الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1) |
سڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمين کي بنايو ۽ اونداهين ۽ روشنيءَ کي پيدا ڪيائين، پوءِ به ڪافر پنهنجي پاليندڙ سان (ٻين کي) برابر ڪن ٿا. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2) |
هو اُهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، وري موت جو وقت مقرر ڪيائين، ۽ هڪڙو (ٻيو) وقت ان وٽ مقرر ڪيل آهي. وري اوهين شڪ ڪريو ٿا. |
وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اهوئي الله آهي. اوهان جي ڳجهه ۽ اوهان جي ظاهر کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي ڪمايو ٿا سو به ڄاڻي ٿو. |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4) |
۽ سندن پاليندڙ جي آيتن مان ڪا آيت وٽن اچي ٿي ته ان کان منهن موڙيندڙ ئي ٿين ٿا. |
فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5) |
پوءِ بيشڪ انهن سچ کي ڪوڙو ڪيو جڏهن وٽن آيو، پوءِ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون پيا ڪن تنهن جون خبرون وٽن اينديون. |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6) |
ڇا انهن نه ڏٺو ته کانئن اڳي اسان ڪيتريون جماعتون ناس ڪيون جن کي زمين ۾ اسان اها طاقت ڏني هئي جا اوهان کي به نه ڏني سون ۽ اسان مٿن گهڻو مينهن وسايو ۽ واهن کي پيدا ڪيو هوسون جي سندن هيٺان وهندا هئا پوءِ کين سندن گناهن جي ڪري ناس ڪيوسون ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن کي پيدا ڪيوسون. |
وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ جيڪڏهن اسين توتي ڪنهن ڪاغذ ۾ ڪو لکيل (ڪتاب) موڪليون ها پوءِ اُهي ان کي پنهنجن هٿن سان به ڇهن ها ته به ڪافر چون ها ته هي رڳو ظاهر جادو آهي. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8) |
۽ ڪافرن چيو ته هن تي ڪو مَلَڪُ ڇو نه لاٿو ويو، ۽ جيڪڏهن اسين ڪو ملڪ نازل ڪريون ها ته (سندن) ڪم پورو ڪيو وڃي ها (يعني نه مڃڻ ڪري ناس ٿي وڃن ها). وري کين (ان حالت ۾ ) مهلت نه ڏني وڃي ها |
وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن اسين ان کي ملڪ ڪريون ها ته به کيس مرد (جي صورت ۾ ) ڪريون ها ۽ جو گمان (هاڻ) ڪن ٿا تنهن گمان ۾ (پوءِ به) کين وجهون ها. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
۽ بيشڪ توکان اڳ (ٻين) رسولن تي (به) مسخريون ڪيون ويون پوءِ جنهن ڳالهه بابت مسخريون ڪندا هئا سا انهن تي اچي ڪڙڪي جن، انهن مان مسخريون ڪيون. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
(اي رسول کين) چئو ته گهمو زمين ۾ وري ڏسو ته (رسولن کي) ڪوڙي ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي. |
قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12) |
چؤ ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ چؤ ته الله جو آهي. رحم ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪيو اٿس. قيامت جي ڏينهن جنهن (جي ٿيڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي، ضرور اوهان کي گڏ ڪندو. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو، سي ايمان نه آڻيندا. |
وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13) |
۽ جيڪي شيون رات ۽ ڏينهن ۾ رهن ٿيون سي سندس آهن. ۽ اهوئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14) |
چؤ ته ڇا آءُ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪندڙ الله کانسواءِ ٻئي کي مددگار ڪري وٺان؟ ۽ اهو کارائي ٿو ۽ ان کي (ٻيو ڪو) نٿو کارائي. چؤ ته مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ (هن امت مان) پهريون فرمانبردار ٿيان ۽ (مون کي چيو ويو آهي ته الله سان ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙن مان تون ڪڏهن به نه ٿيءُ. |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
چئو ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊپ ٿئي ٿو جيڪڏهن آءُ پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪندس. |
مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16) |
ان ڏينهن جنهن (ماڻهو) تان (عذاب) ٽاريو ويندو بيشڪ تنهن تي الله رحم ڪيو ۽ اها ظاهر ڪاميابي آهي. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
۽ جيڪڏهن الله توکي ڪا تڪليف پهچائي ته ان کانسواءِ ان (تڪليف) کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي. ۽ جيڪڏهن توکي ڪا ڀلائي پهچائي ته اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18) |
۽ اهوئي پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي. ۽ اهوئي حڪمت وارو (سڀ جي) خبر رکندڙ آهي. |
قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19) |
چئو ته ڪهڙي شيءِ جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي چئو ته الله منهنجي وچ ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي. ۽ مون ڏي هيءَ قرآن نازل ڪيو ويو آهي ته اوهان کي ۽ جنهن کي هيءَ (قرآن) پهچي تنهن کي ان سان ڊيڄاريان. ڇا اوهين شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا به معبود آهن؟ چئو ته آءُ (ان جي) شاهدي نه ٿو ڏيان. چئو ته اهو رڳو هڪڙوئي عبادت جي لائق آهي ۽ جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي سي ان (ڳالهه جي حقيقت) کي (اهڙيءَ طرح) سڃاڻن جهڙيءَ طرح پنهنجن پٽن کي سڃاڻن ٿا. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو سي ايمان نه آڻيندا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21) |
۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪيائين. بيشڪ ظالم ڪامياب نه ٿيندا. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22) |
۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن اسين سڀني کي گڏ ڪنداسون، پوءِ (الله سان) شريڪ ڪندڙن کي چونداسون ته اوهان جا (الله سان) شريڪ ڪيل ڪٿي آهن جن جي (شريڪ ٿيڻ جي) اوهين دعويٰ ڪندا هئا. |
ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23) |
پوءِ سندن عذر رڳو هيءُ ٿيندو جو اُهي چوندا ته اسان کي پنهنجي پاليندڙ الله جو قسم آهي ته اسين (ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙ نه هئاسون. |
انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
ڏس ته ڪيئن پاڻ تي ڪوڙ چيائون؟ ۽ جيڪي ڪوڙ پيا گهڙين سي انهن کان ڀلجي ويندا. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25) |
۽ ڪي انهن مان ڪَنُ لڳائي تنهنجي ڳالهه ٻُڌن ٿا. ۽ اسان سندس دلين تي پردا وڌا آهن ته متان ان کي سمجهن ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وڌي اٿئون) ۽ جيڪڏهن سڀ نشانيون ڏسندا ته به انهن تي ايمان نه آڻيندا، تان جو جڏهن تو وٽ تو سان جهڳڙو ڪرڻ ايندا ته ڪافر چوندا ته هي رڳو اڳين جون آکاڻيون آهن. ۽ اهي ان کان روڪين ٿا |
وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26) |
۽ ان کان پري ڀڄن ٿا ۽ اهي رڳو پاڻ کي برباد ڪن ٿا ۽ اهي نٿا سمجهن. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27) |
۽ (توکي عجب ٿئي) جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت کين باهه جي ويجهو ڪيو ويندو، پوءِ چوندا ته جيڪر اسان کي (دنيا ڏي) موٽايو وڃي ۽ اسين پنهنجي پاليندڙ جي نشانين کي ڪوڙو نه ڪيون ۽ ايمان وارن مان ٿيون. |
بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28) |
(ائين نه آهي) بلڪ هن کان اڳ جيڪي (گناهه) لڪائيندا هئا سي مٿن ظاهر ٿيا آهن ۽ جيڪڏهن کين (دنيا ڏي) موٽايو وڃي ته جنهن (ڪم) کان کين روڪيو ٿي ويو سو وري ڪندا۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. |
وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29) |
۽ انهن چيو ته حياتي رڳو اسان جي دنيا جي ئي حياتي آهي ۽ اسان کي (جيئرو ڪري) اٿاريو نه ويندو. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30) |
۽ (توکي عجب ٿئي) جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت کين سندن پاليندڙ جي اڳيان بيهاريو ويندو. الله فرمائيندو ته ڇا هي (جيئرو ڪري اٿارڻ) سچ نه آهي؟ چوندا ته ڇونه اسان کي پنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي. الله فرمائيندو ته پوءِ جيڪو اوهين ڪفر ڪندا هئا تنهن جي ڪري عذاب چکو. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31) |
جن الله سان ملڻ کي ڪوڙو ڪيو تن جو بيشڪ نقصان ٿيو. تان جو جڏهن مٿن (قيامت جي) گهڙي اوچتو ايندي ته چوندا ته اسان ان بابت جيڪا ڪوتاهي ڪئي تنهن تي اسان کي افسوس آهي. ۽ اهي پنهنجا (گناهن جا) بار پنهنجين پٺين تي کڻندا. خبردار رهو! جيڪو بار اهي کڻندا سو بڇڙو آهي. |
وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32) |
۽ دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو آهي. ۽ جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا تن لاءِ آخرت جو گهر گهڻو چڱو آهي. |
قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33) |
ڇا پوءِ عقل کان ڪم نٿا وٺو. بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته جيڪي اهي چون ٿا سو ضرور توکي غمگين ڪري ٿو. پوءِ (سمجهه ته) اُهي توکي ڪوڙو نه ٿا ڪن، پر (اُهي) ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا. |
وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ توکان اڳ (گهڻن) رسولن کي ڪوڙو ڪيو ويو. پوءِ انهن کي جو ڪوڙو ڪيو ويو ۽ ايذاءُ ڏنو ويو تنهن تي انهن صبر ڪيو، تان جو انهن کي اسان جي مدد پهتي. ۽ الله جي ڳالهين کي ڪوبه بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ بيشڪ تو وٽ رسولن جون ڪجهه خبرون پهچي چڪيون آهن. |
وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35) |
۽ جيڪڏهن انهن جو منهن موڙڻ توکي ڳرو لڳو آهي ته پوءِ جيڪڏهن تون زمين ۾ ڪا سرنگ يا آسمان ۾ ڪا ڏاڪڻ ڳولي ڪڍي سگهين پوءِ انهن وٽ ڪا نشاني کڻي اچين (ته ڪري ڏيکار) ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته کين هدايت تي گڏ ڪري ها، پوءِ تون ڪڏهن به جاهلن مان نه ٿيءُ. |
إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36) |
جيڪي (دل سان) ٻڌن ٿا، سي ئي قبول ڪن ٿا. ۽ مئلن کي الله (جيئرو ڪري) اٿاريندو، پوءِ ان ڏي ئي کين موٽايو ويندو. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37) |
۽ انهن چيو ته ان (رسول) تي سندس پاليندڙ جي طرفان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي وئي آهي؟ (کين) چئو ته بيشڪ الله هن ڳالهه تي قدرت رکندڙ آهي ته ڪا نشاني لاهي پرانهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38) |
۽ زمين ۾ ڪو به هلندڙ نه آهي ۽ نه ڪو اڏامندڙ جو پنهنجن ٻن پرن تي اڏامي ٿو پر اهي اوهان جهڙيون جماعتون (يعني مخلوق) آهن. ۽ اسان ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڪا شيءِ نه ڇڏي آهي. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39) |
وري انهن کي سندن پاليندڙ جي اڳيان گڏ ڪيو ويندو. ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي ٻوڙا ۽ گونگا آهن، اونداهين ۾ (پيا) آهن. الله جنهن کي گهري تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي گهري تنهن کي سڌي رستي تي ڪري ٿو. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40) |
(کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان تي الله جو عذاب اچي يا (قيامت جي) گهڙي اچي ته ڇا الله کانسواءِ ٻي ڪنهن کي سڏيندؤ جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. |
بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41) |
بلڪ ان کي ئي سڏيندؤ. پوءِ اهو جيڪڏهن گهرندو ته ان (مصيبت) کي هٽائيندو جنهن لاءِ (کيس) سڏيندؤ ۽ جن شين کي (سندس) شريڪ ڪريو ٿا تن کي ڀلائي ڇڏيندؤ |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42) |
۽ بيشڪ اسان توکان اڳ (گهڻين) جماعتن ڏي (رسول) موڪليا، پوءِ اسان کين سختيءَ ۽ تڪليف ۾ پڪڙيو ته مَنَ اهي زاري ڪن. |
فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43) |
پوءِ جڏهن مٿن اسان جو عذاب آيو تڏهن ڇو نه انهن زاري ڪئي؟ پر سندن دليون سخت ٿيون ۽ جيڪي ڪم ڪندا هئا، سي شيطان کين چڱا ڪري ڏيکاريا! |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44) |
پوءِ جيڪا انهن کي نصيحت ڪئي وئي تنهن کي جڏهن انهن ڀلائي ڇڏيو تڏهن اسان مٿن سڀ ڪنهن شيءِ جا دروازا کوليا. تان جو جيڪي کين ڏنو ويو تنهن سان جنهن وقت خوش ٿيا تڏهن اسان انهن کي اوچتو پڪڙيو پوءِ اهي اُتي جو اُتي نااميد ٿيا. |
فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45) |
پوءِ ظالم قوم جي پاڙ پٽي ويئي ۽ سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46) |
(کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان جا ڪن ۽ اوهانجيون اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر هڻي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪير اهڙو بادشاهه آهي جو اوهان کي اهي شيون آڻي ڏيندو؟ ڏس ته ڪيئن نموني نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا پوءِ (به) اهي منهن موڙين ٿا. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47) |
(کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان تي الله جو عذاب اوچتو يا ظاهر ظهور اچي ته ڇا ظالم قوم کانسواءِ ٻي ڪنهن کي هلاڪ ڪيو ويندو؟ |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48) |
۽ اسين رسولن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا. پوءِ جن ايمان آندو ۽ پاڻ سڌاريو تن تي ڊپ نه آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49) |
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن کي عذاب پهچندو هن ڪري جو اهي نافرماني پيا ڪن. |
قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50) |
(کين) چئو ته آءُ اوهان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نڪي آءُ ڳجهه کي ڄاڻان ٿو ۽ نڪي آءُ اوهان کي چوان ٿو ته آءُ ملائڪ آهيان. جيڪي مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو تنهن کانسواءِ ٻي شيءِ جي تابعداري نه ٿو ڪريان. چئو ته ڇا انڌو ۽ سڄو برابر ٿيندا؟ ڇا پوءِ فڪر نه ٿا ڪريو؟ |
وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51) |
۽ ان (قرآن) سان انهن کي ڊيڄار جيڪي هن ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته انهن کي سندن پاليندڙ جي اڳيان هن حال ۾ گڏ ڪيو ويندو جو انهن جو ان کانسواءِ نه ڪو مددگار ۽ نڪو سفارش ڪندڙ هوندو ته مَنَ اهي پرهيزگاري ڪن. |
وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52) |
۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کي صبح ۽ شام سندس رضامندي گهرندڙ ٿي سڏين ٿا، تن کي نه تڙ! توتي انهن جي حساب جو ڪجهه (بار) نه آهي ۽ نڪي تنهنجي حساب جو انهن تي ڪجهه (بار) آهي جو تون کين تڙڻ لڳين (نه ته) پوءِ ظالمن مان ٿيندين. |
وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان هڪڙن کي ٻين سان آزمايو هن لاءِ ته چون ته ڇا اسان مان هنن تي ئي الله احسان ڪيو آهي؟ ڇا الله شڪر ڪندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ نه آهي؟ |
وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54) |
۽ جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا، سي جڏهن تو وٽ اچن ته تون (کين) چئو ته اوهان تي سلامتي آهي. اوهان جي پاليندڙ (اوهان تي) مهرباني ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪئي آهي ته جنهن به اوهان مان نادانيءَ سان ڪا برائي ڪئي وري ان کان پوءِ توبه ڪيائين ۽ پاڻ سڌاريائين ته الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55) |
۽ اهڙيءَ طرح اسين ڳالهيون کولي بيان ڪريون ٿا هن لاءِ ته ڏوهارين جو رستو ظاهر ٿي پوي. |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56) |
(کين) چئو ته الله کانسواءِ جن کي اوهين سڏيو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي روڪيو ويو آهي. چئو ته آءُ اوهان جي خواهشن جي تابعداري نه ڪندس (نه ته) ان ئي وقت گمراهه ٿيندس ۽ رستي تي هلڻ وارن مان نه هوندس. |
قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57) |
چئو ته آءُ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتي تي آهيان ۽ اوهان انکي ڪوڙو ڪيو آهي. جنهن جي جلد اچڻ جي گهُر ڪريو ٿا سو مون وٽ نه آهي (اهڙو) حڪم الله جي اختيار ۾ ئي آهي. اهو حق کي بيان ڪري ٿو ۽ اهو (سڀني) فيصلي ڪندڙن کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي. |
قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58) |
چئو ته جنهن جي جلد اچڻ جي گهر ڪريو ٿا سو جيڪڏهن مون وٽ هجي ها ته منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ ڳالهه جو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ الله ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. |
وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59) |
۽ ان وٽ ئي ڳجهه جون ڪنجيون آهن جن کي ان کانسواءِ ٻيو ڪونه ٿو ڄاڻي ۽ جيڪي خشڪيءَ ۽ درياءَ ۾ آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ ڪوبه پَنُ نه ٿو ڪري پر ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ نه ڪو داڻو زمين جي اونداهين ۾ ۽ نه ڪا آلي ۽ نه ڪا سڪي شيءِ آهي پر اها به ظاهر ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. |
وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60) |
۽ هو اهو آهي جو اوهان کي رات جو (ڄڻ ته) ماري ٿو ۽ جيڪي ڏينهن جو اوهان ڪمائي چڪا آهيو تنهن کي ڄاڻي ٿو. وري اوهان کي ڏينهن جو اٿاري ٿو هن لاءِ ته مقرر ڪيل مدت کي پورو ڪيو وڃي. پوءِ ان ڏي ئي اوهان کي موٽڻو آهي. پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61) |
۽ اهوئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي ۽ اوهان تي نگهبان موڪلي ٿو، تان جو جڏهن اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي ٿو ته اسان جا موڪليل (ملائڪ) ان جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ اهي ڪوتاهي نه ٿا ڪن. |
ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62) |
وري کين الله ڏي موٽايو ويندو جو سندن سچو مالڪ آهي. خبردار رهو! ان جوئي حڪم آهي، ۽ اهو سڀني حساب وٺندڙن مان جلد حساب وٺندڙ آهي. |
قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63) |
چئو ته ڪير اوهان کي خشڪيءَ ۽ درياءَ جي اونداهين کان بچائي ٿو. (جنهن وقت) کيس زاريءَ ۽ ڳجهيءَ (عاجزيءَ) سان سڏيو ٿا (چئو ٿا ته) جيڪڏهن الله اسان کي هن (بلا) کان بچايو ته اسين ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون. |
قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64) |
چئو ته الله اوهان کي ان (بلا) کان ۽ (ٻئي) سڀ ڪنهن رنج کان بچائي ٿو. وري (به) اوهين (ٻين کي ان سان) شريڪ ڪريو ٿا. |
قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65) |
چو ته ان کي ئي هن ڳالهه تي قدرت آهي ته اوهان تي اوهان جي مٿان يا اوهان جي پيرن جي هيٺان عذاب موڪلي يا اوهان کي مختلف فرقا ڪري وچڙائي ڇڏي ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين جي جنگ جومزو چکائي. ڏس ته ڪيئن اسين نموني نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا ته مَنَ اهي سمجهن. |
وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66) |
۽ ان (قرآن) کي تنهنجي قوم ڪوڙو ڪيو آهي هوڏانهن اهو بلڪل سچ آهي. چئو ته آءُ اوهان تي نگهبان نه آهيان. |
لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67) |
سڀ ڪنهن خبر لاءِ هڪ مقرر وقت آهي ۽ اوهان کي معلوم ٿي ويندو. |
وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68) |
۽ جيڪي اسان جي آيتن ۾ بحث ڪن ٿا تن کي جڏهن تون ڏسين ته انهن کان منهن موڙ، تان جو ان کانسواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ بحث ڪن. ۽ جيڪڏهن شيطان توکان (اها ڳالهه) ڀلائي ته ياد اچڻ کان پوءِ ظالم قوم سان گڏ نه ويهه. |
وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69) |
۽ جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا تن تي انهن (ظالمن) جي حساب مان ڪجهه به نه آهي پر (مٿن ظالمن کي) نصيحت ڪرڻ لازم آهي ته مَنَ اهي (ظالم) ڊڄن. |
وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
۽ جن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو بنايو آهي ۽ انهن کي دنيا جي حياتي ڌوڪو ڏنو آهي تن کي ڇڏي ڏي. ۽ قرآن سان نصيحت ڪر ته متان ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمائي جي ڪري گرفتار نه ڪيو وڃي (حقيقت ۾ ) ان گرفتار ٿيندڙ جو الله کانسواءِ نه ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ آهي. ۽ جيڪڏهن (جان آزاد ڪرائڻ لاءِ) سڀ شيون بدلي ۾ ڏيندؤ ته به (اهو بدلو) ان کان قبول نه ڪيو ويندو. اهي اُهي آهن جن کي سندن ڪمائي جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن لاءِ پيئڻ جي شيءِ گرم پاڻي ۽ دردناڪ عذاب آهي هن ڪري جو اُهي ڪفر پيا ڪن. |
قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71) |
چؤ ته ڇا الله کانسواءِ اهڙي شيءِ کي سڏيون جا نه اسان کي فائدو پهچائي ٿي ۽ نه اسان کي نقصان پهچائي ٿي ۽ هن کانپوءِ به جو الله اسان کي رستو ڏيکاريو اسين پنهنجين کڙين ڀر ڦري وڃون ان شخص وانگر جنهن کي حيرانيءَ جي حالت ۾ شيطانن زمين ۾ گمراهه ڪري ڇڏيو هجي، ان جا دوست ان کي رستي ڏي سڏين ٿا ته تون اسان ڏي اچ. چئو ته الله جي رهنمائي ئي (حقيقي) رهنمائي آهي ۽ اسان کي حڪم ڪيو ويو آهي ته جهانن جي پاليندڙ جي فرمانبرداري ڪريون. |
وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72) |
۽ هي (حڪم به) ته نماز قائم ڪريو ۽ ان کان ڊڄو. ۽ هو اهو آهي جنهن جي اڳيان اوهان کي گڏ ڪيو ويندو. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73) |
۽ هو اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو. ۽ جنهن (به) ڏينهن چوندو ته ٿيءُ ته اها (پاڻهين) ٿي پوندي. سندس ڳالهه سچي آهي. ۽ جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو تنهن ڏينهن بادشاهي سندس ئي آهي (اهو) ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ آهي. ۽ اهوئي حڪمت وارو خبردار آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو ته ڇا تون بتن کي خدا ڪري مڃين ٿو. بيشڪ آءُ توکي ۽ تنهنجيءَ قوم کي ظاهر گمراهيءَ ۾ ڏسان ٿو. |
وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ڏيکاري هن لاءِ ته يقين ڪندڙن مان ٿئي. |
فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن رات مٿس اونداهي ڪئي ته هڪ تارو ڏٺائين. ابراهيم چيو ته هيءَ منهنجو پاليندڙ آهي. پوءِ جڏهن اهو (تارو) لهي ويو ته چيائين ته آءُ لهندڙن کي پسند نه ٿو ڪريان. |
فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77) |
پوءِ جڏهن چنڊ کي چڙهندو ڏٺائين ته چيائين هيءَ منهنجو پاليندڙ آهي. پوءِ جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين ته جيڪڏهن مون کي منهنجو پاليندڙ رستو نه ڏيکاريندو ته ضرور آءُ گمراهه قوم مان ٿيندس. |
فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78) |
پوءِ جڏهن سج کي چڙهندو ڏٺائين ته چيائين ته هيءَ منهنجو پاليندڙ آهي. هيءَ سڀني کان وڏو آهي. پوءِ جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين ته اي منهنجي قوم! جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان. |
إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79) |
مون (باطل مذهبن کان) هڪ طرفو ٿي پنهنجو منهن ان ڏي ڪيو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آءُ (الله سان ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙن مان نه آهيان. |
وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80) |
۽ ان سان سندس قوم جهڳڙو ڪيو. (کين) چيائين ته ڇا اوهين مون سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا هوڏانهن ان مون کي رستو ڏيکاريو آهي ۽ جن کي اوهين سندس شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ نه ٿو ڊڄان پرهن کان (ڊڄان ٿو)ته متان منهنجو پاليندڙ ڪا تڪليف پهچائڻ گهري. منهنجي پاليندڙ جي علم ۾ سڀ ڪا شيءِ سمائي آهي. ڇا پوءِ ڌيان نه ٿا ڪريو. |
وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81) |
۽ جنهن شيءِ کي اوهان (الله جو) شريڪ ڪيو آهي تنهن کان آءُ ڪيئن ڊڄان ۽ اوهين هن ڳالهه کان نه ٿا ڊڄو جو اوهان الله سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪيو آهي جنهن جي اوهان تي ڪا ثابتي نه لاٿي اٿس. پوءِ جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا (ته ٻڌايو ته) ٻنهين جماعتن مان ڪهڙي (جماعت) امن جي زياده حقدار آهي؟ |
الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82) |
جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم سان نه ملايو تن لاءِ امن آهي ۽ اهي ئي رستي تي هلندڙ آهن. |
وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83) |
۽ اها اسان جي ثابتي آهي جا اسان ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾ ڏني. جنهن کي اسين گهرون ٿا تنهن کي درجن ۾ بلند ڪريون ٿا. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ حڪمت وارو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84) |
۽ اسان ان کي اسحاق ۽ يعقوب بخشي ڏنا. ۽ هر هڪ کي اسان رستو ڏيکاريو ۽ ان کان اڳ نوح کي رستو ڏيکاريوسون ۽ ابراهيم جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسيٰ ۽ هارون کي (به رستو ڏيکاريو سون) ۽ اهڙيءَ طرح ڀلائي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا. |
وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85) |
۽ زڪريا ۽ يحيٰ ۽ عيسيٰ ۽ الياس کي (به رستو ڏيکاريوسون). (اهي) سڀئي چڱن ماڻهن مان هئا. |
وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86) |
۽ اسماعيل ۽ يسع ۽ يونس ۽ لوط کي (به رستو ڏيکاريوسون). ۽ هر هڪ کي (پنهنجي پنهنجي زماني جي) سڀني قومن تي فضيلت ڏني سون. |
وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87) |
۽ انهن جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي اولادن ۽ انهن جي ڀائرن مان به ڪن کي (رستو ڏيکاريوسون) ۽ انهن کي پسند ڪيوسون ۽ انهن (سڀني) کي سڌو رستو ڏيکاريوسون. |
ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88) |
اها الله جي هدايت آهي پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي گهري ٿو تنهن کي ان سان رستو ڏيکاري ٿو ۽ جيڪڏهن اهي (الله سان ڪنهن) کي شريڪ ڪن ها ته جيڪي ڪندا هئا سو انهن کان برباد ٿي وڃي ها. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89) |
اِهي اُهي آهن جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪم ۽ پيغمبري ڏني. پوءِ جيڪڏهن هي (موجوده زماني جا ڪافر) انهن ڳالهين جو انڪار ڪن ته انهن ڳالهين لاءِ اسان اهڙيءَ قوم کي مقرر ڪيو آهي جي انهن جا انڪار ڪندڙ نه ٿيندا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90) |
اِهي اُهي آهن جن کي الله رستو ڏيکاريو. پوءِ تون به سندن طريقي تي هل! چئو ته آءُ اوهان کان ان (قرآن پهچائڻ) تي ڪا اُجرت نه ٿو گهران. اها خاص جهانن لاءِ هڪ نصيحت آهي. |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91) |
۽ انهن (يهودين) الله جو قدر سندس شان موافق نه ڪيو جڏهن چيائون ته الله ڪنهن به ماڻهوءَ تي ڪجهه به نه لاٿو آهي. چئو ته اهو ڪتاب ڪنهن لاٿو جنهن کي موسيٰ کڻي آيو جو ماڻهن لاءِ نور ۽ هدايت هو، جنهن کي اوهين ورق ورق ڪري (ماڻهن جي اڳيان) ظاهر ڪريو ٿا ۽ گهڻين (ڳالهين) کي لڪايو ٿا. ۽ اوهان کي (قرآن ۾ ) اهي ڳالهيون سيکاريون ويون آهن جي نه اوهان ۽ نه اوهان جي ابن ڏاڏن کي معلوم هيون. چئوته الله (ان ڪتاب کي لاٿو آهي) پوءِ تون انهن کي سندن بحثن ۾ رانديون ڪندي ڇڏي ڏي. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92) |
۽ هي برڪت وارو ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي، جيڪي ان جي اڳيان آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي ۽ هن لاءِ ته ان سان مڪي وارن کي ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن تن کي تون ڊيڄارين. ۽ جيڪي آخرت تي ايمان آڻين ٿا، سي ان (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا. ۽ اهي پنهنجيءَ نماز جو (هميشه) خيال رکن ٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93) |
۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو. يا چيائين ته مون ڏي وحي ڪيو ويو آهي هوڏانهن ان ڏي ڪجهه به وحي نه ڪيو ويو آهي ۽ جنهن چيو ته جهڙو (ڪتاب) الله نازل ڪيو آهي اهڙو آءُ به نازل ڪندس ۽ جيڪڏهن تون ڏسين (ته توکي عجب ٿئي) جنهن وقت (اهي) ظالم موت جي سختين ۾ هوندا ۽ ملائڪ پنهنجن هٿن کي ڊگهو ڪري رهيا هوندا (انهن کي چوندا) ته پنهنجن ساهن کي ٻاهر ڪڍو. اڄ اوهان کي خواريءَ جي سزا ڏني ويندي، هن ڪري جو اوهين الله تي ناحق چوندا هئا ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا هئا |
وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94) |
۽ بيشڪ اوهين اسان وٽ اڪيلا آيا آهيو جيئن اوهان کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو هو ۽ جيڪي اسان اوهان کي ڏنو هو سو اوهان پنهنجي پٺين پويان ڇڏي آيو ۽ اسين اوهان جا سفارش ڪندڙ اوهان سان نه ٿا ڏسون جن جي اوهين دعويٰ ڪندا هئا ته اهي اوهان (جي پالڻ) ۾ (الله جا) شريڪ آهن. بيشڪ اوهان جو لاڳاپو ڪپجي چڪو آهي ۽ جن جي (شريڪ هئڻ جي) اوهين دعويٰ ڪندا هئاسي اوهان کان گم ٿي ويا آهن. |
إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95) |
بيشڪ الله داڻن ۽ ککڙين کي ڦٽائڻ وارو آهي. جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍندڙ آهي. اهوئي الله آهي پوءِ ڪيئن اوهين ابتا وڃو ٿا؟ پرهه کي ڦٽائيندڙ آهي. |
فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96) |
۽ رات کي آرام لاءِ ۽ سج ۽ چنڊ کي حساب لاءِ پيدا ڪيو اٿس. اهو زبردست (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ جو اندازو آهي. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97) |
۽ هو اهو آهي جنهن تارن کي اوهان لاءِ پيدا ڪيو آهي ته انهن سان خشڪيءَ ۽ درياءَ جي اونداهين ۾ رستو لهو. بيشڪ اسان ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪيون آهن جيڪي ڄاڻن ٿا. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98) |
۽ هو اهو آهي جنهن اوهان کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو. پوءِ (اوهان لاءِ) ٽڪڻ جي جاءِ (به آهي) ۽ (اوهان کي) امانت رکڻ جي جاءِ (به آهي). بيشڪ اسان ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪيون آهن جيڪي سمجهن ٿا. |
وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99) |
۽ هو اهو آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ اسان ان سان سڀ ڪنهن شيءِ جا اوڀڙ ڪڍيا. پوءِ ان (پاڻيءَ) سان ساوڪ ڪڍي سون جنهن (ساوڪ) مان هڪ ٻئي تي سٿيل داڻا (يعني سنگ) ڪڍون ٿا. ۽ کجين جي چپڙين مان لڙڪيل گوشا آهن ۽ انگور جا باغ ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون جي هڪ ٻئي جهڙا ۽ ڌار ڌار شڪل جا آهن (ان پاڻيءَ سان ڪڍياسون) هر هڪ (اوڀڙ) جي ميوي ڏي جڏهن ميوو ڪري ٿو ۽ ان جي پچڻ ڏي ڏسو. بيشڪ ان ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100) |
۽ جنن کي الله جو شريڪ ڪيو اٿن هوڏانهن انهن کي ان پيد اڪيو آهي ۽ ان لاءِ بي علميءَ سان پٽ ۽ ڌيئرون بنايون اٿن. اهو پاڪ آهي ۽ جيڪي (ڳالهيون) بيان ڪن ٿا تن کان بلند آهي. آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101) |
ان کي اولاد ڪيئن ٿيندو هوڏانهن ان کي ڪا زال نه آهي. ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. اهو آهي الله اوهانجو پاليندڙ ان کانسواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي. |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102) |
سڀ ڪنهن شيءِ کي (پاڻ) پيدا ڪيو اٿس. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي پوءِ اوهين ان جي عبادت ڪريو. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي سنڀاليندڙ آهي. |
لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103) |
ان کي اکيون نٿيون ڏسن ۽ اهو اکين کي ڏسي ٿو. ۽ اهوئي لطف ڪندڙ خبر رکندڙ آهي. |
قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104) |
بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان (سمجهه پيدا ڪرڻ واريون) نشانيون اچي ويون آهن پوءِ جيڪو ڏسندو ته پاڻ لاءِ ۽ جيڪو انڌو ٿيندو سو به پاڻ لاءِ. ۽ آءُ اوهان تي نگهبان نه آهيان. |
وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105) |
۽ اهڙيءَ طرح اسين جدا جدا نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا هن لاءِ ته (متان) چون ته تو (ڪنهن وٽ) پڙهيو آهي ۽ هن لاءِ ته ان کي ان قوم لاءِ بيان ڪريون جيڪي ڄاڻن ٿا. |
اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106) |
جيڪي تو ڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان وحي ڪيو ويو آهي تنهن جي تون تابعداري ڪر. ان کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آهي. ۽ (الله سان) شريڪ ٺهرائيندڙن کان منهن موڙ. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107) |
۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته اهي (الله سان ڪنهن کي به) شريڪ نه ڪن ها. ۽ اسان توکي مٿن نگهبان نه ڪيو آهي. ۽ تون انهن جو سنڀاليندڙ نه آهين. |
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108) |
۽ جن کي (ڪافر) الله کانسواءِ سڏين ٿا تن کي گاريون نه ڏيو نه ته اهي بي علميءَ سان بي ادبي ڪري الله کي گاريون ڏيندا. اهڙيءَ طرح اسان سڀ ڪنهن جماعت کي سندن ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو آهي. وري سندن پاليندڙ ڏي ئي انهن کي موٽڻو آهي پوءِ اهي جيڪي پيا ڪن تنهن جي اُهو انهن کي خبر ڏيندو. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109) |
۽ انهن پنهنجا (پڪن کان) پڪا قسم الله جا کنيا ته جيڪڏهن وٽن ڪا نشاني ايندي ته ان تي ضرور ايمان آڻيندا. چئو ته نشانيون رڳو الله جي اختيار ۾ آهن ۽ اوهان کي (اي مسلمانو !) هن ڳالهه جو پتو نه ٿو پوي. ته جڏهن اهي (نشانيون) اينديون ته به اهي ايمان نه آڻيندا. |
وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110) |
۽ اسين سندن دلين ۽ سندن اکين کي ڦيرينداسون جيئن انهن قرآن تي پهرئين ڀيري ايمان نه آندو. ۽ اسين انهن کي سندن سرڪشيءَ ۾ عقل جا انڌا ڪري ڇڏينداسون. |
وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111) |
۽ جيڪڏهن اسين انهن ڏي ملائڪ لاهيون ۽ مُئل انهن سان ڳالهائين، ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي انهن جي سامهون گڏ ڪريون ته به اهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن مگر جنهن وقت الله گهري پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيٰطينَ الإِنسِ وَالجِنِّ يوحى بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ زُخرُفَ القَولِ غُرورًا وَلَو شاءَ رَبُّكَ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 112) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان انسانن ۽ جنن مان شيطانن کي سڀ ڪنهن نبي جو دشمن ڪيو جي هڪ ٻئي کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ سينگاريل ڳالهيون سيکارين ٿا. ۽ جيڪڏهن تنهنجو پاليندڙ گهري ها ته اهو ڪم نه ڪن ها، پوءِ انهن کي سندن گهڙيل ڪوڙ سان گڏ ڇڏي ڏي، |
وَلِتَصغىٰ إِلَيهِ أَفـِٔدَةُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَلِيَرضَوهُ وَلِيَقتَرِفوا ما هُم مُقتَرِفونَ (آيت : 113) |
۽ هن لاءِ (اهي سينگاريل ڳالهيون سيکارين ٿا) ته جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا آڻين تن جون دليون اُن (ڳالهه) ڏي مائل ٿين ۽ هن لاءِ ته ان کي پسند ڪن ۽ هن لاءِ ته جيڪي بڇڙا ڪم اهي ڪندڙ آهن سي ڪندا رهن .() |
أَفَغَيرَ اللَّهِ أَبتَغى حَكَمًا وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ إِلَيكُمُ الكِتٰبَ مُفَصَّلًا وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعلَمونَ أَنَّهُ مُنَزَّلٌ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 114) |
ڇا پوءِ الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي فيصلو ڪندڙ بنايان هوڏانهن هو اهو آهي جنهن اوهان ڏي ڪتاب، کولي بيان ڪيل لاٿو. ۽ جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، سي ڄاڻن ٿا ته اهو تنهنجي پاليندڙ جي طرفان سچ سان لاٿل آهي. پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان ڪڏهن به نه ٿيءُ |
وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدقًا وَعَدلًا لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 115) |
۽ تنهنجي پاليندڙ جي ڳالهه سچائي ۽ انصاف ۾ پوري آهي. ان جي ڳالهين کي ڪوبه بدلائڻ وارو نه آهي ۽ اهوئي ٻڌندڙ (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن تُطِع أَكثَرَ مَن فِى الأَرضِ يُضِلّوكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 116) |
۽ جيڪڏهن زمين وارن (ماڻهن) مان گهڻن جو چيو مڃيندين ته اهي توکي الله جي رستي کان گمراهه ڪندا، اهي رڳو گمان تي هلن ٿا ۽ اهي رڳو ڪوڙ چون ٿا. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 117) |
بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ان کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي جيڪو سندس رستي کان گمراهه ٿئي ٿو ۽ اهو رستي تي هلندڙن کي به خوب ڄاڻندڙ آهي. |
فَكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كُنتُم بِـٔايٰتِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 118) |
جيڪڏهن اوهين الله جي حڪمن تي ايمان آڻيندڙ آهيو ته پوءِ جنهن (جانور) تي (ڪُهڻ وقت) الله جو نالو پڙهيو ويو آهي تنهن مان کائو. |
وَما لَكُم أَلّا تَأكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَقَد فَصَّلَ لَكُم ما حَرَّمَ عَلَيكُم إِلّا مَا اضطُرِرتُم إِلَيهِ وَإِنَّ كَثيرًا لَيُضِلّونَ بِأَهوائِهِم بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِالمُعتَدينَ (آيت : 119) |
۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو جنهن (جانور) تي الله جو نالو پڙهيو ويو آهي تنهن مان نه ٿا کائو، هوڏانهن جيڪي (شيون) اوهان تي حرام ڪيون اٿس سي اوهان لاءِ کولي بيان ڪيون اٿس پر جنهن (حرام ڪيل شيءِ جي کائڻ) تي مجبور ٿيو (ته ڀلي کائو) ۽ بيشڪ گهڻا اڻ ڄاڻائيءَ سان پنهنجين خواهشن سببان (ٻين کي) گمراهه ڪندا رهن ٿا. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي حد کان لنگهندڙن کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. |
وَذَروا ظٰهِرَ الإِثمِ وَباطِنَهُ إِنَّ الَّذينَ يَكسِبونَ الإِثمَ سَيُجزَونَ بِما كانوا يَقتَرِفونَ (آيت : 120) |
۽ ظاهر گناهه ۽ لڪل گناهه (سڀ) ڇڏي ڏيو. بيشڪ جيڪي (ماڻهو) گناهه ڪمائين ٿا سي جيڪي گناهه پيا ڪن، تن جو بدلو کين ڏنو ويندو. |
وَلا تَأكُلوا مِمّا لَم يُذكَرِ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَإِنَّهُ لَفِسقٌ وَإِنَّ الشَّيٰطينَ لَيوحونَ إِلىٰ أَولِيائِهِم لِيُجٰدِلوكُم وَإِن أَطَعتُموهُم إِنَّكُم لَمُشرِكونَ (آيت : 121) |
۽ جنهن (جانور) تي الله جو نالو نه پڙهيو ويو آهي تنهن مان نه کائو. ۽ بيشڪ اهو (کائڻ) نافرماني آهي. ۽ بيشڪ شيطان پنهنجن دوستن جي دلين ۾ هن لاءِ (غلط خيال) وجهن ٿا ته اهي اوهان سان جهڳڙو ڪن. ۽ جيڪڏهن اوهين انهن جو چيو مڃيندو ته اوهين (کين الله سان) شريڪ ڪندڙ ٿيندو. |
أَوَمَن كانَ مَيتًا فَأَحيَينٰهُ وَجَعَلنا لَهُ نورًا يَمشى بِهِ فِى النّاسِ كَمَن مَثَلُهُ فِى الظُّلُمٰتِ لَيسَ بِخارِجٍ مِنها كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلكٰفِرينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 122) |
ڀلا جيڪو مئل هو پوءِ اسان ان کي جيئرو ڪيو ۽ ان لاءِ روشني پيدا ڪئي سون جنهن سان هو ماڻهن ۾ هلي ٿو سو ان جهڙو آهي ڇا جنهن جو حال هي آهي جو هو اونداهين ۾ (پيو) آهي، انهن مان نڪرڻ وارو نه آهي. اهڙيءَ طرح ڪافر جيڪي ڪم پيا ڪن سي کين چڱا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا فى كُلِّ قَريَةٍ أَكٰبِرَ مُجرِميها لِيَمكُروا فيها وَما يَمكُرونَ إِلّا بِأَنفُسِهِم وَما يَشعُرونَ (آيت : 123) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ (اتي جي) سردارن کي اتي جا ڏوهاري ڪيو هن لاءِ ته اهي انهن (ڳوٺن) ۾ بڇڙيون تدبيرون ڪن ۽ حقيقت ۾ بڇڙيون تدبيرون رڳو پاڻ سان ڪن ٿا ۽ نه ٿا سمجهن. |
وَإِذا جاءَتهُم ءايَةٌ قالوا لَن نُؤمِنَ حَتّىٰ نُؤتىٰ مِثلَ ما أوتِىَ رُسُلُ اللَّهِ اللَّهُ أَعلَمُ حَيثُ يَجعَلُ رِسالَتَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ أَجرَموا صَغارٌ عِندَ اللَّهِ وَعَذابٌ شَديدٌ بِما كانوا يَمكُرونَ (آيت : 124) |
۽ جڏهن وٽن ڪا نشاني اچي ٿي ۽ چون ٿا ته اسين تيستائين ڪڏهن به نه مڃينداسون جيستائين الله جي رسولن کي جيڪي ڏنو ويو آهي تنهن جهڙو اسان کي نه ڏنو وڃي. جتي الله پنهنجو پيغام لاهي ٿو (يعني جنهن کي رسول بنائي ٿو) تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي. جن ڏوهه ڪيو آهي، تن کي جيڪي بڇڙيون تدبيرون پيا ڪن تن جي ڪري الله وٽ خواري ۽ سخت عذاب پهچندو. |
فَمَن يُرِدِ اللَّهُ أَن يَهدِيَهُ يَشرَح صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ وَمَن يُرِد أَن يُضِلَّهُ يَجعَل صَدرَهُ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّما يَصَّعَّدُ فِى السَّماءِ كَذٰلِكَ يَجعَلُ اللَّهُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 125) |
پوءِ جنهن کي الله رستو ڏيکارڻ گهري ٿو تنهن جي سيني کي اسلام لاءِ ڪشادو ڪري ٿو. ۽ جنهن کي گمراهه ڪرڻ گهري ٿو تنهن جي سيني کي بلڪل تنگ ڪري ٿو، ڄڻ ته هو آسمان تي چڙهڻ جو (مشڪل) ڪم پيو ڪري. اهڙيءَ طرح الله انهن (ماڻهن) تي پليتي وجهي ٿو جيڪي ايمان نه ٿا آڻين. |
وَهٰذا صِرٰطُ رَبِّكَ مُستَقيمًا قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
۽ هيءَ (اسلام) آهي تنهنجي پاليندڙ جو رستو سڌو آيل. بيشڪ اسان ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪيون آهن جيڪي ڌيان ڪن ٿا. |
لَهُم دارُ السَّلٰمِ عِندَ رَبِّهِم وَهُوَ وَلِيُّهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 127) |
انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ سلامتيءَ جو گهر آهي (يعني بهشت) ۽ اهو سندن مددگار آهي انهن (چڱن) ڪمن جي ڪري جيڪي هو پيا ڪن. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا يٰمَعشَرَ الجِنِّ قَدِ استَكثَرتُم مِنَ الإِنسِ وَقالَ أَولِياؤُهُم مِنَ الإِنسِ رَبَّنَا استَمتَعَ بَعضُنا بِبَعضٍ وَبَلَغنا أَجَلَنَا الَّذى أَجَّلتَ لَنا قالَ النّارُ مَثوىٰكُم خٰلِدينَ فيها إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 128) |
۽ جنهن ڏينهن انهن سڀني کي گڏ ڪندو (تنهن ڏينهن چوندو) ته اي جنن جي جماعت اوهان ماڻهن مان گهڻا پنهنجا تابعدار ڪيا آهن ۽ ماڻهن مان انهن جا دوست چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ ! اسان مان هڪڙن ٻين کان فائدو ورتو ۽ اسين پنهنجي ان ٺهرايل مدت کي پهتاسون جا تو اسان لاءِ ٺهرائي هئي. الله فرمائيندو ته باهه اوهان جو ٺڪاڻو آهي ان ۾ پيا رهندو مگر جيڪي الله گهريو. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ حڪمت وارو (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُوَلّى بَعضَ الظّٰلِمينَ بَعضًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 129) |
۽ اهڙيءَ طرح اسين ظالمن مان هڪڙن کي ٻين تي حڪومت ڏيون ٿا، انهن (گناهن) جي ڪري جيڪي اهي پيا ڪمائين. |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا شَهِدنا عَلىٰ أَنفُسِنا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 130) |
اي جنن ۽ انسانن جي جماعت ! ڇا اوهان وٽ اوهان مان رسول نه آيا؟ جي اوهان کي منهنجا حڪم ٻڌائيندا هئا ۽ اوهان کي اوهان جي هن ڏينهن جي پيش اچڻ کان ڊيڄاريندا هئا؟ چوندا ته اسان پنهنجو گناهه قبول ڪيو. ۽ انهن کي دنيا جي حياتيءَ ڌوڪو ڏنو هو. ۽ پاڻ تي هن ڳالهه جي شاهدي ڏنائون ته اهي (پاڻ) ڪافرهئا. |
ذٰلِكَ أَن لَم يَكُن رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها غٰفِلونَ (آيت : 131) |
اهو (رسولن جو موڪلڻ) هن ڪري آهي جو تنهنجو پاليندڙ ڳوٺن کي (سندن) ظلم جي ڪري هن حالت ۾ برباد ڪرڻ وارو نه آهي جو اتي جا رهاڪو بي خبر هجن. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 132) |
۽ هر هڪ لاءِ سندن عملن جي ڪري درجا آهن ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان تنهنجو پاليندڙ بي خبر نه آهي. |
وَرَبُّكَ الغَنِىُّ ذُو الرَّحمَةِ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَستَخلِف مِن بَعدِكُم ما يَشاءُ كَما أَنشَأَكُم مِن ذُرِّيَّةِ قَومٍ ءاخَرينَ (آيت : 133) |
۽ تنهنجو پاليندڙ (ئي) بي پرواهه، رحم ڪرڻ وارو آهي. جيڪڏهن گهري ته اوهان کي پري ڪري ڇڏي ۽ اوهان کان پوءِ جنهن (قوم) کي گهري تنهن کي اوهان جي جاءِ تي آڻي، جيئن اوهان کي ٻي قوم جي نسل مان پيدا ڪيائين. |
إِنَّ ما توعَدونَ لَءاتٍ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 134) |
بيشڪ جيڪو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو اچڻ وارو آهي ۽ اوهين (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو. |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عامِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 135) |
چو ته اي منهنجي قوم ! اوهين پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو آءُ به ڪم ڪندڙ آهيان. نيٺ ڄاڻندو ته (هن) جهان ۾ ڪنهن جي عاقبت چڱي ٿيندي. هيءَ ڳالهه يقيني آهي ته ظالم ڪامياب نه ٿيندا. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ مِمّا ذَرَأَ مِنَ الحَرثِ وَالأَنعٰمِ نَصيبًا فَقالوا هٰذا لِلَّهِ بِزَعمِهِم وَهٰذا لِشُرَكائِنا فَما كانَ لِشُرَكائِهِم فَلا يَصِلُ إِلَى اللَّهِ وَما كانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلىٰ شُرَكائِهِم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 136) |
۽ جيڪا کيتي ۽ چوپايو مال الله پيدا ڪيو آهي تنهن مان هڪ حصو الله لاءِ مقرر ڪن ٿا پوءِ پنهنجي خيال ۾ چون ٿا ته هيءَ الله جو آهي ۽ هيءَ اسان جي (ٺهرايل) شريڪن جو آهي. پوءِ جو (حصو) سندن (ٺهرايل) شريڪن جو آهي سو الله تائين نه ٿو پهچي، ۽ جو الله لاءِ آهي سو سندن (ٺهرايل) شريڪن تائين پهچي ٿو، اهو جيڪو فيصلو ڪن ٿا سو ڪهڙو نه بڇڙو آهي. |
وَكَذٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثيرٍ مِنَ المُشرِكينَ قَتلَ أَولٰدِهِم شُرَكاؤُهُم لِيُردوهُم وَلِيَلبِسوا عَلَيهِم دينَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 137) |
۽ اهڙيءَ طرح گهڻن مشرڪن کي سندن (ٺهرايل) شريڪن سندن اولاد کي قتل ڪرڻ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي. هن لاءِ ته اهي (ٺهرايل) شريڪ مشرڪن کي برباد ڪن ۽ انهن تي انهن جي (صحيح) دين کي رلائي ملائي ڇڏين. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته اهو (ڪم) نه ڪن ها. پوءِ کين سندن گهڙيل ڪوڙ سان گڏ ڇڏي ڏي. |
وَقالوا هٰذِهِ أَنعٰمٌ وَحَرثٌ حِجرٌ لا يَطعَمُها إِلّا مَن نَشاءُ بِزَعمِهِم وَأَنعٰمٌ حُرِّمَت ظُهورُها وَأَنعٰمٌ لا يَذكُرونَ اسمَ اللَّهِ عَلَيهَا افتِراءً عَلَيهِ سَيَجزيهِم بِما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 138) |
۽ انهن پنهنجي خيال موافق چيو ته هي چوپايو مال ۽ پوک حرام آهن، انهن کي ڪوبه نه کائيندو ان کانسواءِ جنهن کي اسين گهرون. ۽ (هيءَ ٻيو) چوپايو مال آهي جنهن جي پٺيءَ (تي سواري ڪرڻ) حرام ڪئي وئي آهي ۽ (ٽيون) چوپايو مال آهي جنهن تي (ڪهڻ وقت) الله جو نالو نه ٿا پڙهن. الله تي ڪوڙ ٻڌي (اهي ڳالهيون چيون اٿن) اِهي جيڪو ڪوڙ پيا گهڙين تنهن جو الله کين بدلو ڏيندو. |
وَقالوا ما فى بُطونِ هٰذِهِ الأَنعٰمِ خالِصَةٌ لِذُكورِنا وَمُحَرَّمٌ عَلىٰ أَزوٰجِنا وَإِن يَكُن مَيتَةً فَهُم فيهِ شُرَكاءُ سَيَجزيهِم وَصفَهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 139) |
۽ انهن چيو ته جيڪي هنن جانورن جي پيٽن ۾ آهي سو اسان جي مڙسن لاءِ خاص آهي ۽ اسان جي زالن تي (ان جو کائڻ) حرام آهي ۽ جيڪڏهن اهو مئل هوندو ته پوءِ اهي (سڀيئي) ان ۾ شريڪ آهن. الله کين سندن اهڙي ڳالهه ڪرڻ تي سزا ڏيندو. بيشڪ اهو حڪمت وارو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ قَتَلوا أَولٰدَهُم سَفَهًا بِغَيرِ عِلمٍ وَحَرَّموا ما رَزَقَهُمُ اللَّهُ افتِراءً عَلَى اللَّهِ قَد ضَلّوا وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 140) |
جن پنهنجي اولاد کي بيوقوفيءَ جي ڪري بي علميءَ سان قتل ڪيو، ۽ جا روزي الله کين ڏني آهي سا الله تي ڪوڙ گهڙي حرام ڪيائون، سي نقصان وارا ٿيا. اهي بيشڪ گمراهه ٿيا ۽ رستي تي هلڻ وارا نه ٿيا. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ جَنّٰتٍ مَعروشٰتٍ وَغَيرَ مَعروشٰتٍ وَالنَّخلَ وَالزَّرعَ مُختَلِفًا أُكُلُهُ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُتَشٰبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ كُلوا مِن ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَءاتوا حَقَّهُ يَومَ حَصادِهِ وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 141) |
۽ هو اُهو آهي جنهن مَنَهَن تي چڙهندڙ ۽ اڻ چڙهندڙ باغ پيدا ڪيا ۽ کجيءَ جي وڻن ۽ پوک کي جن جو ميوو (هڪ ٻئي کان) جدا جدا آهي ۽ زيتون ۽ ڏاڙهن کي جي (شڪل ۾ ) هڪ ٻئي جهڙا ۽ (مزي ۾ ) ڌار ڌار آهن (اهي) جڏهن ميوو ڪن تڏهن انهن جي ميوي کي کائو ۽ ان جي لاباري وقت ان جي زڪوات ڏيو. ۽ اجايو خرچ نه ڪريو. بيشڪ الله اجائي خرچ ڪرڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَمِنَ الأَنعٰمِ حَمولَةً وَفَرشًا كُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 142) |
۽ جانورن مان بار کڻندڙ جانور ۽ ننڍي قد وارا جانور (پيدا ڪيا اٿس) الله جيڪو رزق اوهان کي ڏنو آهي تنهن مان کائو ۽ شيطان جي نقش قدم تي نه هلو. بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي. |
ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ مِنَ الضَّأنِ اثنَينِ وَمِنَ المَعزِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ نَبِّـٔونى بِعِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 143) |
اَٺ نر ۽ ماديون (پيدا ڪيون اٿس). رڍن مان ٻه (قسم) ۽ ٻڪرين مان ٻه (پيدا ڪيا اٿس). چئو ته ڇا (انهن) ٻنهين نرن کي حرام ڪيو اٿس يا ٻنهين مادين کي يا اُن (ٻچي) کي جنهن کي ٻنهين مادين جي ڳڀيرڻين سانڍيو آهي؟ جيڪڏهن سچا آهيو ته مون کي ثابتيءَ سان ٻڌايو. |
وَمِنَ الإِبِلِ اثنَينِ وَمِنَ البَقَرِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ وَصّىٰكُمُ اللَّهُ بِهٰذا فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا لِيُضِلَّ النّاسَ بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 144) |
۽ اُٺن مان ٻه (نر ۽ مادي) ۽ ڳائي مال مان ٻه (نر ۽ مادي پيدا ڪيا اٿس). چئو ته ڇا (انهن) ٻنهين نرن کي حرام ڪيو اٿس يا ٻنهين مادين کي يا ان (ٻچي) کي جنهن کي ٻنهين مادين جي ڳڀيرڻين سانڍيو آهي؟ ڀلا اوهين حاضر هئا ڇا جنهن وقت الله اوهان کي اهو حڪم ڪيو. پوءِ ان کان زياده ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪو ڙ گهڙيو، هن لاءِ ته ماڻهن کي بي علميءَ سان گمراهه ڪري. بيشڪ الله ظالم قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. |
قُل لا أَجِدُ فى ما أوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلىٰ طاعِمٍ يَطعَمُهُ إِلّا أَن يَكونَ مَيتَةً أَو دَمًا مَسفوحًا أَو لَحمَ خِنزيرٍ فَإِنَّهُ رِجسٌ أَو فِسقًا أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 145) |
چئو ته جيڪي مون ڏي وحي ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ ڪنهن به کائيندڙ تي ڪابه حرام ڪيل شيءِ نه ٿو ڏسان جنهن کي هو کائي سواءِ هن جي ته اهو مردار يا وهندڙ رت يا سوئر جو گوشت هجي ڇو ته اهو ناپاڪ آهي يا گناهه سان ڪٺل جانور جنهن تي (ڪُهڻ وقت) الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو نالو ورتو ويو هجي. پوءِ جيڪو مجبور ٿئي پر نه بي فرماني ڪندڙ ۽ نه حد کان لنگهندڙ هجي (۽ کائي) ته پوءِ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا كُلَّ ذى ظُفُرٍ وَمِنَ البَقَرِ وَالغَنَمِ حَرَّمنا عَلَيهِم شُحومَهُما إِلّا ما حَمَلَت ظُهورُهُما أَوِ الحَوايا أَو مَا اختَلَطَ بِعَظمٍ ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِبَغيِهِم وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 146) |
۽ يهودين تي اسان هر هڪ نهن وارو جانور حرام ڪيو ۽ ڳائي مال ۽ ٻاڪري (۽ ريڍي) مال مان اسان مٿن ٻنهين جي چرٻي حرام ڪئي سواءِ ان (چرٻي) جي جا انهن جي پٺيءَ يا آنڊن تي لڳل هجي يا هڏيءَ سان لڳل هجي. اهو سندن نافرمانيءَ جي ڪري اسان کين بدلو ڏنو ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون. |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقُل رَبُّكُم ذو رَحمَةٍ وٰسِعَةٍ وَلا يُرَدُّ بَأسُهُ عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 147) |
پوءِ جيڪڏهن توکي ڪوڙو ڪن ته چئو ته اوهان جو پاليندڙ ڪشاديءَ رحمت وارو آهي. ۽ سندس سزا کي ڏوهاريءَ قوم کان نه ٽاريو ويندو. |
سَيَقولُ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكنا وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم حَتّىٰ ذاقوا بَأسَنا قُل هَل عِندَكُم مِن عِلمٍ فَتُخرِجوهُ لَنا إِن تَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن أَنتُم إِلّا تَخرُصونَ (آيت : 148) |
مشرڪ چوندا ته جيڪڏهن الله گهري ها ته نه اسين ۽ نه اسان جا ابا ڏاڏا (ان سان ڪنهن کي) شريڪ ڪريون ها ۽ نه اسين ڪا شيءِ حرام ڪريون ها ! اهڙيءَ طرح انهن کان اڳين به ڪوڙو ڪيو تان جو اسان جي سزا جو مزو چکيائون. چئو ته اوهان وٽ ڪا ثابتي آهي ته ان کي اسان جي اڳيان ظاهر ڪريو. اوهين رڳو (پنهنجي) گمان تي هلو ٿا ۽ اوهين رڳو ڪوڙ چئو ٿا. |
قُل فَلِلَّهِ الحُجَّةُ البٰلِغَةُ فَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 149) |
چئو ته مضبوط دليل الله جو ئي آهي. پوءِ جيڪڏهن الله گهري ها ته اوهان سڀني کي رستو ڏيکاري ها. |
قُل هَلُمَّ شُهَداءَكُمُ الَّذينَ يَشهَدونَ أَنَّ اللَّهَ حَرَّمَ هٰذا فَإِن شَهِدوا فَلا تَشهَد مَعَهُم وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 150) |
چؤ ته اوهين پنهنجن انهن شاهدن (عالمن) کي آڻيو جيڪي شاهدي ڏين ته (جنهن کي اوهان حرام چئو ٿا) الله ان کي حرام ڪيو آهي. پوءِ جيڪڏهن اهي شاهدي ڏين ته تون انهن جي شاهدي جو اعتبار نه ڪر. ۽ تون انهن جي خواهشن تي نه هل جن اسان جي حڪمن کي ڪوڙو ڪيو ۽ جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا آڻين ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ سان (ٻين کي) برابر ڪن ٿا |
قُل تَعالَوا أَتلُ ما حَرَّمَ رَبُّكُم عَلَيكُم أَلّا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم مِن إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُكُم وَإِيّاهُم وَلا تَقرَبُوا الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 151) |
چؤ ته اچو ته جيڪي اوهان جي پاليندڙ اوهان تي حرام ڪيو آهي سو اوهان کي پڙهي ٻڌايان. الله سان ڪنهن شيءِ کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو. ۽ پنهنجي اولاد کي تنگ دستيءَ جي ڪري ماري نه ڇڏيو. اسين اوهان کي ۽ انهن کي روزي ڏيون ٿا. ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کي جيڪي انهن مان ظاهر آهن ۽ جيڪي لڪل آهن (تن سڀني کي) ويجها نه ٿيو ۽ اهڙي شخص کي خون نه ڪريو جنهن جو مارڻ الله حرام ڪيو آهي مگر حق سان، اهو آهي جنهن جو الله اوهان کي حڪم ڪيو آهي مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ بِالقِسطِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَإِذا قُلتُم فَاعدِلوا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَبِعَهدِ اللَّهِ أَوفوا ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 152) |
۽ يتيم جي مال کي اهڙي طريقي کانسواءِ جو چڱو آهي ويجها نه وڃو ايتري تائين جو هُو پنهنجي طاقت کي پهچي. ۽ ماپ ۽ تور کي انصاف سان پورو ڪريو. اسين ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿا ڏيون. ۽ جڏهن ڳالهه ڪريو ته انصاف جي ڪريو جيتوڻيڪ (جنهن جي ڳالهه اچي سو اوهان جو) قرابتدار هجي ۽ الله جي انجام کي پورو ڪريو، اهو آهي جنهن جو الله اوهان کي حڪم ڪيو آهي مَنَ اوهين ڌيان ڪريو. |
وَأَنَّ هٰذا صِرٰطى مُستَقيمًا فَاتَّبِعوهُ وَلا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُم عَن سَبيلِهِ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 153) |
۽ (هيءَ خبر ڏني اٿس) ته هيءُ منهنجو رستو آهي سڌو، پوءِ ان تي هلو !۽ (ٻين) رستن تي نه هلو جو (اهي) اوهان کي الله جي رستي کان جدا ڪري ڇڏيندا. اهو آهي جنهن جو الله اوهان کي حڪم ڪيو آهي مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. |
ثُمَّ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ تَمامًا عَلَى الَّذى أَحسَنَ وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم بِلِقاءِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 154) |
وري (چئون ٿا ته) اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ته ان ماڻهوءَ تي (اسان جي) نعمت پوري ٿئي جيڪو نيڪي ڪري ٿو ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي کولي بيان ڪرڻ لاءِ ۽ رستي ڏيکارڻ ۽ مهربانيءَ ڪرڻ لاءِ، مَنَ اهي پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ جو يقين ڪن. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعوهُ وَاتَّقوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 155) |
۽ هيءُ (قرآن) اهو ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيوجو خير برڪت وارو آهي، پوءِ ان تي هلو ۽ پرهيزگار ٿيو مَنَ اوهان تي رحم ڪيو وڃي. |
أَن تَقولوا إِنَّما أُنزِلَ الكِتٰبُ عَلىٰ طائِفَتَينِ مِن قَبلِنا وَإِن كُنّا عَن دِراسَتِهِم لَغٰفِلينَ (آيت : 156) |
(اسان ان کي نازل ڪيو) ته متان اوهين چئو ته ڪتاب رڳو اسان کان اڳين ٻن جماعتن تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ بيشڪ اسين انهن جي پڙهڻ پڙهائڻ کان بي خبر هئاسون. |
أَو تَقولوا لَو أَنّا أُنزِلَ عَلَينَا الكِتٰبُ لَكُنّا أَهدىٰ مِنهُم فَقَد جاءَكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَصَدَفَ عَنها سَنَجزِى الَّذينَ يَصدِفونَ عَن ءايٰتِنا سوءَ العَذابِ بِما كانوا يَصدِفونَ (آيت : 157) |
يا چوڻ لڳو ته جيڪڏهن اسان تي ڪتاب لاٿو وڃي ته اسين انهن کان وڌيڪ هدايت وارا ٿيون ها ! پوءِ بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتي ۽ رهنمائي ۽ مهرباني اچي چڪي آهي. پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن الله جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان منهن موڙيو. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ رَبُّكَ أَو يَأتِىَ بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ يَومَ يَأتى بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ لا يَنفَعُ نَفسًا إيمٰنُها لَم تَكُن ءامَنَت مِن قَبلُ أَو كَسَبَت فى إيمٰنِها خَيرًا قُلِ انتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 158) |
جيڪي اسان جي آيتن کان منهن موڙين ٿا تن کي اسين بڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون هن ڪري جو اهي منهن پيا موڙين. اهي رڳو هن ڳالهه جو انتظار ڪن ٿا ته وٽن ملائڪ اچن يا تنهنجو پاليندڙ اچي يا تنهنجي پاليندڙ جون ڪي نشانيون اچن جنهن ڏينهن تنهنجي پاليندڙ جون ڪي نشانيون اينديون تنهن ڏينهن اهڙي ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندس ايمان فائدو نه ڏيندو جنهن هن کان اڳ ايمان نه آندو هوندو يا پنهنجي ايمان (جي حالت) ۾ ڪا نيڪي نه ڪئي هوندائين. چئو ته انتظار ڪريو بيشڪ اسين به انتظار ڪندڙ آهيون. |
إِنَّ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا لَستَ مِنهُم فى شَيءٍ إِنَّما أَمرُهُم إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 159) |
بيشڪ جن پنهنجي دين کي ڌار ڌار ڪري ڇڏيو ۽ جماعتون جماعتون ٿي ويا تن سان تنهنجو ڪو واسطو نه آهي، انهن جو معاملو الله جي ئي حوالي آهي، وري جيڪي پيا ڪن تنهن جي اهو کين خبر ڏيندو. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ عَشرُ أَمثالِها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 160) |
جيڪو نيڪي ڪندو تنهن لاءِ (الله وٽ) ان جهڙيون ڏهه (نيڪيون) آهن ۽ جيڪو برائي ڪندو تنهن کي ان جهڙوئي بدلو ڏنو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو. |
قُل إِنَّنى هَدىٰنى رَبّى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ دينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 161) |
چؤ ته بيشڪ مون کي منهنجي پاليندڙ سڌو رستو ڏيکاريو آهي، جو صحيح دين آهي، ابراهيم جو دين جو هڪ طرفو (باطل مذهبن کان بلڪل بيزار) هو. ۽ (الله سان ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙن مان نه هو. |
قُل إِنَّ صَلاتى وَنُسُكى وَمَحياىَ وَمَماتى لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 162) |
چؤ ته بيشڪ منهنجي نماز ۽ منهنجي قرباني ۽ منهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ جهانن جي پاليندڙ الله لاءِ آهي. |
لا شَريكَ لَهُ وَبِذٰلِكَ أُمِرتُ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُسلِمينَ (آيت : 163) |
ان جو ڪو شريڪ نه آهي ۽ ان (توحيد) جو ئي مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ آءُ فرمانبردارن مان پهريون فرمانبردار آهيان. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَبغى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَيءٍ وَلا تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ إِلّا عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 164) |
چؤ ته ڇا آءُ الله کانسواءِ (ٻيو ڪو) پاليندڙ ڳوليان ! هوڏانهن هو سڀ ڪنهن شيءِ جو پاليندڙ آهي. ۽ سڀ ڪو ماڻهو جيڪو به گناهه ڪري ٿو تنهن جو بار ان تي ئي آهي. ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه ٿو کڻي. وري پنهنجي پاليندڙ ڏي ئي اوهان جو موٽڻ آهي، پوءِ جنهن ڳالهه ۾ اوهين (پاڻ ۾ ) اختلاف پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ الأَرضِ وَرَفَعَ بَعضَكُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم إِنَّ رَبَّكَ سَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 165) |
۽ هو اهو آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو آهي ۽ اوهان مان هڪڙن جا درجا ٻين کان بلند ڪيا اٿس ته جيڪي (حڪم) اوهان کي ڏنا اٿس تن ۾ اوهان کي آزمائي. بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي طرفان جلد سزا ملڻ واري آهي. ۽ بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو (به) آهي. |