الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1) |
سڀ ساراھ الله ئي کي جڳائي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ ان ۾ جدا جدا نمونن جون اونداهيون ۽ روشني بڻائي. پوءِ (تنهن هوندي به) ڪافر (ٻين کي) پنهنجي پروردگار جي برابر ڪن ٿا. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2) |
هو اهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري (اوهان جي) مرڻ جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو. ۽ (توڙي جو توهان کي خيال نه آهي پر) هن وٽ (قيامت جو) هڪ وقت مقرر آهي. تڏهن (به) اوهين شڪ ڪريو ٿا. |
وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3) |
۽ اهو ئي ته آسمانن ۾ (به) ۽ زمين ۾ (به) خدا آهي. اهو اوهان جي ظاهر ۽ لڪيل (ڳالهين) کان (به) خبردار آهي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا (سڀ ڪي) ڄاڻي ٿو. |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4) |
۽ (انهن ماڻهن جي عجيب حالت آهي جو) جڏهن به انهن وٽ خدا جي آيتن مان ڪا آيت آئي ته پوءِ اهي ضرور ان کان منهن ڦيرين ٿا. |
فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5) |
جيئن، جڏهن انهن وٽ (قرآن بر) حق آيو ته ان کي به هنن ڪوڙو ڪيو ته پوءِ اهي ماڻهو ٺٺوليون ڪن ٿا. تنهن جي حقيقت کين جلد ئي معلوم ٿي ويندي. |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6) |
ڇا انهن کي سجهي ڪين ٿو ته اسان هنن کان اڳ ڪيترائي گروهن (جا گروھ) تباھ ڪيا جن کي اسان روءِ زمين ۾ اها طاقت ۽ قدرت عطا ڪئي هئي جا اڃا تائين اوهان کي ڪانه ڏني. ۽ اسان مٿن آسمان تان ته گهڻو مينهن وسايو ۽ سندن (گهرن) هيٺان واھ جاري ڪيا. پر تڏهن به گناهن سبب کين فنا ڪري ڇڏيوسون ۽ انهن کان پوءِ وري ٻئي گروھ کي پيدا ڪيوسون. |
وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين ڪاغذ تي (لکيل( ڪتاب (به کڻي) تو تي نازل ڪريون ۽ اهي ماڻهو پنهنجي هٿن سان (کيس) مس به ڪن ها تڏهن به ڪافر (ڪين مڃين ها ۽) چون ها ته هي ته ڏٺو وائٺو جادو آهي. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8) |
۽ (هي به) چون ٿا ته هن (نبيءَ) تي ڪو فرشتو ڇو ڪين نازل ٿيو (جيڪو ساڻس گڏ رهي ها) پر جيڪڏهن اسين فرشتو موڪليون ها ته (سندن) ڪم تمام ٿي وڃي ها (۽) پوءِ کيس مهلت به نه ملي ها. |
وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9) |
پر جيڪڏهن اسين فرشتي کي نبي بنايون ها ته (آخر) تنهن کي به مرد جي صورت ڏيون (ها) جيڪي شڪ شبها ڪري رهيا آهن اهي ئي اسين خود مٿس (ان وقت به) ڍڪايون ها. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
۽ (اي رسول!) تون دل تنگ نه ٿي) تو کان اڳ ۾ (به) پيغمبرن سان ٺٺوليون ٿيون آهن. پوءِ جيڪي ماڻهو ٺٺوليون ڪن ٿا تن کي تنهن عذاب، جنهن تان اهي ماڻهو کلندا هئا پڪڙيو. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
(اي رسول هنن کي) چئو ته ٿورو زمين تي گهمي ڦري سير ڪري ڏسو ته (نبين) کي ڪوڙي ڪندڙن جو ڪهڙو نه (بڇڙو) نتيجو ٿيو. |
قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12) |
(اي رسول!) هنن کان پڇين ته (ڀلا اهو ته ٻڌايو ته) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ (اهي ڇا جواب ڏئي سگهندا تون خود) چوين ته خاص خدا جو ئي آهي. هن پنهنجي وجود تي رحمت واجب ڪري ڇڏي آهي. اهو اوهان سڀني کي قيامت جي ڏينهن جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ضرور ڪٺو ڪندو. (پر) جن ماڻهن پنهنجو نقصان ڪيو آهي (قيامت تي) ايمان نه آڻيندا. |
وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13) |
هوڏانهن (اهو نٿا سمجهين ته) جيڪي رات جو ۽ ڏينهن جو (سموري زمين تي) رهي (سهي) ٿو (سڀ) خاص سندس ئي آهي ۽ اهو ئي سڀني جي) ٻڌي ۽(سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14) |
(اي رسول!) تون چوين ته ڇا! خدا کي جيڪو سڀني آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪرڻ وارو آهي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي آءُ پنهنجو سرپرست بنايان ۽ اهو ئي (سڀني کي) روزي ٿو ڏئي ۽ کيس ڪو به روزي نٿو ڏئي. (اي رسول!) چوين ته، مون کي حڪم ڏنل آهي ته سڀني کان اڳ ۾ اسلام آڻڻ وارو آءُ ئي آهيان ۽ (هي به ته ياد رک!) مشرڪن مان نه ٿج! |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
(اي رسول!) تون چوين ته جيڪڏهن آءُ نافرماني ڪريان ته ضرور هڪ تمام وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16) |
ان ڏينهنن جنهن (جي سر) تان عذاب ٽري ويو ته (سمجھ ته) خدا مٿس (وڏو) رحم ڪيو. ۽ اها ئي ته کليل ڪاميابي آهي. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
۽ جيڪڏهن خدا توهان کي ڪنهن قسم جي تڪليف ڏئي ته انهي کان سواءِ تنهن جي ٽارڻ وارو ڪو به نه آهي. پر جيڪڏهن اوهان کي فائدو رسائي تڏهن به (کيس ڪو به جهلي نٿو سگهي ڇو ته) اهو هر ڳالھ تي قادر آهي. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18) |
۽ اهو ئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو حڪمت وارو (سڀ جي) خبر رکندڙ آهي. |
قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19) |
(اي رسول!) تون پڇين ته ڪهڙيءَ شيءِ جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي. (تون پاڻ ئي) چئين ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ خدا شاهد آهي. ۽ مون ڏي هي قرآن وحي جي نموني سان ان ڪري نازل ڪيل آهي ته جيئن آءُ اوهان کي ۽ جنهن کي (هن جي) خبر پهچي، هن جي ذريعي ڊيڄاريان. ڇا اوهين پڪ سان اها شاهدي ڏئي سگهندو ته الله کانسواءِ ٻيا به معبود آهن؟ (اي رسول!) تون چئين ته آءُ ته اهڙي شاهدي ڪو نه ٿو ڏيان (اوهين چئپ ته چئو) تون هنن کي چئو ته بس هڪ ئي الله آهي ۽ جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
جن ماڻهن کي اسان ڪتاب عطا فرمايو آهي (يهودي نصارى) اهي ته جيئن پنهنجي ٻارن ٻچن کي سڃاڻن ٿا تئين هن نبي (محمد مصطفي) کي به سڃاڻن ٿا (پر) جن ماڻهن پنهنجو پاڻ نقصان ڪيو سي ته (ڪنهن طرح) ايمان نه آڻيندا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21) |
۽ جنهن شخص خدا تي ڪوڙ بهتان ٻڌو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪيو، تنهن کان مٿي (ڀلا ٻيو) ڪير ظالم ٿيندو. ۽ ظالمن کي ڪڏهن به نجات نه ملندي. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22) |
۽ (تنهن ڏينهن کي ياد ڪريو جنهن ڏينهن انهن سڀني کي ڪٺو ڪنداسون پوءِ جن شرڪ ڪيو تن کان پڇنداسون ته جن کي اوهين (خدا جو) شريڪ سمجهندا هئا، ڪٿي آهن. |
ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23) |
پوءِ انهن جي ڪا به شرارت (باقي) نه رهندي، پاڻ اهي چوندا ته قسم آهي ان خدا جو جيڪو اسان جو پالڻهار آهي، اسان ته ڪنهن کي به سندس شريڪ ڪين بڻايو هو. |
انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
(اي رسول! ڀلا) ڏس ته اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ڪئين نه ڪوڙ هڻڻ لڳا ۽ اهي ماڻهو (دنيا ۾) جو ڪجھ افترا بازي ڪندا هئا سڀ غائب ٿي ويئي. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25) |
۽ ڪي انهن مان اهڙا به آهن جيڪي تنهنجي (ڳالهين) ڏي ڌيان ڏيندا رهيا آهن. ۽ (انهن جو ضد ۽ ساڙ ان حد کي پهتو آهي ڄڻ ته) اسان پاڻ سندن دلين کي پردا وجهي ڇڏيا آهن ۽ انهن جي ڪنن کي ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي. ته ان (حق) کي سمجهي نه سگهن. ۽ جيڪڏهن اهي (خدائي) جا معجزا به ڏسن تڏهن به ايمان نه آڻيندا. ايستائين (سندن ضد ۽ ساڙ پهتو) جو جڏهن تو وٽ ڪاوڙجي اچن ٿا ته ڪافر (قرآن وٺي) چئي ٿا وهن (ته ڀلا هن ۾ رکيو ئي ڇا آهي) هي ته اڳين جي ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي. |
وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26) |
۽ اهي ماڻهو (ٻين کي به هن جي ٻڌڻ) کان جهلين ٿا ۽ پاڻ ته پري رهندا ئي آيا آهن. پر انهن ڳالهين سان) پوءِ پاڻ ئي پاڻ کي هلاڪ ڪن ٿا ۽ افسوس جو سمجهن نٿا. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27) |
۽ (اي رسول!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي ان وقت ڏسين (ته حيرت ٿيئي) جڏهن جهنم (جي ڪناري) تي آڻي بيهاريا ويندا ته (ان کي ڏسي) چوندا، افسوس! اسين (جيڪر دنيا ۾) وري (ٻيهر موٽايا وڃون ها ۽ پنهنجي پروردگار جي آيتن کي ڪوڙو نه ڪريون ها ۽ اسين مومنن مان هجون ها. |
بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28) |
(پر سندن مراد پوري نه ٿيندي) جا (بي ايماني) شروع کان لڪائيندا آيا هئا سا اڄ (اصل صورت ۾) مٿن کلي پئي ۽ ائين ڄاڻون ٿا ته) جيڪڏهن اهي ماڻهو (وري دنيا ۾) موٽايا وڃن تڏهن به جنهن ڳالھ جي کين منع ڪئي وئي آهي سا ڪندا (۽ ضرور ڪندا) ۽ بيشڪ اهي ماڻهو ڪوڙا آهن. |
وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29) |
پڻ ڪافر اهو به چون ٿا ته اسان جي هن دنياوي زندگي کان سواءِ ڪجھ به نه آهي ۽ (قيامت وغيره بهانو آهي) اسين (مرڻ کانپوءِ) اٿاريا ئي ڪين وينداسون. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30) |
۽ (اي رسول!) انهن کي ان وقت ڏسين ته (تعجب ڪندين) جڏهن اهي ماڻهو خدا جي سامهون بيهاريا ويندا ۽ خدا (هنن کان) پڇندو ته ڇا! هي (قيامت جو ڏينهن) اڃا به سچ نه آهي؟ اهي جواب ۾ چوندا ته تنهنجي پروردگار جو قسم، ها! بلڪل سچ آهي تڏهن خدا فرمائيندو ته اوهين جيئن ته (دنيا ۾ هن کان) انڪار ڪندا هئا، تنهن جي سزا عذاب جا مزا چکو. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31) |
بيشڪ جن ماڻهن قيامت جي ڏينهن خدا جي حضوري کي ڪوڙو ڪيو اهي وڏي نقصان ۾ آهن ايستائين جو جڏهن مٿن اوچتو قيامت ايندي ته چوڻ لڳندا، هاءِ افسوس! اسان ته هن ۾ ڏاڍي ڪوتاهي ڪئي (اهو چوندا ويندا) ۽ پنهنجي گناهن جون ڳنڍڙيون پنهنجن پنهنجن پٺين تي لڏيون ويندا. ڏسو ته (اهو ڪهڙو نه بڇڙو بار اٿن جنهن کي اهي کنيون ڦري رهيا آهن. |
وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32) |
۽ (هي) دنياوي زندگي ته کيل تماشيءَ کانسواءِ ڪجھ به نه آهي. ۽ هي ته ظاهر آهي ته آخرت جو گهر (بهشت) پرهيزگارن لاءِ آهي جو هن کان بهتر آهي. ته ڇا! توهين ايترو به نٿا سمجهو. |
قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33) |
اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته انهن ماڻهن جي بڪواس تو کي صدمو رسائي ٿي ته (توکي ڄاڻڻ گهرجي ته) اهي ماڻهو تو کي ڪوڙو نٿا ڪن پر (اهي) ظالم (در اصل) خدا جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا. |
وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34) |
۽ (پڻ ڇڙو تون نه پر) تو کان اڳ ۾ به ڪيترن ئي رسولن کي ڪوڙو ڪري چڪا آهن ته انهن (به) پنهنجي ڪوڙي ڪرڻ ۾ ايذا ۽ (تڪليفن) تي صبر ڪيو ايستائين جو اسان جي مدد انهن کي پهتي (۽ ڇو نه ايندي) خدا جي ڳالهين کي ڪو به بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ پيغمبرن جون ڳالهيون تو وٽ پهچي چڪيون آهن. |
وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35) |
۽ انهن جو منهن موڙڻ تو کي ضرور ڳرو لڳو آهي (پر) جيڪڏهن تنهنجو وس هلي ته زمين ۾ ڪا سرنگ ڳولي ڪڍ يا آسمان ۾ ڪا ڏاڪڻ لڳاءِ. ۽ انهن کي ڪو معجزو آڻي ڏيکار (ته ائين به ڪري ڏس) جيڪڏهن خدا گهري ها ته کيس هدايت تي ڪٺو ڪري ها (پر خدا ته امتحان ٿو وٺي) پوءِ (متان) تون ڪڏهن به جاهلن ۾ (شامل) نه ٿج. |
إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36) |
(تنهنجو چوڻ ته) فقط اهي ئي انسان مڃن ٿا جي (دل جي ڪنن سان) ٻڌن ٿا. ۽ مئلن کي ته خدا قيامت ۾ ئي اٿاريندو، پوءِ ان ڏي موٽايا ويندا. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37) |
۽ ڪافر چون ٿا ته (آخر) هن نبي تي سندس پروردگار جي طرفان ڪو معجزو ڇو نه ٿو نازل ٿئي ته تون (کين) چئو ته خدا معجزي جي نازل ڪرڻ تي ضرور قادر آهي پر هنن مان گهڻا ماڻهو(خدا جي مصلحتن کي) نٿا ڄاڻن. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38) |
زمين تي جي گهمڻ ڦرڻ وارا (جانور) يا پنهنجي پرن سان اڏڻ وارا پکي آهن انهن جون به اوهان وانگر جماعتون آهن. (۽ سڀئي لوح محفوظ ۾ موجود آهن) اسان ڪتاب (قرآن) ۾ڪا به ڳالھ ڇڏي نه آهي پوءِ سڀئي (چوپايه هجن يا پکي) پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ آندا ويندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي به (ڪفر جي اوڙاھ) اوندھ ۾ گونگا ٻوڙا (ٿيا پيا) آهن خدا جنهن کي گهري تنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ۽ جنهن کي گهري تنهن کي سڌي راھ تي آڻي. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40) |
پڇين ته ڇا! توهان هئين سمجهو ٿا ته جيڪڏهن اوهان جي سامهون خدا جو عذاب اچي وڃي يا اوهان جي اڳيان قامت ٿي اچي ته اوهين (جيڪڏهن پنهنجي چوڻ ۾) سچا آهيو ته (ٻڌايو ته پوءِ مدد لاءِ) ڇا! خدا کي ڇڏي ٻئي کي سڏيندو. |
بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41) |
(ٻين کي ته ڇا) پر انهيءَ کي سڏيندو پوءِ جيڪڏهن هن گهريو ته جنهن (ڳالھ) لاءِ اوهان کيس سڏيو آهي تنهن کي پري ڪندو. ۽ (تنهن وقت) اوهين ٻين معبودن کي جن کي اوهين (خدا جو) شريڪ ڄاڻندا هئا وساري ڇڏيندو. |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42) |
۽ (اي رسول!) جيڪي امتون تو کان اڳ ٿي گذريون آهن اسان انهن ڏي به ڪيترائي رسول موڪليا پوءِ (جڏهن انهن نافرماني ڪئي ته) اسان انهن کي سختي ۽ تڪليف ۾ گرفتار ڪيو ته جيئن اهي ماڻهو (اسان جي بارگاھ ۾) عاجزي ۽ زاري ڪن. |
فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43) |
ته جڏهن انهن (جي سرن) تي اسان جو عذاب آيو ته هنن ڇو ڪين عاجزي ۽ زاري ڪئي (ته اسان عذاب ٽاري ڇڏيون ها) پر سندن دليون سخت ٿي ويون هيون ۽ سندن ڪرتوتن کي شيطان سينگاري ڏيکاريو هو (پوءِ هو ڇو ٻاڏائين.) |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44) |
پوءِ جنهن ڳالھ جي کين نصيحت ڪئي وئي آهي جڏهن ان کي وساري ڇڏيون ته اسان مٿن ( ڍر ڏيڻ لاءِ) هر قسم جي دنياوي نعمتن (۽ مزن جا) دروازا کولي ڇڏيا. ايستائين جو جيڪي نعمتون کين ڏنيون هيون جڏهن انهن کي حاصل ڪري (بلڪل) خوش ٿيا ته اسان کين اوچتو پڪڙيو. پوءِ اهي اتي جو اتي نااميد ٿيا. |
فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45) |
پوءِ ظالم ماڻهن جي پاڙ پٽي ويئي ۽ سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن جو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46) |
(اي رسول) کين چئو ته، مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن خدا توهان جا ڪن ۽ توهان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر ڪري ته خدا کانسواءِ ٻيو ڪير معبود آهي جو (وري) اوهان کي اهي نعمتون (موٽائي) ڏئي؟ (اي رسول!) ڏس ته اسين ڪئين ته پنهنجا دليل پيش ڪريون ٿا، تنهن هوندي به اهي ماڻهو منهن موڙين ٿا. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47) |
(اي رسول!) کين چئو ته مون کي ٻڌايو ته جي اوهان تي خدا جو عذاب اوچتو يا ظاهر ظهور اچي ته ڇا گنهگارن کانسواءِ ٻيا ماڻهو به هلاڪ ڪيا ويندا؟ |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48) |
۽ اسين رسولن کي فقط هن مطلب لاءِ موڪليون ٿا ته (نيڪن کي جنت جي) خوش خبري ڏين ۽ (برن ماڻهن کي دوزخ جي عذاب کان) ڊيڄارين. پوءِ جنهن ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا ڪم ڪيا ته اهڙن ئي ماڻهن لاءِ (قيامت ۾) نڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ئي ٿيندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته جيئن ته (اهي) نافرمان هئا (تنهنڪري اسان جو) عذاب کين وڪوڙي ويندو. |
قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50) |
(اي رسول! کين) چئو ته آءُ اهو ته نٿو چوان ته مون وٽ خدا جا خزانا آهن (ته ايمان آڻڻ تي ڏئي ڇڏيندس) ۽ نه (وري) آءُ غيب (جون سڀ ڳالهيون) ڄاڻان ٿو ۽ نه آءُ اوهان کي اهو چوان ٿو ته آءُ فرشتو آهيان. آءُ فقط جو (خدا جي طرف کان) مون وٽ وحي اچي ٿو تنهن جو پابند آهيان. (کين) چئو ته (ڀلا) انڌو ۽ اکين جو سڄو هڪجهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ته ڇا؟ توهين (ايترو به) نٿا سوچيو؟. |
وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51) |
۽ هن قرآن جي ذريعي سان تون انهن ماڻهن کي ڊيڄار جيڪي هن ڳالھ جو ڊپ نٿا رکن ته اهي (مرڻ کانپوءِ) پنهنجي خدا جي اڳيان ڪٺا ڪيا ويندا (۽ هي ڄاڻن ٿا ته) سندن خدا کانسواءِ ٻيو ڪو به سرپرست ئي نه آهي ۽ نه وري ڪو به سفارش ڪرڻ وارو. ته جيئن اهي ماڻهو پرهيزگار ٿين. |
وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52) |
۽ (اي رسول!) جيڪي ماڻهو صبح شام پنهنجي پالڻهار کان سندس رضامنديءَ جي آرزو ۾ دعائون گهرندا رهندا آهن، تن کي نه تڙ! سندن (حساب ڪتاب) جي جوابداري تنهنجي ذمي نه آهي ۽ نه (وري تنهنجي حساب جو) ذمو سندن سر تي آهي جو تون کين تڙڻ لڳين (نه ته) پوءِ ظالمن مان ٿيندين. |
وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53) |
۽ اهڙي طرح اسان هڪڙن کي ٻين سان آزمايو هن لاءِ ته چون ٿا اسان مان هنن تي ئي خدا احسان ڪيو آهي؟ ڇا الله، شڪر ڪندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ نه آهي؟ |
وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آهي، تو وٽ اچن ته تون (کين) ”السلام عليڪم“ (اوهان تي خدا جي سلامتي) چئو. اوهان جي پروردگار پاڻ تي رحمت لازم ڪئي آهي ته جنهن به توهان مان نادانيءَ سان ڪا برائي ڪئي پر ان کانپوءِ توبه ڪيائين ۽ پاڻ سڌاريائين ته خدا معاف ڪندڙ نهايت مهربان آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55) |
۽ اسين (پنهنجون) آيتون اهڙيءَ طرح کولي ٻڌائيندا آهيون ته جيئن گنهگارن جي راھ (سڀني تي) ظاهر ٿئي (۽ اهي ان تي نه هلن). |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي رسول! کين) چئو ته خدا کانسواءِ جن جي اوهين پوڄا (پاٺ) ڪريو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ٿي آهي. (۽ هي به) چئين ته آءُ اوهان جي (نفساني) خواهشن تي هلڻ وارو نه آهيان (نه ته) پوءِ آءُ گمراھ ٿي پوندس ۽ هدايت وارن مان نه ٿيندس. |
قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57) |
(کين) چئو ته آءُ منهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ظاهر دليل تي آهيان ۽ اوهان ان کي ڪوڙو ڪيو، (ته پوءِ) اوهين جنهن (عذاب لاءِ) جلدي ٿا ڪريو اهو ڪو منهنجي (اختيار ۾) نه آهي حڪومت ته فقط الله لاءِ ئي آهي. اهو ته حق (سچ) ٻڌائي ٿو ۽ اهو سڀني فيصلي ڪرڻ وارن کان چڱو فيصلو ڪرڻ وارو آهي. |
قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58) |
(کين) چئو ته جنهن (عذاب) جي اوهين تڪڙ ڪريوٿا جيڪڏهن منهنجي (وس ۾) هجي ها ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪڏهين جو ٿي چڪي ها ۽ خدا ته ظالمن کان خوب واقف آهي. |
وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59) |
۽ ان وٽ غيب جون چاٻيون آهن. جن کي ان کانسواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي. ۽ جيڪي خشڪي ۽ دريا ۾ آهي تنهن کي (به) اهو ئي ڄاڻي ٿو ۽ ڪو به پن نٿو ڪري پر ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ نڪو داڻو زمين جي اونداهين ۾ ۽ نڪا آلي ۽ نڪي سڪي شيءَ آهي پر اها به نوراني ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ موجود آهي. |
وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60) |
۽ هو اهو آهي جو اوهان کي رات جو (ڄڻ ته ننڊ ۾) ماري ٿو ۽ جيڪي ڏينهن جو ڪيو اٿو تنهن کي ڄاڻي ٿو. وري اوهان کي ڏينهن جو اٿاري ٿو هن لاءِ ته (حياتيءَ جي) اها مدت به (سندس علم ۾) مقرر ڪيل آهي پوري ڪجي. وري (ته نيٺ) اوهان سڀني کي ان ڏي موٽڻو ئي آهي پوءِ اوهين جيڪي (دنيا ۾ برو ڀلو ڪم) ڪريو ٿا (سڀ) اوهان کي ٻڌائيندو. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61) |
اهو پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي. اهو توهان تي نگهبان (فرشتا مقرر ڪري) موڪلي ٿو. ايستائين جو اوهان مان جنهن کي موت اچي ته اسان جا موڪليل (فرشتا) کيس (دنيا مان) کڻي وٺن ٿا ۽ اهي (اسان جي حڪم جي تعميل ۾ ذرو به) ڪوتاهي نٿا ڪن. |
ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62) |
پوءِ اهي پنهنجي سچي مالڪ خدا وٽ موٽايا ويا خبردار رهو! سندس ئي حڪومت آهي. ۽ اهو سڀ کان وڌيڪ حساب وٺندڙ آهي. |
قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63) |
(اي رسول! کين) چئو ته ڪير اوهان کي خشڪي ۽ دريا جي اونداهين کان بچائي ٿو؟ جنهن کي اوهين زاري ۽ ڳجُ (عاجزي) سان سڏيو ٿا. ته جيڪڏهن خدا (اڄوڪي) هن (بلا) کان بچايو ته اسان ضرور شڪر گذار (بندا ٿي) هلنداسون. |
قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64) |
چئين ته انهن بلائن ۽ (مصيبتن) کان خدا توهان کي بچائي ٿو (پر افسوس) تنهن هوندي به اوهين شرڪ ڪندا ئي رهو ٿا. |
قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65) |
(اي رسول! کين) چئو ته اهو ئي هن (ڳالھ) جي وس وارو آهي ته (جيڪڏهن گهري ته) توهان تي عذاب توهان جي مٿان نازل ڪري يا تووهان جي پيرن جي هيٺان (عذاب موڪلي يا اوهان کي مختلف فرقا ڪري پکيڙي ڇڏي ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين جي جنگ جو مزو چکائي. ڪجھ ته سوچو، اسين ڪئين ته پنهنجن آيتن کي ڦيري گيري بيان ڪريون ٿا ته جيئن من سمجهن. |
وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66) |
۽ انهيءَ (قرآن کي تنهنجي قوم ڪوڙو ڪيو آهي، هوڏانهن اهو بر حق آهي. تون چئين ته اوهان تي ڪو نگهبان ته ڪين آهيان. |
لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67) |
هر خبر (جي پوري هجڻ) جو هڪ خاص وقت مقرر آهي ۽ جلد ئي تون سمجهندين، |
وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68) |
۽ جڏهن ڏسين ته اهي ماڻهو اسان جي آيتن ۾ اجايو بحث ڪري رهيا آهن ته انهن کان پاسو ڪري وڃ. ايستائين جو اهي ماڻهو ان ڳالھ کانسواءِ ڪنهن ٻيءَ ڳالھ ۾ بحث ڪرڻ لڳن. پر جيڪڏهن (اسان جو هي حڪم) تو کان شيطان وساري ڇڏي ته (حڪم) ياد اچڻ تي ظالم ماڻهن سان گڏ نه ويھ. |
وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69) |
۽ اهڙن ماڻهن (جي حساب ڪتاب) جي جوابداري ڪا پرهيزگارن تي نه آهي پر (فقط نصيحت طور) ياد ڏيارڻ (گهرجي) ته جيئن اهي ماڻهو به پرهيزگار ٿين. |
وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
۽ جن ماڻهن پنهنجي دين کي کيل ۽ تماشو بنائي ڇڏيو آهي پڻ دنيا جي حياتي کين ڌوڪي ۾ وڌو آهي اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو ۽ (موقعو ڏسي) قرآن جي ذريعي کين وعظ ۽ نصيحت ڪندا رهو، (ائين نه ٿئي) جو ڪو شخص پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن ڪري مصيبت ۾ وڃي پوي(ڇو ته ان وقت ته) خدا کانسواءِ هن جو نه ڪوئي سرپرست هوندو نه سفارشي.۽ جيڪڏهن اهو (پنهنجي گناهن جي بدلي) ساري جهان جو بدلو به ڏئي ته به ان مان هڪ به نه ورتو ويندو. جيڪي ماڻهو پنهنجي ڪئي ڪري مصييبت ۾ آهن تن کي پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ملندو ۽ انهن تي دردناڪ عذاب ٿيندو ڇو ته اهي ڪفر ڪندا هئا. |
قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71) |
(اي رسول) انهن کان پڇو ته ڇا، اسين خدا کي ڇڏي انهن (بتن) کي ٻاڏايون جيڪي نه ته اسان کي فائدو پهچائي سگهن ٿا ۽ نه اسان کي نقصان ئي رسائي سگهن ٿا. ۽ جڏهن خدا اسان کي هدايت ڪئي تنهن کان پوءِ (به) ڦري ڪفر ڏي ان شخص وانگر ٿيون جنهن کي شيطانن (گهاٽي) جهنگ ۾ گمراھ ڪيو هجي ۽ حيران (پريشان هجي ته ڇا ڪري ۽ ڪيڏانهن وڃي) ۽ سندس ڪي ساٿي هجن جيڪي کيس سڌي گس ڏي اچڻ لاءِ سڏيندا رهن ته (هيڏي) اسان ڏي اچ! ۽ (اهو نڀاڳو هڪ به نٿو ٻڌي) تون ٻڌائين ته هدايت ته فقط خدا جي ئي آهي پڻ اسان کي ته اهو حڪم آهي ته اسين ساري جهان جي پالڻهار خدا جا فرمانبردار بندا رهون. |
وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72) |
۽ هي (به حڪم مليل آهي) ته پابنديءَ سان نماز پڙهندا ڪيو ۽ ان کان ئي ڊڄندا رهو ۽ هو، اهو (خدا) آهي جنهن جي حضور ۾ اوهان سڀئي حاضر ڪيا ويندو. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73) |
۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو ۽ جنهن (به) ڏينهن (ڪنهن شيءَ کي) چئي ٿو ته ٿيءُ ته (يڪدم) ٿئي ٿي سندس قول سچو آهي. ۽ جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو (ان ڏينهن) خاص سندس ئي حڪومت هوندي. (اهو ئي) غائب ۽ حاضر (سڀ) جي ڄاڻڻ وارو آهي. اهو ئي دانا واقفڪار آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74) |
(اي رسول!)تنهن وقت کي ياد ڪر!) جڏهن ابراهيم پنهنجي (پالنا ڪندڙ) پيءُ آزر کي چيو ته بتن کي خدا ڪري. مڃين ٿو؟ آءُ تو کي ۽ تنهنجي قوم کي کليل گمراهيءَ ۾ ڏسان ٿو. |
وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75) |
۽ (جهڙي طرح اسان ابرهيم کي ڏيکاريو هو ته “بت” پوڄا جي لائق نه آهن) تهڙي طرح اسان ابراهيم کي سڀئي آسمانن ۽ زمين جي سلطنت جو انتظام ڏيکاريو ته جيئن اهو (اسان جي وحدانيت جي) يقين ڪرڻ وارن مان ٿئي. |
فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76) |
ته جڏهن مٿس رات جي اونداهي ڇائجي ويئي ته هڪ ستارو ڏسي يڪدم چوڻ لڳو (ڇا) اهو ئي منهنجو خدا آهي؟ پوءِ جڏهن اهو (تارو) لهي ويو ته چيائين آءُ لهندڙن کي (خدا بنائڻ) پسند نٿو ڪريان. |
فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77) |
وري جڏهن چنڊ کي چمڪندو ڏٺائين ته چوڻ لڳو (ڇا) اهو ئي منهنجو خدا آهي. وري جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين جيڪڏهن منهنجو پالڻهار منهنجي هدايت نه ڪري ها ته آءُ ضرور گمراھ ماڻهن مان ٿيان ها. |
فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78) |
وري جڏهن سج کي روشن ٿيل ڏٺائين ته چوڻ لڳو (ڇا) خدا آهي؟ هي ته سڀني کان وڏو (به) آهي. وري جڏهن اهو به لهي ويو ته چوڻ لڳو اي منهنجي قوم! جن جن کي اوهين ماڻهو (خدا جو) شريڪ بنايو انهن کان آءُ بيزار آهيان. اهي ڪڏهين به خدا ٿي نٿا سگهن. |
إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79) |
مون ته باطل کان منهن موڙي ان ڏي پنهنجو منهن ڪيو آهي جنهن ڪيئي آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا ۽ پڻ آءُ (هرگز) مشرڪن مان نه آهيان. |
وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80) |
۽ سندس قوم جا ماڻهو هن سان حجت ڪرڻ لڳا. ته ابراهيم کين چيو هو ته ڇا! توهين مون سان خدا جي باري ۾ حجت ڪريو ٿا. هوڏانهن هن منهنجي يقينا هدايت ڪئي آهي. ۽ جن بتن کي اوهين سندس شريڪ مڃيو ٿا آءُ انهن کان ڊڄان نٿو (اهي مون کي ڇا ڪندا) پر هاءُ منهنجو خدا خود (ڪرڻ) گهري ته علم جي روءِ سان (به) سڀ تي حاوي آهي. ڇا پوءِ به اوهين ڌيان نٿا ڏيو؟ |
وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81) |
۽ جن کي اوهين خدا جو شريڪ بنايو ٿا آءُ انهن کان ڇو ڊڄان؟ جڏهن اوهين ان ڳالھ کان نٿا ڊڄو جو اوهان خدا جو شريڪ اهڙين شين کي بنايو آهي جن جي خدا توهان تي ڪا به سند نازل ڪين ڪئي آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي خبر آهي ته (ٻڌايو ته سهي) اسان ٻنهين ڌرين مان امن قائم رکڻ جو وڌيڪ حقدار ڪير آهي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82) |
جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم (شرڪ) سان نه ملايائون انهن ماڻهن لاءِ ئي امن (۽ دلجاءِ) آهي ۽ اهي ئي ماڻهو هدايت وارا آهن. |
وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83) |
۽ اهي اسان جا (سيکاريل سمجهايل) دليل آهن جيڪي اسان ابراهيم کي پنهنجي قوم تي (غالب اچڻ لاءِ) عطا ڪيا هئا. اسين جنهن جا درجا چاهيندا آهيون، بلند ڪندا آهيون. ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پالڻهار حڪمت وارو باخبر آهي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84) |
۽ اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو پٽ ۽ پوٽو) عطا ڪيو. اسان سڀ جي هدايت ڪئي ۽ ان کان اڳ نوح جي (به) اسان ئي هدايت ڪئي ۽ سندس ئي (ابراهيم) جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسى ۽ هارون (سڀني جي اسان هدايت ڪئي) ۽ نيڪو ڪارن کي اسين اهڙو ئي عوض عطا ڪريون ٿا. |
وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85) |
پڻ زڪريا ۽ يحيى ۽ عيسى ۽ الياس (سڀني جي هدايت ڪئي) ۽ اهي سڀ (خدا جي) نيڪ بندن مان آهن. |
وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86) |
۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ يونس ۽ لوط (وارن جي هدايت ڪئي سين) ۽ سڀني کي ساري جهانن تي فضيلت عطا ڪئي. |
وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87) |
۽ (نه فقط انهن کي پر) سندن پيءُ ڏاڏن ۽ انهن جي اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به (ڪيترن ئي کي ۽ انهن کي چونڊيوسون ۽ کين سڌي راھ جي هدايت ڪئي سون. |
ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88) |
(ڏسو) اها خدا جي هدايت آهي پنهنجي بندن مان جنهن کي گهري ان سبب ڪري رستي تي آڻي پر جيڪڏهن انهن ماڻهن شرڪ ڪيو هجي ها ته سندن ڪيو (ڪرتيو) سڀ بيڪار ٿي وڃي ها. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89) |
اهي (پيغمبر) اهي (انسان) هئا جن کي اسان (آسماني) ڪتاب ۽ ڪامل عقل ۽ نبوت عطا فرمائي. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو ان (ڳالھ) کي به نه مڃين ته (ڪا پرواھ نه آهي) اسان ته مٿن اهڙن (انسانن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪي انڪار ڪرڻ وارا (ئي) نه آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90) |
(اهي اڳيان پيغمبر) اهي انسان هئا. جن جي خدا هدايت ڪئي پوءِ تون به سندن هدايت جي پيروي ڪري. (اي رسول!) کين چئو ته آءُ اوهان کان هن (رسالت) جو اجورو ڪجھ نٿو گهران. هي ته ساري جهان جي لاءِ سمجهاڻي آهي. |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91) |
انهن (يهودين) خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهربو هو، نه ڪيو ان ڪري جو انهن ماڻهن (بيهودگي سان) هي چيو ته خدا ڪنهن انسان تي ڪجھ به ڪين نازل ڪيو آهي. (اي رسول!) تون هنن کان پڇ ته (ڀلا) جيڪو ڪتاب موسى آندو هو، ڪنهن نازل ڪيو هو؟ جو ماڻهن لاءِ نور ۽ (سموري) هدايت ئي (هدايت) هئي، جنهن کي اوهان ماڻهن جدا جدا ڪري ڪاغذ ورق بنائي ڇڏيو ۽ ان مان ڪجھ حصو (جو توهان جي مطلب جو آهي اهو) ظاهر ڪريو ٿا ۽ ڪيترو ئي (حصو جو اوهان جي خلاف آهي) لڪايو ٿا، هوڏانهن (ان ڪتاب جي وسيلي سان) اوهان کي اهي (اهي) ڳالهيون سيکاريون ويون جن کي نه اوهين ڄاڻندا هئا ۽ نه اوهان جا بابا ڏاڏا. (اي رسول!) پڪ اهي چوندا ته. نه!) تون ئي چئين ته خدا (نازل فرمايو) پوءِ کين ڇڏي ڏيو (ڀلي جهڪ پيا مارين) ۽ پنهنجي تون تون، مان مان ۾ کيڏندا ڦرن. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92) |
۽ هي قرآن به اهو ڪتاب آهي جنهن کي اسان برڪت وارو نازل ڪيو آهي ۽ (ان ڪتاب) جي تصديق ڪري ٿو جو ان کان اڳ (۾ ئي) موجود آهي پڻ ان لاءِ نازل ڪيل آهي ته جيئن تون (ان جي ذريعي سان) مڪي وارن ۽ ان جي چوڌاري رهڻ وارن کي (خدا جي خوف کان) ڊيچارين. ۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان رکن ٿا اهي ته هن تي (بنا دير جي) ايمان آڻين ٿا ۽ اهي پنهنجين پنهنجين نمازن جي پابندي ڪندا آهن. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93) |
۽ ان کان وڏو ظالم ڪير هوندو جو خدا تي ڪوڙ بدوڙ (زٽ) هڻي چئي ته اسان ڏي وحي آيو آهي، هوڏانهن هن ڏي “وحي” وغيره ڪجھ به نه آيو، يا اهو چوي ته جهڙو قرآن خدا نازل ڪيو آهي اهڙو آءُ به (هاڻي جو هاڻي) جلد نازل ڪري ٿو ڏيان. ۽ (اي رسول!) جيڪر تون ڏسين ته اهي ظالم موت جي سخم پيا آهن ۽ فرشتا هنن ڏي (ساھ ڪڍڻ لاءِ) ڪئين هٿ ڊگهيري رهيا آهن (۽ چوندا وڃن ٿا) ته پنهنجا ساھ ڪڍو. اڄ ئي اوهان کي خواريءَ جي عذاب جي سزا ڏني ويندي ڇو ته توهين خدا تي اجايو (بيجا) ڪوڙ ٻڌندا هئا. پڻ سندس آيتون (ٻڌي انهن کان آڪڙيا هئا. |
وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94) |
۽ نيٺ اوهين اسان ڏي اڪيلا آيو (نه؟) جهڙي طرح اسان اوهان کي پهرئين دفعي پيدا ڪيو هو ۽ جيڪو (مال ۽ اولاد) اسان اوهان کي ڏنو هو. سو سڀ پنهنجي پويان ڇڏي آيو! ۽ اوهان سان گڏ اوهان جي سفارش ڪرڻ وارن کي نٿا ڏسو! جن کي اوهين اسان سان گڏ (پرورش وغيره) ۽ ساٿي سمجهندا هئا. هاڻي ته توهان جا هڪ ٻئي ۾ تعلقات ٽٽي ويا ۽ جيڪي اوهين گمان ڪندا هوءُ سي سڀ اوهان کان گم ٿي ويا. |
إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95) |
خدا ئي ته ککڙين ۽ داڻن کي ڦٽائي (وڻ ۽ سلا) ڪري ٿو. اهو ئي جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ اهو ئي مئل جيئري مان ڪڍي ٿو اهو ئي اوهان (ماڻهن) جو خدا آهي پوءِ ڪئين اوهين ابتا وڃو ٿا؟ |
فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96) |
اهو ئي پرھ کي ڦٽائيندڙ ۽ انهيءَ آرام لاءِ رات کي ۽ حساب لاءِ سج ۽ چنڊ پيدا ڪيا. اهي زبردست خدا ۽ دانا جا مقرر ڪيل (اصول) آهن. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97) |
۽ هو اهو خدا آهي جنهن توهان جي (فائدي لاءِ ستارا بنايا ته جيئن اوهين جهنگلن ۽ دريائن جي اونداهين ۾ رستو لهو، جيڪي ماڻهو ڄاڻ وارا آهن، تن لاءِ اسان پنهنجي (قدرت جون) نشانيون خوب کولي بيان ڪيون آهن. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98) |
۽ هو اهو خدا آهي جنهن اوهان ماڻهن کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو پوءِ (هر شخص کي) قرار جي جاءِ (پيءُ جو پٺ) ۽ امانت رکڻ جي جڳھ (ماءُ جو پيٽ) مقرر ڪيل آهي. اسان سمجھ وارن لاءِ (پنهنجي قدرت جون) نشانيون نهايت تفصيل سان بيان ڪيون آهن. |
وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99) |
۽ هو اهو (قدر ۽ يگانو) آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ اسان سڀ ڪنهن شيءِ جا اوپڙ ڪڍيا پوءِ اسان ئي سايون ٽاريون ڪڍيون جنهن مان هڪ ٻئي تي سٿيل داڻا (سنگ) ڪڍون ٿا ۽ کجين جي ڇپڙين مان لڙڪيل گوشا (پيدا ڪياسين) پڻ انگور ۽ زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا باغ جي هڪ ٻئي جهڙا ۽ (شڪل ۽ مزي ۾) جدا جدا آهن. جڏهن اهي ڦٽن ۽ پچن ته سندس ڦر ڏي، چتائي ڏسو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ ايماندار انسانن جي لاءِ (خدا جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100) |
۽ انهن (ڪم بخت ماڻهن) جنن کي خدا جو شريڪ بنايو. هوڏانهن جنن کي به (ته) خدائي پيدا ڪيو، تنهن هوندي به هنن ماڻهن سواءِ سوچ سمجھ جي خدا جي لاءِ پٽ ۽ ڌيئرون گهڙيون اٿن. جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو (سندس شان ۾) ٻڌائين ٿا تن کان اهو پاڪ صاف ۽ اعلى آهي. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101) |
آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي، کيس اولاد ڪئين ٿيندو جڏهن ته ان کي زال ئي نه آهي. ۽ هن هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي. ۽ اهو ئي هر ڳالھ کان چڱي طرح واقف آهي. |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102) |
(انسانو!) اهوئي الله اوهان جو پالڻهار آهي، جنهن کانسواءِ بيو ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي. اهو هر شيءِ جي پيدا ڪرڻ وارو آهي ته (پوءِ) ان جي عبادت ڪريو. ۽ اهو ئي هرشيءِ جو نگهبان آهي. |
لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103) |
ان کي اکيون ڏسي نٿيون سگهن. (نه دنيا ۾ نه آخرت ۾) ۽ اهو (اوهان جي) اکين کي چڱي طرح ڏسي ٿو. ۽ اهو وڏو باريڪ بين ۽ خبردار آهي. |
قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104) |
اوهان وٽ ته سمجهائڻ واريون شيون اچي چڪيون آهن. پوءِ جيڪو ڏسي (سمجهي ته) پاڻ لاءِ ۽ جيڪو (ڏسي وائسي) انڌو ٿيندو سو به پاڻ لاءِ ۽ (اي رسول کين چئو ته) مان اوهان تي نگهبان نه آهيان. |
وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105) |
۽ اهڙي طرح اسين جدا جدا نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا، هن لاءِ ته (حجت تمام ٿئي) پڻ هن لاءِ ته اهي ماڻهو زباني به اقرار ڪن ته تو قرآن (سندن سامهون پڙهيو ۽ هن لاءِ ته جي ماڻهو ڄاڻندڙ آهن انهن لاءِ (قرآن کي) چڱي طرح کولي بيان ڪريون. |
اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106) |
۽ جيڪي تنهنجي پالڻهار طرفان تو ڏي وحي ڪئي وڃي بس! انهيءَ تي هل! خدا کانسواءِ ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي ۽ مشرڪن کان منهن موڙ ڪر! |
وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107) |
۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اهي ماڻهو شرڪ ڪن ئي ڪين ٿا. ۽ اسان تو کي انهن ماڻهن جو نگهبان ته ڪين ڪيو آهي ۽ نه تون هنن جو ذمه دار ئي آهين. |
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108) |
۽ اهي (مشرڪ) جن جي الله کانسواءِ (خدا ڄاڻي ڪري) عبادت ڪندا آهن، انهن کي تون برو نه چئو نه ته اهي بي علميءَ سبب دشمني ڪري برو ڀلو چئي وهندا. (۽ ماڻهو پنهنجي نفساني خواهشن سبب) اهڙي طرح (پابند ٿيا جو ڄڻ ته) کيس اسان هر ٽولي کي(سندن) عمل (سينگاري) سنواري سٺا ڪري ڏيکاريا آهن. پوءِ کين (نيٺ ته) پنهنجي پروردگار ڏي موٽي وڃڻو آهي تڏهن جو ڪجھ دنيا ۾ ڪندا هئا کيس ٻڌائيندو. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109) |
۽ انهن ماڻهن خدا جا ڏاڍا سخت قسم کنيا ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪو معجزو اچي ته اهي ضرور ان تي ايمان آڻيندا (اي رسول!) کين چئو ته معجزا ته فقط الله وٽ ئي آهن پر اوهان کي ڪهڙي خبر! اها پڪ آهي ته جيڪڏهن معجزو به ايندو تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا. |
وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110) |
۽ اسين سندن دليون ۽ انهن جون اکيون ڦيرائي ڇڏينداسون جيئن انهن ماڻهن پهرئين ڀيري ايمان نه آندو. ۽ اسين انهن کي سندن سرڪشيءَ جي حالت ۾عقل جا انڌا ڪري ڇڏينداسون ته ڀٽڪندا رهن. |
وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111) |
۽ (اي رسول! سچي ڳالھ ته هيءَ آهي جو) اسين جيڪڏهن انهن تي فرشتا به نازل ڪريون ها ۽ سڀ (لڪل) شيون (جيئن جنت دوزخ ۽ ٻيون) ٽولا ٽولا سندن اڳيان بيهاريون تڏهن به اهي ايمان نه آڻين ها پر جڏهن خدا گهري، هنن مان گهڻا نٿا سمجهن. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيٰطينَ الإِنسِ وَالجِنِّ يوحى بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ زُخرُفَ القَولِ غُرورًا وَلَو شاءَ رَبُّكَ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 112) |
۽ (اي رسول! جيئن اهي ڪافر تنهنجا دشمن آهن) تئين (ڄڻ ته) اسان (پاڻ آزمائڻ لاءِ) شرير ماڻهن ۽ جنن کي هر نبي جو دشمن بنايو آهي ماڻهو هڪ ٻئي کي فريب ڏيڻ جي ارادي سان ڳالهيون ٺاهي جوڙي سس پس ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار گهري ته اهي ماڻهو اهڙي حرڪت نه ڪري سگهن (پوءِ) کين ۽ سندن زٽن کي ڇڏي ڏي. |
وَلِتَصغىٰ إِلَيهِ أَفـِٔدَةُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَلِيَرضَوهُ وَلِيَقتَرِفوا ما هُم مُقتَرِفونَ (آيت : 113) |
۽ (اهي سس پس ان ڪري هيون) ته جيئن جي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻين تن جي دل سندن (شرارت) ڏي مائل ٿي وڃي ۽ انهن (ڳالهين) کي پسند ڪن ته جيئن جي جي ڪوڙ اهي خود ڪن ٿا سي اهي به ڪرڻ لڳن. |
أَفَغَيرَ اللَّهِ أَبتَغى حَكَمًا وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ إِلَيكُمُ الكِتٰبَ مُفَصَّلًا وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعلَمونَ أَنَّهُ مُنَزَّلٌ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 114) |
ڇا (اوهين اهو چاهيو ٿا ته) آءُ خدا کي ڇڏي ڪنهن ٻي ٽياڪڙ کي ڳوليان هوڏانهن اهو خدا جنهن اوهان ڏي کولي بيان ڪيل ڪتاب نازل ڪيو. ۽ جن ماڻهن کي اسان ڪتاب عطا فرمايو آهي اهي خاطري سان سمجهن ٿا. هي (قرآن به) تنهنجي پروردگار جي طرف کان برحق نازل ڪيو ويو آهي ته (متان) تون شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿئين. |
وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدقًا وَعَدلًا لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 115) |
۽ سچائي ۽ انصاف ۾ ته تنهنجي پروردگار جي ڳالھ پوري ٿي وئي. ڪو به سندس ڳالهين کي بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ اهو ئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن تُطِع أَكثَرَ مَن فِى الأَرضِ يُضِلّوكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 116) |
۽ (اي رسول!) دنيا ۾ ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جو جيڪڏهن تون سندن چوڻ تي هلين ته تو کي خدائي راھ کان ٿيڙي ڇڏين. اهي ماڻهو ته رڳو اٽڪل سٽڪل ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 117) |
(تون ڇا ڄاڻين!) جي ماڻهو سندس راھ کان ڦريل آهن تن کي (ته) خدا ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. ۽ اهو هدايت يافته ماڻهن کان وڌيڪ واقف آهي. |
فَكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كُنتُم بِـٔايٰتِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 118) |
ته پوءِ جيڪڏهن اوهين سندس آيتن تي ايمان رکوٿا ته جنهن ڪٺل تي (ڪهڻ وقت) خدا جو نالو ورتو ويو هجي ان کي ئي کائو. |
وَما لَكُم أَلّا تَأكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَقَد فَصَّلَ لَكُم ما حَرَّمَ عَلَيكُم إِلّا مَا اضطُرِرتُم إِلَيهِ وَإِنَّ كَثيرًا لَيُضِلّونَ بِأَهوائِهِم بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِالمُعتَدينَ (آيت : 119) |
۽ اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جنهن تي خدا جو نالو ورتي ويو هجي تنهن مان نٿا کائو؟ هوڏانهن جيڪي شيون اوهان تي هن حرام ڪيون آهن اهي اوهان سان کولي بيان ڪيل آهن. پر (هاءُ) جڏهن اوهين لاچار هجو ته (حرام به کائي سگهو ٿا) ۽ ڪيترائي (اجايو) پنهنجي نفساني خواهشن سان، سواءِ سمجهڻ جي (ماڻهن کي) ڦيرائي ڇڏين ٿا. ۽ تنهنجو پروردگار ته حق کان ڦري وڃڻ وارن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. |
وَذَروا ظٰهِرَ الإِثمِ وَباطِنَهُ إِنَّ الَّذينَ يَكسِبونَ الإِثمَ سَيُجزَونَ بِما كانوا يَقتَرِفونَ (آيت : 120) |
(اي انسانو!) ظاهري ۽ ڳجهن گناهن (ٻنهين) کي بلڪل ڇڏي ڏيو جيڪي ماڻهو گناھ ڪن ٿا تن کي سندن ڪرتوتن جو جلد بدلو ڏنو ويندو. |
وَلا تَأكُلوا مِمّا لَم يُذكَرِ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَإِنَّهُ لَفِسقٌ وَإِنَّ الشَّيٰطينَ لَيوحونَ إِلىٰ أَولِيائِهِم لِيُجٰدِلوكُم وَإِن أَطَعتُموهُم إِنَّكُم لَمُشرِكونَ (آيت : 121) |
۽ جنهن (ڪٺل جانور) تي خدا جو نالو نه ورتو ويو هجي ان مان نه کائو (ڇو ته) بيشڪ شيطان پنهنجن دوستن جي دلين ۾ (هن لاءِ) غلط خيال وجهن ٿا ته اهي اوهان سان جهڳڙو ڪن ۽ جيڪڏهن توهين سندن چوڻ مڃيو ته پوءِ سمجهي ڇڏيو ته) اوهين به بيشڪ مشرڪ آهيو. |
أَوَمَن كانَ مَيتًا فَأَحيَينٰهُ وَجَعَلنا لَهُ نورًا يَمشى بِهِ فِى النّاسِ كَمَن مَثَلُهُ فِى الظُّلُمٰتِ لَيسَ بِخارِجٍ مِنها كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلكٰفِرينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 122) |
ڀلا جو شخص اڳ ۾ مئل هو پوءِ اسان کيس جيئرو ڪيو ۽ ان لاءِ روشني پيدا ڪئي سون جنهن سان هو ماڻهن ۾ گهمي ڦري ٿو، ان شخص جهڙو ٿي سگهي ٿو! جنهن جي اها حالت هجي (جيڪو چوڌاري) اونداهين ۾ ڦاٿل هجي جو ان مان ڪنهن طرح نڪري نٿو سگهي (جيئن مومنن لاءِ ايمان سينگاريل آهي) تئين ڪافرن جي لاءِ سندن (ڪڌا) ڪرتوت سينگاريا ويا آهن. (جيڪي کين ڏاڍا سٺا نظر اچن ٿا). |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا فى كُلِّ قَريَةٍ أَكٰبِرَ مُجرِميها لِيَمكُروا فيها وَما يَمكُرونَ إِلّا بِأَنفُسِهِم وَما يَشعُرونَ (آيت : 123) |
۽ (جيئن مڪي ۾ آهي، تئين اسان هر ڳوٺ ۾ اتي جي ڏوهاري کي اتي جا سردار ڪيا، هن لاءِ ته اهي انهن (ڳوٺن) ۾ بڇڙيون تدبيرون) رڳو اهي پنهنجي حق ۾ ڪن ٿا پر نٿا سمجهن. |
وَإِذا جاءَتهُم ءايَةٌ قالوا لَن نُؤمِنَ حَتّىٰ نُؤتىٰ مِثلَ ما أوتِىَ رُسُلُ اللَّهِ اللَّهُ أَعلَمُ حَيثُ يَجعَلُ رِسالَتَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ أَجرَموا صَغارٌ عِندَ اللَّهِ وَعَذابٌ شَديدٌ بِما كانوا يَمكُرونَ (آيت : 124) |
۽ جڏهن انهن وٽ ڪا نشاني (نبي جي شاهدي لاءِ) اچي ٿي ته چون ٿا ته اسين تيستائين ڪڏهين به نه مڃينداسون جيستائين خدا جي رسولن کي جيڪي ڏنو ويو آهي تنهن جهڙو اسان کي نه ڏنو وڃي ۽ خدا جتي (جنهن دل ۾) پنهنجي پيغمبري قرار ڏئي ٿو (تنهنجي قابليت ۽ صلاحيت) کي چڱو ڄاڻي ٿو. جيڪي ماڻهو (ان ڏوھ جا) ڏوهاري آهن انهن کي جلد ئي سندن مڪاري جي سزا ۾ خدا وٽان وڏي خواري ۽ سخت عذاب ٿيندو. |
فَمَن يُرِدِ اللَّهُ أَن يَهدِيَهُ يَشرَح صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ وَمَن يُرِد أَن يُضِلَّهُ يَجعَل صَدرَهُ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّما يَصَّعَّدُ فِى السَّماءِ كَذٰلِكَ يَجعَلُ اللَّهُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 125) |
پوءِ جنهن شخص کي خدا سڌو رستو ڏيکارڻ چاهي ٿو تنهن جي سيني کي اسلام جي (دولت) جي لاءِ (صاف ۽) ڪشادو ڪري ٿو ڇڏي. ۽ جنهن کي گمراهيءَ جي حالت ۾ ڇڏڻ چاهي ٿو ته ان جي سيني کي ٽيڙهو ڪري ڇڏي ٿو. (پوءِ ڄڻ ته اسلام قبول ڪرڻ) هن لاءِ آسمانن تي چڙهڻ آهي. جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻين خدا مٿن بڇڙائي کي مسلط ڪري ڇڏي ٿو. |
وَهٰذا صِرٰطُ رَبِّكَ مُستَقيمًا قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
۽ (اي رسول!) هي (اسلام) تنهنجي پرودگار جو (بنايل) سڌو رستو آهي. سبق حاصل ڪرڻ وارن لاءِ اسان پنهنجون آيتون کولي بيان ڪيون آهن. |
لَهُم دارُ السَّلٰمِ عِندَ رَبِّهِم وَهُوَ وَلِيُّهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 127) |
انهن لاءِ سندن پروردگار وٽ امن ۽ آرام جو گهر (بهشت) آهي ۽ دنيا ۾ جيڪي ڪم انهن ڪيا تن جي بدلي خدا سندن سرپرست ٿيندو. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا يٰمَعشَرَ الجِنِّ قَدِ استَكثَرتُم مِنَ الإِنسِ وَقالَ أَولِياؤُهُم مِنَ الإِنسِ رَبَّنَا استَمتَعَ بَعضُنا بِبَعضٍ وَبَلَغنا أَجَلَنَا الَّذى أَجَّلتَ لَنا قالَ النّارُ مَثوىٰكُم خٰلِدينَ فيها إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 128) |
۽ (اي رسول! کين اهو ڏينهن ياد ڏيار) جنهن ڏينهن خدا سڀني کي گڏ ڪندو (۽ شيطانن کي فرمائيندو) اي جنات جي جماعت! توهان ته ڪيترن ئي آدمين کي ٿيڙهي برغلائي پنهنجو وڏو ٽولو بنايو ۽ ماڻهن مان جي شخص (انهن شيطانن جا دنيا ۾) دوست هئا چوندا اي اسان جا پالڻهار! (دنيا ۾) اسان هڪ ٻئي مان فائدو حاصل ڪيو ۽ پنهنجن ڪرتوتن جي سزا لاءِ) جو وقت تو اسان جي لاءِ مقرر ڪيو هو هاڻي اسان هن وقت (قيامت ۾) پهتاسين، خدا (سندن جواب ۾) فرمائيندو. توهان سڀني جي جاءِ جهنم آهي ۽ ان ۾ هميشه رهندو! پر جنهن کي خدا گهري (ته نجات ڏئي) بيشڪ تنهنجو پروردگار وڏي حڪمت وارو واقفڪار آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُوَلّى بَعضَ الظّٰلِمينَ بَعضًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 129) |
۽ اهڙي طرح اسان ڪن ظالمن کي ڪن جو سندن ڪرتوتن سبب سرپرست بنائينداسون. |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا شَهِدنا عَلىٰ أَنفُسِنا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 130) |
(پوءِ اسين پڇنداسين) ته اي جن ۽ انسانو! توهان وٽ، توهان مان پيغمبر نه آيا هئا، ڇا! جيڪي اوهان کي منهنجيون آيتون ٻڌائين ۽ اوهان کي اوهان جي هن ڏينهن (قيامت) جي اچڻ کان ڊيڄارين. اهي سڀ عرض ڪندا ته (بيشڪ آيا هئا)، اسان پنهنجو پاڻ تي پنهنجي خلاف شاهدي ڏيون ٿا، (سچ ته) دنيا جي (فاني) حياتيءَ کين ڌوڪي ۾ رکيو. ۽ هنن پنهنجي خلاف پاڻ شاهدي ڏني ته اهي سڀئي ڪافر هئا. |
ذٰلِكَ أَن لَم يَكُن رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها غٰفِلونَ (آيت : 131) |
۽ (هي پيغمبرن جو موڪلڻ فقط) هن لاءِ آهي ته تنهنجو پروردگار ڪڏهن به ڳوٺن کي ظلم زبردستي سان اتاهون جي رهندڙن کي غفلت جي حالت ۾ هلاڪ نٿو ڪري. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 132) |
۽ جنهن جهڙو به (ڀلو برو ڪم) ڪيو آهي انهيءَ مطابق هر هڪ جا درجا آهن. ۽ جيڪي ڪجھ اهي ڪن ٿا تنهنجو پروردگار ان کان بي خبر نه آهي. |
وَرَبُّكَ الغَنِىُّ ذُو الرَّحمَةِ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَستَخلِف مِن بَعدِكُم ما يَشاءُ كَما أَنشَأَكُم مِن ذُرِّيَّةِ قَومٍ ءاخَرينَ (آيت : 133) |
۽ تنهنجو پروردگار بي پرواھ رحم وارو آهي. جيڪڏهن گهري ته توهان سڀني کي (دنيا مان اڏائي) کڻي وڃي ۽ اوهان کان پوءِ جنهن کي گهري ته توهان جي جاءِ تي مقرر ڪري جيئن نيٺ، اوهان کي ٻين ماڻهن جي اولاد مان پيدا ڪيوسون. |
إِنَّ ما توعَدونَ لَءاتٍ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 134) |
جنهن ڳالھ جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو اهو ضرور (هڪ نه هڪ ڏينهن) اچڻ وارو آهي ۽ اوهين ان جي آڻڻ ۾ خدا کي عاجز نٿا ڪري سگهو. |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عامِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 135) |
(اي رسول!) تون کين چئو ته اي منهنجي قوم اوهين پاڻ جو چاهيو سو ڪريو آءُ (به پاڻ) عمل ڪري رهيو آهيان. پوءِ (جلد ئي اوهان کي) معلوم ٿي ويندو ته آخرت جو گهر (بهشت) ڪنهن جي لاءِ آهي؟ (اوهان لاءِ يا اسان لاءِ) ۽ ظالم ماڻهو ته ڪڏهين به ڪامياب نه ٿيندا. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ مِمّا ذَرَأَ مِنَ الحَرثِ وَالأَنعٰمِ نَصيبًا فَقالوا هٰذا لِلَّهِ بِزَعمِهِم وَهٰذا لِشُرَكائِنا فَما كانَ لِشُرَكائِهِم فَلا يَصِلُ إِلَى اللَّهِ وَما كانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلىٰ شُرَكائِهِم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 136) |
۽ جيڪا کيتي ۽ چوپايو مال الله پيدا ڪيو آهي تنهن مان هڪ حصو الله لاءِ مقرر ڪن ٿا پوءِ پنهنجي خيال ۾ چون ٿا هي الله جو آهي ۽ هي اسان جي شريڪن جو (يعني جن کي اسان خدا جو شريڪ بنايو آهي) پوءِ جيڪو خاص سندن شريڪن جو آهي، اهو ته خدا تائين پهچڻ جو نه آهي ۽ جيڪو حصو خدا جو آهي اهو سندن شريڪن تائين پهچي ويندو. اهو جيڪو فيصلو ڪن ٿا سو ڪهڙو نه بڇڙو آهي! |
وَكَذٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثيرٍ مِنَ المُشرِكينَ قَتلَ أَولٰدِهِم شُرَكاؤُهُم لِيُردوهُم وَلِيَلبِسوا عَلَيهِم دينَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 137) |
۽ اهڙي طرح گهڻن ئي مشرڪن کي سندن (ٺهرايل) شريڪن سندن اولاد کي قتل ڪرڻ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي هن لاءِ ته اهي (ٺهرايل) شريڪ مشرڪن کي برباد ڪن ۽ انهن تي سندن سچي دين کي رلائي ملائي ڇڏين ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اهي ماڻهو (اهڙو ڪڌو ڪم) نه ڪن ها، ته (اي رسول!) تون کين ۽ انهن جي ڪوڙ بدوڙ کي خدا تي ڇڏي ڏي. |
وَقالوا هٰذِهِ أَنعٰمٌ وَحَرثٌ حِجرٌ لا يَطعَمُها إِلّا مَن نَشاءُ بِزَعمِهِم وَأَنعٰمٌ حُرِّمَت ظُهورُها وَأَنعٰمٌ لا يَذكُرونَ اسمَ اللَّهِ عَلَيهَا افتِراءً عَلَيهِ سَيَجزيهِم بِما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 138) |
۽ هنن پنهنجي خيال موافق چيو ته هي چوپايو مال ۽ پوک ممنوع آهن. انهن کي ڪو به نه کائيندو ان کان سواءِ جنهن کي اسين گهرون ۽ (هي ٻيو) چوپايو مال آهي جنهن جي پٺيءَ (تي سواري ڪرڻ) حرام ڪئي وئي آهي ۽ (ٽيو) چوپايو مال آهي جنهن تي (ڪهڻ وقت) الله جو نالو نٿا پڙهن (۽ وري اهي ڪوڙ خدا تي ٿا هڻن) اهو سڀ خدا تي ڪوڙ بدوڙ آهي. خدا کين زٽن هڻن جلد ئي سزا ڏيندو. |
وَقالوا ما فى بُطونِ هٰذِهِ الأَنعٰمِ خالِصَةٌ لِذُكورِنا وَمُحَرَّمٌ عَلىٰ أَزوٰجِنا وَإِن يَكُن مَيتَةً فَهُم فيهِ شُرَكاءُ سَيَجزيهِم وَصفَهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 139) |
۽ ڪافر هي به چون ٿا ته جو ڦر (ڪنهن وقت) هنن جانورن جي پيٽ ۾ آهي (جن کي) اسان بتن جي نالي ڪري ڇڏيو آهي (پوءِ جيترو پيدا ٿيو ته) فقط اسان جي مرد ماڻهن لاءِ حلال آهي پر عورتن تي حرام آهي. ۽ جيڪڏهن اهو مئل هوندو ته سڀ ان ۾ شريڪ آهيون. خدا کين جلد ئي سندن ان ڳالھ ٺاهڻ جي سزا ڏيندو. بيشڪ اهو حڪمت وارو وڏو واقف ڪار آهي. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ قَتَلوا أَولٰدَهُم سَفَهًا بِغَيرِ عِلمٍ وَحَرَّموا ما رَزَقَهُمُ اللَّهُ افتِراءً عَلَى اللَّهِ قَد ضَلّوا وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 140) |
بيشڪ جن ماڻهن پنهنجي اولاد کي بنا سوچ سمجھ جي بيوقوفي سان ماري ڇڏيو ۽ جا روزي خدا کين ڏني هئي تنهن مان بهتان ٻڌي پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيائون اهي سخت نقصان ۾ آهن. اهي يقينن حق جي راھ کان ٿڙي ويا، هونئن به اهي هدايت پائڻ وارا به نه هئا. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ جَنّٰتٍ مَعروشٰتٍ وَغَيرَ مَعروشٰتٍ وَالنَّخلَ وَالزَّرعَ مُختَلِفًا أُكُلُهُ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُتَشٰبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ كُلوا مِن ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَءاتوا حَقَّهُ يَومَ حَصادِهِ وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 141) |
۽ هو ته اهو خدا آهي جنهن ڪيئي باغ پيدا ڪيا جن ۾ جدا قسمن جا وڻ آهن ڪي انگور وانگر (ڇنن تي) چڙهيل ۽ ڪي نه چڙاهڻ وارو پڻ کجيءَ جا وڻ ۽ کيتي واڙي جنهن جا ڦر (ذائقه ۾) الڳ الڳ قسمن جا آهن پڻ زيتون ۽ ڏاڙهون ڪي ته صورت، رنگ ۽ (مزي ۾) پاڻ ۾ ملندڙ ۽ (ڪي) جدا (قسمن جا) (پوءِ) جڏهن اهي ڦر پچي تيار ٿين ته انهن جا ميوا کائو ۽ سندن پٽڻ جي ڏينهن خدا جو حق (زڪوات) ڏيو پر ياد رکو! فضول خرچي نه ڪريو ڇو ته اهو (يعني خدا) اجايو خرچ ڪرڻ وارن سان ڪڏهين به الفت نٿو رکي. |
وَمِنَ الأَنعٰمِ حَمولَةً وَفَرشًا كُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 142) |
۽ چوپاين مان ڪي ته بار ڍوئڻ وارا (قداور) ۽ ڪي زمين سان لڳل (ننڍي قد، بت وارا) پيدا ڪيا. خدا جيڪا روزي اوهان کي ڏني آهي ان مان کائو پر شيطان جي پيروي نه ڪريو. (ڇو ته) اهو ته پڪ اوهان جو ظاهر ظهور دشمن آهي. |
ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ مِنَ الضَّأنِ اثنَينِ وَمِنَ المَعزِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ نَبِّـٔونى بِعِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 143) |
(خدا نر مادي کي ملائي) اٺ (قسم) جوڙا پيدا ڪيا آهن. رڍن مان (نر ۽ مادي) ٻه. ۽ ٻڪري مان (نر ۽ مادي) ٻه. (اي رسول! انهن ڪافرن کان) پڇو ته خدا انهن ٻنهين (رڍ ۽ ٻڪري جي) ٻنهين نرن کي حرام ڪيو آهي يا ٻنهين مادين کي يا (وري) ان ڦرن کي جيڪي انهن ٻنهين مادين جي پيٽ ۾ کنيل آهن جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته ٿورو سوچي مون کي ٻڌايو. |
وَمِنَ الإِبِلِ اثنَينِ وَمِنَ البَقَرِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ وَصّىٰكُمُ اللَّهُ بِهٰذا فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا لِيُضِلَّ النّاسَ بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 144) |
پڻ اٺ جا (نر ۽ مادي) ٻه ۽ ڍڳيءَ جا (نر ۽ مادي) ٻه. (اي رسول) کين چئو ته خدا انهن ٻنهين (اٺ ۽ ڍڳيءَ) جي نرن کي حرام ڪيو آهي يا ٻنهين مادين جي پيٽ ۾ کنيل آهن. ڇا! جڏهن خدا اهڙو حڪم ڏنو هو، اوهين ان وقت موجود هئا؟ پوءِ جيڪو خدا تي ڪوڙ ٻڌي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ ته جيئن ماڻهن کي سواءِ سمجهڻ جي گمراھ ڪري. خدا هرگز ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي. |
قُل لا أَجِدُ فى ما أوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلىٰ طاعِمٍ يَطعَمُهُ إِلّا أَن يَكونَ مَيتَةً أَو دَمًا مَسفوحًا أَو لَحمَ خِنزيرٍ فَإِنَّهُ رِجسٌ أَو فِسقًا أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 145) |
(اي رسول!) کين چئو ته آءُ ته جو (قرآن) مون وٽ بطور وحي جي آيو آهي ان ۾ ڪا به شيءِ ڪنهين کائڻ واري تي جو ان کي کائي تنهن تي) حرام ڪيل نه ٿو لهان پر اهو مردو يا وهندڙ رت يا سوئر جو گوشت هجي ته بيشڪ اهي شيون ناپاڪ (۽ حرام) آهن. يا (اهو جانور) نافرمانيءَ (جو سبب) هجي جو (ڪهڻ وقت) خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي. پوءِ جيڪو شخص (هرطرح) بيوس هجي (۽ اهڙي حالت ۾ کائي) ته پوءِ اوهان جو پروردگار وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا كُلَّ ذى ظُفُرٍ وَمِنَ البَقَرِ وَالغَنَمِ حَرَّمنا عَلَيهِم شُحومَهُما إِلّا ما حَمَلَت ظُهورُهُما أَوِ الحَوايا أَو مَا اختَلَطَ بِعَظمٍ ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِبَغيِهِم وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 146) |
۽ اسان يهودين تي ننهن وارا سڀ جانور حرام ڪري ڇڏيا هئا، پڻ ڍڳي ۽ ٻڪري ٻنهين جون چرٻيون مٿن حرام ڪري ڇڏيون هيون پر جا چربي انهن ٻنهين جي سندن پٺن يا آنڊن تي لڳل هئي يا هڏن سان مليل هجي (اها حلال هئي) اها اسان کين سرڪشيءَ جي سزا ڏني هئي ۽ ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اسين بلڪل سچا آهيون. |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقُل رَبُّكُم ذو رَحمَةٍ وٰسِعَةٍ وَلا يُرَدُّ بَأسُهُ عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 147) |
(اي رسول!) پوءِ اهي جيڪڏهن تو کي ڪوڙو ڪن ته تون (جواب ۾) چئين ته (توڙي جو) توهان جو پروردگار وڏي رحمت وارو آهي پر سندس عذاب گنهگارن تان ٽرندو به نه آهي. |
سَيَقولُ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكنا وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم حَتّىٰ ذاقوا بَأسَنا قُل هَل عِندَكُم مِن عِلمٍ فَتُخرِجوهُ لَنا إِن تَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن أَنتُم إِلّا تَخرُصونَ (آيت : 148) |
جلد ئي مشرڪ چوندا ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته نه اسين ماڻهو شرڪ ڪريون ها ۽ نه اسان جا پيءُ ڏاڏا ۽ نه ڪا به شيءِ (پاڻ تي) حرام ڪيون ها. اهڙي طرح (مشرڪ ڳالهيون ٺاهي ٺاهي) جيڪي ماڻهو هنن کان اڳ ٿي گذريا آهن (نبين کي) ڪوڙو ڪندا رهيا، تان جو اسان جي سزا جو مزو چکيائون. (اي رسول!) کين چئو ته ڇا اوهان وٽ ڪو دليل آهي (جيڪڏهن آهي) ته اسان جي ڏيکارڻ لاءِ ان کي ڪڍو. (دليل ڇا پيش ڪندو) اوهين ماڻهو ته رڳو (پنهنجي) گمان تي هلو ٿا ۽ اوهين فقط اٽڪل تي چئو ٿا. |
قُل فَلِلَّهِ الحُجَّةُ البٰلِغَةُ فَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 149) |
(اي رسول!) کين چئو ته (هاڻي اوهان وٽ ڪو به دليل نه آهي) خدا تائين پهچائڻ وارو دليل فقط خدا لاءِ ئي خاص آهي پوءِ جيڪڏهن اهو (الله) گهري ها ته اوهان سڀني جي هدايت ڪري ها. |
قُل هَلُمَّ شُهَداءَكُمُ الَّذينَ يَشهَدونَ أَنَّ اللَّهَ حَرَّمَ هٰذا فَإِن شَهِدوا فَلا تَشهَد مَعَهُم وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 150) |
(اي رسول!) کين چئو ته (چڱو) پنهنجي شاهدن کي پيش ڪريو جيڪي هيءَ شاهدي ڏين ته (اهي شيون جن کي اوهان حرام ڪيو ٿا) خدا ئي حرام ڪيون آهن پوءِ جيڪڏهن (بالفرض) اهي شاهدي ڏين به ته تون (اي رسول!) ڪڏهن به انهن سان شاهدي نه ڏجانءِ ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين ۽ ٻين کي پنهنجي پروردگار جو همسر بنائين ٿا هنن جي نفساني خواهشن تي نه هلجانءِ. |
قُل تَعالَوا أَتلُ ما حَرَّمَ رَبُّكُم عَلَيكُم أَلّا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم مِن إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُكُم وَإِيّاهُم وَلا تَقرَبُوا الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 151) |
(اي رسول!) کين چئو ته (بس هاڻي) اچو ته جيڪي ڳالهيون خدا توهان تي حرام ڪيون آهن اهي آءُ اوهان کي پڙهي ٻڌايان؛ (اهي) هي ته ڪنهن شيءِ کي خدا جو شريڪ نه بنايو ۽ پيءُ ماءُ سان نيڪ سلوڪ ڪريو، پڻ مفلسي جي خوف کان پنهنجي اولاد کي نه ماري ڇڏيو (ڇو ته) انهن کي ۽ اوهان کي رزق ڏيڻ وارا ته اسين آهيون. ۽ برن ڪمن جي ويجهو به نه وڃو، خواھ اهي ظاهر هجن يا لڪل ۽ ڪنهن ساهواري کي جنهن کي قتل ڪرڻ خدا حرام ڪيو آهي نه مارجو پر (ڪنهن) حق جي بدلي. هي اهي ڳالهيون آهن جن جو خدا توهان کي حڪم ڏنو آهي ته جيئن توهين ماڻهو سمجهو. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ بِالقِسطِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَإِذا قُلتُم فَاعدِلوا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَبِعَهدِ اللَّهِ أَوفوا ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 152) |
۽ يتيم جي مال جي ويجهو به نه وڃو پر اهڙي طريقي تي جو (سندس حق ۾) چڱو هجي ايستائين جو اهو پنهنجي جوانيءَ جي حد تائين پهچي وڃي. ۽ انصاف سان ماپ تور پوري ڪندا ڪريو. اسين ڪنهين کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نٿا ڏيون. ۽ (ڪجھ به هجي پر) جڏهين به ڳالھ چئو ته انصاف سان توڙي جو ان (جنهن جي توهان خلاف چئو) اوهان جو عزيز ئي (ڇو نه) هجي ۽ خدا سان ڪيل واعدا پورا ڪريو. هي اهي ڳاليهون آهن جن جو خدا توهان کي حڪم ڏنو آهي ته جيئن اوهان سبق حاصل ڪريو. |
وَأَنَّ هٰذا صِرٰطى مُستَقيمًا فَاتَّبِعوهُ وَلا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُم عَن سَبيلِهِ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 153) |
۽ هي (به سمجهو) ته منهنجو سڌو رستو آهي. ان تي هلو ۽ ٻين رستن تي نه هلو جو اهي اوهان کي خدا جي رستي کان (ٿيڙي) الڳ الڳ ڪري ڇڏيندا. هي اهي ڳاليهون آهن جن جو خدا توهان کي حڪم ڏنو آهي ته من پرهيزگار ٿيو. |
ثُمَّ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ تَمامًا عَلَى الَّذى أَحسَنَ وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم بِلِقاءِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 154) |
پوءِ جيڪو نيڪي ڪري، اسان ان تي پنهنجي نعمت پوري ڪرڻ لاءِ موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيو ۽ ان هر شيءِ جو تفصيل (کولي بيان ڪيو هو) ۽ ماڻهن لاءِ سر کان پيرن تائين (هدايت ۽ رحمت آهي ته جيئن اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ جو يقين ڪن. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعوهُ وَاتَّقوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 155) |
۽ هي ڪتاب (قرآن) جنهن کي اسان (هاڻي) نازل ڪيو آهي برڪت وارو ڪتاب آهي ته اوهين ان جي پيروي ڪريو ۽ (خدا کان) ڊڄندا رهو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي. |
أَن تَقولوا إِنَّما أُنزِلَ الكِتٰبُ عَلىٰ طائِفَتَينِ مِن قَبلِنا وَإِن كُنّا عَن دِراسَتِهِم لَغٰفِلينَ (آيت : 156) |
۽ (اي مشرڪو! هي نه چئي ويهو) ته اسان کان اڳ خدا جا ڪتاب ته بس فقط ٻن ئي جماعتن (يهودي ۽ نصارن) تي نازل ٿيل هئا، توڙي جو اسين انهن جي پڙهڻ (پڙهائڻ) کان بي خبر هئاسون. |
أَو تَقولوا لَو أَنّا أُنزِلَ عَلَينَا الكِتٰبُ لَكُنّا أَهدىٰ مِنهُم فَقَد جاءَكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَصَدَفَ عَنها سَنَجزِى الَّذينَ يَصدِفونَ عَن ءايٰتِنا سوءَ العَذابِ بِما كانوا يَصدِفونَ (آيت : 157) |
يا هئين چوڻ لڳو ته جيڪڏهن اسان تي (خدا جو) ڪتاب نازل ٿئي ها ته اسين انهن ماڻهن کان به وڌيڪ سڌي راھ تي هجون ها. ته (ڏسو) هاڻي ته پڪ اوهان جي پالڻهار طرفان اوهان وٽ هڪ روشن دليل (خدا جو ڪتاب) ۽ هدايت ۽ رحمت اچي چڪي. ته پوءِ جو شخص خدا جي آيتن کي ڪوڙ سمجهي ۽ ان کان منهن ڦيري ان کان مٿي ظالم ڪير هوندو. جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کان منهن موڙين ٿا اسين سندن ان منهن موڙڻ جي عوض ۾ جلد ئي بڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ رَبُّكَ أَو يَأتِىَ بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ يَومَ يَأتى بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ لا يَنفَعُ نَفسًا إيمٰنُها لَم تَكُن ءامَنَت مِن قَبلُ أَو كَسَبَت فى إيمٰنِها خَيرًا قُلِ انتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 158) |
(اي رسول!) ڇا اهي ماڻهو فقط ان ڳالھ جي انتظار ۾ آهن ته انهن وٽ فرشتا اچن يا اوهان جي پالڻهار جون ڪجھ نشانيون اچن (آخر ڪئين سمجهايو وڃي) حالانڪه جنهن ڏينهن اوهان جي پروردگار جون ڪي نشانيون اچي وينديون ته جنهن شخص شروع ۾ ئي ايمان نه آندو هوندو يا پاڻ مومن هجڻ جي حالت ۾ ڪو به نيڪ ڪم نه ڪيو هوندائين ته هاڻي سندس ايمان آڻڻ کيس ڪجھ به فائدو نه ڏيندو (اي رسول!) کين چئو ته (چڱو!، ائين ئي سهي) اوهين به انتظار ڪريو اسان به پڪ انتظار ڪريون ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا لَستَ مِنهُم فى شَيءٍ إِنَّما أَمرُهُم إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 159) |
بيشڪ جن ماڻهن پنهنجي دين ۾ ڦوٽ وڌي ۽ ڪيئي فرقا بنجي ويا تنهن جو انهن سان ڪو به واسطو نه آهي. انهن جو معاملو ته فقط خدا جي حوالي آهي، پوءِ جو ڪجھ اهي (دنيا ۾ نيڪ يا بد) ڪندا هئا اهو (سڀ) کين ٻڌايو ويندو. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ عَشرُ أَمثالِها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 160) |
سندس رحمت ته (ڏسو) جيڪو شخص نيڪي ڪندو ته ان کي ان جو ڏهوڻو ثواب عطا ٿيندو. ۽ جيڪو ماڻهو برائي ڪندو ته کيس سزا فقط اوتري ئي ڏني ويندي ۽ اهي (ڪنهن طرح) آزاريا نه ويندا. |
قُل إِنَّنى هَدىٰنى رَبّى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ دينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 161) |
(اي رسول! تون کين چئو ته مون کي ته منهنجي پروردگار سڌي راھ (هڪ مضبوط دين ابراهيم جي مذهب جي هدايت فرمائي آهي جيڪو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو. |
قُل إِنَّ صَلاتى وَنُسُكى وَمَحياىَ وَمَماتى لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 162) |
(اي رسول!) تون (انهن ماڻهن کي چئو ته منهنجي نماز منهنجي عبادت منهنجو جئيڻ منهنجو مرڻ سڀ خدا جي واسطي ئي آهي، جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي. |
لا شَريكَ لَهُ وَبِذٰلِكَ أُمِرتُ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُسلِمينَ (آيت : 163) |
۽ سندس ڪو به شريڪ نه آهي ۽ مون کي اهو ئي حڪم مليل آهي ۽ آءُ سڀني کان اڳ ۾ اسلام آڻڻ وارو آهيان. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَبغى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَيءٍ وَلا تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ إِلّا عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 164) |
(اي رسول!) پڇين ته ڇا آءُ خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پالڻهار ڳوليان؟ هوڏانهن اهو سڀني شين جو مالڪ آهي، ۽ جيڪو شخص ڪو به بڇڙو ڪم ڪري ٿو، تنهن جو بار سندس سر تي آهي. ۽ ڪو به شخص ڪنهن ٻئي جي گناھ جو بار نه کڻندو. پوءِ اوهان سڀني کي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ موٽي وڃڻو آهي. تڏهن توهان ماڻهو جن ڳالهين ۾ وڙهندا هئا اهي (سڀ) اوهان کي ٻڌائيندو. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ الأَرضِ وَرَفَعَ بَعضَكُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم إِنَّ رَبَّكَ سَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 165) |
۽ اهو ته اهو ئي (خدا) آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين مٿان درجا وڌايا ته جيئن جيڪي (نعمت) اوهان کي ڏنل آهي ان ۾ اوهان کي آزمائي هن ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اوهان جو پروردگار تمام جلد عذاب ڪرڻ وارو آهي ۽ هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اهو وڏو بخشڻ وارو مهربان آهي. |