إِلّا قَولَ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ لَأَستَغفِرَنَّ لَكَ وَما أَملِكُ لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ رَبَّنا عَلَيكَ تَوَكَّلنا وَإِلَيكَ أَنَبنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 4) |
توهان ماڻهن جي لاءِ ابراهيم ($) ۽ ان جي ساٿين جي طريقي ۾ بھترين نمونو موجود آهي جڏهن انهن پنھنجي قوم کي چيو ته توهان الله تعالى کي ڇڏي جن جي پوڄا ڪريو ٿا بيشڪ اسان انهن کان ۽ توهان کان بيزار آهيون. اصل ۾ اسان توهان (جي عقيدي) جا ئي انڪاري آهيون ۽ (اڄ کان) اسان ۽ توهان جي وچ ۾ هميشه رهڻ واري دشمني ۽ نفرت شروع ٿي وئي آهي. (اها ايستائين رهندي) جيستائين توهان هڪ اڪيلي الله تي ايمان نه آڻيندا (باقي ان جو هي عمل پيروي جوڳو نه آهي ته) ابراهيم ($) جو پنھنجي پيءُ کي اهو چوڻ ته مان تنھنجي لاءِ ضرور (الله تعالى کان) معافي گهرندس. حالانڪه مان تنھنجي فائدي لاءِ الله تعالى جي طرفان ڪنھن به شيءِ جو اختيار نٿو رکان. (پوءِ ابراهيم $۽ سندس ساٿين هي دعا گهري ته:) اي اسان جا پالڻھار! اسان توتي ڀروسو ڪيو، توڏي ئي رجوع ڪيو آهي ۽ (هر شيءِ جو) موٽڻ توڏانهن ئي آهي. |
رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا وَاغفِر لَنا رَبَّنا إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 5) |
اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ڪافرن جي لاءِ آزمائش نه بنائجانءِ ۽ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي معاف فرماءِ. بيشڪ تون زبردست حڪمت وارو آهين. |
لَقَد كانَ لَكُم فيهِم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 6) |
توهان مان جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن جي اچڻ جي اميد رکي ٿو ته ان لاءِ انهن ماڻهن (يعني ابراهيم $۽ سندس ساٿين) جي طريقي ۾ سھڻو نمونو موجود آهي پوءِ جيڪو ماڻهو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله تعالى بي پرواهه تعريف جي لائق آهي. |
عَسَى اللَّهُ أَن يَجعَلَ بَينَكُم وَبَينَ الَّذينَ عادَيتُم مِنهُم مَوَدَّةً وَاللَّهُ قَديرٌ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
اميد آهي ته الله تعالى توهان جي ۽ جن سان توهان (الله تعالى ڪارڻ) دشمني رکي آهي تن جي دلين ۾ (اڳتي هلي ڪري) محبت پيد اڪري ڇڏي ۽ الله تعالى (هر شيءِ تي) قدرت رکندڙ آهي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
لا يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ لَم يُقٰتِلوكُم فِى الدّينِ وَلَم يُخرِجوكُم مِن دِيٰرِكُم أَن تَبَرّوهُم وَتُقسِطوا إِلَيهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 8) |
جيڪي ماڻهو توهان سان دين جي معاملي ۾ نه وڙهيا آهن، نه ئي توهان کي پنھنجي گهرن مان ڪڍيو آهي الله تعالى انهن سان ڀلائي ۽ انصاف ڪرڻ کان توهان کي منع نٿو ڪري. بيشڪ الله تعالى انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪندو آهي. |
إِنَّما يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ قٰتَلوكُم فِى الدّينِ وَأَخرَجوكُم مِن دِيٰرِكُم وَظٰهَروا عَلىٰ إِخراجِكُم أَن تَوَلَّوهُم وَمَن يَتَوَلَّهُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 9) |
الله تعالى ته توهان کي رڳو اهڙن ماڻهن سان دوستي رکڻ کان جهلي ٿو جيڪي توهان سان دين جي معاملي ۾ وڙهيا آهن، توهان کي پنھنجي گهرن مان ڪڍيو آهي ۽ توهان جي ڪڍڻ ۾ (ٻين ماڻهن سان) هٿ ونڊايو آهي جيڪڏهن ڪير انهن سان دوستي رکي ته اهي ئي ظالم آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا جاءَكُمُ المُؤمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامتَحِنوهُنَّ اللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِهِنَّ فَإِن عَلِمتُموهُنَّ مُؤمِنٰتٍ فَلا تَرجِعوهُنَّ إِلَى الكُفّارِ لا هُنَّ حِلٌّ لَهُم وَلا هُم يَحِلّونَ لَهُنَّ وَءاتوهُم ما أَنفَقوا وَلا جُناحَ عَلَيكُم أَن تَنكِحوهُنَّ إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ وَلا تُمسِكوا بِعِصَمِ الكَوافِرِ وَسـَٔلوا ما أَنفَقتُم وَليَسـَٔلوا ما أَنفَقوا ذٰلِكُم حُكمُ اللَّهِ يَحكُمُ بَينَكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن به توهان وٽ مؤمن عورتون هجرت ڪري (مديني) اچن ته پھريائين انهن جي (ايمان جي) جانچ وٺندا ڪريو. الله تعالى کي ته انهن جي ايمان جي خوب خبر آهي. پوءِ جيڪڏهن جانچ ۾ توهان کي انهن جي مؤمنياڻي هجڻ جو يقين ٿي وڃي ته پوءِ انهن کي ڪافرن ڏانھن نه موٽايو (هاڻي هي عورتون) نه انهن ڪافرن لاءِ حلال آهن ۽ نه ئي ڪافر ماڻهو انهن مؤمنياڻين لاءِ حلال آهن، ۽ توهان انهن ڪافر مڙسن کي انهن جا حق مھر واپس ڪري ڇڏيو. هاڻي (توهان مؤمنن تي) انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪوبه گناهه نه آهي. پر انهن کي حق مھر(ضرور) ادا ڪريو ۽ توهان به پنھنجي ڪافر گهر وارين کي پاڻ وٽ نه روڪي رکو ۽ کين (پنهنجو) ڏنل حق مھر واپس وٺو. ۽ ڪافر مڙس به مسلمان ٿيندڙ گهر وارين جا حق مھر واپس وٺن. الله تعالى جو اهوئي حڪم آهي، اهو ئي توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو. ۽ الله تعالى وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَإِن فاتَكُم شَيءٌ مِن أَزوٰجِكُم إِلَى الكُفّارِ فَعاقَبتُم فَـٔاتُوا الَّذينَ ذَهَبَت أَزوٰجُهُم مِثلَ ما أَنفَقوا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏهن توهان کي پنھنجي ڪافر گهر وارين جا حق مھر واپس نه مليا آهن ته پوءِ جيڪي عورتون هجرت ڪري توهان وٽ پھچن ته اُنهن جا حق مھر ڪافر مڙسن کي نه ڏيو بلڪه جن ماڻهن کي ڪافر گهر وارين جا حق مھر واپس نه مليا آهن انهن جي مسلمان مڙسن کي اوترو مهر ادا ڪريو، جيترو انهن ڪافر گهر وارين جو حق مھر مقرر ڪيو ويو هو. ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن تي توهان ايمان آندو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا جاءَكَ المُؤمِنٰتُ يُبايِعنَكَ عَلىٰ أَن لا يُشرِكنَ بِاللَّهِ شَيـًٔا وَلا يَسرِقنَ وَلا يَزنينَ وَلا يَقتُلنَ أَولٰدَهُنَّ وَلا يَأتينَ بِبُهتٰنٍ يَفتَرينَهُ بَينَ أَيديهِنَّ وَأَرجُلِهِنَّ وَلا يَعصينَكَ فى مَعروفٍ فَبايِعهُنَّ وَاستَغفِر لَهُنَّ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي نبي (ﷺ) جڏهن مؤمن عورتون تو وٽ هنن ڳالهين تي اچي بيعت ڪن ته: هُو الله تعالى سان گڏ ٻئي ڪنھن کي شريڪ نه ڪنديون. چوري نه ڪنديون، زنا نه ڪنديون، پنھنجي اولاد کي قتل نه ڪنديون، پنھنجي طرفان ويٺي ويٺي ڪنھن تي بھتان نه هڻنديون ۽ نه نيڪيءَ جي ڪمن ۾ تنھنجي نافرماني ڪنديون ته پوءِ اُنهن کان بيعت وٺ ۽ اُنهن لاءِ الله تعالى کان بخشش جي دعا گهرندو رهه. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم قَد يَئِسوا مِنَ الءاخِرَةِ كَما يَئِسَ الكُفّارُ مِن أَصحٰبِ القُبورِ (آيت : 13) |
اي ايمان وارؤ! توهان انهن ماڻهن سان (به) دوستي نه رکو جن ماڻهن تي الله تعالى ڏمريل آهي، هي ماڻهو آخرت کان ايئن مايوس آهن جيئن ڪافر قبرن ۾ پيل مئلن کان (مايوس ٿيل آهن) |