الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1) |
تعريف الله جي ئي لاءِ آهي، جنهن آسمان ۽ زمين خلقيا، اونداهيون ۽ روشني پيدا ڪيائين. تڏهن به اهي ماڻهو جن حق جي دعوت مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻين کي پنهنجي رب جي برابر ڪن ٿا |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2) |
اهو ئي آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ توهان جي حياتيءَ جي هڪ مدت مقرر ڪيائين ۽ اڃان هڪڙي ٻي مدت به آهي، جيڪا وٽس مقرر ٿيل آهي. پر وري توهان آهيو جو شڪ ۾ ڦاٿا پيا آهيو |
وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3) |
اهوئي الله آسمانن ۾ به آهي ۽ زمين ۾ به. توهانجو ڳجهو توڙي پڌرو سڀ حال ڄاڻي ٿو ۽ جيڪا به برائي يا ڀلائي توهان ڪمايو ٿا، انهيءَ کان به چڱيءَ طرح واقف آهي |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4) |
ماڻهن جي حالت ته اها آهي جو سندن رب جي نشانين مان ڪابه نشاني اهڙي نه آهي، جيڪا سندن سامهون آئي هجي ۽ هنن ان کان منهن نه موڙيو هجي |
فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5) |
ايتريقدر جو هاڻي جيڪو حق وٽن آيو آهي ان کي به هنن ڪوڙو ڀانيو. چڱو ڀلا جنهن شيءِ تي هو پيا ٺٺوليون ڪندا رهيا آهن، سگهوئي ان بابت ڪي خبرون ملندن |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6) |
ڇا نه ڏٺو اٿن ته کانئن اڳ ڪيتريون ئي اهڙيون قومون اسان تباهه ڪري چڪا آهيون، جن جو پنهنجي پنهنجي زماني ۾ چؤٻول هو؟ جن کي اسان زمين ۾ اهو اقتدار ڏنو هو، جيڪو اسان توهان کي نه ڏنو آهي. انهن تي اسان آسمان مان خوب مينهن وسايا ۽ سندن هيٺان وري واهڙ وهاياسون (پر پوءِ جڏهن بي شڪري ڪيائون ته) اسان کين سندن گناهن جي ڪري تباهه ڪري ڇڏيو ۽ سندن جاءِ تي ٻين قومن جو دور آندوسون |
وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
اي نبي! جيڪڏهن اسان توتي کڻي ڪو ڪاغذ تي لکيل ڪتاب به لاهيون ها ۽ جنهن کي هٿ لائي به ڏسن ها، تڏهن به جن حق جو انڪار ڪيو آهي، سي ائين ئي چون ها ته اهو ته کليو کلايو جادو آهي |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8) |
چون ٿا ته هن نبيءَ تي ڪو فرشتو ڇونه لاٿو ويو آهي؟ جيڪڏهن اسان ڪو فرشتو لاهيون ها ته پوءِ ته ڪڏهوڪو فيصلو ٿي به وڃي ها ۽ پوءِ ته کين ڪا مهلت ئي نه ڏني وڃي ها |
وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9) |
وري جيڪڏهن اسان ڪو فرشتو لاهيون ها ته اهو به ته انساني شڪل ۾ ئي لاهيون ها ۽ کين ائين ئي ساڳئي شڪ ۾ وجهي ڇڏيون ها، جنهن ۾ هو هينئر پيل آهن |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
اي نبي! توکان اڳ به گهڻن ئي رسولن تي چٿرون ٿيون آهن، پر پوءِ انهن مسخري ڪندڙن کي نيٺ اهائي حقيقت وڪوڙي وئي، جنهن تي هو پيا چٿرون ڪندا هئا |
قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
انهن کي چؤ ته ٿورو زمين ۾ گهمي ڦري به ته ڏسو ته ڪوڙو سڏيندڙن جي پڇاڙي آخر ڪهڙي ٿي آهي؟ |
قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12) |
پڇين ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو ڪنهن جو آهي؟ ٻڌائين ته سڀ ڪجهه الله جو ئي آهي، هن رحم ۽ ڪرم واري ريت پاڻ تي واجب ڪري ڇڏي آهي. (انهيءَ ڪري ئي هو بي فرمانين ۽ سرڪشين تي توهان کي جلدي نٿو پڪڙي) قيامت جي ڏينهن هو توهان سڀني کي ضرور گڏ ڪندو، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، پر جن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي اهي نٿا مڃين |
وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13) |
رات جي اونداهي ۾ توڙي چٽي ڏينهن ۾ رهندڙ جيڪو به آهي سو سڀ الله جو آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14) |
چؤ! ڇا الله کي ڇڏي مان ڪنهن ٻئي کي پنهنجو سنڀاليندڙ بڻايان؟ انهيءَ الله کي ڇڏي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو خالق آهي ۽ جيڪو روزي رسائي ٿو، روزي طلبي نٿو، چؤ! مونکي ته اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان اڳ ۾ مان ئي سندس آڏو سر نوايان (۽ تاڪيد ڪيل آهي ته ڪو شرڪ ڪري ته ڪري) تون ڪڏهن به مشرڪن ۾ شامل نه ٿجانءِ |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
چؤ! مان ڊڄان ٿو ته جيڪڏهن پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي ته هڪ وڏي (خوفناڪ) ڏينهن واري سزا ڀوڳڻي پوندي |
مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16) |
ان ڏينهن جيڪو سزا کان بچي ويو، انهيءَ تي الله وڏو رحم ڪيو ۽ اهائي تمام پڌري ڪاميابي آهي |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
جيڪڏهن الله توکي ڪوبه نقصان پهچائي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ناهي، جيڪو توکي ان کان بچائي سگهي ۽ جيڪڏهن هو توکي ڪا ڀلائي نصيب ڪري ته هو هر شيءِ تي قادر آهي |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18) |
هن کي پنهنجن ٻانهن جي مٿان اختيار آهي ۽ هو داناءُ ۽ باخبر آهي |
قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19) |
پڇين ته ڪنهن جي شاهدي سڀ کان ڳري آهي؟ چؤ منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ الله شاهد آهي ۽ هيءُ قرآن مون ڏانهن وحيءَ وسيلي موڪليو ويو آهي ان لاءِ ته جيئن توهان کي ۽ جنهن تائين اهو پهچي سڀني کي ان وسيلي خبردار ڪريان. ڇا سچ پچ توهان اها شاهدي ڏيئي سگهو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا الــٰـھ (خدا) به آهن؟ چوين ته مان ته اهڙي شاهدي ڏئي نٿو سگهان. چوين ته الـــٰـھ (معبود) ته اهو هڪڙوئي آهي ۽ مان انهيءَ شرڪ کان سخت بيزار آهيان، جنهن ۾ توهان ڦاٿل آهيو |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، اهي ان کي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ائين ٿا سڃاڻن، جيئن پنهنجي پٽن کي ٿا سڃاڻن، پر جن پنهنجو پاڻ کي ٽوٽي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهي ته مڃيندا ئي ڪونه |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21) |
۽ انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿيندو، جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان مڙهي يا الله جي نشاني کي ڪوڙو سڏي؟ بيشڪ اهڙا ظالم ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻيندا |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22) |
جنهن ڏينهن اسان انهن سڀني کي ميڙي گڏ ڪنداسون ته مشرڪن کان پڇنداسون ته هاڻي ڪٿي اٿؤ اهي پنهنجا ٺاهيل شريڪ، جن کي توهان پنهنجو خدا ڀانئيندا هيؤ؟ |
ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23) |
ته پوءِ هو هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه فتنو کڙو ڪري نه سگهندا ته (ڪوڙ ڳالهائي) ائين چون ته "اي اسان جا رب! تنهنجو قسم آهي ته اسان ته شرڪ ڪندڙ هئاسون ئي نه" |
انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
ڏسينِ ته ڪيئن نه پنهنجو پاڻ تي به ٿا ڪوڙ هڻن ۽ اتي سندن سمورا هٿ ٺوڪيا معبود گم ٿي ويندا |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25) |
منجهانئن ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي ڪــَــنَ ڏئي تنهنجي ڳالهه ٻڌن ٿا، پر اسان سندن دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن، جنهنڪري اهي هن ڳالهه کي سمجهي ئي نٿا سگهن ۽ وري سندن ڪنن تي به تاڙيون چڙهيل آهن (جو سڀ ڪجهه ٻڌي به ڄڻ ڪجهه نٿا ٻڌن) هو کڻي ڪهڙي به نشاني ڏِسن ان تي ايمان نه آڻيندا، ايتريقدر جو جڏهن تو وٽ اچي توسان بحث مباحثو ٿا ڪن ته انهن مان جن جو ڪفر تي سندرو ٻڌل آهي (سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ به) ائين ئي چون ٿا ته اهي ته اڳوڻن جي آکاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن |
وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26) |
هو انهيءَ حق جي ڳالهه کان ٻين کي به ٿا روڪين ۽ پاڻ به ٿا پري ڀڄن (۽ سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ سان ڪو تنهنجو ٿا نقصان ڪن) حالانڪه دراصل پنهنجي ئي تباهيءَ جو ٿا سامان ٺاهن، پر ان ڳالهه کي نٿا پروڙين |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27) |
جيڪر ته تون ان وقت جو نظارو ڏسي سگهين، جڏهن هو دوزخ جي ڪناري تي آڻي بيهاريا ويندا ۽ چوندا ته جيڪر ائين ٿي پوي جو اسان دنيا ۾ ورائي موڪليا وڃون ۽ پنهنجي رب جي نشانين کي ڪوڙو نه ڀانيون ۽ مؤمن بڻجي وڃون |
بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28) |
اصل ڳالهه اها آهي ته هو اهو انڪري چوندا، جو جنهن حقيقت کي لڪائيندا هئا سا ته نڪري نروار ٿي اچي آڏو بيٺي هوندن، نه ته جيڪڏهن اڳينءَ زندگيءَ ڏانهن وري موٽايا وڃن ته به اهوئي سڀ ڪجهه ڪندا جنهن کان کين روڪيو پيو وڃي. هو ته آهن ئي ڪوڙا |
وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29) |
(تنهنڪري انهيءَ خواهش جي اظهار ۾ به رڳو ڪوڙ هڻندا) اڄ ته هو ائين ئي ٿا چون ته حياتي جيڪا به آهي، بس هن دنيا واري حياتي ئي آهي ۽ اسان مرڻ کانپوءِ وري هرگز نه اٿاريا وينداسون |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30) |
جيڪر ته تون اهو نظارو ڏسي سگهين جڏهن اهي پنهنجي رب جي آڏو کڙا ڪيا ويندا. ان وقت سندن رب کانئن پڇندو: "ڇا هي سڀ سچ نه آهي؟" چوندا: "هائو، بيشڪ اسان جي رب جو قسم ته اهو سچ ئي آهي". الله چوندن: "چڱو، پوءِ هاڻي انهيءَ سچي ڳالهه کي نه مڃڻ جي ڪري عذاب جو مزو چکو" |
قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31) |
نقصان ۾ پئجي ويا، اهي ماڻهو جن الله سان پنهنجي ملڻ کي ڪوڙ پئي ڪوٺيو هو. جڏهن اها گهڙي اوچتو ايندي ته اهي پاڻيهي چوندا ته "افسوس اسان کان هن معاملي ۾ ڪيڏي نه ڪوتاهي ٿي وئي" ۽ سندن حالت اها هوندي جو پنهنجي پٺين تي پنهنجي گناهن جو بار کنيو بيٺا هوندا. ڏَسينِ ته ڪهڙو نه بڇڙو آهي اهو بار جيڪو پاڻ تي کڻندا |
وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32) |
دنيا جي زندگي ته هڪڙو کيل ۽ تماشو آهي. حقيقت ۾ آخرت وارو ماڳ ئي انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي، جيڪي پاڻ کي نقصان کان بچائڻ ٿا چاهن. ڇا پوءِ توهان عقل اصل نه هلائيندؤ؟ |
قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33) |
اي نبي! اسانکي ڄاڻ آهي ته جيڪي ڳالهيون اهي ٺاهن ٿا، تن کان توکي ڏک ٿو پهچي، پر اصل ۾ اهي توکي ڪوڙو نٿا سڏين بلڪه اهي ظالم ته الله جي آيتن جو ٿا انڪار ڪن |
وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ توکان اڳ به ڪيترن ئي رسولن کي ڪوڙو سڏيو ويو هو، پر انهن ڪوڙي سڏجڻ ۽ ايذائجڻ تي صبر ڪيو تانجو کين اسان جي مدد پهچي وئي. الله جي ڳالهين کي بدلائڻ جي طاقت ڪنهن ۾ به ڪانهي ۽ اڳ ٿي گذريل رسولن سان جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، تنهن جون خبرون ته توکي ملي چڪيون آهن |
وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35) |
ان هوندي به جيڪڏهن انهن ماڻهن جو منهن موڙڻ توکي ڏکيو ٿو لڳي ته پوءِ جي اٿئي طاقت ته زمين ۾ ڪا ســِـرنگهه ڳولي يا آسمان ۾ ڏاڪڻ رکي انهن وٽ ڪا نشاني آڻڻ جي ڪوشش ڪري ڏس، جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن سڀني کي هدايت تي گڏ ڪري ٿي سگهيو، سو اڻ ڄاڻن مان نه ٿيءُ |
إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36) |
حق جي دعوت تي لبيڪ اهي ماڻهو چوندا آهن، جيڪي ٻڌڻ وارا آهن، باقي رهيا مردا ته انهن کي ته الله بس قبرن مان ئي اٿاريندو ۽ پوءِ (سندس عدالت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ ) اهي واپس آندا ويندا |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37) |
اهي چون ٿا ته هن نبيءَ تي سندس رب وٽان ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي آهي؟ چوين ته الله کي ته نشاني لاهڻ جي سڀڪا طاقت آهي، مگر انهن مان اڪثر ماڻهو نادانيءَ ۾ پيل آهن |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38) |
زمين ۾ چرندڙ ڪنهن جانور يا هوا ۾ کنڀ کنڊيري اڏرندڙ ڪنهن پکيءَ کي ڏسو، اهي سڀئي توهان جهڙيون ئي جنسون آهن. اسان سندن مقدر واري لکي ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي آهي، پوءِ اهي سڀ پنهنجي رب ڏانهن ميڙي سيڙي آندا ويندا |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39) |
پر جيڪي ماڻهو اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٿا سڏين اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، اونداهين ۾ پيل آهن، الله جنهن کي وڻيس ڀٽڪائي ٿو ڇڏي ۽ جنهن کي گهري سنئين واٽ وٺائي ٿو ڇڏي |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40) |
چوين ٿورو سوچي ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان تي الله وٽان ڪا مصيبت اچي پوي ٿي يا اهو آخري وقت اچي ٿو ته پوءِ ڇا ان مهل توهان الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي پڪاريندا آهيو؟ ٻڌايو جيڪڏهن سچا آهيو |
بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41) |
تڏهن ته توهان رڳو الله کي ئي سڏيندا آهيو. پوءِ جيڪڏهن هو گهرندو آهي ته اها مصيبت توهان تان ٽاري ڇڏيندو آهي، اهڙن موقعن تي ته توهان پنهنجي گهڙيل شريڪن کي ياد ئي نه ڪندا آهيو |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42) |
توهان کان اڳ اسان گهڻين ئي قومن ڏانهن رسول موڪليا هئا ۽ انهن قومن کي ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ وڌوسون ته جيئن هو نماڻا ٿي اسان جي آڏو جـُـهڪن |
فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43) |
پوءِ جڏهن اسان وٽان مٿن سختي به آئي ته ڇونه نماڻائي اختيار ڪيائون؟ بلڪه سندن دليون ته ويتر سخت ٿي ويون ۽ شيطان کين اطمينان ڏياريو ته جيڪي ڪريو پيا ڏاڍو سٺو پيا ڪريو |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44) |
پوءِ جڏهن انهن انهيءَ نصيحت کي جيڪا کين ڪئي وئي هئي، وساري ڇڏيو ته اسان وري مٿن هر شيءِ جا دروازا کولي ڇڏيا، تانجو جڏهن هو کين عطا ڪيل شين تي مست ٿي ويا ته اوچتو ئي اوچتو اسان کين پڪڙيو، جو پوءِ هو هر ڀلائيءَ کان نرهه ٿي ويا |
فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45) |
اهڙيءَ طرح جن ظلم ڪيو هو تن جي اسان پاڙ ئي پٽي ڇڏي ۽ سڀ ساراهه الله رب العالمين لاءِ آهي (جو هن سندن پاڙ پٽي) |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46) |
اي نبي! چوين ته ڪڏهن اهو به سوچيو اٿؤ ته جيڪڏهن الله توهانجو ٻڌڻ ۽ توهانجي ديد توهان کان کسي وٺي ۽ توهانجي دلين کي سيل مهر ڪري ڇڏي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪهڙو خدا اٿوَ جيڪو اهي واپس ڏياري سگهندوَ؟ ڏس ته اسان ڪيئن نه پيا ٿا وري وري پنهنجون نشانيون انهن جي سامهون آڻيون ۽ هي وري ڪيئن ٿا پيا پاسو ڪري هليا وڃن |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47) |
چوين ته ڪڏهن ان تي به ڪو ڌيان ڏنو اٿؤ ته جيڪڏهن الله وٽان اوچتو يا واڪو ڪري اچي عذاب توهان تي ڪڙڪي ته ڇا ظالمن کانسواءِ ڪو ٻيو تباهه ٿيندو؟ |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48) |
اسان جيڪي به رسول موڪليون ٿا ان لاءِ ته موڪليون ٿا ته هو نيڪن لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ بدڪارن لاءِ ڊيڄاريندڙ هجن. پوءِ جيڪي ماڻهو سندن ڳالهه مڃيندا ۽ سڌري هلندا تن لاءِ نڪي ڪو خوف ۽ نه ڪو ڏک آهي |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49) |
باقي جيڪي اسانجي آيتن کي ڪوڙو چوندا، اهي پنهنجي بي فرمانين جي سزا ضرور ڀوڳيندا |
قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50) |
اي نبي! چوين ته "مان توهان کي اهو نه ٿو چوان ته ڪو مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه وري مون وٽ ڪو غيب جو علم آهي ۽ نڪي اهو ٿو چوان ته مان فرشتو آهيان، مان ته فقط انهيءَ وحيءَ جي ٿو پيروي ڪيان، جيڪو مون تي نازل ٿو ڪيو وڃي". پوءِ پڇين ته ڇا انڌو ۽ سڄو برابر ٿي سگهن ٿا؟ پوءِ ڇو نه ٿا توهان ڪجهه غور ڪريو؟ |
وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51) |
۽ اي نبي! تون انهيءَ (وحيءَ واري علم) جي وسيلي انهن ماڻهن کي نصيحت ڪر، جيڪي انهيءَ ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته پنهنجي رب اڳيان اهڙي حال ۾ پيش ڪيا ويندا جو ان کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبه (اهڙو بااختيار) نه هوندو جو سندن ڀرجهلو يا سندن سفارشي بڻجي ته مــَـنَ (اها نصيحت پرائي) الله کان ڊڄڻ واري روش اختيار ڪن |
وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کي صبح شام ٻاڏائيندا رهن ٿا ۽ سندس رضا جي طلب ۾ لڳا پيا آهن، تن کي پاڻ کان پري نه ڪر، انهن جي حساب مان ڪنهن به شيءِ جو بار توتي ناهي ۽ نه وري تنهنجي حساب مان ڪنهن شيءِ جو بار انهن تي آهي. تنهن هوندي به جي تو کين پري ڪيو ته پوءِ تون ظالمن مان ليکيو ويندين |
وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53) |
حقيقت ۾ اسان ان ريت انهن مان هڪڙن کي ٻين جي وسيلي آزمائش ۾ وڌو آهي ته جيئن هو کين ڏسي چون ته "ڇا اِهي آهن اُهي ماڻهو جن کي اسان مان الله نوازيو آهي؟" هائو، ڇا الله پنهنجي شڪرگذار ٻانهن جو کانئن وڌيڪ ڄاڻندڙ نه آهي؟ |
وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54) |
جڏهن تو وٽ اهي ماڻهو اچن، جن جو اسان جي آيتن تي ايمان آندل آهي ته تون چوينِ ته "توهان تي سلامتي هجي، توهان جي رب پاڻ تي ٻاجهه وارو وَڙُ واجب ڪري ڇڏيو آهي. (اها سندس ٻاجهه ئي آهي جو) جيڪڏهن توهان مان ڪو اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪو بڇڙو ڪم ڪري ويهي ٿو ۽ ان کان پوءِ وري توبه تائب ٿئي ٿو ۽ پاڻ کي سڌاري ٿو ته هو کيس معاف ڪري ڇڏي ٿو ۽ نرميءَ کان ٿو ڪم وٺي |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55) |
اهڙيءَ ريت اسان پنهنجون نشانيون کولي کولي ٿا ٻڌايون ته جيئن ڏوهارين واري واٽ پڌري ٿي پوي |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56) |
اي نبي ٻڌائين ته "توهان الله جي بدران جن ٻين کي سڏيو ٿا، مونکي انهن جي ٻانهپ کان روڪيو ويو آهي". چوين ته "مان توهان جي خواهشن جي پيروي نه ڪندس، ائين ڪيم ته پوءِ ته گمراهه ٿي ويندس ۽ سنئين واٽ تي هلندڙن مان نه هوندس" |
قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57) |
چؤ ته "مان ته پنهنجي رب جي طرفان پڌري ثبوت تي قائم آهيان، جنهن کي توهان ڪوڙو ڀانيو آهي، هاڻي اها شيءِ ته منهنجي وس ۾ نه آهي، جنهن لاءِ توهان پيا ٿا تڪڙ مچايو، فيصلي جو سمورو اختيار الله کي ئي آهي، اهوئي حق جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ اهوئي فيصلي ڪرڻ ۾ سڀني کان ڀلو آهي |
قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58) |
چؤ! "جيڪڏهن اها شيءِ جنهن لاءِ توهان تڪڙ ڪريو ٿا، منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪڏهوڪو فيصلو ٿي به وڃي ها، پر الله ٿو بهتر ڄاڻي ته ظالمن سان ڇا ڪيو وڃي |
وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59) |
وٽس ئي غيب جون ڪنجيون آهن، جن کي ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڄاڻي، بر ۽ بحر ۾ جيڪي ڪجهه به آهي سڀ کان هو واقف آهي، وڻ مان ڪرندڙ ڪو به پــَـن اهڙو نه آهي، جنهن کي هو نه ڄاڻندو هجي ۽ زمين جي اونداهن تــَـهن ۾ ڪوبه داڻو اهڙو نه آهي، جنهن کان هو واقف نه هجي. آلي توڙي ســُـڪي هر شيءِ هڪ کليل ڪتاب ۾ لکيل آهي |
وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60) |
اهوئي رات جو توهان جا روح قبض ٿو ڪري ۽ ڏينهن جو جيڪي ڪجهه ڪيو ٿا تنهن کي به ڄاڻي ٿو، پوءِ وري ٻئي ڏينهن هو توهان کي هن ڪم ڪار جي دنيا ۾ موٽائي موڪلي ٿو، تانته حياتيءَ جي مقرر ٿيل مدت پوري ڪئي وڃي. نيٺ ته انهيءَ ڏانهن ئي توهان کي موٽي هلڻو آهي، پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو" |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61) |
هن جو پنهنجن ٻانهن تي پورو اختيار آهي ۽ توهان جي سنڀال ڪرڻ وارا مقرر ڪري موڪليندو آهي، تانجو جڏهن توهان مان ڪنهن جي موت جو وقت اچي وڃي ٿو ته اسان جا موڪليل ملائڪ سندس ساهه ڪڍي وٺن ٿا ۽ هو پنهنجي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪندا آهن |
ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62) |
پوءِ سڀئي، الله پنهنجي سچي مولا ڏانهن واپس آندا وڃن ٿا. خبردار! فيصلي ڪرڻ جو سمورو اختيار کيس ئي حاصل آهي ۽ هو حساب وٺڻ ۾ تمام تڪڙو آهي" |
قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63) |
اي نبي! پڇين ته بر ۽ بحر جي اونداهين ۾ خطرن کان توهان کي ڪير بچائيندو آهي؟ ڪير آهي جنهن کي توهان (مصيبت جي وقت) آزي نيزاريءَ سان ۽ لڪي لڪي ٻاڏائيندا آهيو؟ ڪنهن لاءِ چوندا آهيو ته جيڪڏهن هن بلا مان بچايائين ته اسان ضرور شڪر ڪندڙ بڻجي وينداسون؟ |
قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64) |
چوين ته الله توهانکي انهيءَ کان ۽ هر تڪليف کان ٿو ڇوٽڪارو ڏئي، پر توهان وري به شرڪ ڪيو ٿا |
قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65) |
ٻڌائينِ ته "هن کي اها طاقت آهي ته توهان تي عذاب توهان جي مٿان نازل ڪري يا توهان جي پيرن هيٺان يا توهان کي ٽولا ٽولا ڪري پاڻ ۾ اٽڪائي هڪڙن کي ٻين جي ڏاڍائيءَ جو مزو چکائي ڇڏي. ڏس ته اسان ڪيئن نه بار بار، جدا جدا نمونن ۾ پنهنجون نشانيون سندن آڏو پيش پيا ڪريون ته مــَـنَ اهي حقيقت کي سمجهي وڃن |
وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66) |
تنهنجي قوم ته پئي ٿي ان کي ڪوڙ ڀانئي، حالانڪه اهو بلڪل حق سچ آهي. چوين ته مان ڪو توهان جو ذمو کڻندڙ نه آهيان |
لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67) |
هر خبر جي ظاهر ٿيڻ لاءِ هڪ وقت مقرر آهي، سگهوئي توهان کي نتيجي جي ڄاڻ پئجي ويندي |
وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68) |
۽ اي نبي! جڏهن تون ڏسين ته ماڻهو اسانجي آيتن جي باري ۾ اجائي مٿا ماري ٿا ڪن ته تون اتان پري ٿي وڃ، جيستائين هو انهيءَ پچار کي ڇڏي ڪنهن ِٻيءَ ڳالهه ۾ نه پون ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت شيطان توکي ويسر ۾ وجهي ڇڏي ته ياد اچڻ کانپوءِ اهڙن ظالم ماڻهن سان گڏ نه ويهه |
وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69) |
انهن جي حساب مان ڪنهن به شيءِ جي ذميواري پرهيزگار ماڻهن تي نه آهي، باقي نصيحت ڪرڻ سندن فرض آهي ته مــَـنَ هو غلط ڪم کان بچي وڃن |
وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
ڇڏ انهن کي جن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو کڻي بڻايو آهي ۽ جن کي دنيا جي زندگيءَ دوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ها باقي، هن قرآن جي وسيلي نصيحت ۽ تنبيــھ ڪندو رهه ته جيئن ڪوبه ماڻهو پنهنجي ڪرتوتن جي وبال ۾ نه وڪوڙجي ۽ وري وڪوڙجي به ائين جو الله کان بچائڻ وارو نه ڪوئي واهرو هجيس ۽ نه ڪو سفارشي ۽ هر شيءِ عيوض ۾ ڏيئي بچي وڃڻ گهري تڏهن به اها قبول نه پويس. ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو ته خود پنهنجي ئي ڪئي ۾ پڪڙيا ويندا. کين سندن حق کان انڪار سبب پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ دردناڪ عذاب ملندو |
قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71) |
اي نبي! پڇين ته ڇا اسان الله جي بدران انهن کي سڏيون، جيڪي اسانکي نڪي نفعو رسائي سگهن ٿا ۽ نه نقصان؟ ۽ جڏهن جو الله اسان کي سنئين دڳ لائي چڪو آهي، ته ڇا هاڻي وري اسان پوئين پيرين ڦري وڃون؟ ڇا اسان پنهنجي حالت انهيءَ ماڻهوءَ وانگر ڪري ڇڏيون، جنهن کي شيطانن رڻ پٽ ۾ ڀٽڪائي ڇڏيو هجي ۽ هو وائـڙو ٿيو پيو ڦرندو هجي، هوڏانهن سندس ساٿي کيس سڏيندا هجن ته هيڏي اسان ڏي اچ، هيءُ سڌو دڳ اٿئي. چؤ ته حقيقت ۾ الله واري هدايت ئي ته صحيح هدايت آهي ۽ اسانکي کانئس حڪم مليو آهي ته ڪائنات جي مالڪ آڏو اطاعت ۾ ڪنڌ جهڪايون |
وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72) |
۽ (اهو به حڪم آهي ته) نماز قائم ڪريو ۽ سندس بي فرمانيءَ کان بچو ۽ ڏانهس ئي توهان سڀئي ميڙي گڏ ڪيا ويندؤ |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73) |
اهوئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي برحق خلقيو آهي ۽ جنهن ڏينهن هو چوندو ته قيامت قائم ٿئي ته ٺهه پهه ٿي ويندي. سندس فرمان بلڪل حق آهي ۽ جنهن ڏينهن صور ڦوڪي ويندي، ان ڏينهن بادشاهي سندس ئي هوندي، هو ڳجهه توڙي ظاهر سڀ جو ڄاڻندڙ آهي ۽ داناءُ ۽ باخبر آهي |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74) |
ابراهيم جو واقعو ياد ڪر، جڏهن ان پنهنجي پيءُ آزر کي چيو هو ته "ڇا تون بــُـتن کي ٿو معبود بڻائين؟ مان ته توکي ۽ تنهنجي قوم کي پڌري گمراهيءَ ۾ پيل ٿو ڏسان" |
وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75) |
اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن ۽ زمين جي هلائي چلائيءَ وارو نظام پئي ڏيکاريو ته جيئن پوريءَ طرح يقين ڪندڙن مان ٿي وڃي |
فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76) |
سو جڏهن مٿس رات ڇانئجي وئي ته هن هڪ تارو ڏٺو. چيائين اهو منهنجو رب آهي، پر جڏهن اهو لهي ويو ته چيائين ته لهندڙن سان ته منهنجي پوي ئي ڪانه |
فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77) |
وري جڏهن چنڊ کي چمڪندو ڏٺائين ته چيائين ته منهنجو رب اهو آهي. پر جڏهن اهو لهي ويو ته چيائين ته جيڪڏهن منهنجي رب منهنجي رهنمائي نه ڪئي هجي ها ته مان به گمراهن مان ٿي وڃان ها |
فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78) |
پوءِ وري جڏهن سج کي روشن ڏٺائين ته چيائين ته اهو آهي منهنجو رب! اهو ته سڀني کان وڏو آهي، پر جڏهن اهو به لهي ويو ته ابراهيم دانهن ڪري چيو: "اي منهنجي قوم! مان انهن سڀني کان بيزار آهيان، جن کي توهان الله سان شريڪ ٿا بڻايو |
إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79) |
مان ته ٻيا در ڇڏي پنهنجو منهن انهيءَ هستيءَ ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي جوڙيو آهي ۽ مان ڪڏهن به شرڪ ڪندڙن مان ناهيان" |
وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80) |
سندس قوم ساڻس بحث ڪرڻ لڳي ته انهن کي چيائين ته، "ڇا توهان الله بابت ٿا مون سان جهڳڙو ڪريو، حالانڪه هن ئي ته مون کي صحيح راهه ڏيکاري آهي ۽ نڪي مان توهانجي گهڙيل شريڪن کان ئي ٿو ڊڄان، باقي منهنجو رب ڪا ڳالهه ڪرڻ گهري ته ٻي ڳالهه آهي. منهنجي رب جي علم ۾ هر شيءِ آهي، ڇا پوءِ توهان هوش نه ڌاريندؤ؟ |
وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81) |
مان ڀلا توهانجي گهڙيل شريڪن کان ڪيئن ٿو ڊڄي سگهان، جڏهن جو توهان انهن کي الله جو شريڪ بڻائيندي نٿا ڊڄو، جن لاءِ هن توهان تي ڪو به دليل (ثبوت) نه لاٿو آهي؟ اسان ٻنهي ڌرين مان بي ڊپائيءَ ۽ اطمينان تي وڌيڪ حق ڪنهن جو آهي؟ ٻڌايو جيڪڏهن اٿوَ ڪو علم!" |
الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82) |
سچي ڳالهه اها آهي ته جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم سان نه گڏايو، انهن جي لاءِ ئي ڪو ڀؤ ڪونهي ۽ اهي ئي سنئينءَ واٽ تي هلندڙ آهن |
وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83) |
اهو هو اسان جو دليل جيڪو اسان ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾ عطا ڪيو هو. اسان جنهن کي گهرون بلند مرتبا عطا ڪري ڇڏيون ٿا. بيشڪ تنهنجو رب نهايت داناءُ ۽ ڄاڻ وارو آهي |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84) |
پوءِ اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب جهڙي اولاد ڏني ۽ هرهڪ کي هدايت بخشي، جهڙي اڳي نوح کي بخشي هئي ۽ سندس پونئيرن مان اسان دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسيٰ ۽ هارون کي (هدايت عطا ڪئي). اهڙيءَ طرح اسان نيڪن کي سندن نيڪيءَ جو اجورو ڏيندا آهيون |
وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85) |
(سندس ئي اولاد مان) زڪريا، يحيٰ، عيسيٰ ۽ الياس کي (هدايت ڏني سون) منجهانئن هرهڪ صالح هو |
وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86) |
(سندس ئي خاندان مان) اسماعيل، اليسع، يونس ۽ لوط (کي هدايت وارو ڪيوسين) انهن مان هرهڪ کي اسان ساري جڳ وارن تي فضيلت عطا ڪئي |
وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87) |
۽ پڻ سندن ابن ڏاڏن توڙي سندن اولاد کي ۽ سندن برادريءَ وارن مان به گهڻن کي ئي نوازي پنهنجي خدمت لاءِ چونڊي ورتوسين ۽ سڌي رستي تي کين هلايوسين |
ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88) |
اها الله جي ئي هدايت آهي، جنهن سان هو پنهنجن بندن مان جنهن کي گهري سنئين واٽ وٺائي ٿو، پر جيڪڏهن انهن شرڪ ڪيو هجي ها ته سندن ساري ڪئي ڪمائي ناس ٿي وڃي ها |
أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89) |
اهي ماڻهو هئا جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪم ۽ نبوت عطا ڪيا هئا، پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو انهن ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪن ته (پرواهه ناهي) اسان اها نعمت هاڻي ڪن ٻين ماڻهن کي سونپي ڇڏي آهي، جيڪي انهيءَ جا منڪر نه آهن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90) |
اي نبي! جيڪي ماڻهو الله وٽان هدايت ڪيل هئا، تون به انهن جي طريقي تي هل ۽ ٻڌائي ڇڏين ته مان (انهيءَ ڪم جو) توهان کان ڪوبه اجورو نٿو گهران. اها ته هڪڙي عام نصيحت آهي سموري جهان وارن لاءِ |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91) |
انهن ماڻهن الله جو ڏاڍو غلط اندازو لڳايو، جڏهن چيائون ته الله ڪنهن به بشر (انسان) تي ڪجهه به نازل نه ڪيو آهي. پڇين ته پوءِ اهو ڪتاب، جيڪو موسيٰ آندو هو، جيڪو سڀني انسانن لاءِ روشني ۽ هدايت هو، جنهن کي توهان پنا پنا ٿا ڪري ڇڏيو، ڪجهه ظاهر ٿا ڪيو ته گهڻو لڪائي ٿا ڇڏيو ۽ جنهن جي وسيلي توهان کي اهو علم ڏنو ويو هو، جيڪو نڪي توهان کي حاصل هو ۽ نه توهان جي ابن ڏاڏن کي، آخر ان جو نازل ڪندڙ ڪير هو؟ بس ايترو چؤ ته الله! پوءِ ڇڏي ڏين ته وتن اجاين بحثن ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندا |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92) |
(انهيءَ ڪتاب وانگر) هيءُ به هڪ ڪتاب آهي، جنهن کي پڻ اسان نازل ڪيو آهي. ڏاڍي برڪت ۽ ڀلائيءَ وارو آهي. ان شيءِ جي تصديق ڪندڙ آهي، جيڪا کانئس اڳي آئي هئي ۽ انهيءَ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته ان جي وسيلي تون ڳوٺن جي انهيءَ مرڪز (مڪي) ۽ ان جي چؤگرد رهڻ وارن کي تنبيــھ ڪرين. جيڪي ماڻهو آخرت کي مڃن ٿا، سي ئي هن ڪتاب تي ايمان آڻن ٿا ۽ اهي ئي پنهنجين نمازن جي سنڀال ڪن ٿا |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93) |
۽ انهيءَ ماڻهوءَ کان وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي ڪوڙ هڻي يا چوي ته مون تي وحي نازل ٿيو آهي، حالانڪه ڏانهس ڪوبه وحي ڪونه آيو آهي. يا چوي ته مان به اهڙي ئي شيءِ نازل ڪري ڏيکاريندس جهڙي الله نازل ڪئي آهي. جيڪر ته تون ظالمن کي ان حالت ۾ ڏسي سگهين، جڏهن هو سڪرات جي هــِـڏڪين ۾ هوندا ۽ ملائڪ هٿ وڌائي پيا چوندا هوندن ته "ڪڍي ڏيو پنهنجا ساهه، اڄ توهان کي انهن ڳالهين جي بدلي ۾ خواريءَ وارو عذاب ملندو، جيڪي توهان الله تي ناحق ٺاهي پيا مڙهيندا هيؤ ۽ سندس آيتن جي مقابلي ۾ آڪڙ ڪندا هيؤ" |
وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94) |
(۽ الله فرمائيندو) "ڏسو هاڻي ته توهان ائين اڪيلا ئي اچي اسان جي آڏو حاضر ٿيا آهيو، جيئن اسان توهان کي منڍ ۾ اڪيلو ئي پيدا ڪيو هو ۽ جيڪي ڪجهه دنيا ۾ اسان توهان کي ڏنو هو، سو سڀ پٺيان ڇڏي آيا آهيو ۽ هاڻي ته اسان توهان سان گڏ توهان جا اهي سفارشي به نٿا ڏسون جن جي باري ۾ توهان جو خيال هوندو هو ته توهان جا ڪم ڪرڻ ۾ انهن جو به ڪجهه حصو آهي. توهان جا سڀ لڳ لاڳاپا ٽٽي ويا ۽ جن جو توهان کي باور هوندو هو، سي سڀ توهان جي هٿان هليا ويا |
إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95) |
داڻي ۽ کوکڙيءَ کي ڦٽائڻ وارو الله آهي. اهوئي جيئري کي مئل مان ڪڍندو آهي ۽ اهوئي مئل کي جيئري مان ٻاهر ڪڍڻ وارو آهي. اهي سمورا ڪم ڪرڻ وارو ته الله آهي، پوءِ ڪيڏانهن پيا ٿا ڀٽڪندا وتو؟ |
فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96) |
رات کي چيري صبح ٻاهر ڪڍڻ وارو اهوئي آهي ۽ انهيءَ ئي رات کي آرام جو وقت بڻايو آهي. انهيءَ ئي سج ۽ چنڊ جي اڀرڻ لهڻ جو حساب مقرر ڪيو آهي. اها سڀ انهيءَ زبردست طاقت واري ۽ ڄاڻ واري جي ڪــَـٿي بيهاريل رٿا آهي |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97) |
۽ اهوئي آهي، جنهن توهان لاءِ تارن کي رڻ پٽن ۽ سمنڊ جي اونداهين ۾ رستا معلوم ڪرڻ جو وسيلو بڻايو آهي. ڏسو اسان نشانيون کولي کولي بيان ڪري ڇڏيون آهن، انهن لاءِ جيڪي علم وارا آهن |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98) |
۽ اهوئي آهي، جنهن هڪڙي ئي وجود مان توهان کي پيدا ڪيو، پوءِ هرهڪ لاءِ هڪڙو رهڻ جو ٿاڪ ۽ هڪڙو سانڍجڻ جو هنڌ آهي. اهي نشانيون اسان چٽيون ڪري ڇڏيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا |
وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99) |
۽ اهوئي آهي، جنهن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ ان جي وسيلي اسان هر قسم جا ســَـلا اڀاريا، پوءِ انهن مان سايون پوکون ۽ ٻوٽا اپاياسون، پوءِ انهن مان تــَـهن ۾ ويڙهيل داڻا ڪڍياسون ۽ کجيءَ جي ٻوڪن مان کارڪن سان ڀرجي لڙڪندڙ ڇڳن جا ڇڳا پيدا ڪياسون ۽ انگورن، زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا باغ اُپاياسين، جن جا ميوا ڏسڻ ۾ ته هڪ ٻئي سان ملندڙ لڳن ٿا پر خاصيتن ۾ الڳ الڳ آهن. انهن وڻن جي ڦر کي ڦر جهلجڻ وقت ۽ وري پچڻ وقت غور سان ڏسو، انهن شين ۾ ڏاڍيون نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا |
وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100) |
تڏهن به ماڻهن جنن کي الله جو شريڪ بڻايو، توڻي جو هو سندن خالق آهي ۽ بنا ڪنهن ڄاڻ جي ان لاءِ پٽ ۽ ڌيئر گهڙي رکيا اٿن، حالانڪ هو پاڪ آهي ۽ انهن ڳالهين کان مٿي آهي، جيڪي اهي چون ٿا |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101) |
هو ته آسمانن ۽ زمين جو نئين سر جوڙيندڙ آهي. سندس ڪو پٽ آيو ڪٿان، جڏهن جو سندس ڪا زال ئي ڪانهي؟ هن ته هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي ۽ کيس هر شيءِ جي ڄاڻ آهي |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102) |
اهوئي اٿوَ الله توهان جو رب! ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، هر شيءِ جو خالق آهي، تنهنڪري توهان سندس ئي ٻانهپ ڪريو، هو هر شيءِ جي سار سنڀال لهندڙ آهي |
لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103) |
نگاهون کيس سڃاڻي نٿيون سگهن پر هو نگاهن کي سڃاڻي وڃي ٿو، هو نهايت باريڪ بين ۽ باخبر آهي |
قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104) |
توهان وٽ توهان جي رب وٽان اکيون کولي ڇڏيندڙ شيون اچي ويون آهن. پوءِ جيڪو ديد کان ڪم وٺندو پنهنجو ئي ڀلو ڪندو ۽ جيڪو انڌو بڻبو پاڻ ئي نقصان سهندو. مان توهان تي ڪو نگهبان نه آهيان |
وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105) |
اهڙيءَ ريت اسان پنهنجون آيتون وري وري ڦيرائي گهيرائي بيان ڪريون ٿا تانته اهي ماڻهو چون ته "تون ته ڪنهن کان پڙهي آيو آهين" ۽ جيڪي ماڻهو علم وارا آهن، انهن تي حقيقت کي پڌرو ڪري ڇڏيون |
اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106) |
اي نبي! تون ان وحيءَ جي پيروي ڪندو رهه، جيڪو توتي تنهنجي رب وٽان نازل ٿيو آهي، ڇو ته ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ مشرڪن کان منهن موڙي ڇڏ |
وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107) |
جيڪڏهن الله گهري ها ته (هو پاڻ ائين ڪري ٿي سگهيو جو) اهي ماڻهو شرڪ ڪن ئي نه ها، توکي اسان مٿن ڪو نگهبان نه بڻايو آهي ۽ نڪي تون ڪو سندن سنڀاليندڙ آهين |
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108) |
۽ (اي مسلمانو) اهي الله جي بدران جن کي سڏين ٿا، تن کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو ته متان اهي حد کان ٽپي جهالت جي ڪري الله کي نه گهٽ وڌ ڳالهائين. ائين اسان هر ٽولي لاءِ سندن عمل کي ڏسڻ ۾ سهڻو ڪري بڻايو آهي. پوءِ کين پنهنجي رب ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي، تنهن وقت هو کين ٻڌائيندو ته هو ڇا ڪندا رهيا آهن |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109) |
اهي ماڻهو وڏا وڏا قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن ڪا نشاني (معجزو) وٽن آئي ته هو مٿس ضرور ايمان آڻيندا. اي نبي! چوين ته "نشانيون ته الله جي هٿ ۾ آهن" ۽ توهان کي ڪيئن سمجهائجي ته جيڪڏهن نشانيون آيون ته به، اهي ايمان ڪونه آڻيندا |
وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110) |
اسان سندن دلين ۽ نگاهن کي ائين ڦيرائي ڇڏينداسون جيئن هنن منڍ ۾ انهيءَ (ڪتاب) تي ايمان نه آندو هو. اسان کين ڇڏي ٿا ڏيون ته وتن پنهنجي سرڪشيءَ ۾ ڀٽڪندا |
وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111) |
جيڪڏهن اسان مٿن ملائڪ به لاهيون ها ۽ مئا به ساڻن ڳالهائن ها ۽ دنيا جون سموريون شيون سندن آڏو آڻي گڏ ڪيون ها ته به اهي ايمان نه آڻن ها، سواءِ ان جي جو الله ائين گهري ها (ته اهي ايمان آڻين) مگر گهڻا ماڻهو جهالت جون ڳالهيون ڪن ٿا |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيٰطينَ الإِنسِ وَالجِنِّ يوحى بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ زُخرُفَ القَولِ غُرورًا وَلَو شاءَ رَبُّكَ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 112) |
۽ اسان انهيءَ ريت هميشه شيطان قسم جي انسانن ۽ شيطان جنن کي هر نبيءَ جو دشمن بڻايو آهي، جيڪي هڪ ٻئي جي مــَـن ۾ ظاهر ۾ وڻندڙ ڳالهيون دوکي خاطر وجهندا رهيا آهن. جيڪڏهن تنهنجو رب چاهي ها (ته هو ائين نه ڪن) ته هو ڪڏهن به ائين نه ڪن ها |
وَلِتَصغىٰ إِلَيهِ أَفـِٔدَةُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَلِيَرضَوهُ وَلِيَقتَرِفوا ما هُم مُقتَرِفونَ (آيت : 113) |
پوءِ ڇڏينِ ته وتن ڪوڙ هڻندا (اهو سڀ ڪجهه اسان ان لاءِ ٿا ڪرڻ ڏيون ته) جيڪي ماڻهو آخرت کي نٿا مڃين انهن جون دليون انهيءَ (وڻندڙ دوکي) تي ريجهي پون ۽ هو ان سان خوش ٿي وڃن ۽ اهي برايون ڪمائين جيڪي ڪمائڻ چاهن ٿا |
أَفَغَيرَ اللَّهِ أَبتَغى حَكَمًا وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ إِلَيكُمُ الكِتٰبَ مُفَصَّلًا وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعلَمونَ أَنَّهُ مُنَزَّلٌ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 114) |
پوءِ مان ڪيئن ٿو الله کي ڇڏي ڪو ٻيو فيصلي ڪرڻ وارو ڳولهيان، جڏهن ته هن نهايت تفصيل سان بيان ڪيل ڪتاب توهان ڏي نازل ڪيو آهي ۽ جن ماڻهن کي اسان (توکان اڳ) ڪتاب ڏنو هو، اهي ڄاڻن ٿا ته بلاشڪ اهو ڪتاب تنهنجي رب وٽان ئي حق ساڻ نازل ٿيو آهي، تنهنڪري تون شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿيءُ |
وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدقًا وَعَدلًا لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 115) |
تنهنجي رب جي ڳالهه سچائيءَ ۽ انصاف جي لحاظ کان ڪماليت کي پهتل آهي. ڪوبه سندس فرمانن کي بدلائڻ وارو ڪونهي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
وَإِن تُطِع أَكثَرَ مَن فِى الأَرضِ يُضِلّوكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 116) |
۽ اي نبي! جيڪڏهن تون انهن زمين ۾ رهندڙن جي اڪثريت جي چوڻ تي هلندين ته هو توکي الله جي واٽ کان ڀٽڪائي ڇڏيندا، هو ته فقط گمانن تي هلن ٿا ۽ وتن ٿا رڳو ڌُڪا هڻندا |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 117) |
حقيقت ۾ تنهنجو رب ئي وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته ڪير سندس راهه کان ٿـڙيل آهي ۽ ڪير سنئينءَ واٽ تي هلندڙ آهي |
فَكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كُنتُم بِـٔايٰتِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 118) |
پوءِ جيڪڏهن توهانجو الله جي آيتن تي ايمان آهي ته جنهن جانور تي الله جو نالو ورتو ويو هجي، ان جو گوشت کائو |
وَما لَكُم أَلّا تَأكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَقَد فَصَّلَ لَكُم ما حَرَّمَ عَلَيكُم إِلّا مَا اضطُرِرتُم إِلَيهِ وَإِنَّ كَثيرًا لَيُضِلّونَ بِأَهوائِهِم بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِالمُعتَدينَ (آيت : 119) |
ڀلا ڪهڙي سببان توهان اها شيءِ نه ٿا کائو، جنهن تي الله جو نالو ورتو ويو هجي؟ حالانڪه لاچاري حالت کي ڇڏي باقي ٻين سڀني حالتن ۾ جن شين کي الله حرام ڪيو آهي، انهن جو تفصيل هو توهان کي ٻڌائي چڪو آهي. گهڻا ماڻهو علم کان سواءِ رڳو پنهنجي نفس جي خواهشن تي لڳي گمراهه ڪندڙ ڳالهيون ڪن ٿا، انهن حدون اورانگهيندڙن کي تنهنجو رب چڱي طرح سڃاڻي ٿو |
وَذَروا ظٰهِرَ الإِثمِ وَباطِنَهُ إِنَّ الَّذينَ يَكسِبونَ الإِثمَ سَيُجزَونَ بِما كانوا يَقتَرِفونَ (آيت : 120) |
توهان پڌرن گناهن کان به بچو ۽ لڪل گناهن کان به، جيڪي ماڻهو گناهه ڪمائن ٿا سي پنهنجي ڪمائيءَ جي سزا ضرور ڀوڳيندا |
وَلا تَأكُلوا مِمّا لَم يُذكَرِ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَإِنَّهُ لَفِسقٌ وَإِنَّ الشَّيٰطينَ لَيوحونَ إِلىٰ أَولِيائِهِم لِيُجٰدِلوكُم وَإِن أَطَعتُموهُم إِنَّكُم لَمُشرِكونَ (آيت : 121) |
۽ جنهن جانور کي الله جو نالو وٺي نه ڪـُـٺو ويو هجي ان جو گوشت نه کائو، ائين ڪرڻ بي فرمانيءَ جو ڪم آهي. شيطان پنهنجن ساٿين جي دلين ۾ شڪ ۽ اعتراض وجهن ٿا ته جيئن هو توهان سان جهڳڙا ڪن. پر جيڪڏهن توهان سندن تابعداري ڪئي ته پوءِ پڪ سان توهان به مشرڪ آهيو |
أَوَمَن كانَ مَيتًا فَأَحيَينٰهُ وَجَعَلنا لَهُ نورًا يَمشى بِهِ فِى النّاسِ كَمَن مَثَلُهُ فِى الظُّلُمٰتِ لَيسَ بِخارِجٍ مِنها كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلكٰفِرينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 122) |
ڇا اهو ماڻهو جيڪو مئل هو، پوءِ اسان کيس جيئرو ڪيو ۽ کيس اها روشني ڏني، جنهن جي سوجهري ۾ هو ماڻهن ۾ زندگي گذاري ٿو، انهيءَ شخص جهڙو آهي جيڪو اونداهين ۾ پيل آهي ۽ انهن مان ٻاهر نڪرڻ وارو ڪونه آهي. ڪافرن لاءِ ته اهڙيءَ طرح سندن عمل ڏسڻ ۾ ڏاڍا سهڻا بڻايا ويا آهن |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا فى كُلِّ قَريَةٍ أَكٰبِرَ مُجرِميها لِيَمكُروا فيها وَما يَمكُرونَ إِلّا بِأَنفُسِهِم وَما يَشعُرونَ (آيت : 123) |
۽ اهڙي طرح اسان هر ڳوٺ ۾ اتان جي وڏن وڏن ڏوهارين کي لڳائي ڇڏيو آهي ته مڪر ۽ فريب جو ڄار وڇائين، مگر حقيقت ۾ ته هو پنهنجو پاڻ کي ئي ٿا پنهنجي مڪر ۽ فريب جي ڄار ۾ وجهن، پر ان ڳالهه کي سمجهن نٿا |
وَإِذا جاءَتهُم ءايَةٌ قالوا لَن نُؤمِنَ حَتّىٰ نُؤتىٰ مِثلَ ما أوتِىَ رُسُلُ اللَّهِ اللَّهُ أَعلَمُ حَيثُ يَجعَلُ رِسالَتَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ أَجرَموا صَغارٌ عِندَ اللَّهِ وَعَذابٌ شَديدٌ بِما كانوا يَمكُرونَ (آيت : 124) |
جڏهن سندن آڏو ڪا آيت اچي ٿي ته چون ٿا ته "اسين نه مڃينداسون جيستائين جو اسان کي پاڻ کي اها شيءِ نه ڏني وڃي،جيڪا الله جي رسولن کي ڏني وئي آهي". الله ٿو وڌيڪ ڄاڻي ته پنهنجي پيغمبريءَ جو ڪم ڪنهن کان ۽ ڪيئن وٺي. ڄاڻ ٿا اهي ڏوهاري پنهنجي مڪارين جي عيوض الله وٽان ذلت ۽ ڏاڍو سخت عذاب پلئه پائن |
فَمَن يُرِدِ اللَّهُ أَن يَهدِيَهُ يَشرَح صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ وَمَن يُرِد أَن يُضِلَّهُ يَجعَل صَدرَهُ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّما يَصَّعَّدُ فِى السَّماءِ كَذٰلِكَ يَجعَلُ اللَّهُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 125) |
پوءِ (حقيقت اها آهي ته) جنهن کي الله هدايت ڏيڻ جو ارادو ٿو ڪري، تنهن جو سينو اسلام لاءِ کولي ٿو ڇڏي ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ وجهڻ جو ارادو ڪري ٿو، تنهنجو سينو اهڙو ته سوڙهو ٿو ڪري ڇڏي، جو (اسلام جو تصور ڪندي ئي) سندس روح ڄڻڪ آسمان ڏانهن پيو کڄيو وڃي. اهڙيءَ طرح الله (حق کان ٽهڻ ۽ ڀڄڻ جي) پليتائي انهن ماڻهن تي مڙهي ڇڏي ٿو، جيڪي ايمان نٿا آڻين |
وَهٰذا صِرٰطُ رَبِّكَ مُستَقيمًا قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
حالانڪه هيءُ رستو، ته تنهنجي رب وارو سڌو رستو آهي ۽ ان جا نشان انهن ماڻهن لاءِ خوب چٽا ڪري ڇڏيا ويا آهن، جيڪي نصيحت پرائين ٿا |
لَهُم دارُ السَّلٰمِ عِندَ رَبِّهِم وَهُوَ وَلِيُّهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 127) |
سندن رب وٽ انهن لاءِ سلامتيءَ وارو گهر آهي ۽ هو سندن سرپرست آهي. انهيءَ صحيح هلت جي ڪري جيڪا انهن اختيار ڪئي هئي |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا يٰمَعشَرَ الجِنِّ قَدِ استَكثَرتُم مِنَ الإِنسِ وَقالَ أَولِياؤُهُم مِنَ الإِنسِ رَبَّنَا استَمتَعَ بَعضُنا بِبَعضٍ وَبَلَغنا أَجَلَنَا الَّذى أَجَّلتَ لَنا قالَ النّارُ مَثوىٰكُم خٰلِدينَ فيها إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 128) |
جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي ميڙي گڏ ڪندو ته هو جنن کي خطاب ڪري چوندو، "اي جنن جا ٽولؤ! توهان ته انسانذات مان گهڻا ماڻهو پنهنجي هٿ ڪيا". انسانن مان جيڪي سندن ساٿي هئا چوندا: "اي پالڻهار! اسان هڪ ٻئي مان خوب ڪم ورتا ۽ هاڻي اچي پنهنجي انهيءَ انجام کي رسيا آهيون، جيڪو تو اسان لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هو". الله چوندنِ: "چڱو هاڻي باهه ئي توهانجو ٺڪاڻو آهي، انهيءَ منجهه توهان هميشه رهندؤ". ان کان بچندا رڳو اهي جن کي الله بچائڻ گهرندو. بيشڪ تنهنجو رب داناءُ ۽ عليم آهي |
وَكَذٰلِكَ نُوَلّى بَعضَ الظّٰلِمينَ بَعضًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 129) |
ڏس، ائين اسان (آخرت ۾) ظالمن کي هڪ ٻئي جو ساٿي بڻائينداسون، انهيءَ ڪمائيءَ جي ڪري جيڪا هو (دنيا ۾ هڪ ٻئي سان گڏجي) ڪندا هئا |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا شَهِدنا عَلىٰ أَنفُسِنا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 130) |
(انهيءَ موقعي تي الله انهن کان اهو به پڇندو ته) "اي جنن ۽ انسانن جا ٽولؤ! ڇا توهان وٽ پاڻ مان ئي اهڙا رسول نه آيا هئا، جيڪي توهان کي منهنجون آيتون ٻڌائيندا هئا ۽ هن ڏينهن واري پيش ٿيڻ کان ڊيڄاريندا هئا؟" هو چوندا، "هائو اسان پاڻ ٿا پنهنجي خلاف شاهدي ڏيون". اڄ ته دنيا واري زندگيءَ کين دوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پر ان وقت هو پاڻ ئي پاڻ تي شاهدي ڏيندا ته هو ڪافر هئا |
ذٰلِكَ أَن لَم يَكُن رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها غٰفِلونَ (آيت : 131) |
(اها شاهدي کانئن ان ڪري ورتي ويندي ته اهو ثابت ٿـئي ته) تنهنجو رب آبادين کي ظلم ساڻ تباهه ڪرڻ وارو نه هو، جڏهن جو سندن رهاڪو ته هجن حقيقت کان اڻ واقف! |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 132) |
هر شخص جو مرتبو سندس عملن جي لحاظ کان آهي ۽ تنهنجو رب ماڻهن جي عملن کان بي خبر نه آهي |
وَرَبُّكَ الغَنِىُّ ذُو الرَّحمَةِ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَستَخلِف مِن بَعدِكُم ما يَشاءُ كَما أَنشَأَكُم مِن ذُرِّيَّةِ قَومٍ ءاخَرينَ (آيت : 133) |
تنهنجو رب ڪنهن جي به ڪاڻ ڪڍڻ وارو نه آهي، پاڻ رحمت وارو آهي. جيڪڏهن هو گهري ته توهان کي هٽائي ڇڏي ۽ توهان کان پوءِ توهان جي جاءِ تي ٻيا جيڪي چاهي آڻي ڇڏي، جيئن هن توهان کي ڪن ٻين ماڻهن جي نسل مان پيدا ڪيو آهي |
إِنَّ ما توعَدونَ لَءاتٍ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 134) |
توهان سان جنهن شيءِ جو وعدو ڪيو وڃي ٿو سا ضرور اچڻي آهي ۽ توهان ۾ الله کي مجبور ڪرڻ جي ڪا طاقت ڪانهي |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عامِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 135) |
اي نبي! چوين ته اي منهنجي قوم، توهان پنهنجي جاءِ تي عمل ڪندا رهو ۽ مان به پنهنجي جاءِ تي عمل ڪندڙ آهيان. سگهوئي توهان کي ســُـڌ پئجي ويندي ته پڇاڙي ڪنهن جي ٿي چڱي ٿئي. حقيقت اها آهي ته ظالم هرگز ڪاميابي نه ماڻيندا |
وَجَعَلوا لِلَّهِ مِمّا ذَرَأَ مِنَ الحَرثِ وَالأَنعٰمِ نَصيبًا فَقالوا هٰذا لِلَّهِ بِزَعمِهِم وَهٰذا لِشُرَكائِنا فَما كانَ لِشُرَكائِهِم فَلا يَصِلُ إِلَى اللَّهِ وَما كانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلىٰ شُرَكائِهِم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 136) |
انهن ماڻهن الله لاءِ خود سندس ئي پيدا ڪيل پوکن ۽ چوپائي مال مان هڪڙو حصو مقرر ڪيو آهي ۽ پنهنجي خيال ۾ چون ٿا ته هيءُ الله لاءِ آهي ۽ هيءُ اسان جي گهڙيل شريڪن لاءِ ، پوءِ جيڪو حصو سندن گهڙيل شريڪن لاءِ آهي، سو ته الله کي نٿو ملي. باقي جيڪو الله لاءِ آهي سو سندن شريڪن کي ملي وڃي ٿو. ڪهڙا نه بڇڙا فيصلا ٿا ڪن |
وَكَذٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثيرٍ مِنَ المُشرِكينَ قَتلَ أَولٰدِهِم شُرَكاؤُهُم لِيُردوهُم وَلِيَلبِسوا عَلَيهِم دينَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 137) |
۽ اهڙيءَ طرح گهڻن ئي مشرڪن لاءِ سندن شريڪن پنهنجي اولاد کي قتل ڪرڻ سهڻو ڪم بڻائي ڇڏيو آهي، ته جيئن کين تباهيءَ ۾ وجهن ۽ انهن لاءِ سندن دين کي رلائي ملائي ڇڏين. جيڪڏهن الله چاهي ها ته هو ائين نه ڪن ها. پوءِ ڇڏين ته وتن ٺاهه ٺاهيندا |
وَقالوا هٰذِهِ أَنعٰمٌ وَحَرثٌ حِجرٌ لا يَطعَمُها إِلّا مَن نَشاءُ بِزَعمِهِم وَأَنعٰمٌ حُرِّمَت ظُهورُها وَأَنعٰمٌ لا يَذكُرونَ اسمَ اللَّهِ عَلَيهَا افتِراءً عَلَيهِ سَيَجزيهِم بِما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 138) |
چون ٿا ته هنن جانورن ۽ هن پوک کي هٿ لائڻو ناهي، انهن کي فقط اهي ماڻهو کائي سگهن ٿا، جن کي اسان کارائڻ گهرون، حالانڪ اها روڪ سندن پنهنجي گهڙيل آهي. وري ڪي جانور آهن، جن تي سواري ڪرڻ ۽ بار ڍوئڻ حرام ڪيو ويو آهي ۽ ڪي جانور آهن، جن تي الله جو نالو نٿا وٺن ۽ اهو سڀ ڪجهه انهن الله تي بهتان ٻڌو آهي، جلد ئي الله کين سندن ڪوڙن ٺاهن ٺاهڻ جو بدلو ڏيندو |
وَقالوا ما فى بُطونِ هٰذِهِ الأَنعٰمِ خالِصَةٌ لِذُكورِنا وَمُحَرَّمٌ عَلىٰ أَزوٰجِنا وَإِن يَكُن مَيتَةً فَهُم فيهِ شُرَكاءُ سَيَجزيهِم وَصفَهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 139) |
۽ چون ٿا ته جيڪي انهن جانورن جي پيٽ ۾ آهي، اهو رڳو اسان جي مردن لاءِ آهي ۽ اسان جي عورتن تي حرام آهي، پر جيڪڏهن اهو مئل ٿي پيو ته پوءِ ان کي ٻيئي کائي سگهن ٿا، اهي ڳالهيون جيڪي گهڙيون اٿن انهن جو بدلو الله کين ضرور ڏيندو، بيشڪ هو وڏو داناءُ آهي ۽ کيس سڀني ڳالهين جي خبر آهي |
قَد خَسِرَ الَّذينَ قَتَلوا أَولٰدَهُم سَفَهًا بِغَيرِ عِلمٍ وَحَرَّموا ما رَزَقَهُمُ اللَّهُ افتِراءً عَلَى اللَّهِ قَد ضَلّوا وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 140) |
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته نقصان ۾ پئجي ويا اهي ماڻهو، جن پنهنجيءَ اولاد کي ناداني ڪري اڻڄاڻائيءَ سبب قتل ڪيو ۽ الله جي ڏنل رزق کي الله تي ڪوڙ ٺاهي حرام بڻايو. بيشڪ هو غلط راهه تي هليا ويا ۽ هو ته سنئين واٽ لهڻ وارا ئي نه هئا |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ جَنّٰتٍ مَعروشٰتٍ وَغَيرَ مَعروشٰتٍ وَالنَّخلَ وَالزَّرعَ مُختَلِفًا أُكُلُهُ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُتَشٰبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ كُلوا مِن ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَءاتوا حَقَّهُ يَومَ حَصادِهِ وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 141) |
۽ اهو الله ئي آهي، جنهن هر قسم جا باغ مــَنهن تي چاڙهيل توڙي نه چاڙهيل ۽ کجين جا باغ ۽ پوکون پيدا ڪيون، جن مان قسمين قسمين کاڌي جون شيون ملن ٿيون ۽ زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ پيدا ڪيائين، جن جا ميوا ڏسڻ ۾ هڪ ٻئي وانگر ۽ ذائقي ۾ ڌار ڌار ٿين ٿا. کائو سندن پيداوار جڏهن جو اهي ڦر جهلن ۽ الله جو حق ادا ڪريو، جڏهن سندن فصل لاٿو وڃي ۽ حد کان نه لنگهو، جو الله حد کان لنگهي وڃڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي |
وَمِنَ الأَنعٰمِ حَمولَةً وَفَرشًا كُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 142) |
۽ وري اهوئي آهي جنهن چوپائي مال مان سواريءَ وارا ۽ بار ڍوئيندڙ جانور به پيدا ڪيا آهن ته کائڻ ۽ وڇائڻ جو ڪم ڏيڻ وارا به. کائو انهن شين مان جيڪي الله توهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن ۽ شيطان جي پيروي نه ڪريو. هو ته توهان جو کليو کلايو دشمن آهي |
ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ مِنَ الضَّأنِ اثنَينِ وَمِنَ المَعزِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ نَبِّـٔونى بِعِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 143) |
هي اَٺ نر ۽ ماديون آهن، ٻه ريڍي مال مان ٻه ٻاڪري مال مان. اي نبي! پڇين ته الله انهن جا نر حرام ڪيا آهن يا ماديون، يا اُهي ڦــَـرَ جيڪي رڍن يا ٻڪرين جي پيٽ ۾ آهن؟ صحيح صحيح ڄاڻ مطابق مونکي ڏسيو جيڪڏهن سچا آهيو |
وَمِنَ الإِبِلِ اثنَينِ وَمِنَ البَقَرِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ وَصّىٰكُمُ اللَّهُ بِهٰذا فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا لِيُضِلَّ النّاسَ بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 144) |
۽ اهڙيءَ طرح ٻه اوٺي مال مان آهن ۽ ٻه ڳائي مال مان، پڇين ته انهن جا نر الله حرام ڪيا آهن يا ماديون، يا اهي ڦــَـرَ جيڪي ڏاچي يا ڳئون جي پيٽ ۾ آهن؟ ڇا توهان تڏهن موجود هيؤ، جڏهن الله سندن حرام هجڻ جو حڪم توهان کي ڏنو هو؟ پوءِ انهيءَ شخص کان وڏو ظالم ٻيو ڪير ٿيندو، جيڪو الله ڏانهن ڪوڙي ڳالهه منسوب ڪري ته جيئن بنا ڪنهن علم جي ماڻهن کي گمراهه ڪري، بلاشڪ الله اهڙن ظالمن کي هدايت جي راهه تي نه آڻيندو آهي |
قُل لا أَجِدُ فى ما أوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلىٰ طاعِمٍ يَطعَمُهُ إِلّا أَن يَكونَ مَيتَةً أَو دَمًا مَسفوحًا أَو لَحمَ خِنزيرٍ فَإِنَّهُ رِجسٌ أَو فِسقًا أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 145) |
اي نبي! چوين ته جيڪي ڪجهه مون تي وحي ٿيو آهي، ان ۾ ته مونکي ڪا اهڙي شيءِ نٿي ملي، جيڪا ڪنهن کائڻ واري لاءِ حرام ڪيل هجي، سواءِ ان جي جو اهو مردار هجي يا وهايل رت هجي يا سوئر جو گوشت هجي، جيڪو سخت پليت آهي يا وري جيڪو بي فرماني ڪري الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي نالي تي ڪــُــٺو ويو هجي، پوءِ جيڪو سخت مجبور ٿي (انهن مان ڪا شيءِ کائي ويهي) سواءِ بي فرمانيءَ جي نيت جي ۽ (کائيندي) ضرورت جي حد کان به نه ٽپي، ته پوءِ بيشڪ تنهنجو رب ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا كُلَّ ذى ظُفُرٍ وَمِنَ البَقَرِ وَالغَنَمِ حَرَّمنا عَلَيهِم شُحومَهُما إِلّا ما حَمَلَت ظُهورُهُما أَوِ الحَوايا أَو مَا اختَلَطَ بِعَظمٍ ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِبَغيِهِم وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 146) |
۽ جن ماڻهن يهوديت اختيار ڪئي، انهن تي اسان سڀئي نــَـنهنِ وارا جانور حرام ڪيا هئا ۽ ڳئون ۽ ٻڪريءَ جي چرٻي به، سواءِ ان جي جيڪا سندن پٺين يا آنڊن تي لڳل هجي يا هڏي سان چنبڙيل هجي، اها اسان سندن سرڪشيءَ جي سزا کين ڏني هئي ۽ هي جيڪي اسان ٻڌايون پيا سو بلڪل سچ پچ پيا ٻڌايون |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقُل رَبُّكُم ذو رَحمَةٍ وٰسِعَةٍ وَلا يُرَدُّ بَأسُهُ عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 147) |
هاڻي جيڪڏهن هو توکي ڪوڙو سڏين ته چوين ته توهان جي رب جي رحمت وارو دامن ڏاڍو ڪشادو آهي ۽ سندس عذاب ڏوهارين کان ٽاري نه سگهبو |
سَيَقولُ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكنا وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم حَتّىٰ ذاقوا بَأسَنا قُل هَل عِندَكُم مِن عِلمٍ فَتُخرِجوهُ لَنا إِن تَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن أَنتُم إِلّا تَخرُصونَ (آيت : 148) |
اهي مشرڪ (تنهنجي انهن ڳالهين جي جواب ۾) ضرور چوندا ته، "جيڪڏهن الله گهري ها ته نڪي اسان ئي شرڪ ڪريون ها ۽ نه اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نه وري اسان ڪنهن شيءِ کي حرام ڪريون ها". اهڙيون ڳالهيون ٺاهي ٺاهي انهن کان اڳين ماڻهن به حق کي ڪوڙ سڏيو هو، تانجو نيٺ وڃي اسان جي عذاب جو مزو چکيائون. چوين ته اٿوَ ڪو علم جيڪو اسان جي آڏو پيش ڪري سگهو؟ توهان ته فقط گمانن جي ڪڍ لڳل آهيو ۽ وتو ٿا رڳو ڌُڪن تي هلندا |
قُل فَلِلَّهِ الحُجَّةُ البٰلِغَةُ فَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 149) |
چوين ته (توهان جي انهيءَ دليل جي مقابلي ۾) حقيقت تائين پهچائيندڙ دليل ته الله وٽ آهي ۽ جيڪڏهن هو گهري ها ته توهان مڙني کي ضرور هدايت ڏئي ها |
قُل هَلُمَّ شُهَداءَكُمُ الَّذينَ يَشهَدونَ أَنَّ اللَّهَ حَرَّمَ هٰذا فَإِن شَهِدوا فَلا تَشهَد مَعَهُم وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 150) |
چوين ته "آڻيو پنهنجا شاهد، جيڪي اها شاهدي ڏين ته الله ئي انهن شين کي حرام ڪيو آهي". پوءِ جيڪڏهن اهي شاهدي به ڏين ته (به) تون انهن سان گڏ شاهدي نه ڏجانءِ ۽ ڪڏهن به انهن ماڻهن جي خواهشن جي مطابق نه هلجانءِ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو آهي ۽ جيڪي آخرت جا منڪر آهن، ۽ جيڪي ٻين کي پنهنجي رب جي برابر ٿا ڪن |
قُل تَعالَوا أَتلُ ما حَرَّمَ رَبُّكُم عَلَيكُم أَلّا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم مِن إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُكُم وَإِيّاهُم وَلا تَقرَبُوا الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 151) |
اي نبي! چوين ته، اچو ته مان ٿو توهان کي ٻڌايان ته توهان جي رب توهان تي ڪهڙيون پائبنديون وڌيون آهن. اهو ته ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان سهڻي نموني ۾ هلو ۽ پنهنجي اولاد کي اڻ هوند جي ڪري قتل نه ڪريو، اسان توهان کي به رزق ڏيون ٿا ته انهن کي به ڏينداسون ۽ بيحيائيءَ جي ڳالهين جي ويجهو به نه وڃو، کڻي کليون کلايون هجن، توڙي لڪل ۽ جنهن جان کي الله حرام ڪيو آهي، تنهن کي ناحق قتل نه ڪريو. اِهي اٿوَ اُهي ڳالهيون جن جو هن توهان کي تاڪيد ڪيو آهي، ته مـَـنَ توهان ڪو عقل هلايو |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ بِالقِسطِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَإِذا قُلتُم فَاعدِلوا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَبِعَهدِ اللَّهِ أَوفوا ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 152) |
۽ يتيم جي مال جي ويجهو به نه وڃجو، پر جي وڃو ته اهڙي طريقي سان جيڪو تمام سهڻو هجي، جيستائين جو هو وڃي پنهنجي بلوغت کي رسي ۽ ماپ ۽ تور پوري پوري ڪندا ڪريو انصاف مطابق، ڪنهن تي به اسان سندس وِت کان وڌيڪ بار نه رکندا آهيون ۽ جڏهن ڪا ڳالهه ڪريو ته انصاف روءِ ڪريو، پوءِ کڻي معاملو ڪنهن ويجهي عزيز جو ئي ڇونه هجي ۽ الله سان ڪيل قول کي پاڙيو. انهن ڳالهين جي هدايت الله توهان کي ڪئي آهي، ته مــَـنَ توهان ڪا نصيحت پرايو |
وَأَنَّ هٰذا صِرٰطى مُستَقيمًا فَاتَّبِعوهُ وَلا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُم عَن سَبيلِهِ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 153) |
۽ اها پڻ سندس هدايت آهي ته اهوئي منهنجو سڌو رستو اٿوَ، تنهنڪري انهيءَ تي هلو ۽ ٻين واٽن تي نه هلو، جو اهي توهان کي سندس رستي کان پري ٿيڙي رولي ڇڏينديون. اهائي اٿوَ اها هدايت، جيڪا توهان جي رب توهان کي ڪئي آهي ته مــَـنَ توهان غلط واٽ کان بچي وڃو |
ثُمَّ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ تَمامًا عَلَى الَّذى أَحسَنَ وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم بِلِقاءِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 154) |
وري اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو، جيڪو سهڻي هلت هلڻ واري انسان تي نعمت کي توڙ رسائڻ وارو هو ۽ هر شيءِ تفصيل سان سمجهائڻ وارو ۽ سڄو سارو هدايت ۽ رحمت هو ۽ (بني اسرائيل کي ان لاءِ ڏنو ويو هو) ته مــَـنَ هو پنهنجي رب جي ملاقات تي ايمان آڻين |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعوهُ وَاتَّقوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 155) |
۽ اهڙيءَ طرح هيءُ ڪتاب اسان نازل ڪيو آهي، هڪ برڪت وارو ڪتاب، پوءِ توهان ان تي هلو ۽ تقويٰ اختيار ڪريو، ته مــَـنَ توهان تي رحم ڪيو وڃي |
أَن تَقولوا إِنَّما أُنزِلَ الكِتٰبُ عَلىٰ طائِفَتَينِ مِن قَبلِنا وَإِن كُنّا عَن دِراسَتِهِم لَغٰفِلينَ (آيت : 156) |
۽ توهان متان چئو ته ڪتاب ته اسان کان اڳين ٻن ٽولن کي ڏنو ويو هو ۽ اسان کي ته ڪا خبر ئي ڪانه هئي ته ڇا پڙهندا هئا ۽ پاڙهيندا هئا |
أَو تَقولوا لَو أَنّا أُنزِلَ عَلَينَا الكِتٰبُ لَكُنّا أَهدىٰ مِنهُم فَقَد جاءَكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَصَدَفَ عَنها سَنَجزِى الَّذينَ يَصدِفونَ عَن ءايٰتِنا سوءَ العَذابِ بِما كانوا يَصدِفونَ (آيت : 157) |
يا متان چئو ته جيڪڏهن اسان تي ڪتاب نازل ڪيو وڃي ها ته اسان انهن کان وڌيڪ هدايت وارا ثابت ٿيون ها. توهان وٽ توهان جي رب وٽان هڪ چٽو دليل ۽ هدايت ۽ رحمت اچي ويا آهن، پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿيندو، جيڪو الله جي آيتن کي ٿو ڪوڙو سڏي ۽ انهن کان ٿو منهن موڙي. جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي پٺي ڏين ٿا، انهن کي انهيءَ پٺيءَ ڏيڻ ڪري اسان تمام برو عذاب ڏينداسون |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ رَبُّكَ أَو يَأتِىَ بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ يَومَ يَأتى بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ لا يَنفَعُ نَفسًا إيمٰنُها لَم تَكُن ءامَنَت مِن قَبلُ أَو كَسَبَت فى إيمٰنِها خَيرًا قُلِ انتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 158) |
ماڻهو هاڻي انهيءَ ڳالهه جي انتظار ۾ آهن ڇا ته سندن آڏو ملائڪ اچي بيهن يا تنهنجو رب پاڻ اچي يا تنهنجي رب جون ڪي پڌريون نشانيون اچي نروار ٿين؟ جنهن ڏينهن تنهنجي رب جون ڪي خاص نشانيون اچي نروار ٿيون ته پوءِ ڪنهن به اهڙي شخص کي سندس ايمان ڪو فائدو نه ڏيندو، جنهن اڳواٽ ايمان نه آندو هوندو يا جنهن پنهنجي ايمان ۾ ڪا ڀلائي نه ڪمائي هوندي. اي نبي! چوين ته چڱو توهان به انتظار ڪريو، اسان به ٿا انتظار ڪريون |
إِنَّ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا لَستَ مِنهُم فى شَيءٍ إِنَّما أَمرُهُم إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 159) |
بيشڪ جن ماڻهن پنهنجي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ ٽولا ٽولا ٿي ويا، انهن سان ته تنهنجو ڪو واسطو ئي ڪونهي، انهن جو معاملو ته الله جي حوالي آهي، اهوئي کين ٻڌائيندو ته انهن ڇا ڇا پئي ڪيو آهي |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ عَشرُ أَمثالِها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 160) |
جيڪو الله جي حضور ۾ نيڪي آڻيندو ان لاءِ ڏهوڻو اجر آهي ۽ جيڪو بــَـدي آڻيندو، تنهن کي اوترو ئي بدلو ملندو، جيترو سندس قصور هوندو ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ڪيو ويندو |
قُل إِنَّنى هَدىٰنى رَبّى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ دينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 161) |
اي نبي! چوين ته منهنجي رب بيشڪ مونکي سڌو رستو وٺايو آهي، بلڪل صحيح دين، جنهن ۾ ڪوبه ڏنگ ڏاءُ ڪونهي. ابراهيم وارو طريقو، جنهن کي هن هڪ طرفو ٿي اختيار ڪيو هو ۽ هو مشرڪن مان نه هو |
قُل إِنَّ صَلاتى وَنُسُكى وَمَحياىَ وَمَماتى لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 162) |
چؤ منهنجي نماز، منهنجون سموريون قرباني ڏيڻ واريون ريتون رسمون، منهنجو جيئڻ، منهنجو مرڻ سڀ ڪجهه الله جهانن جي پالڻهار لاءِ آهي |
لا شَريكَ لَهُ وَبِذٰلِكَ أُمِرتُ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُسلِمينَ (آيت : 163) |
جنهن جو ڪوبه شريڪ ناهي. انهيءَ ڳالهه جو ئي مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ سڀني کان اول مان ئي اطاعت ۾ ڪنڌ نوائڻ وارو آهيان |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَبغى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَيءٍ وَلا تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ إِلّا عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 164) |
چؤ! ڇا مان الله کي ڇڏي ڪو ٻيو رب ڳوليان، هوڏانهن هو ئي ته هر شيءِ جو رب آهي، هرڪو ماڻهو جيڪي ڪجهه به ڪمائي ٿو ان جو ذميوار هو پاڻ آهي، ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نٿو کڻي. پوءِ توهان سڀني کي پنهنجي رب ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي، ان وقت هو توهان جي اختلافن جي حقيقت توهانکي کولي ٻڌائيندو |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ الأَرضِ وَرَفَعَ بَعضَكُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم إِنَّ رَبَّكَ سَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 165) |
اهوئي آهي، جنهن توهان کي زمين ۾ خليفو بڻايو ۽ توهان مان هڪڙن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مرتبا ڏنائين ته جيئن جيڪي ڪجهه توهان کي ڏنو اٿائين ان ۾ توهان کي آزمائي، بيشڪ تنهنجو رب سزا ڏيڻ ۾ به ڏاڍو تڪڙو آهي، ته ڏاڍو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو به آهي |