الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1) |
حمد تنهن حنان، اُڀ ڀون جنهن اُپائيا، ۽ اُونداهيون ۽ سوجھرا، مقرر ڪيا مَنان، موٽِي، پنهنجي مالڪ سان، جي ڦِريا کان فرمان، مُوجب غلط گمان، ڀانئنِ ڀائيوار پِئا. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2) |
اُهو، سو اوهان کي، خاڪ مان، جوڙيو جِنهن جبار، موٽِي ڪيائين مدتون، مُقرر ڌارو ڌار، ۽ مُقرر وقت موت جو، اُن وٽ آخرڪار، شَڪن جو شِڪار، ورِي به، ٿيو ٿا ويسلا!. |
وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3) |
۽ اهوئـِي الله، آهي اڀ، زمين ۾، سَمجھي سِر اوهان جو، پڻ وات وَراڻيون واه!، پڻ اُنهئ کان آگاه، جي ڪندا آهيو ڪَمڙا. |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4) |
۽ نه اَچينِ ڪو اُهڃاڻ، سندنِ، آگي جي اُهڃڻ مان، مگر اِهي آڄاڻ، آهن اِنڪاري اُن ڪنان. |
فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5) |
پوءِ سچ کي ڪوٺيؤن ڪُوڙ، جڏهن اُنهن وٽ آئيو، جا هَلڪائـِي ڪن هُوڙ، تِنهنجِي پوندين، سُڌ سِگھڙِي. |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6) |
ڇا ورتئون نه ويچار؟ ته انهن کان اڳي جُڳ ڪيترا، نِپٽ ڇڏياسون ناس ڪري، چَٽ پَٽ چَٽ چوڌار، جن کي ڏناسون ڏيہ ڪي، وَڏا وِئ وَلهار، جن جِھڙِي، نه ڏني سون اوهان کي، طاقت ڪا تڪرار، اُتن اُتارياسون اُڀ کان، گھاٽا مينگھ ملهار، جن هيٺان نهرون، ناليون، وهن ويرو تار، پوءِ ڪيوسونِ، ڪَرتوتن ۾، سَندنِ گرفتار، ۽ ٻِئا جُڳ ٻِيهار، پيدا ڪياسون، تن پٺيان. |
وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
هوند، اُتاريو سون تو اُتي، وَرقن منجھ وَهِي، پوءِ هٿن سندن سان، اُن کي، ڇوتائون صحِي، تڏهن به ڪفر، جن ڪيو، تن ڪِيرت اِي ڪهِي، ته حرف ڪار وهِي، چِٽو آهي، چِٽ ڪو. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8) |
چي، هوند لَٿو اُن تي، ڪو مَلڪ موچارو، ۽ جي مَلڪ لاٿوسون، ته لِک ۾، لَٿو ليکو سارو، واهر ڪرڻ وارو، موٽِي نه مِلندنِ مورهين. |
وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9) |
۽ جي مَلڪ ڪيوسون اُن کي، ته ماڻهون ڪيوسونسِ پڪ، ۽ وڌاسونِ شُبها شَڪ، جي ڳهلا اڳ، ڳنڊين پِيا، |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
۽ توکان مَهند، مَسخريون، ٿيون مُرسلن تان موڪ، تن مان، ڪئـِي جن ٽوڪ، تنهن مَنجھو مَنجھ مُنجھائيا. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
چئو، ڀُون ۾ گُھمو ڀورڙا!، پوءِ ڪريو نِرت نِهار، ته ڪِهڙا پَڇاڙِي پار، ڪوڙن ڪافرن جا. |
قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12) |
چئو، ڪِنهن لئي، جو اُڀ ، ڀون ۾؟ چئو آهي اَلله هار، جنهن لِکِي ٻاجھ پاڻ تي، ٻانهن سان ٻيهار، ڪندنِ ڏينهن قيام جي، آڻي گڏ اِظهار، شڪ، نه شُبهو جنهن ۾؛ جن هَڙ ۾ کاڌِي هارِ، اُهي پنهنجو پالڻهار، مُورک نه مَڃينِ مُورهين. |
وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13) |
۽ سڀ اُن جا، ڏينهن، رات ۾، جي ڪٿي به، ڪن قرار، ۽ سُڻندڙ سَمجھدار، سو الله جَلَّ جَلَالُهٗ. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14) |
چئو، آئون ڇا الله ري، پرور گُھران، ڪو پَر؟ جو آهي اُڀ، زمين جو، پيدا ڪندڙ پَروَر، ۽ اُوکارائي، ۽ نه کائـِي ڪِي؛ اَمر ٿيمِ اِن پر، ته اَول هُجان، اُنهن مان، جن جُھڪايو سِر، ۽ مُور نه ٿِي مُقرر، پَرجي، پُوڄاريَن مان. |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
چئو ڏَران، ته سندمِ ڏاتار جو، جي حُڪم ڀڳمِ هيڪار، وڏي ڏينهن جي، ڏک کان، سَزا سخت اَپار، |
مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16) |
تِنهن ٽاڻي، جنهن تان، ٽاريو وِيو، اِهو وڏو آزار، ته ٿئـِي مٿسِ ٻاجھ ٻِيهار، ۽ سَڀنِيان وڏِي سوڀ اِي. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
۽ جي ڏِنئـِي ڏک ڏيہ ڌڻي، ته ڪو نهي ٻئو اُن ڪاڻ، لاهيندڙ، ڪو لوڪ مان، سوا سائين پاڻ، جي ڏِينئـِي سُک سُڄاڻ، پوءِ اُوقادر هر ڪنهن ڪم مٿي! |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18) |
بي شڪ سندنِ بندن تي، قرارو ڪلتار، ۽ حڪمتِي هوشيار، خدا خبردار گھڻو. |
قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19) |
چئو، ڪهڙِي شئ، شاهدئَ ۾، آهي وڏِي اَپار؟ چئو، مون ۽ اوهان وِچ ۾، ساکِي آهي، ستار، ۽ هِي قرآن ڪريم، ٿو وڃي، موڪليو مون اپار، ته اُن سان، اوهان ڊڄاريان، پڻ پُهتِي جنهن پَچار، ڇاسچ پچ اوهين ساک ڏِيو، ته ٻيا ڪي، منجھ ڪم ڪار؟ آهن، گڏ الله سان، ڀيڙا ڀائيوا؟ آئون نه ڏيندس، ساک سا، ورِي ٻول ٻيهار، چئو ناهي، مگر اُهو هِڪ، ڏينهَن جو ڏاتار، ۽ آئون اِنهيان بيزار، جن کي، ڀيڙا ڀانيو. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
اڳي ڏِناسون جن کي، ڪتاب ڪَرم ساڻ، سي سُڃاڻنِس، سُڃاڻن جِيئن، پُٽ پنهنجاپاڻ، پوءِ اُهي نه مَڃيندا آڻ، جن جوکي وڌا جِئ پانهنجا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21) |
۽ آهي ڪير اُن کان، جَبر و جفاڪار؟ جنهن قادر، ربُّ ڪريم تي، ٻَڌا ڪوڙ ٻيهار، يا ڪوٺِئين ڪُوڙيون اُن جون، نِشانيون نِروار، هرگز هاڃيڪار، مَنهدان نه ڇٽن مُورهين. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22) |
۽ جنهن مَهل ميڙي، سي مِڙئي، ڪنداسون قطار، پوءِ جن پَتِيار ڪيا، تن پُڇنداسون پَچار، جن ڀانيا ڀائيوار، اُهي، هاڻي حِصيدار ڪِٿي؟ |
ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23) |
پوءِ آخر عُذر اُنهن جو، هُئو نه هِن کان ڌار، چي، سُنهُن سانيمِ، ربَّ ستار، مشرڪ، نه هئاسون مورهين. |
انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
ڏس ته ڪوڙو پاڻ کي، چيائون ڪهڙي چال، جي جوڙيؤن هٿ جا لال، سي ويا وٽائن وڃائجِي. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25) |
۽ ڪي تن مان، توڏي، ڪَن ڏيئـِي، سُڻنِ ڳالھ سُڄاڻ!، ۽ ڪياسون ڪُوپاقلبن تي، تان، نه پَروڙينَسِ پاڻ، ۽ آهي اُنهن جي ڪَنن ۾، ٻِي پڻ ڪا ٻوڙاڻ، ۽ نه وِسهن، وَرپَسن، اکيِن سَڀ اُهڃاڻ، جڏهن اوهان وٽ آئـِيا، پيا دڙينِ، اوهان ساڻ، آکِينِ ٿا اَڄاڻ، هِي آکاڻيون، آڳينِ جون. |
وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26) |
۽ منع ڪن اُن کان، پڻ مُڙن اُن کان مور، پر نه پوينِ پَروڙ، ته نه مارِين، مگر پاڻ کي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27) |
۽ هُوندو وِيکينِ، تنهن وار، جڏهن وِيابِيهاريا باه تي، چي، ووءِ ووءِ! جي وريا وڃون، واپس وطن وَلهار، ته ڪوڙيون، نه ڪوٺيون آيتون، سانيمِ جُون، ستار، ۽ هُوندهجون هَموار، مڃيندڙن مان مورهين. |
بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28) |
کُليوخوب اُنهن تي، جو اُٽلو لِڪائن اڳ، ۽ واپس واريا، هُوند وِيا، ته به جنهن کان، جَھليا منجھ جڳ، پاتئون تيڏانهن پَڳ، ۽ اُهي ڪوڙا آهن قول ۾، |
وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29) |
چي، ناھِ جين ان جو، هِن حياتِيء ڌار، ۽ اسين آخرڪار، اَصل نه اُٿڻا آهيون. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30) |
۽ چي ڏسينِ، بِيهاريا وِياجڏهن، سندنِ سائين وٽ، چِي،هِي ناهي حق ڇا؟ وَراڻيو ڇڏي وَٽ، چي، هائو سُنهُن سايمِ جو، هي آهي حق نِپٽ؛ چي پوءِ، چکو سزا چَٽ!، جِنهن مُوجب مڃيندائـِي نه هُئا. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31) |
ڇَڻِي پيا ڇِيهَن ۾، جن ڌڻي جو ديدار، وَر وَر ڪُوڙَو ڪوٺيو؛ تان آخر، اُهکِي وار آئـِي اُنهن تي اوچتِي، ٻَر ٻَر! چيون ٻيهار، ته هي هي! ڪئي سون هِن ۾، جاڪمِي، منجھ ڪم ڪار، ۽ اُهي پَنهنجا پاپ پُٺن تي، پِيا بار کڻن بدڪار؛ جو برسر ڍوئنِ بار، اُهو بلَڪل ڪو بُڇڙو ٿيو! |
وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32) |
ناھِ ننڍِي ڄمار،مگر راند ۽ راڳ رُڳو، ۽ آخرت ڀليِ اُنهن لئي، جي تقوٰى رکن تڪرار، پوءِ آخر ڪِنهن آڌار، نه سُوچينِ سچِئَ ڳالھ کي. |
قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33) |
بيشڪ ٻُجھون، ته ٻولِين جو، سو وِجھنَئـِي منجھ وِيچار، توکي نه ڪُوڙ ڪن سي، پر هرگز هاڃيڪار، ڪَن اَجايو اِنڪار، هادِيءَ جي حُڪمن کان. |
وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34) |
۽ ڪوڙا اڳ، ڪوٺيا ويا، مُرسل مڻياندار، پوءِ سَٺـئون ڪوڙي ڪوٺڻ کي، پڻ آينِ، جي آزار، آئـِي تان اَسان جِي، اُنهن کي آڌار، ۽ هادِئَ جي حڪمن ۾، نه ڪندڙ ڦيڙ ڦار، پڻ ملئـِي پَتا پار، مُرسلن جا مورهين. |
وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35) |
۽ جي ڳَرِي لڳـئـِي ڳالهڙِي، اُنهن جو انڪار، پوءِ جي طاقت توکي، ته هڪدم گُھر هيڪار، ڀُون ۾ ڪوئي بونرو، يا چاڙهِي چُوٽِي پار، پوءِ اُنهن تي آڻ ڪا، نِشانِي نروار، ۽ سڀئـِي آڻي سَنوت تي، جي گُھريو هوند غفّار، پوءِ تون نه ٿِي تڪرار، مُورکن مان مُورهِين. |
إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36) |
مَڃيندا، سى مورهين، جي سُڻن هِنيِين ساڻ، ۽ مُئا مُقامن مان، پرور اُٿاريندو پاڻ، اُن ڏي اِن پُڄاڻ، موٽائـِبا مورهين. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37) |
چي، هوند سندسِ سائينءَ کان، ڪو اُٿسِ لٿو اُهڃاڻ، چئو الله قادر اُن مٿي، ته ڪو پِرتو لاهي پاڻ، پر اڪثر هي اَڄاڻ، نه سمجھن، سچِئَ ڳالھ کي. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38) |
۽ نه کيڙ ائُو، ڪوکِه ۾، نه پکِي طُور طيور، اُڏٖي ٻن کنڀن سان، مگر آهن مُور، اوهان جِھڙيون، اُمتون ظاهر ۽ ظهور، لِک، نه ڪٿي ليک ۾، ڪيو سون قُصور، هَمہ منجھ حَضور، ڀيڙا ڪري بِيهاربا، |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39) |
۽ جن ڪوڙو ڪوٺيون، اسان جون، نِشانيون نِروار، ٻوڙا، گنگا آهن اُهي، منجھ اُونداهين آوار، رولي ڇڏي روه ۾، جنهن کي گُھري غفّار، جنهن کي گُھري جَبّار، واري ڪري سَنئينءَ واٽ تي. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40) |
چئو ڪِيئن ٿاڀانيو پاڻ کي، ته جي اچي اوهان سر، اِلاهِي عذاب ڪو، يا محشر ڏينهن مقرر، ته پوءِ ڇا؟ الله الله ڪري، صاحب ري، سَڌر، داهيندا ٻي در، جي صفا آهيو سچ تي؟. |
بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41) |
اُٽلو ڪندا اُن هيڪ سان، حال هِيڻو هَڏ، پوءِ لاهيندان سو، جي گُهري، جنهن لئي، ساري ڪريو سَڏ، ۽ ٻِئا، جي ڀورا! ڀانيو گَڏ، سي وساريندا، تنهن ويل ۾. |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42) |
۽ اُماڻيا سون، توکان اڳي، اُمتن ۾ اڳواڻ، پوءِ تنگِين ۽ تڪلِيفن ۾، پڪڙيوسونِ پاڻ، اِهو اِنهيءَ ڪاڻ، ته ڪن ضروري زاريون. |
فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43) |
پوءِ آينِ ڏُ ک اَسان جو، جڏهن جُھلِي مَنجھ جھان، ته هوندپَڇتائي پاڻ ڪيون، زاريون ساڻ زبان، پر، ٿيا ڪَٺڻ قلب اُنهن جا؛ ۽ جيڪِي ڪن ڪُفران، شامتِي شيطان، سو سندنِ لئي سنيگاريو. |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44) |
جو وِيَنِ ياد ڏِياريو، سو وساريون، جِنهن وار، ته کوليا سون خوب مَٿنِ، در سڀ ڪنهن سُک سُڪار، تان ڏاڍا خوش اُن تي ٿيا، ڏِنَنِ جو ڏاتار، پوءِ اوچتوئـِي اُنهن کي، ڪيوسون گِرفتار، پوءِ آهن اُنهئَ وار، بلڪل بي آسري. |
فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45) |
پوءِ پُٺ ڪَپِي، تنهن قوم جِي، ڪيا جن ڪَلُور، ۽ هردم حمد حُضور، جو پالڻهار پرٿڻيين. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46) |
چئوڪِ ڏِٺان؟ ته ڏاتار، جي نِينان ڪَن ۽ اکيون، ۽ هَڻنِيان مُهر هنِيين تي، پوءِ ڪهڙو اُهو آڌار؟ ٽٖيئـِي ٽَپڙ ڏيندان ورِي، پاڪ ڌڻِي کان ڌار، ڏِس، ته مَٿنِ، ڪِيئن کوليون، نِشانيون نِروار، تِنهان پوءِ تڪرار، پورِينِ ڪهڙي پار ڏي؟ |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47) |
چئو، وَرتان ڪو ويچار؟ ته قَهر ربَّ قهار جو، اچي اوهان تي اوچتو، يا پڌرو، هر ڪنهن پار، ظالِم ذات ڌار، مُور نه ٻئو، مايو وڃي. |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48) |
۽ مُرسل نه مَڃيون مجال، مگر کيانتا ۽ خابرو، پوءِ مڃيو جنهن مذڪور کي، ۽ چڱِي رکيائين چال، تن کي نه ڀَو بحال، ۽ نه ڳَڻتِي ڪنهن ڳالھ جِي. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49) |
۽ اُهي، اسان جون آيتون، ڪوٺيون، جن ڪُوڙ، حَدون ڀَڃن هُوڙ، اِيندنِ عذاب، اِن مَٿان. |
قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50) |
چئو، آئون نه اوهان کي چوان، مون وٽ مالڪِ جا مال، ۽ نه ڪا دعوٰى ڌريان، ته ڄاڻان ڳُجھ جِي ڳالھ، ۽ نه چوڻ، ته مَلائـِڪ آهيان، نه چَلان مٿي، ڪنهن چال، مگر مٿي مَقال، جا مون ڏي، وحِي ڪئـِي وڃي. چئو، اَنڌو ۽ سَڄو، هِڪ ٻئي جا، ڇا مَٽ ٿيندا مُور؟ ڇو مَنجھ اِنهئَ مذڪور، فِڪر ڪرڻ نه فرمائيو؟ |
وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51) |
۽ اُنهن کي، اِن ڳالھ سان، ڍوليا! تون ڊيڄار، ته ڪَنبنِ، ته ڪاهي، ڪَٺي ڪبا، سندنِ پرور پار، ته ڪونهي آڌار اُنهن جو، پن ڌاڙُو اِنهيان ڌار، اِن آسري آڌار، ته اِهي بَچنِ باھ کان! |
وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52) |
تن کي، تون مَ ڌِڪار، جي سندنِ صاحب پاڪ کي، سَڏينِ صبح ۽ شام ۾، پُڇنِ تِنهن جو پار، توتي، بار اُنهن جو، نه اُنهن تي، تُنهنجو بار، جي ڌِڪينِ، کان دربار، ته هوندين، هاڃيڪارن مان. |
وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53) |
۽ ڪِن کي، اُنهن مان، ڪِن سان، پرکيون ٿا اِن پر، تان آکِين، ته ڇا، اسان وچان ڪيا، ڀال ڀَلي هِنن سِر؟ ڇا، خدا کي، نه خبر، ڳُڻ ڳالِهين، ڳائيندڙن جِي؟ |
وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54) |
۽ آيَئـِي، جڏهن اُهي، جن مڃَيا، اَسان جا اُهڃاڻ، چَئو، سَدا سلام اوهان تي؛ اَهنجي پرور پاڻ، لِکِي ٻاجھ پاڻ تي، ته جيڪو به، جھالت ساڻ، ڪندو ڪو جھو ڪَمڙو، اوهان مان اَڄاڻ، موٽِي موٽيو، ۽ ڪم چڱا، ڪيائين تِنهن پُڃاڻ، ته صحِي سو سُڄاڻ، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55) |
۽ اِنپر کوليون آيتون، ڀَري ڀَري ڀَرپُور، تان ظاهر ٿئي ضرور، پاپِين سندو پيچرو |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56) |
چئو، مون کي منع، ته پُوڄيان، جي پوڄيو پُوڄ، پِير، ڌڻي ڌاران، جن کي، دانهيو ٿا دِلگير!، چئو، آئون اوهان جي، سَڌنِ پُٺيان، ليڙا! نه لڳندس لِير، تڏهن، ته ٿِــئسِ تَغير، نه صحِي سَوا ٽن مان. |
قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57) |
چئو، آئون صحِي سونهپ تي، سانيمِ، کان سَتار، ۽ جي ڪوڙ ڪوٺيان اُن کي، ته جو، تڪڙو گُھرو تڪرار، مون وٽ، نه سو مُورهين؛ سڀ آگي جو اختيار، سوئـِي سچ تي فيصلا، نِبيري نِبار، اُهو هر طرح هوشيار، نِياءَ نبيريندڙن ۾. |
قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58) |
چئو هئو، جي هوندو ٽم، جو تڪڙو گھرو تڪرار، ته مون ۽ اوهان وچ ۾، لهي ويو ڪم ڪار، سائين سمجھندار، هاڃيڪارن جي حال کي. |
وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59) |
۽ وَٽسِ ڪُنجون ڳجھ جون، نه ٻُجهي، ٻِئون اُن ڌار، ۽ جيڪي بر ۽ بحر ۾، سڀ ڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ پن، نه ڪري پٽ تي، مگر سمجھي کيس ستار، ۽ نه داڻو، ڌرتئَ جي، منجھ اُونداهين اَنڌڪار، ۽ نه سائو، نه سُڪو سَر ۾، مگر هر مِقدار، آهي لِکيل اِظهار، قدرت جي ڪتاب ۾. |
وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60) |
۽ صحِي، سو ستار، جو ماري اوهان، رات ۾، پڻ ڄاڻي، جيڪي ڏينهن ۾، ڪيان پورهيا پار، وري اوهان کي، اُن مان، جاڳائي جبّار، تان پورِي ڪري، پاڻ ڌڻي، پويون پهر ڄمار، پوءِ موٽڻ اوهان مِڙن جو، آخر اُنهيء پار، پوءِ ڪريو جي ڪم ڪار، تِنهنجون، کولي ڏيندان خبرون. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61) |
۽ بيشڪ سندسِ بندن تي، اُهو آهي قبضيدار، ۽ مُقرر اوهان تي موڪلي، پاڻان پَهريدار، تان موت اوهان مان، ڪِنهن تي، وارد ٿيو، جنهن وار، پورو، اسان جا پيڙا، تنهن کي، ڪن تڪرار، ۽ اُهي اُنهيءَ وار، وَڌاء نه ڪن، هڪ وار جو. |
ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62) |
وَرِي اُٿلائبو اُنهن کي، آخر الله پار، جو سچو سائين اُنهن جو، ڪُل اُن جو اِختيار، ۽ تڪڙو، سو تڪرار، ليکي لاهِيندڙن ۾. |
قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63) |
چئو، ڪير بَچائـِنِيان بر ۽ بحر جي، اُونداهيان اَنڌڪار؟ ڪريوسِ مخفِي ڪُرنشون، زاريون زارو زار، جي ڪَڍنِيون ڪارُونڀار مان، ڪري ڪَنڌيءَ ڪِنار، ته هونداسون هَموار، مِهرون مُوکيندڙن مان. |
قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64) |
چئو، اُنهي، ۽ هَر اُهکِي مان، هِڪ پرور ڪَندان پار، ٻِئا پوءِ ٻِيهار، ڀيڙا ڪندئو ڀورڙا!. |
قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65) |
چئو، اُهو قادر اُن مٿي، ته اوهان تي آزار، مٿاهون ڪو موڪلي، يا هيٺان پـيرن پار، يا ڪري اوهان کي، پاڻ ۾، ٽوڙي، ٽولا ڌار، ۽ تان مَزو هِڪ، ٻئي جي هٿان، چکائـِينيان چِڪار، ڏِس، ته مَٿِن ڪيئن کوليون، نِشانيون نِروار، اِهو اِن آڌار، ته سَمجھن، سچِيءَ ڳالھ کي. |
وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66) |
۽ ڪُوڙو ڪوٺيو اُن کي، تنُهنجِي نات گــِنَات، هو ڏانهن آهي حق اِهو، منجھسِ، نه شَڪ شُبهات؛ آئون نه واهِي اوهان تي، چئو، نبي! صِفات، |
لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67) |
آهي حد، هَر ڪِنهن بات، پوءِ سَمجِھي ويندا سِگھڙٖي. |
وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68) |
۽ جڏهن ڏِٺئـِي جَڏن کي، جي بَڪون ڪن بيڪار، اسان جي آيتن ۾، مَٽ تن کان، مُنهن مَهندار!، تان چڱِي چورِين ڳالهڙِي، ٻـي ڪا اِنهيان ڌار، ۽ پوءِ شاھ! توکي، شيطان، جي ويسر ڏي، وينجھار!، پوءِ ياد پُٺيان، نه وِه هڪ وار ڀيڙو بيدادن سان. |
وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69) |
۽ ڪجھ نه سندنِ ڪم ڪار جو، ڀَلن مٿي بار، پر ڪرڻ پَرچار، مانَ پَلِينِ، سي پاڻ کي! |
وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
۽ ڪر تَرڪ تن تڪرار، جِن سندنِ، ڌرم ڌاريو، راند، راڳ رَباب کي ۽ موهيا ننڍِي ڄَمار، ۽ اُنهن کي، هِن قرآن سان، سَمجھاءِ سَچار!، ته جَھلجي، اُن ۾ جِندڙو، جي ڪيائين ڪم ڪار، نه وَسِيلو، نه واهُرو، اُن جو ڌڻِيءَ ڌار، ۽ بَدلي ۾ سَڀ بارڏي، نه وَٺبسِ پائـِي پار، اُهي، جو ڪيائون، اُن م، ڦاسِي پئا فُجار، پِيَڻِي پاڻِي گرم جي، آهي، تن اوتار، ۽ اَهکو ٻئو آزار، اُجُورو سندنِ اِنڪار جو. |
قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71) |
چئو، اسين ڇا، سَڏيون اُنهن کي، ڌاران ڌڻيءَ دَيان؟ جي نَڪو نفعو ڏِينيون ۽ نه ڏِينينون، ڪو نقصان، کِسڪُون پَنهنجِي کُڙين تي، پانهُون پريشان، جنهن پُڃاڻان پارسَئون، سَهايو سون سُبحان، اُن جيئن، ته شيطانن سُڃ ۾، هَڻِي ڪيسِ حيران، هُونسِ ساٿِي، سَڏ ڪنِس، گس ڏي، بي گمان، ته اورٖي آءُ اسان ڏي؛ ۽ چئو چِٽو سان زبان، حق هدايت آھِ سا، جا هدايت حَنان، ۽ مليو اسان کي مورهين، اي فائـِق جو فرمان، جو صاحب سڀ جھان؛ جُھڪون، تِنهن جَبار کي. |
وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72) |
۽ نماز پڙهو، ۽ اُن کان ڊِڄو، سوئـِي صحِي سرڪار، ۽ ڪري ڪُل قطار، جنهن ڏي مِڙئـِي ميڙبا. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73) |
۽ اُهو، سو، جنهن اُڀ جوڙيا، پڻ ڀُويون بيگمان، ثابت، سڀ اکين اڳيان ۽ جڏهن چوي جَل شان، “ٿِي” ته پوءِ ٿِي پوي، سَچو سندسِ فرمان، ۽ هوندو، اُنهيءَ هيڪ جو، جُملي جڳ جھان، جنهن ڏينهن ڏنڊ ۾، ڦوڪبو؛ پَڌرو ۽ پِنهان، سَمجھندڙ سبحان ۽ اُهو واقف ڪار، ويڄ وَڏو. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74) |
۽ آزر، بابسِ کي اُتو، جڏهن ابراهيم اَتور، ڇا داتا، ڪَرتا ڌاريِين، بُتخاناڀِتر ڀور؟ تون ۽ تُنهنجِي قوم ڪَٺور، پَسان پَڌرِي مُنجھ ۾. |
وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75) |
۽ اسين اِبراهيم، اُنهي ڏانء ڏيکاريون، اُڀ، ڀُون مُلڪ عَظِيم، تان ٿِئي پاڪ، پَڪن مان. |
فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن ڪارِيءَ رات، ڪيو اُن تي اَنڌارو، اُوڀريو ڏِٺائين اُڀ ۾، سانجِھيء جو تارو، چي، مَتان آهي مُنهنجو، هِي سائين سُنهارو، پوءِ جڏهن لَٿو، ته چوڻ لڳو مُرسل موچارو، آئون، ته لَئون لائـِڻ وارو، لحظي، نه لَهندڙن سان. |
فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77) |
پوءِ جڏهن ڏِٺائين چنڊ کي، اُڀريو اکين ساڻ، چي، مالڪ مُنهنجو هِي متان، پوءِ جڏهن هيٺ لَٿو هاڻ، چي، سَنئين نه سُهائيندمِ جيڪڏهن، سانيمِ، سُرت سڄاڻ، ته پَڪ ٿيندسِ پاڻ، مُوڙهلن جي، ميڙ مان. |
فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78) |
پوءِ، جڏهن سُوٺائين، سِج کي، اُڀرندڙ اظهار، چي، مُنهنجو مالڪ هِي مَتان، هِي ٻَـهون وڏو ٻِيهار، پوءِ جڏهن لٿو،ته لَلڪاريئـِين، ته اي ناٿ! سندمِ نيڪار، جن ڀانيو ڀائيوار، آئون بِلڪل ڀَڳل اُنهن کان. |
إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79) |
مون موڙيو مُنهن پَنهنجو، اُن ذات لئي ضرو، جنهن ڀُويون، اُڀ بنايا؛ ڦِريل، کون فُتور، ۽ آئون، نه آهيان مور، ڌاريان، ڌارِيندڙن مان. |
وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80) |
۽ اُن سان، قوم اُن جِي،، جوٽِي جنگ جِدال، چي، خُود خُدا ۾ مون سان، ڇا بحث ڪريو؟ بطال!، ۽ جنهن بعد جَلَّ جلالہٗ، ڏَسِينمِ واٽ وِصال، ۽ جي ڀيڙا ڀانيو، تن جو، نه مون کي، خوف خيال، مگر گُھري مون ڌڻي، جيڪِي جَلّ جلال، سَمجھيو، سڀ ڪنهن ٽول جو، مُنهنجي هادِئَ، حال، پوءِ ڇونه، ڳَهلا! ڳالھ، پُرجهِي، ڪجُھ پِرايو؟ |
وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81) |
۽ آئون ڪيئن ڊِڄان اُنهن کان، جن ڀانتا ڀائيوار، ۽ جڏهن اوهين نه ڊِڄو، ته الله سان، گَـڏيان غير غُبار، الله نه اُتاريو جن لئي، دليل، مان دربار، پوءِ آهي ڪير اَمن جو، ٻِن ٽولين مان حَقدار؟ طرف ٻَئـِي تڪرار، جي صحِي سَمجھندا آهيو. |
الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82) |
جن مڃيو ۽ سندنِ مڃڻ تان، پَردونه وِڌائون پاڻ، ظُلم، زيادتِي سان، ته اَمن اُنهن ڪاڻ، ۽ صَحِي، سي سُڄاڻ، پورا آهن، پير تي. |
وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83) |
۽ اِي اسان جا اُهڃاڻ، عطا ابراهيم کي، ڪياسون، سندس قوم تي؛ جنهن کي گُھرون پاڻ، تمام مَٿاهان مَرتبا، ٿا ڪريون، اُنهئَ ڪاڻ، وَڏو ويـڄ، سُڄاڻ، سَچو سائين تنهنجو. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84) |
۽ اسحاق، يعقوب اُن کي، بخشياسون ڀَلير، سَنئين سُهائيسون سڀن کي، سَئون سواٽو سير، اُن کان اڳي نوح کي، پڻ ڪيڙ سندسِ مان ڪير؟ دائود، سليمان، ايوب ۽ يوسف شاه شير، ۽ مُوسٰى ۽ هارُون ٻئـِي، پُورا مٿي پير، ۽ بخشيون اِهڙٖي ڀير، ڀَلايون ڀَلن کي. |
وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85) |
۽ زڪريا ۽ يحيىٰ، عيسىٰ ۽ الياس، سڀ اَملھ ۽ الَماس، صالحن جي ساٿ مان. |
وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86) |
۽ اسماعيل ۽ اَلْيَسَع، يُونس ۽ لُوط لال، ڪُل اَفضل عالمن ۾، ڪياسون نيڪ نِهال، |
وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87) |
پِيء ۽ پُٽ اُنهن جا، پڻ سندنِ ڀاء بحال، چُونڊيوسونِ چڱِي چال ۽ سُهائـِي سونِ سنئين واٽڙِي. |
ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88) |
اهو ڏَس ڏاتار، وڻيسِ ڏَسي، سو تِنهن کي، سندسِ سپاهين مان؛ ۽ جي ڀانتون ڀائيوار، ته جي ڪندا هُئا ڪم ڪار، سي ڪانٽي مان، ڪيريا وِيا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89) |
ڪتاب ڏِناسون اُنهن کي، پڻ سَمجھ ۽ نبوت نُور، پوءِ هِئ، جي ڦرندا هِن کان، ته مقرر ڪنداسون مُور، ٻي ڪا ذات ضرور، جي مُنڪر نه هوندسِ مورهين. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90) |
آهي سَنئين اُنهن کي، سُهائـِي ستار، پوءِ رَه سندنِ راه جو، تهدِل تابعدار، چئو آئون نه اوهان کان، اُن تي، ڪو گُهران پورهيو پار، هِي، نه آهي، نصيحت ڌار، جُملي جھانن لئي. |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91) |
۽ نه سُڃاتئون سائينءَ کي، سندو سڃاڻڻ شان، جڏهن آکيون، ته ڪُجھ نه اُتاريو، آگي، سِر انسان، چَئو، لاٿو ڪِنهن ڪتاب سو، ته موسٰى مِهربان، آندوسُونهپ سوجھرو اِنسانن تي، اِحسان، پَٽِيء تان پنن ۾، اُتاريوسِ عيان، کوليو کيس، ۽ لِڪايو گھڻو بي گمان، ۽ اوهان ۽ اوهان جي، اَبن کي، جنهن جِي، ڪَرهُئـِي ڪا نه، سَٻاجھي سُبحان، سَمجھايا صفا ڪري. چئو، تون هِڪ الله، وري ڍيل، تن کي ڍول!، تان رانديون ڪن رول، سندنِ خام خيال ۾. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92) |
۽ ڪيو سون ڀَلو قرآن هِيْ، نازِل نُورنبار، صحِي ڪندڙ اُن کي، جو تُهان اڳ تڪرار، تان گامن مان، مُک گام کي، اِن سان ڍول! ڊيڄار، ۽ اوسا پاسا اُن جا؛ ۽ جي آڻينِ اعتبار، آخرت تي، پُڻ اُن کي، وِسهن جي وِينجھار، ۽ ڪن حِفاظت هَر وار، ۽ نظر سندنِ نماز تي. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93) |
۽ آهي ڪير اُن کان، جَبر و جفاڪار؟، جنهن ٻَڌا ڪوڙ ڪريم تي، ۽ ٻوليائـِين ٻِيهار، ته مون ڏي وَحِي ڪيو ويو، ۽ نه آيو وَحِي تِنهن پار، ۽ اُتو، ته اُتاريندس سِگھو، پَنهنجا حڪم هيڪار، جِھڙِي طرح جَبّار، اُتاريو اِي آيتون. جيڪر جَفاڪار، ڏِسين مَرينِ ۾، موت جي، ۽ مَلڪ ڪندڙ موڪرا، پَنهنجا هٿ هيڪار، ڪڍو پساه پَنهنجا؛ اڄ لوڙيندو لاچار، خرابِي، خوارِئَ جو، اَهکو ڪو آزار، جيئن بنائينداهُئا باتيون، هادِئَ تي، حق ڌار، ۽ ڪندا هئاڪُفار!، هَٺ، اُن جي حڪمن کان. |
وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94) |
۽ اَوس اسان وٽ آئـِيا، هڪ، هڪ ٿِي هيڪار، اُپايوسون اوهان کي، پهرِين جھڙي پار، ۽ عطا ڪياسون اوهان کي، جيڪي خزانا خرار، سي سڀ پُٺيان پانهنجي، ترڪ ڪيان تڪرار، ۽ ڀيڙا نه ڏِسون اوهان سان، اُو وَسِيلا وَهار، جن کي، اوهان جي جوڙ ۾، ڀانتان ڀائيوار، لَـڳ لاڳاپا پاڻ ۾، وَڍجِي وِيان، هِن وار، ۽ وِيا ڪِنهن نِگو سار، جن کي، ڀانيان ڀائيوارٿي. |
إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95) |
ڌڻِي ڦوڙِيندڙ داڻي کي، ۽ ککئَ مان، کجور، جِيَرو ڪري مُئي مان، ۽ جيَري مان، مُئو مور، الله، اوهان جو آهي، سو ظاهر ۽ ظُهور، پوءِ ڪهڙي مُنهن مغرور!، ڪوڙن سان، ڪاهيا وڃو. |
فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96) |
صاحب ڦوڙيندڙ صبحن جو، ۽ ڪيائين رات، قرار، ۽ ليکي پورا، لوڪ ۾، سج، چنڊ چَلن چوڌار، اِهو انداز اِظهار، آهي، سٻر، سٻوجھ جو. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97) |
۽ تارا ڪيائين توهان لئي، ته ساڻنِ، سُونهوپار، برن ۽ بحرن جي، مَنجھ اُونداهِي اَنڌڪار، کوليون سون خوب طرح، نِشانِيون ِنروار، جي سَمجھن ڳالھ سَچار، ڪارڻ تِنهين قوم جي. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98) |
۽ جنهن جِئ هڪ مان، جوڙيان، جوڙڻ پٺيان جوڙ، ڏيہ ۾ سُکِي ڪي ڏينهڙا، ۽ تڙ اَمانِي توڙ، کوليون سون ڳالهيون کوڙ، جي سمجھن، تنهين ساٿ لئي. |
وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99) |
۽ اُهو جِنهن اُتاريو، اُڀ کان مينگھ ملار، پوءِ اُڀاڙياسون، اُن سان، اوڀڙ رنگ اَپار، پوءِ ساوا، سَلا اُن سان، ڪياسون ٻَهون ٻهار، پوءِ ڪَڍون اُن مان، ڪيترا ڪڻان مَنجھ قطار، پڻ ڇُڳا ڇُهارن جا، منجهان کَجِين ٽار، پڻ ڊاکن، زيتونن، ۽ ڏاڙهن جا، چمن کُليا چوڌار، ڪي هڪ جِھڙا جنس ۾، ڪن جا، جدا جنسار، مُنهن واريو، اُن جي ميون ڏي، مٿِن وَريا، جِھڙي وار، پڻ پَچڻ پار، اُنهن جي؛ اُنهن ۾ اِظهار، جي آڻينِ اعتبار، ثابِتيون، تِنهن ساٿ لئي. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100) |
۽ جِنن کي، جبار لئي، جوريون جوڙِي وال، ۽ هوڏانهن، ته پاڻ اُنهن کي، جوڙيو جَلّ جلال، ۽ عِلم ڌاران، ڌِيون، پُٽ بنايونِس بَحال، ۽ چونِ جِھڙِي چال، تنهن کان، پَڪ مٿاهون، پاڪ سو. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101) |
اُپائندڙ اُڀ ۽ ڀُون کي، ري مَهندِين ڪِنهن مثال، ڪُونڌر ڪٿِان اُن جو،جِنهن ڌُران، نه ڌارِي زال، ۽ سڀ شئَ کي، صاحب جوڙيو، قُدرت سان ڪَمال؛ ۽ هَرڪِنهن شئَ جو حال، سَمجھندڙ سُبحانهٗ. |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102) |
اُهو الله اوهان جو، پرور پالڻهار، جنهن ڌاران، ڌڻي ناهِ ڪو، ڪُل شى جو، سو ڪَلتار، پوءِ، سڀ سيوا ڪريو اُن جِي، ۽ اُوسڀ جو سَنڀاليدار، |
لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103) |
اَ کيون پُهچن، نه اُن کي، اُوپُهچي اَ کينِ پار، اُهو عالمِ هر اِسرار، پڻ خبردار خَلق کان. |
قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104) |
آيان، پنهنجي آگي کان، چِٽايون چوڌار، پوءِ جِنهن اکيون کوليون، ته نفعو سندسِ نِروار، ۽ جو اَنڌو ٿيو اکينِ کان، ته برسَرمٿسِ بار، ۽ واهِي ويروتار، آئون، نه اوهان تي، آهيان. |
وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105) |
۽ اِنپر کوليون آيتون، ۽ هِن لئي، ته چونِ هِن چال، ڪِنهن کان پڙهين پاڻ تون؟، ۽ کوليونسِ ٿا خُوشحال، سوچينِ سچِي ڳالھ، ڪارڻ تنهين، قوم جي. |
اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106) |
تابع ٿِي تَنهنجو، جو اَچئـِي اِلهام، پاران پرور تُنهنجي، آگي، ربَّ عَلام، دِگر درگاه، ناھِ ڪا، مگر اُو مدام، ۽ جي ڀيڙا ڪن بَدنام، مُنهن تن کان، موڙ تون. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107) |
۽ ڌڻِي هوند وڻِي، ته نه ڀانيؤن ڀائيوار، ۽ مُقرر نه ڪيو سون ئي مُورهين، ڪو تن تي تَلهِيدار، ۽ نه هرگز حوالدار، تون ڪو اُنهن جو آهيِـِين. |
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108) |
۽ دانهينِ ڌڻئ ري، جن کي، مَٺومَ چئو تن مور، ري سمجھ، سائينءَ، ساڙ کان، پوءِ ويڻ ڏينِ وَهلور، اِنپر هر اُمت لئي، سندنِ، فِعل فُجور، سِينگارئين سندنِ لئي، ظاهر مَنجھ ضرور، موٽِي سندنِ مالِڪ ڏي، هَلڻو مَنجھ حُضور، پوءِ ڪن، جي ڪم، قُصور، تَنهنجون، کولي ڏيندنِ خبرون. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109) |
۽ کَيؤن قَسم ڪريم جا، قسمن جِي، ڪوشش ساڻ، ته مَڃِيندسِ مورهين، جي آينِ ڪو اُهڃاڻ، چئو، اَهنج ته سڀ الله وٽ، ۽ ڪنهن پَرُوڙيان پاڻ؟ ته پُهتان جڏهن پَرياڻ، ته مَڃيندسِ، نه مورهين. |
وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110) |
۽ اُبتايون دِليون اُنهن جون، پڻ نيڻ، سندنِ نور، اَوّل ڀيري اُن کي، نه وِسهيا، جِيئن وَهلور، ۽ ڇَڏيونِ، ته مَرمَجبور، پِيا مُنجھنِ، سندنِ مُنجھ ۾. |
وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111) |
۽ هوندمَلَڪَ مٿنِ موڪليون، ۽ مُئا ڳالهائـِينِ مور، ۽ سامهون سڀ شيون ڪريون، ته مَڃِيندا نه مذڪور، مگر مالِڪ پاڪ گهُري؛ پر مُرڳوئـِي مَغرور، ڪَن باتيون بي شُعور، جَجھا اُن مان، جَھل جون. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيٰطينَ الإِنسِ وَالجِنِّ يوحى بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ زُخرُفَ القَولِ غُرورًا وَلَو شاءَ رَبُّكَ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 112) |
۽ عَدو ڪياسون اِن طرح، هر پاڪ پيغمبر لاءِ، شيطان جِنن ۽ ماڻهن مان، هِڪ ٻئي کي ڏِينِ لاءِ، سَندو وائـِي واءِ، ٺَلهو ٺاھ ٺڳِي لئي. ۽ تُنهنجي پرور پاڪ گُھريو، ته اِي ڪم ڪيائون ڪِين، پوءِ ڇَڏ اُنهن کي، اَمِين!، پڻ جيڪي ٺڳيون ٺاهِينِ پِيا. |
وَلِتَصغىٰ إِلَيهِ أَفـِٔدَةُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَلِيَرضَوهُ وَلِيَقتَرِفوا ما هُم مُقتَرِفونَ (آيت : 113) |
۽ مَر ته مَن اُنهن جا، ترسن تِنهين پار، جيڪي ٻي جھان تي، نه آڻينِ اِعتبار، ۽ ڀَل ته ڀَلو اُن کي، ڀائينِ، سي بدڪار، ۽ وَٿون ويرو تار، ميڙينِ، جي اهي ميڙڻان. |
أَفَغَيرَ اللَّهِ أَبتَغى حَكَمًا وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ إِلَيكُمُ الكِتٰبَ مُفَصَّلًا وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعلَمونَ أَنَّهُ مُنَزَّلٌ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 114) |
آئون، ڇا؟ بِنان الله، ٻئو حاڪم ڳوليان ڳوٺ ۾، ۽ اُن لاٿو ليک اوهان ڏي، کُليو کُلايو واه!، ۽ جن کي اڳ ڪتاب مِليا، سي سَمجھنِ خاطر خواه، ته سَچ پَچ پَنهنجي سائينءَ کان، اِهو اُتاريل آھِ، پوءِ شَڪَينِ مَنجھان شاه!، مُرسل! نه ٿِي مُورهين. |
وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدقًا وَعَدلًا لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 115) |
۽ تُنهنجي پرور پاڪ جو، ڪَلمو برقرار، صفا سچ ۽ اِنصاف تي، تَـمَّتَ ٿِيو تڪرار، هرگز سندسِ حُڪمن ۾، نه ڪندڙ ڦيڙ ڦاڙ، ۽ سُڻندڙ، سَمجھدار، صَحِي، سو سُبحانَہٗ. |
وَإِن تُطِع أَكثَرَ مَن فِى الأَرضِ يُضِلّوكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 116) |
۽ ڀَلا! ڀُون مان. گھڻن پُٺيان، جي پَوندين پاڻ پنڌ، پوءِ مُنجھائـِنئـِي مُورهين، ڪنان ربَّ جي رَند، هُو نه وٺنِ واٽ ڪا، بِنان گمان، گند، ۽ بِنان فِريب، فَند، ٻِيو نه هُو، ٻولِين ٿا. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 117) |
سَچ پَچ سائين تُنهنجو، واقف آهي واه!، اُن کان، ته ڪير اُن جي، ٿِيو گَس ڪنان گمراه؟ ۽ آھِ اِهو آگاه، صَحِي سَواٽن کان. |
فَكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كُنتُم بِـٔايٰتِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 118) |
پوءِ، کائو مَنجھانسِ، جِنهن مٿي، ويو ساريو سائين نام، اُنهيءَ جا اَحڪام، جي آهيو، مَڃيندڙ مورهين. |
وَما لَكُم أَلّا تَأكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَقَد فَصَّلَ لَكُم ما حَرَّمَ عَلَيكُم إِلّا مَا اضطُرِرتُم إِلَيهِ وَإِنَّ كَثيرًا لَيُضِلّونَ بِأَهوائِهِم بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِالمُعتَدينَ (آيت : 119) |
ڇو، نه کائو تِنهن مان، جنهن تي، وِيو ساريو سائين نام؟ ۽ کولِيين اوهان تي خُوب طرح، جِنهن کان، منع ڪيائين مُدام، مگر اوهين مَجبور ٿيا، طرف جِنهن تمام، سُڌري، سندنِ سَڌن سان، کارينِ گھڻا خام، اُ کتلنِ کان عام، آگاه، آگو تُنهنجو. |
وَذَروا ظٰهِرَ الإِثمِ وَباطِنَهُ إِنَّ الَّذينَ يَكسِبونَ الإِثمَ سَيُجزَونَ بِما كانوا يَقتَرِفونَ (آيت : 120) |
۽ پَڌرا، ڳُجھا پاپ ڇَڏيو، جي ڪن بَديون بي شعور، بَدلو ڏِبن ڀَرپُور، تِنهن مُوجب، جو ميڙِين ٿا. |
وَلا تَأكُلوا مِمّا لَم يُذكَرِ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَإِنَّهُ لَفِسقٌ وَإِنَّ الشَّيٰطينَ لَيوحونَ إِلىٰ أَولِيائِهِم لِيُجٰدِلوكُم وَإِن أَطَعتُموهُم إِنَّكُم لَمُشرِكونَ (آيت : 121) |
۽ نه کائو تنهن مان، جنهن تي، نه ساريو سائينءَ نام، ۽ تحقيق اِي طعام، بلڪل آهي، بُڇڙو. شيطان سندنِ ساٿِيـين، وجھن وَهم وَڏا، ته اَجايو اوهان سين، جَڳهڙو ڪن جَڏا، ۽ سَندن فَند ڦَڏا، مَڃيان، ته مُشرڪ آهيو. |
أَوَمَن كانَ مَيتًا فَأَحيَينٰهُ وَجَعَلنا لَهُ نورًا يَمشى بِهِ فِى النّاسِ كَمَن مَثَلُهُ فِى الظُّلُمٰتِ لَيسَ بِخارِجٍ مِنها كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلكٰفِرينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 122) |
ڇا؟جو مئل هو مُورهين، پوءِ جِياريوسُونسِ ضرور، ۽ ڪيو سون سندسِ، لئي سوجھرو، جنهن سان هلي، ماڻهن ۾ مور، آهِ اُن جِيئن، جو اُونداهين ۾ وَرتل هجي وَهلور، نَڪِي ناهي نِڪرڻو، مَنجھان جن مَجبور؟ اِنپر انڪارين لئي، جي ڪندا هئا ڪَلور، ظاهر مَنجھ ضرور، سِينگارياسون، سامهان. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا فى كُلِّ قَريَةٍ أَكٰبِرَ مُجرِميها لِيَمكُروا فيها وَما يَمكُرونَ إِلّا بِأَنفُسِهِم وَما يَشعُرونَ (آيت : 123) |
۽ ڪياسون وَڏا، هر واهڻ ۾، پاپِي سندن اِن پر، منجھسِ ڪن مڪر ۽ ٺڳيون، ۽ نه مَڪر ڪن مگر، مڪر سندنِ سِر، پر نه پَروڙِينِ ڳالهيون. |
وَإِذا جاءَتهُم ءايَةٌ قالوا لَن نُؤمِنَ حَتّىٰ نُؤتىٰ مِثلَ ما أوتِىَ رُسُلُ اللَّهِ اللَّهُ أَعلَمُ حَيثُ يَجعَلُ رِسالَتَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ أَجرَموا صَغارٌ عِندَ اللَّهِ وَعَذابٌ شَديدٌ بِما كانوا يَمكُرونَ (آيت : 124) |
۽ آينِ جڏهن اهُڃاڻ ڪو، چي نه آڻيو اِعتبار، تان مِلِنئون، جيئن مُرسلن، ڏاج ڏنِا ڏاتار؛ سَمجھندڙ سَتار، جتي، رَکي رسالت پَنهنجي. جلدِي جن جُرم ڪيا، مَنجھ هادِيء جي حُضور، رَسندِي رُسوائـِي تن کي، سَزا سِٽاڻِي سُور، ۽ بَدلو تِنهن ڀَرپُور، چَلن، جي چالاڪيون. |
فَمَن يُرِدِ اللَّهُ أَن يَهدِيَهُ يَشرَح صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ وَمَن يُرِد أَن يُضِلَّهُ يَجعَل صَدرَهُ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّما يَصَّعَّدُ فِى السَّماءِ كَذٰلِكَ يَجعَلُ اللَّهُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 125) |
سَنئـِين سُهائڻ جو، جنهن کي، ڪري الله اِرادو، ته ڪري ڪشُادو، اُن جو مَنِ اِسلام لئي. ۽ جنهن لئي، اِرادو اُهو ڪري، ته ڀُلائيسِ ڀاڻُو، ته سوڙهو ڪريسِ، سيني کي، کُٽل ۽ کاڻو، ڪَرنِڌر نِماڻو، اُسري آسمان ڏي. مَرض مُقرّر تن تي، اِنپر ڪري ڪَلتار، جن نه آڻينِ اعتبار، ۽ هِي تُنهنجي، رب جِي، راه سَنئـِين. |
وَهٰذا صِرٰطُ رَبِّكَ مُستَقيمًا قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
کوليون ويون خوب طرح، نِشانيون نِروار، نِصحيت نِبار، قبولينِ، تِنهن قوم لئي. |
لَهُم دارُ السَّلٰمِ عِندَ رَبِّهِم وَهُوَ وَلِيُّهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 127) |
اُنهن لئي، سندنِ سائينءَ وٽ، سندو سلامِتي گَھر، ۽ الله ٻيلي اُنهن جو، سدا سربسر، بَدلو اِي بِهتر، جو آهن، ڪندا اُن جو. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا يٰمَعشَرَ الجِنِّ قَدِ استَكثَرتُم مِنَ الإِنسِ وَقالَ أَولِياؤُهُم مِنَ الإِنسِ رَبَّنَا استَمتَعَ بَعضُنا بِبَعضٍ وَبَلَغنا أَجَلَنَا الَّذى أَجَّلتَ لَنا قالَ النّارُ مَثوىٰكُم خٰلِدينَ فيها إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 128) |
۽ جنهن ڏينهن، ڪٺي ڪُل ڪندو، واري مَنجھ وٿاڻ، اي جماعتون جِنن جون!، اوهان ٿِي اڳواڻ، ماڻهون گھڻا مُنجهايان؛ ته آکڻ لڳا اَڄاڻ، ساٿِي سندنِ ماڻهن مان، ته سانيم! ربُّ سُڄاڻ، ته ورتيون سون وَٽون، هِڪ ٻِئي ڪنان، ٽوڻن، ڦِيڻن ساڻ، تان پُهتاسون پَنهنجي پَهر کي، جو ڪئـِي اسان ڪاڻ، چي، دوزخ ديرو اَهنجو، مَنجھسِ هميشه هاڻ، مگر مالِڪ، جو گُھري، ته بَدلائي ٻِيو ڀاڻ، تُنهنجو پرور پاڻ، سَمجھدار، سَٻوجھ گھڻو. |
وَكَذٰلِكَ نُوَلّى بَعضَ الظّٰلِمينَ بَعضًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 129) |
۽ اِنپر ڪريون ڪي ڪن جا، ظالم دوست ضرور، جيڪِي ڪن ڪَلور، ڪارڻ تِنهن ڪم ڪار جي. |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا شَهِدنا عَلىٰ أَنفُسِنا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 130) |
اي جنن ۽ ماڻهن جون، ٽوليون ٽِيلهيدار!، ڇا؟ اوهان مان، نه آيان مُرسل مَڻياندار، جي پڙهن اوهان تي پَڌرا، منهنجا حڪم هيڪار، ۽ هِن ڏينهن جي ڏِسڻ جِي، ڏِينِيان کولي خبر چار، چي، ڏِنو پنهنجو پاڻ تي، اسان هِي اِظهار، ۽ دُنيا ڌتاري ڇڏيا، هِن نِپٽ ننڍِئ ڄمار، ۽ پاڻهين بِيٺان پاڻ تي، گواه گنھ گار، ته ڪنان ربَّ، قَهار، مُنڪر هئا مورهين. |
ذٰلِكَ أَن لَم يَكُن رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها غٰفِلونَ (آيت : 131) |
اُهو اِن آڌار ته، تُنهنجو پَرور پاتشاھ، ڪندڙ ناھِ ڪَلور سان، ڪو نَنگر نِگو سار، ۽ هونِ جِھڙي وار، واسِي اُن جا ويسلا. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 132) |
۽ ثابت سڀڪنهن واسطي، درجا، درجا ڌار، جنهن مُوجب، ڪن جھان ۾، عمل اختيار، ۽ تُنهنجو والِي، نه تِنهن کان ويسلو، جيڪِي ڪن ڪم ڪار، ۽ تُنهجو صاحب شاهوڪار، ٻَهون ڌڻِي ٻاجھ جو. |
وَرَبُّكَ الغَنِىُّ ذُو الرَّحمَةِ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَستَخلِف مِن بَعدِكُم ما يَشاءُ كَما أَنشَأَكُم مِن ذُرِّيَّةِ قَومٍ ءاخَرينَ (آيت : 133) |
جي گُھري، ته هِن جھان مان، نِينِيان پاڙو پاڙ، ۽ جي گُھري ته آڻي، اوهان پُٺيان، ٻيا پاڙا پاڙو جھاڙ، جِيئن آن کي، ناڙوناڙ، ڪيائين ٻَچاٻِئَ قوم جا. |
إِنَّ ما توعَدونَ لَءاتٍ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 134) |
اَوس آهي اَچڻِي، وَعدو ڏِجنِيان، جنهن وار، ۽ اوهين نه آهيو آوار!، وارو وٺندڙ، ڪِنهن وار ۾. |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عامِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 135) |
چئو، ڀَلين مُنهنجا ڀار!، پَنهنجي ڏٺِي پورهيو ڪريو، آئون پڻ عامل آهيان، پوءِ پوندان پَتو پار، ته آخر هَنڌ ڪِنهن هار، هاڻون نه ڇُٽندا هَڏئـِين. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ مِمّا ذَرَأَ مِنَ الحَرثِ وَالأَنعٰمِ نَصيبًا فَقالوا هٰذا لِلَّهِ بِزَعمِهِم وَهٰذا لِشُرَكائِنا فَما كانَ لِشُرَكائِهِم فَلا يَصِلُ إِلَى اللَّهِ وَما كانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلىٰ شُرَكائِهِم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 136) |
۽ جيڪي ڌَڻ، ڪَڻ، تن ۾، پَتيون ٻَڌائون پاڻ، چي، هِي سِيڪڙ سندنِ گُمان ۾، آهي الله ڪاڻ، ۽ هِي پَتِي سندنِ پيرن جِي، پوءِ جو ڏيونِ سندنِ جو ڏاڻ، اُهو نه رَسي الله ڏي، ۽ جو صاحب لئي سُڄاڻ، سو سَندنِ جُڙتو سائيَنِ جي، گَڏ جي سيڪڙ ساڻ، جو حُڪم هلائنِ هاڻ، اُهو بلڪل آهي بُڇڙو. |
وَكَذٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثيرٍ مِنَ المُشرِكينَ قَتلَ أَولٰدِهِم شُرَكاؤُهُم لِيُردوهُم وَلِيَلبِسوا عَلَيهِم دينَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 137) |
۽ اِن مشرڪن مان، هرگز گھڻن هارِ، سائيَنْ سندنِ سِيگاريو، ڪُهڻ پنهن جا ٻار، ته اُٿلائي هَڻن اَهڏ۾ اُونڌي ڪنڌ ڪَپار، ۽ مٿنِ سندنِ دين ۾، گَڏِينِ غير غُبار، ۽ ڪڏهن نه ڪيائون ڪم اُهو، گھريو هوند غفار، پوءِ ڇَڏ اِنهن جِي پَچار، پن جي ٺڳيون ٺاهين پِيا. |
وَقالوا هٰذِهِ أَنعٰمٌ وَحَرثٌ حِجرٌ لا يَطعَمُها إِلّا مَن نَشاءُ بِزَعمِهِم وَأَنعٰمٌ حُرِّمَت ظُهورُها وَأَنعٰمٌ لا يَذكُرونَ اسمَ اللَّهِ عَلَيهَا افتِراءً عَلَيهِ سَيَجزيهِم بِما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 138) |
۽ چي، ڍَگا ۽ ڍَورهِي، هِي پوک، ۽ پُورِي، نه ڪريسِ قَندورِي، مگر گُھرونسِ، سندنِ گمان۾. ڪي اُٺ، پُٺيون اُنهن جون، منع ٿِيون مُور، ۽ ڪي وَهٽ، نه وٺنِ، اُنهن تي، نالو ربَّ، غفور، ڪارڻ ڪُوڙن اُن تي، پوءِ ڏِيندن زُود ضرور، بَدلو ڪو ڀَرپُور، جي ٺاهِينِ ٺڳيون، اُن جو. |
وَقالوا ما فى بُطونِ هٰذِهِ الأَنعٰمِ خالِصَةٌ لِذُكورِنا وَمُحَرَّمٌ عَلىٰ أَزوٰجِنا وَإِن يَكُن مَيتَةً فَهُم فيهِ شُرَكاءُ سَيَجزيهِم وَصفَهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 139) |
۽ چي، هِن اُٺين جي، پيٽ ۾، جيڪو ڦُلو ڦَر، سو مُباح اسان مَردن لئي، بَند بِيوَين سِر، ۽ جي مُرڳو، سو مُئل ڄائو، ته ڀيڙا، اُن اَندر، جَلدِي جزا اُن جِي، جاپاڻهِين ٺاهِن پَر، ڏيندنِ ربّ رهبر، سو سَٻوجھو، سُڄاڻ گھڻو. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ قَتَلوا أَولٰدَهُم سَفَهًا بِغَيرِ عِلمٍ وَحَرَّموا ما رَزَقَهُمُ اللَّهُ افتِراءً عَلَى اللَّهِ قَد ضَلّوا وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 140) |
کُٽا، سي خوار، جن ڪُٺا ڪَلها پانهنجا، نِسورِي نادانِيءَ سان، سوا سُڌ سَنڀار، ۽ روڪيؤن، تِنهن روز کي، ڏِننِ جو ڏاتار، ڪارا ڪُوڙ ڪرِيم تي، ٻَڌڻ ساڻ ٻِيهار، ڀُليا، سي بدڪار، ۽ نه آهِن، پُورا پير تي. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ جَنّٰتٍ مَعروشٰتٍ وَغَيرَ مَعروشٰتٍ وَالنَّخلَ وَالزَّرعَ مُختَلِفًا أُكُلُهُ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُتَشٰبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ كُلوا مِن ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَءاتوا حَقَّهُ يَومَ حَصادِهِ وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 141) |
۽ جوڙيا، جِنهن جبار، ڇَٽـئـِي، نه ڇَٽـئي سان، باغ ڪَيئن، ۽ کَجِيون ۽ پوکُون، کاڄ جن، طرحِين، طرحِين تيار، ۽ ڏاڙهون، زيتون، ذوق ۾، ڪي هِڪ جھڙا، ڪي ڌار، کائو سندسِ کاڄ مان، مَٿنِ وريا، جِنهن وار، ۽ لوئيٖ ڏينهنسِ، لاڳ تِنهن، ڪَڍو برقرار، ۽ وِڃايو نَه وار، نه وڻيس وَڃائيندڙن سان. |
وَمِنَ الأَنعٰمِ حَمولَةً وَفَرشًا كُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 142) |
۽ ڪي ليڙن مان، لاڏام، ڪي سوارِي، سير لئي، پوءِ جيڪا روزِي ربَّ ڏِنان، تنهن مان کائو طعام، ۽ شامتِي شيطان جون، نه وِکون وٺو وَريام!، بَدخواه، سو بَدنام، آھِ اوهان جو پَڌرو. |
ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ مِنَ الضَّأنِ اثنَينِ وَمِنَ المَعزِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ نَبِّـٔونى بِعِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 143) |
اَٺ جوڙا، ٻه رِڍن مان، گھيٽِي، گھيٽو نَر، ٻه آهن ٻڪرين مان، ٻڪرِي ۽ ٻَڪر، چئو ڇا نر، يا ماديون، روڪيا ربَّ رهبر؟ يا جنهن سان ڳريون ٿيون ڳِـهڻيون، ٻِن مادين معتبر؟ ڏِيو مِ خُوب خبر، جي صفا سَچا آهيو. |
وَمِنَ الإِبِلِ اثنَينِ وَمِنَ البَقَرِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ وَصّىٰكُمُ اللَّهُ بِهٰذا فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا لِيُضِلَّ النّاسَ بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 144) |
۽ ٻه اُٺين مان، ٻه ڍڳين مان، مقرر مادِي، نر، چئو ڇا ٻه نر، يا ٻه ماديون، روڪيا ربَّ رهبر؟ يا ٻن مادين جي، مُقرّر، ڳِهڻن، جو ڳرويڙهيو. ڇا؟ ويٺل هُئا تِنهن وار، جڏهن هادِي حُڪم اِي ڪيان؟ آهي ڪير اُن کان، جَبر و جفا ڪار؟ جِنهن ٻَڌا ڪوڙ ڪريم تي، سوا سُڌسَنڀار، تان مُنجھائي ماڻهن کي؛ صاحب ربَّ، ستار، سَهائي نه سَنئون پار، ذَرو ظالم ذات کي. |
قُل لا أَجِدُ فى ما أوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلىٰ طاعِمٍ يَطعَمُهُ إِلّا أَن يَكونَ مَيتَةً أَو دَمًا مَسفوحًا أَو لَحمَ خِنزيرٍ فَإِنَّهُ رِجسٌ أَو فِسقًا أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 145) |
چئو، آئون نَه لَهان اُن ۾، اَچيمِ، جو اِلهام، کاڌو ڪِنهن کِيندر مَٿي، هرگز بَند حرام، مگر مُئل، رت سِير جو، يا مِرون ماس مدام، اِي گند يا گُناھ، جو آگي ري، علام، ڪُٺو، يا ڪوٺيو ويو، نِياز ٻيءَ جي نام، مگر جو مجبور ٿيو، نه باغِي ۽ نه خارِج خام، پوءِ تُنهنجو ڌڻِي دَوام، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا كُلَّ ذى ظُفُرٍ وَمِنَ البَقَرِ وَالغَنَمِ حَرَّمنا عَلَيهِم شُحومَهُما إِلّا ما حَمَلَت ظُهورُهُما أَوِ الحَوايا أَو مَا اختَلَطَ بِعَظمٍ ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِبَغيِهِم وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 146) |
۽ ڪيوسون، ڪُل يهودين تي، نارَوا نُهيار، ۽ وَه ڍَڳين ۽ ٻڪرين مان، مگر اُن مِڃ ڌار، پُٺيُن، آنڊن، ۽ هڏن تي، چَڙهِي، جا چوڌار، ڏِنوسون سَندنِ ڏِنگ جو، اِي بَدلو برقرار، ۽ آهيون اسين اِظهار،سَچا سڀ ڪنهن ڳالھ ۾. |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقُل رَبُّكُم ذو رَحمَةٍ وٰسِعَةٍ وَلا يُرَدُّ بَأسُهُ عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 147) |
پوءِ ڪوڙو ڪوٺيون توکي، ته چئو اِهڙي چال، ته آگو آھِ، اوهان جو، وَڏي ڀال بحال، ۽ موٽائجي نه مجال، اُن جو قهر، ڪانهيارِي قوم تان. |
سَيَقولُ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكنا وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم حَتّىٰ ذاقوا بَأسَنا قُل هَل عِندَكُم مِن عِلمٍ فَتُخرِجوهُ لَنا إِن تَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن أَنتُم إِلّا تَخرُصونَ (آيت : 148) |
جن ڀائيوار بَنايا، سي چوندا اِهڙِي چال، ۽ نه اسان، نه ابن اَسان جي، جوڙِيا جوڙِيوال، جي ڌڻي گھريو، ۽ نه ڪنهن شيء کي، ڪيوسون بند بحال، ڪيا ڪُوڙ اُنهن کان، مَهندينِ اِن مثال، تان چَکيؤن چڱِي چال، اَسان جي عذاب کي. چئو، اوهان وٽ آھِ، ڪجھ؟ ته اسان وٽ آڻيو، ٺلهو وَهم گُمان پُٺيان، تَندو ٿا تاڻِيو، ۽ واتان نه وَراڻيو، مگر ٻُوليو پاڻ ٻَڌيون. |
قُل فَلِلَّهِ الحُجَّةُ البٰلِغَةُ فَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 149) |
چئو، آهي سچِي ثابِتي، ڌُران وَٽ ڌڻِي، ڌڻِي هوند وَڻِي، ته سَنئـِين سُهائي سڀن کي. |
قُل هَلُمَّ شُهَداءَكُمُ الَّذينَ يَشهَدونَ أَنَّ اللَّهَ حَرَّمَ هٰذا فَإِن شَهِدوا فَلا تَشهَد مَعَهُم وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 150) |
وَر نَه ! تون وارڻ، ته اَهنجا شاهِد آڻيو، جي شاهدِي ڏينِ، ته هِي شيون روڪيون ربَّ سُڄاڻ، پوءِ جي ساک ڏِين، ته ساک نه ڏي، اُنهن گڏ اڳواڻ!، ۽ تن جي، خواهش خام پُٺيان، نه پير پائـِج پاڻ، جنين ڪوڙا ڪوٺيا، اَسان جا اُهڃاڻ، ۽ اِيمان آخرت تي، نه آڻين، جي اَڄاڻ، ۽ سندنِ سائين ساڻ، برابر ڀائـِين ٻِيا. |
قُل تَعالَوا أَتلُ ما حَرَّمَ رَبُّكُم عَلَيكُم أَلّا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم مِن إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُكُم وَإِيّاهُم وَلا تَقرَبُوا الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 151) |
چئو، اَچو ته پڙهان اوهان تي، جي هادِيءَ ڪيا حرام، نه گَڏيو، غَير اُن سان ۽ ماءُ، پِي سان مِهر مُدام، ۽ نه ڪُهو ڪَلها پَنهنجا، خوف بُک جي کان خام! اَسين رِزق رَساڻيون، آن کي، به اُنهن کي عام، ۽ ڳُجهين، پَڌرين اَ گلاين کي، ويجھا نه وڃو وَريَام!، ۽ نه ڪُهو جِيءُ ڪو، جنهن کان روڪيو ربَّ علام، مگر حق حساب سان، ۽ مالڪ مِٺي نام، ۽ آڇيان، اِهي اَحڪام، ته ڌاريو مانَ ڌِيان ڪو!. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ بِالقِسطِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَإِذا قُلتُم فَاعدِلوا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَبِعَهدِ اللَّهِ أَوفوا ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 152) |
۽ ڇورن ڇِنن ٻارن جي، ويجھانه وڃو، مال، مگر موچارو گھڻو، تِنهن نموني نال، تان پُهچنِ پَنهنجي زور کي، بالغ ٿِين بَحال، ۽ پُورو ڀَرئو، ۽ توريو، سُپت صفائـِي نال، ڪِنهن تي، نه رکون ڪم، مگر مُوجب هُن جي حال، ۽ ڪُڇو، ته ڪُڇو واجبي، توڻِي اوڏا آل عيال، ۽ واحد سَندو واعِدو، پاريو چڱِي چال، ۽ ڪيئـِي وِيان اِن ڪمن جِي، نصحيت نِهال، ته ڳَهيلا! سَڀڪا ڳالھ، پرهِي مانَ پرائيو! |
وَأَنَّ هٰذا صِرٰطى مُستَقيمًا فَاتَّبِعوهُ وَلا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُم عَن سَبيلِهِ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 153) |
۽ سَنئون سَواٽو، آهي اِي، مارڳ مُنهنجو مُور، وَٺوسو، ۽ نه وَٺو ٻيون، واٽون وِنگيون وَهلور، پوءِ سَندسِ وَهِين واٽ کان، ڇِنِي ڇڏِينيان ڏور، ۽ مولي اِي مذڪور، آڇيان، ته اَڇا مانَ رهو! |
ثُمَّ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ تَمامًا عَلَى الَّذى أَحسَنَ وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم بِلِقاءِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 154) |
۽ ڏِنوسون موسٰى مِير کي، توريت تِنهن پُڃاڻ، نيڪِي، جنهن نيڪ ڪئـِي، پُورو تنهن لئي پاڻ، ۽ سڀ شئ جِي صفائـِي، سُونهپ ۽ ڪرم تِنين ڪاڻ، سندنِ سائين ساڻ، جي مَڃينِ ملاقات کي. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعوهُ وَاتَّقوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 155) |
۽ لاٿون سون هِي ليک ڀَلو، پوءِ پُٺيانسِ پير ڀَريو، ۽ ڪِري پڻ ڪريو، ته مَرهيا وَڃو مورهين!. |
أَن تَقولوا إِنَّما أُنزِلَ الكِتٰبُ عَلىٰ طائِفَتَينِ مِن قَبلِنا وَإِن كُنّا عَن دِراسَتِهِم لَغٰفِلينَ (آيت : 156) |
اِيئن چَئو، ته اڳي ٻِن ٽولين تي، ويا اُتاريا اُهڃاڻ، ۽ جن جي پڙهايان پاڻ، مُورک هُئاسون مُورهين. |
أَو تَقولوا لَو أَنّا أُنزِلَ عَلَينَا الكِتٰبُ لَكُنّا أَهدىٰ مِنهُم فَقَد جاءَكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَصَدَفَ عَنها سَنَجزِى الَّذينَ يَصدِفونَ عَن ءايٰتِنا سوءَ العَذابِ بِما كانوا يَصدِفونَ (آيت : 157) |
يا چئو ته، هوند ڪتاب ڪو، اُتريو اَسان پار، ته صِحي سَنواٽا اُنهن کان، هواسون هموار، پوءِ اَهنجي آگي کان آئـِيان، نِشانِيون نِروار، ۽ سُونهپ سَنئين پار، ۽ رحمت ربَّ ڪريم جِي. ڪير ڪَراڙو اُن ڪنان، ظالم آهي ضرور؟ جِنهن اَسان جو آيتون، ڪوٺيون ڪوڙ فتور، ۽ مُنهن موڙئين اُن ڪنان؛ ڏينداسون ڏاڍا سُور، جي اسان جي آيتن کان، موڙِين مُنهن مَغرور، ڪارڻ تِنهن قُصور، جِيئن مُنهن موڙينِ، اِن ڪنان. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ رَبُّكَ أَو يَأتِىَ بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ يَومَ يَأتى بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ لا يَنفَعُ نَفسًا إيمٰنُها لَم تَكُن ءامَنَت مِن قَبلُ أَو كَسَبَت فى إيمٰنِها خَيرًا قُلِ انتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 158) |
نه ڪڍڻِ انتظار، مگر اچن مَلائڪ اُنهن مٿي؛ يا اچي آگو تُنهنجو؛ يا ڪڙڪي سِرڪَپار، ڪا نِشانِي نِروار، تُنهنجي پرور پاڪ کان. جڏهن اِينديَنِ تُنهنجي آگي کان، ڪا نشانِي نِروار، ته ڪِنهن ماڻهؤَ کي، مڃڻ اُن جو، نه ڏيئي وَٽابو وار، جنهن اڳ نه مڃيو؛ يا مڃڻ ۾، نه ڪئـِي ڪا چڱي ڪار، چئو ويٺا ڏِسو ڪا وار؛ اَسين به ڏِسندڙ، ڏينهن ڪو. |
إِنَّ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا لَستَ مِنهُم فى شَيءٍ إِنَّما أَمرُهُم إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 159) |
جن هِڪڙو پَنهنجو دين، ٽوڙيو، ۽ ٽُوليون ٿيا، تون قيامًا، ان قومن مان، ڪامل! آهين ڪِين، اُنهن جو ڪم الله ڏي، آهي نيٺ اَمين! پوءِ جي ڪَمڙا ڪن ڪَمين، تن جون کولي ڏِيندنِ خَبرون. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ عَشرُ أَمثالِها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 160) |
ڪئـِي جنهن جھان ۾، نيڪِي هِڪ نِپٽ، اِن جِھڙيون ڏھ اُن لئي، سندسِ سائينءَ وٽ، جنهن بَدِي ڪئـِي، ته بَدلو نه ملندسِ، مگر اُن مَٽ، ۽ وار نه ڪبو وَڌ گھٽ، اُنهن جي اَعمالن مان. |
قُل إِنَّنى هَدىٰنى رَبّى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ دينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 161) |
چئو، سانيم! سَهائينمِ ، راه سَنئين، هلندڙ ڏانهن حُضور، اَٽل اِبراهيم جو، مَذهب مون منظور، ۽ مشرڪن مان مور، ڪڏهين ڪامِل ڪِين هو. |
قُل إِنَّ صَلاتى وَنُسُكى وَمَحياىَ وَمَماتى لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 162) |
چئو، نِماز ۽ نِياز مُنهنجو، مُنهنجو جِيڻ ۽ مَرڻ مُور، هِڪ ڏيهَنِ جي ڏاتار لئي، مُقرر مَنظور، |
لا شَريكَ لَهُ وَبِذٰلِكَ أُمِرتُ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُسلِمينَ (آيت : 163) |
ڀيڙو نه ڀائـِي اُن سان، ۽ هِي مِليمِ حُڪم حُضور، ته آئون هُجان پِهرين پُور، مَڃيندڙن مان مُورهين. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَبغى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَيءٍ وَلا تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ إِلّا عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 164) |
چئو، ٻِيو ٻيلِي ڪِيئن گُھران، هيڪ ڌڻيءَ ڌار، آهي اِهوئـِي هيڪڙو، سڀ جو سَنڀاليندار، ۽ سَڀ جِيء تي، جوکو اُن جو، ڪري جي ڪم ڪار، ۽ کڻندو، نه کـڻندڙ، هيڪڙو، ٻِئي جو، بوجوبار، موٽِي، اَوهان کي موٽڻو، پنهنجي پرور پار، پوءِ ساري ڏِيندان سار، جنهن تان، جَھڳڙو پاڻ ۾. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ الأَرضِ وَرَفَعَ بَعضَكُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم إِنَّ رَبَّكَ سَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 165) |
۽ ڪيان جِنهن ڪلتار، ڀُون تي بالم، هڪ ٻئي پُٺيان، ۽ ڪي درجَن ۾، ڪن کان، چاڙهيائـِين چوڌار، تان آزمائـِينِيان اُن ۾، ڏِنان جو ڏاتار؛ سائين سزا ڏِيَڻ ۾، تڪرو آهي تڪرار، ۽ سو بي شڪ بَخشڻهار، مِڙنيان مِهربان گھڻو. |