الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1) |
سڀ ڪامل ساراهه خاص الله جي لاءِ آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ اونداهيون ۽ روشني پڌري ڪئي، تنهن هوندي به (جي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان) منڪر ٿي ويا آهن، سي (اونده ۽ روشني جي وچ ۾ فرق ڪري نٿا سگهن ۽ ٻين هستين کي) خدا جي برابر ٿا سمجهن |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2) |
اهوئي (خالق) آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ اوهان جي لاءِ (هن دنيا جي زندگيءَ جو) هڪ مدو ٺهرايو (عملن ڪرڻ لاءِ) ۽ هڪ ٻيو مدو به سندس علم ۾ مقرر ڪيل آهي (يعني قيامت جو وقت جڏهن دنيا ۾ ڪيل عملن جي نتيجن جو فيصلو ٿيندو)، تڏهن به توهان (حقيقتن تي غور نٿا ڪيو ۽ ان ۾) شڪ ٿا آڻيو. |
وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3) |
اهوئي الله آهي آسمانن ۾ به ۽ زمين ۾ به، توهان جون سڀ ڪنهن قسم جون ڳالهيون لڪل توڙي ظاهر سڀ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. توهان جيڪي به (چڱا يا برا ڪم) ڪيو ٿا سي به بخوبي ڄاڻي ٿو. |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4) |
۽ (ڏسو) هنن جي پروردگار جي نشاني مان ڪا به نشاني ڪانهي جا هنن وٽ پهتي هجي ۽ هنن ان کان منهن نه موڙيو هجي. |
فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5) |
جيئن ته جڏهن سچائي وٽن آئي (يعني قرآن جي دعوت کين ملي) تڏهن هنن ان کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو. سو جنهن ڳالهه تي هو ٽوڪون ڪري کلي رهيا آهن، تنهن جي حقيقت هنن کي جلدئي معلوم ٿي ويندي. |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6) |
ڇا اهي ماڻهو نٿا ڏسن ته کانئن اڳي قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن، جن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو، اِهي اُهي قومون هيون جن کي اسان اهڙو طاقتور ڪري ملڪن ۾ مضبوط ڪيو هو جهڙو توهان کي ڪونه ڪيو اٿئون. اسان هنن لاءِ آسماني برسات اهڙيءَ طرح موڪلي هئي جو هڪٻئي پٺيان وسندي رهندي هئي ۽ سندن آبادين جي هيٺان نهرون وهائي ڇڏيون هيون، پر ته به اسان (پنهنجي قانون موجب) انهن گناهن سببان کين برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن جا دؤر آنداسين. |
وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اسان توتي هڪ ڪتاب ڪاغذ تي لکيل نازل ڪيون ها ۽ هي ماڻهو ان کي هٿ لائي ڏسن ها (ته سچ پچ ڪتاب آهي) ته به جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي، سي چون ها ته هي کلي کلائي جادوگريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8) |
هيئن به چيائون ته، (جيڪڏهن هي شخص پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهي ته) هن وٽ فرشتو ڇو نٿو اچي (جنهن کي اسان پنهنجي اکين سان ڏسون) پر جيڪڏهن اسان فرشتو موڪليون ها ته پوءِ سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ پوءِ هنن کي (ايمان آڻڻ يا نه آڻڻ لاءِ) مهلت ئي ڪانه ملي ها. |
وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن ڪنهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته ان کي به ته انسان جي صورت ۾ موڪليون ها. (ڇو ته فرشتا پنهنجي ملڪوتي حقيقت ۾ انسانن کي ڪيئن ڏسڻ ۾ ايندا) پوءِ جيئن هاڻي شڪ شبها آڻي رهيا آهن تيئن پوءِ به شڪن شبهن ۾ گرفتار ٿي وڃن ها (يعني هو چون ها ته هي ته ڏسڻ ۾ اسان جهڙوئي انسان آهي.) |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
۽ (اي پيغمبر!) سچ آهي ته توکان اڳين رسولن تي به ٽوڪون ڪيون ويون هيون، (جيئن توتي ٽوڪون ڪيون وڃن ٿيون) پوءِ جن ماڻهن ٽوڪون ڪيون هيون تن تي انهيءَ ڳالهه جي ٽوڪ اچي مٿئون پئي، جنهن ڳالهه جي ٽوڪ ڪندا هئا، (يعني هو هن ڳالهه تي ٽوڪون ڪندا هئا ته بدعملن جو نتيجو نيٺ بد آهي، سو نيٺ پنهنجي بدعملن جي سزا پاتائون.) |
قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، زمين تي گهمو ڦرو ۽ سير سفر ڪيو (اڳين قومن ۽ شهرن جا کنڊر ڏسو) ۽ معلوم ڪيو ته (پيغمبرن کي) ڪوڙو سمجهي رد ڪرڻ وارن جي پڇاڙي نيٺ ڪهڙي ٿي چڪي. |
قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12) |
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو ڪنهن جو آهي ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ چئو ته الله جي لاءِ آهي. هن پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو آهي ته رحمت ڪري. (خلقت ۾ ڏسو ته ظاهر ظهور سندس رحمت ڪم ڪري رهي آهي) هو يقيناً اوهان کي قيامت جي ڏينهن هڪ هنڌ گڏ ڪندو. ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي، پر جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري رهيا آهن، سي ايمان ڪونه آڻيندا. |
وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13) |
۽ (ڏسو) ته جيڪي به رات (جي اونداهيءَ) ۾ ۽ ڏينهن (جي روشنيءَ) ۾ رهندڙ آهي، سو سڀ سندس (يعني الله جي) لاءِ آهي، ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14) |
(اي پيغبر انهن ماڻهن کي) چئو ته ڇا، جو خدا آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي تنهن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي پنهنجو نگهبان ۽ ڪارساز بنايان؟ اهوئي سڀني کي روزي رسائي ٿو، پر ڪوبه ڪونهي جو کيس روزي ڏيندڙ هجي (کيس ته روزي يا طعام جي ضرورت به ڪانهي) تون چئو ته، مونکي ته هي حڪم ڏنو ويو آهي ته خدا جي اڳيان جهڪڻ وارن ۾ پهريون جهڪڻ وارو ٿي ۽ مونکي چيو ويو آهي ته ائين نه ڪر جو مشرڪن مان هڪڙو ٿي پوين. |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
(اي پيغمبر!) تون چئو ته مان ڪيئن خدا جي نافرماني ڪيان؟ مان ته انهيءَ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو جو تمام وڏو ڏينهن آهي. |
مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16) |
انهيءَ ڏينهن جنهن جي سر تان عذاب ٽري ويو تنهن تي خدا وڏو ئي رحم ڪيو ۽ (انسان جي لاءِ) وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اهائي آهي. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
۽ (اي انسان) جيڪڏهن خدا توتي مصيبت آڻي ته ان کي ٽارڻ وارو ڪوبه ڪونهي، سواءِ سندس ذات جي ۽ جيڪڏهن هو توتي ڀلائي ڪري ته (کيس روڪڻ وارو ڪوبه ڪونهي) هو سڀڪنهن ڳالهه تي قادر آهي. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18) |
۽ اهو ئي آهي جو پنهنجي سڀني بندن تي غالب آهي ۽ اهو ئي آهي جو حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي. |
قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19) |
(اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کان) پڇ ته، اها ڪهڙي شيء آهي جنهن جي شاهدي سڀني کان وڏي شاهدي آهي؟ تون چئي ڏي ته (الله جي شاهدي وڏي آهي.) الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي، مون تي هي قرآن انهيءَ لاءِ وحي طور نازل ڪيو ويو آهي ته ان جي وسيلي مان اوهان کي ۽ انهن کي جن وٽ اهو پهچي خبردار ڪيان. (هاڻي توهان کي ڇا چوڻو آهي؟) ڇا توهان شاهدي ڏيو ٿا ته خدا سان ٻيا ديوتائون به شريڪ آهن؟ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، مان ته اها شاهدي ڪونه ٿو ڏيان، ۽ چئو ته، فقط اهوئي اڪيلو معبود آهي (هن سان ڪوبه شريڪ ڪونهي ) ۽ جن کي توهان (خدا سان) شريڪ ڪيو ٿا تن کان مان بيزار آهيان. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
جن ماڻهن کي مون ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ اهي حقيقت کان بي خبر ناهن) سي سندس سچائي (يعني اسلام جي پيغمبر جي سچائي) اهڙيءَ طرح سڃاڻن ٿا جهڙيءَ طرح پنهنجي اولاد کي سڃاڻن ٿا (پر) جن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪيو آهي سي ڪڏهن به ايمان آڻڻ وارا ناهن. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21) |
۽ (ڏسو) جنهن الله تعاليٰ تي ڪوڙ ٺاهيو ۽ سندس آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو تنهن کان وڌيڪ ظلم ڪندڙ ڪير ٿي سگهي ٿو؟ يقين آهي ته ظلم ڪندڙ (يعني غلط راهه تي هلندڙ) ڪڏهن به ڪامياب ڪين ٿيندا. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22) |
۽ انهيءَ ڏينهن (جو اچڻ وارو آهي) اسان هنن سڀني کي اٿاري هڪ هنڌ گڏ ڪنداسين، پوءِ جن ماڻهن خدا سان ٻين کي شريڪ ڪيو هوندو تن کي اسان (يعني خدا) چونداسين، ته ٻڌايو ته ڪٿي آهن، توهان جا اهي (هٿراڌو ٺهرايل ديوتائون) شريڪ، جن بابت توهان اهو باطل عقيدو رکندا هئو؟ |
ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23) |
پوءِ انهيءَ وقت هو ڪابه ٻي شرارت نه ڪري سگهندا سواءِ هن جي جو چوندا ته قسم آهي الله جو جيڪو اسان جو پروردگار آهي ته اسان مشرڪ (شرڪ ڪندڙ) ڪونه هئاسين. |
انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
ڏس ته ڪيئن نه پنهنجو پاڻ تي ڪوڙ هڻڻ لڳا آهن ۽ جيڪي ٺاهه (هن دنيا ۾) ٺاهيا هئائون سي ڪيئن نه کانئن ڀڄي ويا آهن. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25) |
۽ (ڏسو) هنن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (ظاهري طرح، حق جي ڪلام) ٻڌڻ لاءِ تنهنجي طرف ڌيان ڏين ٿا، پر (حقيقت هيءَ آهي ته) اسان هنن جي دلين تي اهڙا پردا چاڙهي ڇڏيا آهن، جو ان ڳالهه کي سمجهي نٿا سگهن ۽ هنن جي ڪنن ۾ اهڙو روڳ پيل آهي جو ٻڌي به نه ٿا سگهن، (ضد ۽ تعصب ڪرڻ وارن جو حال اهوئي ٿيندو آهي تنهن ڪري) اگرچه هو (سچائي جي) هرهڪ نشاني ڏسن تڏهن به هو ان ۾ ايمان آڻڻ وارا ناهن، ايتري قدر (ضدي آهن) جو جڏهن هو تو وٽ اچن ٿا تڏهن توسان جهڳڙا ۽ بحث ڪن ٿا، پوءِ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي چوڻ لڳن ٿا ته هي ته اڳين ماڻهن جون (پراڻيون) آکاڻيون آهن (جي هميشه ٻڌندا آيا آهيون.) |
وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26) |
۽ اهي ماڻهو قرآن مجيد (جي ٻڌڻ) کان ٻين کي به روڪين ٿا ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا ۽ هو (ائين ڪرڻ سان ٻين جو نقصان ڪونه ٿا ڪن پر) پاڻ کي ئي ٿا تباه ڪن، پر ڇا (ڳالهه آهي) جو (نڀاڳن کي) اها خبر ئي نه ٿي پوي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27) |
۽ (اي انسان) توکي ڏاڍو جيڪر عجب لڳي جيڪڏهن تون کين ان وقت ڏسين جڏهن هو دوزخ جي باهه جي ڪناري تي کڙا ڪيا ويندا ۽ پوءِ چوندا ته هاءِ هاءِ! شال ائين ٿئي جو وري دنيا ۾ اسان کي موٽايو وڃي ۽ اسان پنهنجي پروردگار جي آيتن کي رد نه ڪيون ۽ انهن مان ٿيون جي ايمان وارا آهن. |
بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28) |
(اهو سچي دل جو ارمان نه هوندو) بلڪ (هن ڪري هوندو جو) جيڪي هو اڳي لڪائيندا هئا، (يعني دل جو روڳ) تنهن جو بدلو هنن تي ظاهر ٿي پيو (۽ ان کان بچڻ لاءِ پشيماني ظاهر ڪرڻ لڳا) جيڪڏهن هنن کي وري دنيا ۾ موٽائي آندو وڃي ته وري به انهيءَ (ڪفر ۽ بدعملن) ۾ پئجي ويندا، جنهن کان هنن کي روڪيو ويندو هو ۽ هن ۾ شڪ ئي ڪونهي ته هو (پشيماني ظاهر ڪرڻ ۾) ڪوڙا هوندا. |
وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29) |
۽ هو چون ٿا ته، زندگي اهائي آهي جا هن دنيا جي زندگي آهي ۽ اسان (مرڻ بعد) وري اٿڻ وارا ناهيون. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30) |
۽ (اي انسان) توکي ڏاڍو جيڪر عجب لڳي جيڪڏهن تون کين انهيءَ حالت ۾ ڏسين جڏهن هو (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي پروردگار جي سامهون کڙا ڪيا ويندا. ان وقت خدا کانئن پڇندو ته، هي (مرڻ کان پوءِ وري اٿڻ) پر حق ناهي؟ هو چوندا ته، قسم آهي اسان کي پنهنجي پروردگار جو ته بيشڪ (وري اٿڻ) برحق آهي، تنهن تي الله تعاليٰ فرمائيندو ته توهان جو (دنيا ۾ قيامت متعلق) انڪار ڪندا رهيؤ، تنهن ڪري هاڻي ان جي بدلي ۾ عذاب جو مزو چکي وٺو. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31) |
يقيناً اهي ماڻهو نقصان ۽ تباهيءَ ۾ پيا جن (مرڻ بعد) خدا وٽ پيش ٿيڻ کي ڪوڙ سمجهيو، تان جو جڏهن (موت جي) گهڙي اوچتو انهن تي اچي پوندي، تڏهن چوندا ته، افسوس! انهيءَ تي آهي جيڪو هن باري ۾ اسان جو قصور ٿيو، اهي انهيءَ وقت پنهنجي گناهن جو بار پٺين تي کڻي هلندا. سو ڏسو ته ڪهڙو نه بڇڙو بار آهي، جو هو (پنهنجي پٺين تي) وجهي رهيا آهن. |
وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32) |
۽ دنيا جي زندگي ته ڪجهه به ناهي، پر (هڪ طرح جو) کيل ۽ تماشو آهي (ڇو ته ان ۾ مهلت ٿوري آهي) جيڪي ماڻهو پرهيزگار ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن تن جي لاءِ آخرت جو گهر بهتر آهي. (افسوس) توهان (ايتري ڳالهه به) نٿا سمجهو. |
قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33) |
(اي پيغمبر) اسان کي معلوم آهي ته توکي هن ڳالهه جو ڏاڍو غم ۽ ڏک آهي جو هو (انڪار ۽ دشمني جون) ڳالهيون چئي رهيا آهن، حقيقت هيءَ آهي ته هو توکي ڪوڙو نه ٺهرائي رهيا آهن، پر اهي ظالم (ڄاڻي ٻجهي) الله جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرائي رهيا آهن. |
وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34) |
(هيءَ حقيقت آهي ته) توکان اڳي به رسولن کي ڪوڙو ٺهرايو ويو ۽ هنن کي جو ماڻهن ڪوڙو ٺهرايو ۽ ايذاءَ ۽ تڪليفون ڏنيون، تنهن تي هنن صبر ڪيو ۽ (پنهنجي ڪم ۾ ثابت قدم رهيا). تانجو اسان جي مدد کين پهچي وئي، ۽ (ياد رکو ته الله تعاليٰ جو هي قانون آهي ته) ڪوبه ڪونهي جو سندس (ٺهرايل) لفظن ۽ حڪمن کي بدلائڻ وارو هجي، ۽ توکي ته رسولن جي خبرن مان گهڻيون ئي ڳالهيون پهچي به چڪيون آهن. |
وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن هنن ماڻهن جو منهن موڙڻ (ايمان نه آڻڻ) توکي ڏکيو ٿو لڳي ته (جيڪي ڪري سگهين سو ڪر، هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا) جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته زمين جي اندر سرنگهه ڳولي لهه (۽ ان ۾ گهـڙي وڃ) يا آسمان ۾ ڏاڪڻ ڳولي لهه (۽ ان تي چڙهي وڃ) ۽ اهڙيءَ طرح هڪڙي نشاني آڻي هنن کي ڏيکار (ته به هو ڪونه مڃيندا). جيڪڏهن خدا چاهي ها ته سڀني کي حق جي دين تي جمع ڪري ها (پر خدا جو قانون اهو ناهي) تنهن ڪري تون انهن منجهان نه ٿيءُ جن کي (حقيقت جو علم ڪونهي ۽) جاهل آهن. |
إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36) |
تنهنجي سڏ جو جواب فقط اهي ڏيئي سگهندا جي (دل سان) ٻڌندا، پر جيڪي مئلن وانگر آهن (تن ۾ ٻڌڻ جي اميد نه رک) انهن کي ته الله تعاليٰ (قبرن مان) اٿاريندو ۽ اهي (نيٺ) الله تعاليٰ ڏانهن موٽايا ويندا. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37) |
۽ هو چون ٿا ته ڇو هن (رسولﷺ) تي سندس پروردگار وٽان ڪا نشاني (معجزو) نازل نه ٿيو آهي؟ (اي پيغمبر) تون کين چئو ته خدا کي بيشڪ اها قدرت آهي جو ڪا نشاني نازل ڪري، پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جو (اها حقيقت) نٿا ڄاڻن. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38) |
۽ زمين ۾ ڪوئي به چرندڙ جانور ۽ هوا ۾ پرن سان اڏامندڙ ڪوبه پکي اهڙو ڪونهي جو توهان وانگر جماعتون يا ٽوليون رکندڙ نه هجي، (يعني اهي به گڏجي رهن ٿا ۽ گڏجي گذران جو بندوبست ڪن ٿا) ڏسو اسان پنهنجي ڪتاب ۾ ڪابه شيء ڇڏي نه ڏني آهي ، (يعني هر مخلوق جي لاءِ جيڪي به هئڻ گهرجي سو سڀ اسان لکي ڇڏيو آهي، يعني ٺهرائي ڇڏيو آهي). پوءِ سڀني کي (آخر) پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ گڏ ڪيو ويندو. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39) |
۽ (ڏسو) جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو سي (گويا) ٻوڙا گونگا اونداهين ۾ گم آهن، خدا جنهن به انسان متعلق چاهي تنهن کي (ڪاميابي جي) واٽ کان پري ڪري ڇڏي ۽ جنهن لاءِ چاهي تنهن کي ڪاميابي جي سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏي. (الله تعاليٰ هن باري ۾ جو قانون ٺاهيو آهي ان کي ڪوبه بدلائي نٿو سگهي. اهو قانون هي آهي ته جيڪو پنهنجو عقل ۽ سمجهه نٿو هلائي ۽ تڪبر ۽ ضد کان حق جو ڪلمون ٻڌڻ کان انڪار ٿو ڪري سو ڪڏهن به سڌي واٽ تي نه ايندو.) |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40) |
(اي پيغمبر انهن ماڻهن کي) چئو ته، ڇا توهان هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان تي خدا جو عذاب اچي وڃي يا (موت جي) گهڙي مٿئون اچي بيهي، ته ان وقت به توهان خدا کان سواءِ ٻين کي (مدد لاءِ پڪاريندؤ؟ (جواب ڏيو) جيڪڏهن توهان سچا آهيو. |
بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41) |
نه نه! توهان انهيءَ ئي الله کي پڪاريندؤ ۽ جيڪڏهن هو چاهيندو ته توهان جي مصيبت لاهي ڇڏيندو ۽ ان وقت انهن کي وساري ڇڏيندؤ جن کي توهان (خدا سان) شريڪ ڪندا هئو. |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42) |
۽ (اي پيغمبر هي حقيقت آهي ته) بيشڪ جيڪي امتون توکان اڳي ٿي گذريون آهن ته ڏي اسان (پنهنجا رسول) موڪليا ۽ انهن کي (پنهنجي ٺهرايل قانون موجب) سختي ۽ تڪليف ڏني، انهيءَ لاءِ ته (بدعملي ڦٽي ڪن ۽ خدا جي درگاهه ۾) عاجزي نياز ۽ زاري ڪن. |
فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43) |
پوءِ (غور ڪيو ته) ائين ڇو نه ٿيو جو جڏهن اسان جي طرف کان هنن تي سختي آئي تڏهن توبهه زاري ڪن؟ هن ڪري جو هنن جون دليون سخت ٿي ويون هيون، ۽ جيڪي بدعمليون هو ڪندا هئا سي شيطان هنن جي نظر ۾ وڻندڙ ۽ سهڻيون ڪري ڏيڪاريندو هو. |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44) |
پوءِ جڏهن هيئن ٿيو جو جيڪا نصيحت هنن کي ڏني ويئي هئي تنهن کي وساري ڇڏيائون، تڏهن اسان (ظاهر ظهور) هنن لاءِ هر طرح (جي خوشحالين) جا دروازا کولي ڇڏيا. ايتري حد تائين جو اسان جي ڏنل نعمتن تي خوشيون ملهائڻ لڳا، تڏهن اوچتوئي اوچتو اسان هنن کي (سندن بدعملن سبب) پڪڙ ڪئي ۽ ڏسو هو نا اميدين ۾ رهجي ويا. |
فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45) |
پوءِ ڏسو ته جنهن قوم ظلم ڪيا تنهن جون اسان پاڙون ئي پٽي ڇڏيون، بيشڪ سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46) |
(اي پيغمبر انهن ماڻهن کي) چئو ته، اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان جا ڪن ۽ اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي (يعني عقل ۽ سمجهه تي) مهر لڳائي ڇڏي ته پوءِ سواءِ هن جي ٻيو ڪهڙو معبود آهي جو اوهان کي اهي موٽائي ڏئي سگهي؟ ڏسو ته ڪيئن اسان قسم قسم جي نمونن سان پنهنجون آيتون چٽيون ڪري ٻڌايون ٿا. تڏهن به اهي ماڻهو منهن ڦيرائي ڇڏين ٿا. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47) |
(کين) چئو ته، توهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن اوهان تي خدا جو عذاب اوچتو اچي ڪڙڪي يا (اطلاع بعد) ظاهر ٿي اچي ته پوءِ ظالم قوم کان سواءِ ٻي به ڪا قوم ٿي سگهي ٿي، ڇا جا تباهه ڪئي ويندي؟ (يعني فقط ظالم قوم کي تباهه ڪيو ويندو) |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48) |
اسان پنهنجي رسولن کي فقط هن لاءِ موڪليندا آهيون ته (ايمان ۽ عمل جي برڪتن جي) خوشخبري ٻڌائين ۽ (انڪار ۽ بدعملي جي بد نتيجن کان) خبردار ڪن. پوءِ جنهن به ايمان ۽ يقين آندو ۽ پاڻ کي سڌاريائين تنهن جي لاءِ نڪي ڪنهن طرح جو انديشو هوندو، نڪي ڪنهن طرح جو غم هوندو. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49) |
پر جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو تن کي سندن نافرماني ۽ بدعملن سببان عذاب وڪوڙي ويندو. |
قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50) |
(اي پيغمبر تون انهن ماڻهن کي) چئو ته، مان توهان کي ائين ڪونه ٿو چوان ته، غيب جو علم رکندڙ آهيان. مان هيئن به ڪونه ٿو توهان کي چوان ته مان (انسان ناهيان پر) فرشتو آهيان، منهنجي حيثيت ته فقط هيءَ آهي ته مان انهيءَ ئي ڳالهه تي عمل ڪيان ٿو جا خدا مون کي وحي جي وسيلي ٻڌائي آهي. (۽ انهيءَ ئي طرف اوهان کي به سڏيان ٿو پوءِ) انهن کان پڇ ته، ڇا اهو جو انڌو آهي (حقيقت ۽ وحي کي نٿو سڃاڻي) ۽ اهو جو ڏسندڙ آهي (جو وحي جي روشنيءَ کي ڏسي ٿو) اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان غور ۽ فڪر ئي نٿا ڪريو؟ |
وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51) |
(اي پيغمبر) تون (انهن منڪرن کي جيڪي مڃڻ وارا ناهن ڇڏي ڏي ۽) انهن ماڻهن کي خبردار ڪر جيڪي (آخرت جي زندگيءَ ۾ ايمان رکن ٿا ۽) ڊڄن ٿا ته سندن پروردگار جي حضور ۾ کين حاضر ڪيو ويندو (۽ ايمان ۽ عمل جي نه هئڻ جي حالت ۾ کين عذاب ڪيو ويندو) ۽ انهيءَ ڏينهن سواءِ الله جي هنن جو نه ڪوئي مددگار هوندو، نه سفارش ڪرڻ وارو. (اهڙن ئي ماڻهن کي واعظ نصيحت ڪر) عجب ناهي ته هو متقي (پرهيزگار ۽ نيڪ ڪردار) ٿي پون. |
وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52) |
۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي جي صبح شام خدا کي پڪارين ٿا ۽ کانئس دعا گهرن ٿا ۽ سندس راضپو چاهين ٿا تن کي پاڻ وٽان تڙي نه ڪڍ. انهن جي ڪمن جي جوابداري تنهنجي ذمي ناهي، نڪي تنهنجي جوابداري هنن جي ذمي آهي، جو (انهيءَ خيال کان) هنن کي تڙي ڪڍين. جيڪڏهن ائين ڪندين ته ظلم ڪندڙن منجهان ٿيندين. |
وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53) |
۽ (ڏسو) هن طرح اسان (ماڻهن کي مختلف حالتن ۾ رکي) ڪن ماڻهن کي ٻين ماڻهن متعلق آزمايون ٿا جو ڪي ماڻهو (شاهوڪار ۽ طاقت وارا غريبن کي ڏسي) چوڻ لڳا آهن ته ڇا هي (حقير) ماڻهو اهي آهن جن کي خدا پنهنجي انعامن ۽ نعمتن لاءِ اسان مان چونڊيو آهي؟ (اي تڪبر ڪندڙ شاهوڪارؤ!) ڇا خدا (توهان کان) بهتر ڄاڻندڙ ناهي؟ ته ڪهڙا ماڻهو (سندس نعمتن، خصوصاً هدايت جو) قدر ڪندڙ آهن. |
وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54) |
۽ (اي پيغمبر!) جڏهن اهي ماڻهو تو وٽ اچن جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آهي، تڏهن تون (مٿن مهربان ٿي ۽) چئو ته اوهان تي سلام هجي، توهان جي پروردگار پنهنجي مٿان رحمت لازم ڪري ڇڏي آهي. توهان منجهان جيڪڏهن ڪوئي اڻ ڄاڻائيءَ کان ڪا برائي ڪري وجهي ۽ پوءِ توبهه ڪري (يعني آئينده اها برائي نه ڪري) ۽ پاڻ کي سڌاري ته پوءِ (خدا جي رحمت کان نااميد نه ٿيو) بيشڪ هو غفور ۽ رحيم آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55) |
۽ (ڏسو) اسان اهڙيءَ طرح کولي کولي پنهنجون آيتون بيان ڪيون ٿا ۽ هن لاءِ (بيان ڪيون ٿا ته) گنهگار جي واٽ چٽي ظاهر ٿي پوي (۽ سچن جي راهه جهڙي ڏسڻ ۾ نه اچي). |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي پيغمبر حق جي منڪرن کي) چؤ ته، مون کي هن ڳالهه کان منع ڪيل آهي ته مان انهن (ديوتائن) جي بندگي ڪيان جن کي توهان خدا کي ڇڏي پڪاريو ٿا. (پڻ کين) چؤ ته مان ڪڏهن به اوهان جي نفساني خواهشن تي ڪونه هلندس. جيڪڏهن مان ائين ڪيان ته پوءِ ته گمراهه ٿي ويس ۽ انهن ۾ نه رهيس جي سڌي واٽ تي هلڻ وارا آهن. |
قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57) |
چئو ته، بلاشڪ مان پنهنجي پروردگار وٽان مليل روشني ۽ دليل تي آهيان، ۽ اوهان ان (حقيقت) کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي. (هاڻي فيصلو الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي. توهان چئو ٿا ته فيصلو هڪدم ڇو نٿو ٿئي سو) جنهن فيصلي لاءِ توهان تڪڙ لڳائي ڏني آهي، سو منهنجي اختيار ۾ ناهي. حڪم فقط الله جو آهي. اهوئي حق جون ڳالهيون بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي. |
قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58) |
تون چئي ڏي ته جنهن ڳالهه جي توهان تڪڙ مچائي ڏني آهي سا منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪڏهن جو ٿي وڃي ها. (پر الله تعاليٰ پنهنجي قانون مطابق سڀ ڪنهن ڳالهه لاءِ وقت ٺهرايو آهي) ۽ الله تعاليٰ ظلم ڪندڙن جي حالت چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (غافل ناهي پاڻهي جلد اوهان جو فيصلو ڪندو). |
وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59) |
هن وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن (يعني غيب جي خزانن جو مالڪ آهي) ان کي خود خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو ڄاڻي. جيڪي خشڪيءَ تي آهي ۽ جيڪي سمنڊن ۾ آهي تنهن سڀ جو علم رکندڙ آهي، وڻن مان ڪو پن به نٿو ڪري ۽ زمين جي اندر گهپ اونداهين ۾ ڪو داڻو به نه ٿو ڦٽي جنهن کي هو نٿو ڄاڻي. ڪوئي آلو تازو يا سڪل ميوو نٿو ڪري جو سندس ڪتاب ۾ چٽو لکيل ناهي. |
وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60) |
۽ (ڏسو) اهوئي خدا آهي جو رات جي وقت اوهان کي (ننڊ جو) موت ڏئي ٿو ۽ جيڪي جيڪي خيال اوهان ڏينهن جي وقت پچايا سي به چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. پوءِ (صبح جو) ڏينهن ٿيڻ تي اوهان کي اٿاري کڙو ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته (زندگيءَ جو) ٺهرايل مدو پورو ٿئي، پوءِ (نيٺ) توهان سڀ خدا طرف موٽايا ويندؤ، جيڪي جيڪي (عمل) توهان ڪيا آهن انهن جي حقيقت هو اوهان کي ٻڌائيندو. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61) |
۽ هو (الله تعاليٰ) پنهنجي بندن تي غالب آهي ۽ هو اوهان تي حفاظت ڪندڙ (قوتون) موڪلي ٿو. تانجو جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت اچي ٿو تڏهن سندس موڪليل (فرشتا) هن جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ هو (اسان جي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا ۽ ان ۾) ڪنهن به طرح جو قصور نٿا ڪن. |
ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62) |
پوءِ سڀ بندا خدا جي طرف موٽايا ويندا جو سندن حقيقي مالڪ آهي. ياد رکو ته حڪم سندس ئي آهي ۽ حساب وٺندڙن ۾ ڪوبه کانئس تڪڙو ڪونهي. |
قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63) |
(اي پيغمبر انهن ماڻهن کان) پڇ ته اهو ڪير آهي جو اوهان کي بيابانن ۽ سمنڊن جي اونداهين مان ڇوٽڪارو ڏئي ٿو ۽ جنهن جي درگاهه ۾ آهي ۽ زاري ڪيو ٿا ۽ دل جو دل ۾ مخفي طرح دعائون گهرو ٿا. (۽ چئو ٿا ته) جيڪڏهن خدا اسان کي هن مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏئي ته پوءِ اسان (ڪڏهن به خدا کي نه وسارينداسين) ضرور شڪر گذار بندا ٿي رهنداسين. |
قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64) |
(اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ئي آهي جو اوهان کي انهيءَ بلا کان ۽ هر طرح جي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، پر توهان تنهن هوندي به ساڻس (ٻين کي) شريڪ ڪيو ٿا. |
قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته، هن کي اها قدرت آهي جو اوهان تي مٿان (آسمان مان) ڪو عذاب پيدا ڪري يا هيئن ڪري جو توهان پارٽيون بنجي هڪٻئي سان وڙهي پئو ۽ هڪڙي پارٽي ٻئي پارٽيءَ جي ڏاڍائي ۽ ظلم جو مزو چکي. سو ڏسو ته اسان ڪهڙيءَ طرح قسمن قسمن جي طريقن سان پنهنجون آيتون بيان ٿا ڪيون ته من هو سمجهن. |
وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66) |
۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي قوم ان (قرآن مجيد) کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي، حالانڪ اهو بلڪل حق آهي. (پوءِ کين) چئو ته، (ڀلي رد ڪيو، نقصان توهان جو آهي) مان ڪو توهان تي نگهبان ڪونه آهيان. |
لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67) |
سڀ ڪنهن خبر جي واسطي هڪ ٺهرايل وقت آهي (۽ ان وقت ان جي حقيقت معلوم ٿي وڃي ٿي) توهان کي به جلد ئي معلوم ٿي ويندو. |
وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68) |
۽ جڏهن توهان اهڙن ماڻهن کي ڏسو جيڪي اسان جي آيتن بابت (شرارت ڪري) بيهودي بڪواس ڪن ٿا تڏهن توهان انهن کان پاسو ڪري هليا وڃو، جيستائين هو ڪنهن ٻيءَ ڳالهه تي غور ۽ خوض ڪرڻ لڳن (پوءِ ڀلي وٽن ويهو ۽ بحث ۾ شامل ٿيو) ۽ جيڪڏهن شيطان اوهان کان هيءَ (ڳالهه) وسارائي ڇڏي ته يادگيري اچڻ بعد اهڙي قوم (جي مجلس) ۾ نه ويهو جا ظلم ڪندڙ آهي. |
وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69) |
۽ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن تن تي اهڙن ماڻهن جي ڪمن جي ڪابه ذميواري ڪانهي، جيڪي انهن جي ذمي آهي سو هي آهي ته پاڻ نصيحت وٺن، انهيءَ لاءِ ته (براين کان) بچن. (يا انهن کي واعظ ۽ نصيحت ڪندا رهن ته من اهي پرهيزگار ٿين.) |
وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
۽ (اي پيغمبر!) جن ماڻهن پنهنجي دين کي کيل تماشو کڻي بنايو آهي ۽ دنيا جي زندگي کين ٺڳي ڇڏيو آهي، تن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي ۽ قرآن مجيد جي وسيلي واعظ نصيحت ڪندو رهه. ائين نه ٿئي جو ڪوئي انسان پنهنجي بدعملي سببان تباهيءَ ۾ ڇڏيو وڃي. (ڇو ته جيڪڏهن بدعملن سببان تباهيءَ ۾ پوندو ته) پوءِ الله کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو سندس مددگار ٿئي،يا سندس سفارش ڪري هن کي بچائي وٺي جيترو به عيوضو ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ ڏئي ته به ان کان نه ورتو ويندو، (ڇو ته فديو يا عيوضو بدعملي جي نتيجن کان بچائي نٿو سگهي) هي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجي بدعملين سببان تباهيءَ ۾ وڌا ويا آهن، هنن کي ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو ۽ ڪفر ڪرڻ جي سزا ۾ کين دردناڪ عذاب ملندو. |
قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71) |
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته ڇا اسان خدا کي ڇڏي انهن (ديوتائن يا بتن) کي پڪاريون جي (پاڻ بيوس آهن ۽) نڪي اسان کي فائدو پهچائي سگهن ٿا، نڪي نقصان؟ ۽ توڙي خدا اسان کي (حق پرستيءَ جي) سڌي واٽ ڏيکاري آهي تڏهن به (گمراهيءَ جي طرف) پٺئين پير ڦري هليا وڃون؟ ۽ اسان جو مثال انهيءَ ماڻهو جهڙو ٿي پوي جنهن کي شيطان بيابان ۾ واٽ ڀلائي ڇڏي هجي ۽ حيران پريشان ٿي (هيڏي هوڏي ڀٽڪي) رهيو هجي ۽ سندس سنگتي هن کي واٽ جي طرف سڏيندا رهن (۽ چوندا هجن ته ڪاڏي گم ٿي ويو آهين) هيڏي اسان ڏي اچ؟ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، فقط خدا جي ڏسيل واٽ ئي حق جي واٽ آهي ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀني جهانن جي پروردگار جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪايون. |
وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72) |
اسان کي هي پڻ حڪم ڏنو ويو آهي ته نماز قائم ڪيو ۽ (هر حال ۾) خدا (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو ۽ آخر انهيءَ ئي جي طرف توهان کي جمع ڪري موٽايو ويندو. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73) |
۽ اهوئي (خدا) آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي علم ۽ حقيقت سان پيدا ڪيو (يعني مصلحت ۽ حڪمت سان بنايو) ۽ (سندس قدرت ته ڏسو جو) جنهن ڏينهن هو چئي ڏيئي ته ٿي پؤ ته (سندس مرضي موجب) ائين ئي ٿي پوي ٿو. سندس قول حق آهي (يعني علم، حقيقت ۽ حڪمت وارو آهي) ۽ جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي (۽ قيامت جو اعلان ٿيندو) تنهن ڏينهن (ڪُليءَ طرح) سندس ئي بادشاهي هوندي (يعني انهيءَ ڏينهن انسان يا شيطان ڪجهه به ڪري نه سگهندو) هو ئي ڳجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻندڙ آهي ۽ هوئي حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74) |
۽ (ڏسو) حضرت ابراهيم پنهنجي پيءِ آزر کي چيو ته ڇا توهان (پٿر جي) بتن کي معبود ڪري ٿا مڃو؟ مان يقين سان سمجهان ٿو ته تون ۽ تنهنجي قوم کليل ۽ چٽي گمراهي ۾ مبتلا آهيو. |
وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن جي ۽ زمين جي بادشاهت جا جلوا ڏيکاري ڇڏيا، انهيءَ لاءِ ته هو يقين رکڻ وارن مان ٿي پوي. |
فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن هن تي رات جي اونداهي اچي ويئي تڏهن هن هڪڙو تارو (زهرو آسمان ۾ چمڪندو) ڏٺو. هن چيو ته، هي منهنجو پروردگار آهي، (جنهن جي بندگي سڀ ماڻهو ڪن ٿا) پر جڏهن اهو تارو لهي ويو تڏهن چيائين ته مان انهن شين کي پسند نٿو ڪريان جي گم ٿي ٿيون وڃن. |
فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77) |
پوءِ جڏهن چنڊ چمڪندو اڀريو تڏهن ابراهيم چيو ته هي منهنجي پروردگار آهي، پر جڏهن اهو به لهي ويو تڏهن چيائين ته جيڪڏهن منهنجي پروردگار مون کي واٽ نه ڏيکاري هجي ها ته مان ضرور انهيءَ قوم منجهان ٿيان ها جي سڌي واٽ ڀلجي پري نڪري ويا آهن. |
فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78) |
پوءِ جڏهن (حضرت ابراهيم) سج اڀرندو ڏٺو تڏهن چيائين ته هي منهنجو پروردگار آهي، هي سڀني کان وڏو آهي. پر جڏهن اهو به لهي ويو تڏهن چيائين ته اي منهنجي قوم! توهان جن کي خدا سان شريڪ ٺهرايو ٿا تن کان مان بيزار آهيان. |
إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79) |
مون هر طرف کان منهن موڙي فقط انهيءَ هستيءَ ڏي پنهنجي رخ ڪيو آهي جو (بنايل ناهي پر) آسمان ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي (۽ جنهن جي حڪم ۽ قانون تي آسمان ۽ زمين جي سڀ مخلوقات هلي رهي آهي) ۽ مان انهن مان نه آهيان جي ساڻس شريڪ ٿا ٺهرائين. |
وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80) |
۽ (پوءِ) حضرت ابراهيم سان سندس قوم بحث مباحثو ڪيو. حضرت ابراهيم فرمايو ته، ڇا توهان مون سان الله جي باري ۾ رد ڪد ٿا ڏيو. هن ته پاڻ مون کي حق جي واٽ ڏيکاري آهي. (توهان مون کي باطل ديوتائن جو ڊپ ٿا ڏياريو پر ياد رکو) ته جن کي توهان خدا جو شريڪ ٺهرايو آهي تن کان مان بلڪل ڪونه ٿو ڊڄان. مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو پروردگار جيستائين مون کي نقصان پهچائڻ نه چاهي تيستائين مون کي ڪوبه نقصان پهچائي نٿو سگهي. منهنجي پروردگار پنهنجي علم سان سڀني شين کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي. پوءِ ڇا (ايتري چٽائي هوندي به) نصيحت نٿا وٺو. |
وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81) |
۽ (ڏسو) مان انهن کان ڪيئن ڊڄندس جن کي توهان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي. جڏهن ته توهان هن ڳالهه کان نٿا ڊڄو جو خدا سان ٻين کي شريڪ ٿا ڪيو جنهن لاءِ توهان تي ڪابه سند يا دليل نازل نه ٿيو آهي. (ٻڌايو ته) اسان ٻنهي فريقن (جماعتن) مان ڪنهن جي واٽ امن امان واري واٽ آهي. (ٻڌايو) جيڪڏهن توهان کي ڪجهه به علم آهي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82) |
جن ماڻهن (خدا تي) ايمان آندو، ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم (شرڪ) سان بگاڙي نه ڇڏيو تن جي لاءِ ئي امن امان آهي ۽ اهي ئي صحيح راهه تي آهن. |
وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83) |
۽ (ڏسو) هيءَ اسان جي حجت (دليل) آهي جا اسان حضرت ابراهيم کي سندس قوم لاءِ ڏني هئي. اسان جنهن جو درجو ۽ مان بلند ڪرڻ چاهيون ٿا تنهن کي (علم ۽ دليل جي معرفت سان) بلند ڪري ڇڏيون ٿا ۽ يقيناً تنهنجو پروردگار حڪمت ڏيڻ وارو ۽ علم عطا ڪرڻ وارو آهي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84) |
۽ اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ (اسحاق جو پٽ) يعقوب ڏنا. اسان انهن سڀني کي سڌي واٽ ڏيکاري ۽ ابراهيم جي نسل مان دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسيٰ ۽ هارون کي به (اسان اهائي سڌي واٽ ڏيکاري) اسان اهڙيءَ طرح سان نيڪ عمل ڪندڙن کي (سندن نيڪ عملن جو) بدلو ڏيون ٿا. |
وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85) |
۽ زڪريا، يحيٰ، عيسيٰ ۽ الياس کي (به اسان سڌي واٽ ڏيکاري) جو اهي سڀ صالح انسانن منجهان هئا. |
وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86) |
۽ پڻ اسماعيل، اليَسَعَ، يونس ۽ لوط کي، جو اسان انهن سڀني کي دنيا وارن تي بهتري ۽ فضيلت ڏني. |
وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87) |
۽ سندن ابن ڏاڏن، سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به ڪيترن ئي کي (اسان انهيءَ ئي راهه تي هلايو) انهن سڀني کي اسان شرف لاءِ چونڊيو هو ۽ (فلاح ۽ سعادت جي) سڌي واٽ تي انهن کي لڳايو هو. |
ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88) |
اها الله جي هدايت آهي پنهنجي بندن مان جنهن کي چاهي تنهن کي ان جي وسيلي روشني ڏيکاري ٿو ڇڏي. جيڪڏهن هي ماڻهو (توحيد جي راهه ڦٽي ڪري) شرڪ ڪن ها ته سندن ساري ڪئي ڪمائي ضايع ٿي وڃي ها. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89) |
(اي پيغمبر!) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت عطا فرمائي، پوءِ جيڪڏهن هي (عرب جا مشرڪ) انهيءَ نعمت کان انڪار ٿا ڪن (ته ڀلي ڪن، سندن انڪار مان ڪجهه ڪين بگڙندو) اسان ان جي (پيروي ۽ حفاظت) اهڙي جماعت جي حوالي ڪئي آهي جا سچائيءَ کان انڪار ڪرڻ واري ناهي، (يعني مهاجر ۽ انصار). |
أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90) |
(اي پيغمبر!) هي اهي ماڻهو آهن جن کي خدا حق جي واٽ ڏيکاري ڇڏي، پوءِ تون به انهن جي راهه جي پيروي ڪر، تون چئي ڏي ته مان هن (رهنمائي) لاءِ ڪوئي بدلو ۽ فائدو ڪونه ٿو گهران. اها (رهنمائي) سواءِ هن جي ڪجهه ناهي ته سڄي دنيا جي لاءِ نصيحت آهي. |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91) |
۽ جڏهن انهن ماڻهن چيو ته خدا ڪنهن به انسان تي ڪجهه به نازل نه ڪيو آهي، تڏهن هنن خدا جي خدائيءَ جو اهو قدر نه ڪيو جو ڪرڻ گهرجي. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، ڀلا ڪنهن اهو ڪتاب نازل ڪيو جو حضرت موسيٰ کڻي آيو ۽ جو ڍڳ بنائي ماڻهن کي ڏيکاريندا آهيو ۽ (انهيءَ جي حڪمن مان) گهڻيون ئي ڳالهيون لڪائيندا آهيو ۽ پڻ (جنهن ڪتاب جي وسيلي) توهان کي اهي ڳالهيون سيکاريون ويون جي توهان اڳي نه ڄاڻندا هئو نه توهان جا ابا ڏاڏا، تون کين چئو ته الله (نازل ڪيو) ۽ پوءِ انهن کي سندن باطل خيالن ۾ ڇڏي ڏي ته ڀلي (پنهنجي اجاين ڳالهين ۾) کيل تماشو ڪندا رهن. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92) |
۽ (ڏسو) هي ڪتاب (قرآن) آهي، جنهن کي اسان (تورات وانگر) نازل ڪيو ۽ برڪت وارو آهي ۽ جيڪو (ڪتاب) اڳي (نازل ٿيو آهي) تنهن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ اهو (قرآن) هن لاءِ اسان نازل ڪيو ته تون مڪي جي ماڻهن کي ۽ انهن کي جي ان جي چوگرد آباد آهن، خبردار ڪرين، سو جيڪي ماڻهو آخرت ۾ يقين رکن ٿا سي ان تي ايمان به آڻين ٿا ۽ پنهنجون نمازون به قائم ڪن ٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93) |
۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جو خدا تي ڪوڙ هڻي هٿراڌو ڳالهه ٺاهي يا چوي ته مون تي وحي آيو آهي ۽ حقيقت ۾ هن تي ڪوبه وحي نه آيو آهي. ۽ پڻ انهيءَ کان (وڌيڪ ظالم ڪير آهي) جو (وحي جي مخالفت ڪري) چوي ته، مان به اهڙي ڳالهه نازل ڪري ڏيکاريندس جهڙي خدا نازل ڪئي آهي ۽ (اي پيغمبر!) تون جيڪر عجب کائين جيڪڏهن ظالمن کي انهيءَ حالت ۾ ڏِسين جڏهن هو موت جي سڪرات ۾ هوندا ۽ ملائڪ (هنن جو ساه ڪڍڻ لاءِ) هٿ ڊگها ڪندا (۽ چوندا ته) پنهنجا روح (پنهنجي جسم مان) ٻاهر ڪيو. اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جو جيڪي تهمتون توهان خدا تي ڌريندا هئو ۽ سندس آيتن کي تڪبر سببان رد ڪندا هئو، تنهن جي عيوض ۾ توهان کي خوار خراب ڪندڙ عذاب ڏنو وڃي. |
وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94) |
۽ (پوءِ خدا فرمائيندو ته) ڏسو آخر توهان مون وٽ اڪيلا اچي ويؤ، جهڙيءَ طرح توهان پهريائين اڪيلا پيدا ڪيا ويا هئو، ۽ جيڪي جيڪي (رزق) توهان کي (دنيا ۾) ڏنو هوم اهو سڀ پٺيان ڦٽي ڪري آيا آهيو. (اڄ) اسان توهان وٽ اهي هستيون نٿا ڏسون جن کي توهان شفاعت جو وسيلو سمجهيو هو ۽ جن متعلق اوهان جو خيال هو ته اوهان جي ڪمن ۾ هو خدا جا شريڪ آهن. اوهان جا سڀ لاڳاپا ٽٽي ويا ۽ جيڪي جيڪي خيال توهان رکندا هئو سي سڀ اوهان کان پري ڀڄي ويا. |
إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95) |
(ڏسو) هي الله ئي (جي ڪارسازي) آهي، جو هو (ٻج جي) داڻي ۽ کارڪ جي ککڙيءَ کي (جا زمين ۾ پوي ٿي) ڦوڙي وجهي ٿو (۽ هڪ خشڪ داڻي يا ککڙيءَ مان جيئرو ۽ ڦل ڏيندڙ وڻ پيدا ٿي پوي ٿو) هو زنده کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ اهوئي آهي جو مئل کي زنده مان ڪڍندڙ آهي. اهوئي (پروردگار ۽ حڪيم) خدا آهي پوءِ (افسوس اوهان جي عقل تي) توهان ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهيو. |
فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96) |
(رات جي پردي کي ڦاڙي چاڪ ڪري) صبح کي ظاهر ڪندڙ (اونداهيءَ کي روشنيءَ ۾ بدلائيندڙ، اهوئي پروردگار آهي) جنهن رات کي (اوهان جي لاءِ) آرام ۽ فرحت جو سامان بنايو، ۽ سج ۽ چنڊ (جي اڀرڻ لهڻ ۽ گردش مان وقت، ڏينهن، مهينا ۽ سالن جو) حساب جو معيار بنجي ويا. (ممڪن ناهي جو هڪ منٽ يا سيڪنڊ جي به گهٽتائي يا وڌائي ٿئي) هي انهيءَ ئي جو ٺهرايل اندازو آهي، جو سڀني تي غالب آهي ۽ سڀ علم رکندڙ آهي. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97) |
۽ هو اهوئي (پروردگار) آهي، جنهن اوهان جي لاءِ تارا بنايا ته بيابانن ۽ سمنڊ جي اونداهين ۾ انهن جي نشانين سان واٽ لهو، بيشڪ اسان انهن ماڻهن جي لاءِ جي علم رکندڙ آهن پنهنجي (ربوبيت ۽ رحمت جون) نشانيون کولي کولي بيان ڪيون آهن. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98) |
۽ (وري ڏسو) اهوئي (پروردگار) آهي، جنهن اوهان کي هڪ نفس (جان) مان پيدا ڪيو (۽ وڌايو) پوءِ توهان جي لاءِ قرار (يڪجا بيهڻ) جي جاءِ آهي (يعني ماءِ جو پيٽ) ۽ حوالي ڪرڻ جي جاءِ آهي (يعني مرڻ واري جاءِ) بيشڪ جي ماڻهو سمجهه رکن ٿا تن جي لاءِ اسان پنهنجون نشانيون کولي کولي بيان ڪيون آهن. |
وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99) |
۽ (ڏسو) اهوئي (پروردگار) آهي جو آسمان مان پاڻي وسائي ٿو ۽ پوءِ ان سان هر طرح جا گاهه ٻوٽا پيدا ڪري ٿو. پوءِ انهن ٻوٽن مان سايون سايون ٽاريون نڪري اچن ٿيون ۽ ٽارين مان داڻا ظاهر ٿين ٿا. هڪ داڻي سان ٻيو داڻو مليو پيو آهي ۽ (اهڙيءَ طرح) انگورن، زيتونن ۽ ڏاڙهن جا باغ پيدا ڪيائين، شڪل ۾ هڪجهڙا به ۽ هڪٻئي کان مختلف ۽ الڳ الڳ به. انهن جي ميون کي ڏسو ته جڏهن وڻ ميوو ڪري ٿو (تڏهن ڪيئن نه ٽارين مان ۽ ٻور مان عجب نمونن سان نڪري ٿو ۽ مقرر انتظار سان درجي بدرجي وڌي ٿو ۽ پچي ٿو) ۽ وري انهن جي پچڻ کي ڏسو (ته ڪيئن شڪل، رنگ، خوشبو ۽ ذائقي ۾ عجيب عجيب قسم جا اختلاف پيدا ٿين ٿا) بيشڪ جيڪي ماڻهو يقين رکندڙ آهن، انهن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ (ربوبيت جون) وڏيون نشانيون موجود آهن. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100) |
۽ (ڏسو ته تنهن هوندي به) هنن ماڻهن خدا سان جنن کي (طاقت ۽ تصرف ۾) شريڪ ٺهرايو آهي، اگرچه (هو مڃن ٿا ته سڄي مخلوقات وانگر) هنن کي به خدا تعاليٰ ئي پيدا ڪيو آهي ۽ هنن ماڻهن علم جي روشني نه هئڻ سببان خدا جي لاءِ پٽ ۽ ڌيئرون به ٺهرايون آهن. پاڪائي هجي خدا جي! سندس ذات ته انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي جي ڳالهيون سندس متعلق بيان ڪن ٿا. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101) |
هو (الله) آسمانن ۽ زمين جو ايجاد ڪندڙ آهي (يعني بنا ڪنهن اڳوڻي مثال جي ۽ بنا ڪنهن به شيء جي موجود هئڻ جي پنهنجي خالص علم۽ قدرت سان زمين ۽ آسمان پيدا ڪيائين) هي ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو هن کي ڪوئي پٽ هجي، جڏهن ته هن کي ڪا زال ئي ڪانهي. هن ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ هو هر شيء جو علم رکندڙ آهي. |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102) |
اهوئي الله اوهان جو پروردگار آهي، ڪوبه ٻيو معبود ڪونهي، پر هو پاڻ سڀني شين جو پيدا ڪندڙ آهي. تنهن ڪري فقط، انهيءَ جي بندگي ڪيو ۽ هر شيء سندس حوالي آهي. |
لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103) |
هن کي نگاهون نظرون نه ٿيون ڏسي يا لهي سگهن، پر هو سڀني نگاهن کي ڏسي رهيو آهي، هو تمام باريڪ شيون به ڏسي سگهي ٿو ۽ ڪامل طرح باخبر آهي. |
قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104) |
(ڏسو) توهان جي پروردگار وٽان توهان وٽ علم ۽ دليل جون روشنيون اچي ويون آهن، (جهل اڻ ڄاڻائي جو ڪوبه عذر هاڻي باقي نه رهيو) پوءِ جيڪو ڏسندو ۽ سمجهندو ته (ان جو فائدو) خود انهيءَ لاءِ ئي آهي، ۽ جيڪو (اکين هوندي) انڌو ٿي ويندو ته ان جو وبال انهيءَ جي سر تي پوندو. ۽ (اي پيغمبر تون چئي ڏي ته) مان توهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زور سان اوهان جون اکيون کوليان). |
وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105) |
۽ (ڏسو) اسان اهڙيءَ طرح قسمن قسمن جي طريقن سان آيتون بيان ڪيون ٿا (انهيءَ لاءِ ته حجت ۽ دليل پورو ٿئي) ۽ هن لاءِ ته توکي هو چئي ڏين ته تو (حق جي بيان ڪرڻ ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي سڀ ڪجهه) پڙهي ٻڌايو ۽ پڻ هن لاءِ جيڪي ماڻهو علم وارا آهن تن جي لاءِ (حق جا دليل) روشن ڪري ورتا. |
اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106) |
(اي پيغمبر!) تنهنجي پرودگار جي طرف کان جيڪو وحي توتي نازل ٿيو آهي، تنهن جي پيروي ڪر، ڇو ته کانئس سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (تنهن ڪري فقط سندس ئي حڪمن جي تعميل ڪر ۽ سندس حڪمن جي خلاف ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃ) ۽ مشرڪن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107) |
۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته (بيشڪ کيس هيءَ قدرت هئي ۽ آهي ته سڀني انسانن کي اهڙي طرح خلقي ها جو سڀ هڪ ئي راه تي هلڻ وارا هجن ها ۽) هي ماڻهو شرڪ نه ڪن ها (پر الله جي مرضي هيءَ هئي ته سڀ ڪو پنهنجي سمجهه هلائي ۽ پنهنجي سمجهه موجب عمل ڪري تنهن ڪري تنهنجو ڪم آهي فقط نصيحت ڏيڻ ۽ راهه ڏيکارڻ تون زور سان کين راهه تي هلائي نٿو سگهين) اسان نڪي توکي هنن تي نگهبان ڪري رکيو آهي. نڪي هنن جي ذميواري تنهنجي حوالي آهي (جو هنن جي نه مڃڻ ۽ عملن نه ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ذميوار سمجهين). |
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108) |
۽ (اي مسلمانو) جيڪي ماڻهو خدا کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا تن (جي ديوتائن) کي گاريون نه ڏيو جو وري هو به حد کان ٻاهر لنگهي بي سمجهيءَ کان خدا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳن. اسان اهڙيءَ طرح هر ڪنهن قوم لاءِ سندس عمل چڱا ۽ سهڻا بنايا آهن (يعني جيڪي ماڻهو غلط ۽ بد ڪم ڪن ٿا تن کي به پنهنجا ڪم صحيح ۽ سٺا ڏسڻ ۾ اچن ٿا) پوءِ آخر سڀني کي پنهنجي پروردگار ڏانهن موٽڻو آهي. ان وقت هو انهن سڀني کي سندن عملن جي حقيقت کولي ڏيکاريندو جيڪي عمل هو (دنيا ۾) ڪندا رهيا آهن. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109) |
۽ اهي (حق جا منڪر) خد جا سخت قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن ڪا نشاني (يا معجزو) کين ڏيکاريو وڃي ته پوءِ هو ضرور ان تي ايمان آڻيندا. (اي پيغمبر!) تون کين چئي ڏي ته نشانيون ته فقط الله وٽ آهن (ڪنهن به بندي جي اختيار ۾ ناهن) ۽ (اي مسلمانو) توهان کي (انهن ماڻهن جي حال جي) ڪهڙي خبر؟ جيڪڏهن کين نشانيون به ڏيکاريون وڃن ته به هو هرگز ايمان ڪين آڻيندا. |
وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110) |
اسان هنن جي دلين ۽ اکين کي اونڌو ۽ ابتو ڪري ٿا ڇڏيون (ڇو ته سمجهه نه هلائڻ وارن لاءِ اسان جو اهوئي قانون آهي) جو هنن اول کان ئي (هٺ ۽ دشمنيءَ سبب) قرآن (جي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ) کان انڪار ڪيو ۽ اسان هنن کي ڇڏي ٿا ڏيون ته ڀلي پنهنجي سرڪشين ۾ ڀٽڪندا رهن. |
وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111) |
۽ (يقين ڄاڻو ته) جيڪڏهن اسان هنن (ڪافرن) ڏي فرشتا موڪليون ۽ (قبرن مان) مردا (اٿي) ساڻن ڳالهائين ۽ جيتريون به شيون (دنيا ۾) آهن، اهي سڀ سندن اڳيان کڙيون ڪيون تڏهن به هو اهڙا ناهن جو ايمان آڻين، سواءِ هن جي جو خود خدا جو اهڙو حڪم يا مرضي هجي، پر هنن مان گهڻا جاهل آهن جي (اها حقيقت) نٿا ڄاڻن. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيٰطينَ الإِنسِ وَالجِنِّ يوحى بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ زُخرُفَ القَولِ غُرورًا وَلَو شاءَ رَبُّكَ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 112) |
۽ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح اسان هرهڪ نبيءَ جي لاءِ (جڏهن هن ماڻهن کي حق جي دعوت ڪئي) انسانن ۽ جنن مان جيڪي شيطان هئا تن کي (انهيءَ نبي جو) دشمن ڪيو. جي شيطان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي خالي ڏيکاء جون سهڻيون ڳالهيون سيکاريندا هئا، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي ٺڳي گمراه ڪن ۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته (ائين ڪري سگهي ها جو) هو دشمني نه ڪن ها (پر الله جي حڪمت جو فيصلو ئي اهو آهي ته هتي دنيا ۾ روشنيءَ سان گڏ اونداهي ۽ حق سان گڏ باطل به هجي) پوءِ (اي پيغمبر هنن جي مخالفت کان دل شڪستو نه ٿيءُ ۽) کين سندن ڪوڙن ٺاهڻ جي مشغولين ۾ ڇڏي ڏي. |
وَلِتَصغىٰ إِلَيهِ أَفـِٔدَةُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَلِيَرضَوهُ وَلِيَقتَرِفوا ما هُم مُقتَرِفونَ (آيت : 113) |
۽ (اهي دشمن اهڙيون ڳالهيون هن لاءِ سيکارين ٿا) ته جيڪي ماڻهو آخرت ۾ يقين نٿا رکن تن جون دليون (ٺڳيندڙ ڳالهيون ٻڌي) انهن جي طرف جهڪي پون ۽ انهن جون ڳالهيون پسند ڪن ۽ جهڙا بدعمل اهي (شيطان) پاڻ ڪن ٿا تهڙا هوبه ڪرڻ لڳن. |
أَفَغَيرَ اللَّهِ أَبتَغى حَكَمًا وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ إِلَيكُمُ الكِتٰبَ مُفَصَّلًا وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعلَمونَ أَنَّهُ مُنَزَّلٌ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 114) |
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان پڇ ته) ڇا (توهان هي ٿا چاهيو ته) مان (اوهان جي ۽ پنهنجي وچ ۾) فيصلو ڪرڻ لاءِ خدا کان سواءِ ٻيو جج ڳوليان؟ حالانڪ اهوئي آهي جنهن اوهان تي هي ڪتاب نازل ڪيو آهي. جو کولي کولي (ڳالهيون) ٻڌائڻ وارو آهي، ۽ (ڏسو) جن ماڻهن کي (توهان کان اڳي) اسان ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) سي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته قرآن اوهان جي پروردگار جي طرف کان سچائيءَ سان نازل ٿيو آهي. پوءِ انهن ماڻهن مان نه ٿيو جي (خدا جي فيصلي بابت) شڪ آڻيندڙ آهن. |
وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدقًا وَعَدلًا لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 115) |
۽ (ياد رکو ته) توهان جي پروردگار جو قول سچائي ۽ عدل سان پورو ٿيندو. سندس قول (يا قانون) کي بدلائڻ وارو ڪوبه ڪونهي. هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن تُطِع أَكثَرَ مَن فِى الأَرضِ يُضِلّوكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 116) |
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن جو چوڻ مڃين جي اڄ روءِ زمين تي سڀني کان گهڻا آهن ته اهي توکي خدا جي راهه کان ڀٽڪائي ڇڏيندا (ڇو ته اهي سڀ گمراه ٿيل آهن.) اهي فقط گمان جي پيروي ڪري رهيا آهن ۽ فقط شڪ ۽ گمان ۾ ڪوڙيون ڳالهيون ۽ خيال ٺاهي رهيا آهن. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 117) |
بيشڪ تنهنجو پررودگار ئي هي ڳالهه بهتر ڄاڻندڙ آهي، ته ڪير سندس راهه کان هٽي گمراه ٿي ويو آهي ۽ ڪير آهن جن حق جي واٽ لڌي آهي. |
فَكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كُنتُم بِـٔايٰتِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 118) |
پوءِ (گمراهن جي وهمن ۽ گمانن جي پيروي نه ڪيو ۽ جنهن (جانور) تي خدا جو نالو ورتو ويو آهي، سو بيشڪ کائو جيڪڏهن توهان خدا جي آيتن تي ايمان رکو ٿا. |
وَما لَكُم أَلّا تَأكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَقَد فَصَّلَ لَكُم ما حَرَّمَ عَلَيكُم إِلّا مَا اضطُرِرتُم إِلَيهِ وَإِنَّ كَثيرًا لَيُضِلّونَ بِأَهوائِهِم بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِالمُعتَدينَ (آيت : 119) |
۽ توهان کي ڪهڙي ڳالهه روڪي ٿي ته جنهن (جانور) تي خدا جو نالو ورتو ويو آهي، سو نه کائو (۽ مشرڪن جي وهمن جي اثر هيٺ اچو)؟ حالانڪ جيڪي اوهان لاءِ حرام ڪيو ويو آهي سو خدا کولي کولي بيان ڪري ڇڏيو آهي، پر مجبوريءَ جي حالت توهان کي ڪجهه (حرام) کائڻ تي مجبور ڪري ته پوءِ توهان تي گناه ڪونهي، ۽ گهڻا ئي ماڻهو اهڙا آهن جي علم کان سواءِ فقط پنهنجي نفساني خواهشن کان ماڻهن کي ڀلائين ٿا. (تون اي پيغمبر ڄاڻ ته) تنهنجو پروردگار انهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جي (حدن کان ٻاهر لنگهي) زيادتي ڪندڙ آهن. |
وَذَروا ظٰهِرَ الإِثمِ وَباطِنَهُ إِنَّ الَّذينَ يَكسِبونَ الإِثمَ سَيُجزَونَ بِما كانوا يَقتَرِفونَ (آيت : 120) |
۽ (ڏسو) ظاهري گناه هجي توڙي لڪل گناه هجي، هر حال ۾ گناه جون ڳالهيون ۽ عمل ترڪ ڪري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو گناه ڪمائين ٿا سي (ماڻهن کان کڻي ڪيترو به لڪائين پر) جيڪي به ڪن ٿا تنهن جو بدلو ضرور کين ملندو. |
وَلا تَأكُلوا مِمّا لَم يُذكَرِ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَإِنَّهُ لَفِسقٌ وَإِنَّ الشَّيٰطينَ لَيوحونَ إِلىٰ أَولِيائِهِم لِيُجٰدِلوكُم وَإِن أَطَعتُموهُم إِنَّكُم لَمُشرِكونَ (آيت : 121) |
۽ جنهن جانور تي خدا جو نالو نه ورتو ويو آهي، تنهن جو گوشت نه کائو. ان مان کائڻ بيشڪ نافرماني آهي. ۽ (ڏسو) شيطان ته پنهنجي ساٿين جي دلين ۾ وسوسا وجهندا رهن ٿا، انهيءَ لاءِ ته توهان سان ڪج بحثي ڪن (يعني ڏنگا ڦڏا دليل ڏين) جيڪڏهن توهان انهن جو چوڻ مڃيو ته پوءِ سمجهو ته توهان شرڪ ڪرڻ وارن سان ٿي پيؤ. |
أَوَمَن كانَ مَيتًا فَأَحيَينٰهُ وَجَعَلنا لَهُ نورًا يَمشى بِهِ فِى النّاسِ كَمَن مَثَلُهُ فِى الظُّلُمٰتِ لَيسَ بِخارِجٍ مِنها كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلكٰفِرينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 122) |
پوءِ ڇا اهو ماڻهو جو مئل هو ۽ اسان هن کي جيئرو ڪيو ۽ اسان هن جي لاءِ نور ٺهرايو جنهن جي روشنيءَ سان ماڻهن ۾ (بي ڊپائيءَ سان) گهمي ڦري، سو انهيءَ ماڻهو جهڙو ٿي سگهي ٿو، جو اونداهين ۾ غلطان آهي ۽ انهن مان ٻاهر نڪرڻ جي واهه ئي ڪانهيس؟ (هرگز هڪ جهڙو ٿي نٿو سگهي. سو ڏسو ته جهڙيءَ طرح هڪ شخص اونداهين ۾ غلطان هوندي پنهنجي حالت تي راضي رهي ٿو) تهڙيءَ طرح ڪافرن جي نظر ۾ اهي ئي ڳالهيون سهڻيون ۽ چڱيون لڳن ٿيون جيڪي هو ڪندا رهن ٿا (دلين تي مهر ۽ ڪنن تي پردو ائين ٿو چڙهي). |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا فى كُلِّ قَريَةٍ أَكٰبِرَ مُجرِميها لِيَمكُروا فيها وَما يَمكُرونَ إِلّا بِأَنفُسِهِم وَما يَشعُرونَ (آيت : 123) |
۽ (ڏسو جهڙيءَ طرح مڪي جا سردار حق جي دعوت جي مخالفت ڪن ٿا) تهڙيءَ طرح هرهڪ ڳوٺ ۾ ان ڳوٺ جي بدڪار ماڻهن جا سردار بنايا ويا آهن، انهيءَ لاءِ ته اتي اهي مڪر ۽ فريب جو ڄار پکيڙين. (يعني اسان جي ٺهرايل قانون مطابق سوسائٽي يعني گڏجي رهندڙ ماڻهن جي حالت ئي ائين آهي) ۽ حقيقت ۾ اهي سردار پاڻ سان ئي مڪر ۽ فريب ٿا ڪن پر کين اها خبر ڪانه ٿي پوي. |
وَإِذا جاءَتهُم ءايَةٌ قالوا لَن نُؤمِنَ حَتّىٰ نُؤتىٰ مِثلَ ما أوتِىَ رُسُلُ اللَّهِ اللَّهُ أَعلَمُ حَيثُ يَجعَلُ رِسالَتَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ أَجرَموا صَغارٌ عِندَ اللَّهِ وَعَذابٌ شَديدٌ بِما كانوا يَمكُرونَ (آيت : 124) |
۽ جڏهن هنن وٽ (سچائي جي) ڪا نشاني اچي ٿي تڏهن چون ٿا ته اسان هرگز تيستائين ايمان نه آڻينداسين جيستائين اسان کي اهڙي ئي ڳالهه (معجزو) نه ملي جهڙي الله جي رسولن کي ملي هئي. (حالانڪ) الله ئي بهتر ڄاڻندڙ آهي ته ڪٿي ۽ ڪهڙيءَ طرح پنهنجا پيغمبر موڪلي ۽ ڪهڙيءَ طرح اهي رسالت جا فرض ادا ڪن. جي ماڻهو (حقيقت کان منهن موڙڻ جو) گناه ڪن ٿا تن کي جلد خدا جي حضور ۾ خواري ۽ ڌڪار نصيب ٿيندي ۽ جيڪي مڪاريون هو ڪندا رهيا آهن تن جي عيوض ۾ کين سخت عذاب ملندو. |
فَمَن يُرِدِ اللَّهُ أَن يَهدِيَهُ يَشرَح صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ وَمَن يُرِد أَن يُضِلَّهُ يَجعَل صَدرَهُ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّما يَصَّعَّدُ فِى السَّماءِ كَذٰلِكَ يَجعَلُ اللَّهُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 125) |
پوءِ جنهن جي لاءِ خدا چاهي ٿو ته کيس (سعادت ۽ ڪامراني جي) راه تي لڳائي تنهن جو سينو اسلام جي لاءِ کولي ٿو ڇڏي. ۽ جنهن لاءِ (سچائيءَ جي) واٽ گم ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن جي سيني کي اهڙيءَ طرح تنگ ۽ بند ڪري ٿو ڇڏي جو ڄڻ ته اڀ ڪپري مٿاهينءَ ڏي چڙهي رهيو آهي (۽ دم گهٽجي رهيو اٿس) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي عذاب ڪري ٿو جي (خد جي سچائيءَ تي) ايمان نٿا رکن. |
وَهٰذا صِرٰطُ رَبِّكَ مُستَقيمًا قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
۽ هي (اسلام جي راهه) توهان جي پروردگار جي (ڏيکاريل) سڌي راهه آهي. بيشڪ اسان انهن ماڻهن جي لاءِ جي نصيحت تي ڌيان ڏيڻ وارا آهن (حق جي راهه جون) نشانيون کولي کولي بيان ڪري ڇڏيون آهن. |
لَهُم دارُ السَّلٰمِ عِندَ رَبِّهِم وَهُوَ وَلِيُّهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 127) |
انهن ئي ماڻهن جي لاءِ (جن خدا جي ڏيکاريل سڌي واٽ تي قدم کنيو) سندن پروردگار وٽ سلامتي ۽ عافيت جو گهر آهي، ۽ جيڪي (نيڪ) عمل هو ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا تن سببان هو (الله تعاليٰ) هنن جو مددگار ۽ رفيق آهي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا يٰمَعشَرَ الجِنِّ قَدِ استَكثَرتُم مِنَ الإِنسِ وَقالَ أَولِياؤُهُم مِنَ الإِنسِ رَبَّنَا استَمتَعَ بَعضُنا بِبَعضٍ وَبَلَغنا أَجَلَنَا الَّذى أَجَّلتَ لَنا قالَ النّارُ مَثوىٰكُم خٰلِدينَ فيها إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 128) |
۽ (ڏسو) جنهن ڏينهن خدا هنن سڀني کي (پاڻ وٽ) گڏ ڪندو (تڏهن فرمائيندو ته) اي جنن (يعني شيطانن) جي ٽولي توهان ته انسان مان وڏو تعداد (پنهنجي وسوسن وجهڻ سان پاڻ سان شامل ڪري ورتو، ۽ انسانن مان جيڪي ماڻهو سندن ساٿي ٿيا ۽ شامل ٿي رهيا سي (انهيءَ ڏينهن حقيقت ڏسي مجبور ٿي) چوندا ته اي پروردگار (دنيا ۾) اسان هڪ ٻئي کان (گمراهي ۽ شرارت جي ڪمن ۾) فائدو وٺندا رهياسين. (يعني گمراهه انسانن شيطانن جو هٿ ورتو ۽ شيطانن انسانن جو هٿ ورتو) ۽ (آخر) ميعاد (اجل) جي انهيءَ منزل تائين پهچي وياسين جا تو اسان جي لاءِ مقرر ڪئي هئي (هاڻي فيصلو تنهنجي هٿ ۾ آهي) خدا تعاليٰ فرمائيندو ته توهان جو ٽڪاڻو دوزخ جي باهه آهي، انهيءَ ۾ هميشه رهندؤ، سواءِ ان جي جيڪي الله تعاليٰ چاهي. بيشڪ تنهنجو پروردگار وڏي حڪمت رکندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُوَلّى بَعضَ الظّٰلِمينَ بَعضًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 129) |
۽ (ڏسو ته) اهڙيءَ طرح اسان ڪن ظالمن (گنهگارن) کي ٻين ظالمن تي غالب (۽ ظلم ڪندڙ) ڪيون ٿا ڇو ته هو (پنهنجي بدعملين سان) بدي ڪمائيندا رهيا آهن. |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا شَهِدنا عَلىٰ أَنفُسِنا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 130) |
(قيامت جي ڏينهن اسان پڇنداسين ته) اي جنن ۽ انسانن جي جماعت! (توهان جو پنهنجون گمراهيون اڄ قبول ڪري رهيا آهيو سو) ڇا توهان وٽ توهان ئي منجهان اسان جا پيغمبر ڪونه آيا هئا؟ هنن توهان کي اسان جون آيتون ڪونه ٻڌايون هيون؟ ۽ اڄ جو ڏينهن، جو توهان جي پيش آيو آهي، تنهن کان ڪونه ڊيڄاريو ۽ خبردار ڪيو هو؟ ”هو عرض ڪندا ته اي خدا اسان پنهنجي خلاف شاهدي ڏيون ٿا (ته برابر رسول آيا هئا ۽ اسان کي سڀ ڪجهه ٻڌايو هئائون پر اسان سندن چوڻ نه مڃيو. حقيقت هيءَ آهي ته) دنيا جي (ٿورن ڏينهن جي) زندگيءَ هنن کي فريب ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ هاڻي هو پاڻ پنهنجي خلاف شاهدي ڏيئي رهيا آهن ته بيشڪ اسان سچائيءَ کان انڪار ڪرڻ وارا هئاسين. |
ذٰلِكَ أَن لَم يَكُن رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها غٰفِلونَ (آيت : 131) |
(اي پيغمبر!) هيءُ (پيغمبرن جو ظهور ۽ حق جي دعوت جو اعلان) هن ڪري ٿيو جو تنهنجي پروردگار جو هي دستور ناهي ته هو بي انصافيءَ سان ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏي، جڏهن اتي جا رهندڙ (حق جي راهه کان) بي خبر هجن. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 132) |
۽ (الله جي قانون مطابق) سڀني جا درجا سندن ڪمن مطابق (الڳ الڳ) آهن (۽ انهن درجن موجب هنن کي نتيجا ملن ٿا) ۽ جيڪي جيڪي عمل انسان ڪن ٿا تن کان تنهنجو پروردگار غافل ناهي (ماڻهن جي سڀني عملن جي خبر کيس پوي ٿي ۽ انهن موجب جزا ۽ سزا ڏئي ٿو.) |
وَرَبُّكَ الغَنِىُّ ذُو الرَّحمَةِ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَستَخلِف مِن بَعدِكُم ما يَشاءُ كَما أَنشَأَكُم مِن ذُرِّيَّةِ قَومٍ ءاخَرينَ (آيت : 133) |
توهان جو پروردگار بي نياز (ڪنهن جو به محتاج نه آهي) ۽ رحمت وارو آهي. (سندس رحمت جي تقاضا آهي ته ظلم ۽ فساد قائم نه رهي) جيڪڏهن هو چاهي ته توهان (ظالمن ڪافرن) کي هٽائي ڇڏي ۽ اوهان جي پٺيان جنهن (جماعت) کي چاهي تنهن کي اوهان جو جانشين بنائي، جهڙيءَ طرح هن اوهان کي هڪ ٻيءَ قوم جي نسل مان اٿاري کڙو ڪيو آهي. |
إِنَّ ما توعَدونَ لَءاتٍ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 134) |
جنهن ڳالهه جو توهان کي واعدو ڪيو وڃي ٿو اها ڳالهه يقيناً اچڻ واري آهي ۽ توهان جي وس ۾ ناهي جو (خدا کي) مجبور ڪيو (۽ ان ڳالهه کي روڪي ڇڏيو). |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عامِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 135) |
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، اي منهنجي قوم! (جيڪڏهن توهان جهل ۽ انڪار کان باز نٿا اچو ته منهنجو ۽ اوهان جو فيصلو خدا جي هٿ ۾ آهي) توهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪندا رهو ۽ مان به (پنهنجي جاءِ تي) ڪم ڪندو رهان ٿو. جلدئي اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته آخرڪار ڪهن جي پڇاڙي چڱي آهي. يقيناً ظلم ڪرڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندا (هيءَ پيشنگوئي جلد ئي پوري ٿي هئي.) |
وَجَعَلوا لِلَّهِ مِمّا ذَرَأَ مِنَ الحَرثِ وَالأَنعٰمِ نَصيبًا فَقالوا هٰذا لِلَّهِ بِزَعمِهِم وَهٰذا لِشُرَكائِنا فَما كانَ لِشُرَكائِهِم فَلا يَصِلُ إِلَى اللَّهِ وَما كانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلىٰ شُرَكائِهِم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 136) |
۽ (ڏسو ته) جيڪي به خدا پوکن ۽ جانورن مان پيدا ڪيو آهي، تنهن مان هڪ حصو هي (مشرڪ) پنهنجي غلط خيال موجب خدا جي واسطي ٺهرائين ٿا ۽ چون ٿا ته، هيءُ حصو الله جي لاءِ آهي ۽ (هڪ حصو بتن جي لاءِ ٺهرائي چون ٿا ته) هي حصو انهن لاءِ آهي جن کي اسان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي، پوءِ جيڪي سندن ٺهرايل شريڪن جي لاءِ آهي، سو خدا جي طرف نٿو پهچي (يعني ان مان خدا جي لاءِ خرچ نٿا ڪري سگهن) پر جيڪو حصو خدا جي لاءِ آهي سو انهن جي (ٺهرايل) شريڪن جي طرف پهچي وڃي ٿو. (يعني خدا جي ٺهرايل حصي ۾ بتن جي لاءِ خرچ ٿئي ته ڪجهه به فڪر ڪونهي) اهو فيصلو جو اهي ماڻهو ڪن ٿا سو ڪهڙو نه برو آهي! |
وَكَذٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثيرٍ مِنَ المُشرِكينَ قَتلَ أَولٰدِهِم شُرَكاؤُهُم لِيُردوهُم وَلِيَلبِسوا عَلَيهِم دينَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 137) |
۽ (ڏسو ته) اهڙيءَ طرح گهڻا ئي مشرڪ آهن جن جي (ٺهرايل) شريڪن، هنن مشرڪن جي نظر ۾ اولاد جي قتل (جهڙو وحشي ڪم به) سهڻو ۽ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي. انهيءَ لاءِ ته کين (يعني مشرڪن کي) تباهيءَ ۾ وجهن ۽ سندن دين جي واٽ مونجهاري واري ڪري ڇڏين. (اي پيغمبر!) جيڪڏهن خدا چاهي ها ته هو اهي ڪم نه ڪن ها. (يعني هنن جي طاقت کسي وٺي ها، پر سندس حڪمت جو فيصلو اهوئي آهي ته هر طرح جون واٽون ۽ عمل هجن) تنهن ڪري تون کين ۽ سندن ڪوڙن ٺاهڻ کي سندن حال تي ڇڏي ڏي (هو تنهنجي چوڻ سان ايمان ڪونه آڻيندا). |
وَقالوا هٰذِهِ أَنعٰمٌ وَحَرثٌ حِجرٌ لا يَطعَمُها إِلّا مَن نَشاءُ بِزَعمِهِم وَأَنعٰمٌ حُرِّمَت ظُهورُها وَأَنعٰمٌ لا يَذكُرونَ اسمَ اللَّهِ عَلَيهَا افتِراءً عَلَيهِ سَيَجزيهِم بِما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 138) |
۽ هو چون ٿا ته هي جانور ۽ هي پوک منع ڪيل آهن. انهن ڪوبه کائي (ڪم آڻي) نٿو سگهي، سواءِ انهيءَ ماڻهو جي جنهن کي اسان پنهنجي خيال مطابق کارائڻ چاهيون. (يعني جن بتن جو نذر ڪري ڇڏيون تن جا مجاور کائي سگهن ٿا. ٻين لاءِ جائز ناهن) ۽ (اهڙيءَ طرح) ڪي جانور آهن جن جي پٺي (تي سوار ٿيڻ يا بار کڻڻ سندن خيال موجب) حرام آهي، ۽ ڪي جانور اهڙا آهن جن تي الله جو نالو نٿا وٺن، ڇو ته خدا تي ڪوڙ ٺاهي هنن اهو طريقو ڪڍيو آهي. سو جيڪي افترا پردازيون (ڪوڙ ٺاهڻ) هو ڪن ٿا تن لاءِ خدا کين جلد ئي سزا ڏيندو. |
وَقالوا ما فى بُطونِ هٰذِهِ الأَنعٰمِ خالِصَةٌ لِذُكورِنا وَمُحَرَّمٌ عَلىٰ أَزوٰجِنا وَإِن يَكُن مَيتَةً فَهُم فيهِ شُرَكاءُ سَيَجزيهِم وَصفَهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 139) |
۽ (مشرڪ) چون تا ته هنن ڍورن جي پيٽ مان جيڪو جيئرو ڦر ڄمندو سو اسان جي مردن لاءِ حلال آهي، پر اسان جي عورتن لاءِ حلال ناهي ۽ جيڪڏهن مئل هوندو ته پوءِ (ان جي کائڻ ۾ مرد ۽ عورتون) سڀ شريڪ آهن. (ڪهڙي نه بي وقوفيءَ جي ڳالهه آهي جا هو چون ٿا). اهو وقت ويجهو آهي جڏهن خدا کين سندن هنن (بي اصول) ورهاڱن جي سزا ڏيندو، بيشڪ الله تعاليٰ حڪمت وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ قَتَلوا أَولٰدَهُم سَفَهًا بِغَيرِ عِلمٍ وَحَرَّموا ما رَزَقَهُمُ اللَّهُ افتِراءً عَلَى اللَّهِ قَد ضَلّوا وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 140) |
يقيناً اهي ماڻهو تباه ۽ برباد ٿيا جن جهالت سببان پنهنجو اولاد (پنهنجي هٿن سان) قتل ڪيو، ۽ جيڪو رزق خدا هنن جي لاءِ پيدا ڪيو آهي تنهن کي خدا تي ڪوڙ ٺاهي حرام ٺهرايو، بيشڪ هو گمراه ٿي پيا ۽ سڌي واٽ تي هلڻ وارا نه هئا. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ جَنّٰتٍ مَعروشٰتٍ وَغَيرَ مَعروشٰتٍ وَالنَّخلَ وَالزَّرعَ مُختَلِفًا أُكُلُهُ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُتَشٰبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ كُلوا مِن ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَءاتوا حَقَّهُ يَومَ حَصادِهِ وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 141) |
۽ (ڏسو ته) اهو خدا ئي آهي جنهن (طرحين طرحين وڻن جا) باغ پيدا ڪيا، ڪي منهن تي چڙهايل (جيئن ڊاک جون وليون) ۽ ڪي بنا مَنَهنِ جي (جيئن عام وڻ آهن) ۽ پڻ کجيءَ جا وڻ ۽ پوکون پيدا ڪيائين جن جا ميوا جدا جدا قسمن جا ٿين ٿا، پڻ زيتون ۽ ڏاڙهن جا وڻ پيدا ڪيائين جن مان ڪي صورت شڪل ۾ هڪ جهڙا ته ڪي وري مخلتف، سو (خدا جا پيدا ڪيل) ميوا شوق سان کائو، جڏهن اهي وڻن ۾ پيدا ٿين ۽ پچن، ۽ اوهان کي گهرجي ته جڏهن فصل کڻو تڏهن هن جو (يعني خدا جو) حق به ڏيندا ڪريو، (يعني خدا جي راهه ۾ صدقو ۽ زڪوات ڪڍندا ڪريو) ۽ اسراف نه ڪيو، خدا انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي اسراف ڪندڙ آهن. |
وَمِنَ الأَنعٰمِ حَمولَةً وَفَرشًا كُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 142) |
۽ (ڏسو ته) انهيءَ ئي خدا (اوهان جي لاءِ) ڍورن مان ڪي بار کڻڻ لاءِ پيدا ڪيا، (جيئن گڏهه، خچر ۽ اٺ) ۽ ڪي زمين سان لڳل (يعني ننڍي قد وارا جي سواري ۽ بار کڻڻ جي ڪم نٿا اچي سگهن جهڙوڪ رڍون ۽ ٻڪريون) سو جيڪي جيڪي خدا توهان جي روزيءَ لاءِ پيدا ڪيو آهي سو (بي ڌڙڪ) کائو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو. بيشڪ هو اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي. |
ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ مِنَ الضَّأنِ اثنَينِ وَمِنَ المَعزِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ نَبِّـٔونى بِعِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 143) |
ڍورن مان (جن جو گوشت کائجي ٿو) اٺ قسم پيدا ڪيائين، رڍن مان ٻه قسم (يعني نر ۽ مادي) ۽ ٻڪرين مان به ٻه قسم (عيني نر ۽ مادي) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کان) پڇ ته (توهان جو پنهنجي وهم ۽ خيال منجهان حلال ۽ حرام جا قاعدا ٺاهيا آهن سو ٻڌايو ته) خدا انهن مان ڪهڙو جانور حرام ڪيو آهي؟ ٻنهي قسمن جي نرن کي يا مادين کي؟ يا وري انهيءَ ڦر کي (حرام ڪيو آهي) جنهن کي ٻنهي قسمن جي ماديءَ پنهنجي پيٽ ۾ سانڍيو آهي. جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته مون کي علم سان جواب ڏيو (يعني ان لاءِ ڪو اصل يا سند پيش ڪيو.) |
وَمِنَ الإِبِلِ اثنَينِ وَمِنَ البَقَرِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ وَصّىٰكُمُ اللَّهُ بِهٰذا فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا لِيُضِلَّ النّاسَ بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 144) |
۽ (ڏسو ته ساڳيءَ طرح) اٺ جا به ٻه قسم آهن ۽ ڳائي مال جا به ٻه قسم آهن، (يعني نر ۽ مادي) تون هنن کان پڇ ته ڇا انهن مان نر کي (خدا) حرام ڪري ڇڏيو آهي يا ماديءَ کي يا ان ڦر کي جو انهن ٻنهي جي مادين جي پيٽ ۾ آهي؟ پوءِ توهان (جو علم کان سواءِ خدا جي حلال ڪيل شين کي حرام ٺهرائي رهيا آهيو سو) ڇا توهان انهيءَ وقت خدا وٽ حاضر هيؤ، جڏهن هن اوهان کي هن باري ۾ حڪم ڏنو هو؟ پوءِ ٻڌايو ته انهيءَ ماڻهو کان وڌيڪ ظلم ڪندڙ ڪير آهي جو ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ خدا تي الزام تراشي ڪري (ڪوڙ ٺاهي ٻڌائي) ۽ وٽس (ان باري ۾) ڪو علم به نه هجي، بيشڪ خدا انهن ماڻهن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راه نٿو کولي جيڪي ظلم ڪندڙ آهن (۽ خدا تي ڪوڙ ٺاهيندڙ آهن.) |
قُل لا أَجِدُ فى ما أوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلىٰ طاعِمٍ يَطعَمُهُ إِلّا أَن يَكونَ مَيتَةً أَو دَمًا مَسفوحًا أَو لَحمَ خِنزيرٍ فَإِنَّهُ رِجسٌ أَو فِسقًا أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 145) |
(اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته جيڪو وحي مون ڏي موڪليو ويو آهي، تنهن ۾ مان ڪائي شيء حرام نٿو ڏسان جنهن جو کائڻ کائيندڙن لاءِ حرام هجي، سواءِ ان جي جو مردار (ڍونڍ) هجي يا وهندڙ رت هجي يا سوئر جو گوشت هجي، ڇو ته بيشڪ اهي شيون غليظ ۽ گنديون آهن. اها شيء به حرام آهي جا گناه ۽ نافرمانيءَ جو سبب بڻجي ٿي جو مٿس خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو وڃي ٿو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو (حلال شيء نه ملڻ سبب) مجبور هجي، نافرمانيءَ جي نيت نه هجيس ۽ ضرورت جي حد کان ٻاهر نه وڃي (۽ هو جان بچائڻ لاءِ انهن حرام شين مان ڪجهه کائي) ته پوءِ بيشڪ تنهنجو پروردگار بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا كُلَّ ذى ظُفُرٍ وَمِنَ البَقَرِ وَالغَنَمِ حَرَّمنا عَلَيهِم شُحومَهُما إِلّا ما حَمَلَت ظُهورُهُما أَوِ الحَوايا أَو مَا اختَلَطَ بِعَظمٍ ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِبَغيِهِم وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 146) |
۽ يهودين لاءِ اسان نَنهن (سُنبن) وارا جانور حرام ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڳئيون ۽ ٻڪريءَ جي چرٻي به حرام ڪئي هئي، پر اها چرٻي نه، جا انهن جي پٺيءَ تي لڳل هجي يا آنڊن ۾ يا هڏين سان مليل هجي. اها اسان هنن جي سرڪشيءَ جي سزا ڏني هئي. (اهي شيون درخود حرام نه هيون) ۽ بيشڪ اسان (بيان ڪرڻ ۾) سچا آهيون. |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقُل رَبُّكُم ذو رَحمَةٍ وٰسِعَةٍ وَلا يُرَدُّ بَأسُهُ عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 147) |
پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي ڪوڙو سمجهي تنهنجي ڳالهه نه مڃين، ته تون کين چئي ڏي ته اوهان جو پروردگار وڏي وسيع (ڪشادي) رحمت رکندڙ آهي (تنهن ڪري ئي مهلتون ڏئي ٿو) پر گناه ڪندڙن کان سندس عذاب هرگز ٽري ڪونه ويندو. |
سَيَقولُ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكنا وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم حَتّىٰ ذاقوا بَأسَنا قُل هَل عِندَكُم مِن عِلمٍ فَتُخرِجوهُ لَنا إِن تَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن أَنتُم إِلّا تَخرُصونَ (آيت : 148) |
جن ماڻهن شرڪ جي واٽ ورتي آهي سي چوندا ته جيڪڏهن الله چاهي ها ته اسان جا ابا ڏاڏا شرڪ نه ڪن ها، نڪي ڪنهن شيء کي (پنهنجي راءِ سان) حرام ٺهرائين ها. سو (ڏسو ته) اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن به (سچائيءَ کي) ٺڪرايو هو جي کانئن اڳي ٿي گذريا آهن، تان جو (آخر) کين اسان جي عذاب جو مزو چکڻو پيو. (اي پيغمبر!) تون چؤ ته، ڇا توهان وٽ (هن باري ۾) ڪا علم جي روشنائي آهي جا اسان جي اڳيان پيش ڪري سگهو؟ (جيڪڏهن آهي ته پيش ڪيو) حقيقت هيءَ آهي ته، توهان فقط وهمن ۽ اٽڪلن جي پيروي ڪري رهيا آهيو ۽ توهان (پنهنجي ڳالهين ۾) سواءِ هن جي ڪجهه ناهيو ته بنا سمجهڻ جي ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهڻ وارا آهيو. |
قُل فَلِلَّهِ الحُجَّةُ البٰلِغَةُ فَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 149) |
(اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته پڪو دليل جو (ماڻهن جي دلين کي) پهچندڙ هجي سو فقط الله جو آهي. جيڪڏهن هو چاهي ها ته سڀني کي (سچيءَ) راهه تي لڳائي ڇڏي ها (ڇو ته سندس قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي، پر هن ائين نه چاهيو ۽ اهوئي سندس حڪمت جو فيصلو آهي.) |
قُل هَلُمَّ شُهَداءَكُمُ الَّذينَ يَشهَدونَ أَنَّ اللَّهَ حَرَّمَ هٰذا فَإِن شَهِدوا فَلا تَشهَد مَعَهُم وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 150) |
(اي پيغمبر!) کين چؤ ته، (جيڪڏهن توهان پنهنجي گهڙيل قاعدن سان انهن جانورن کي حرام ٺهرايو ٿا ته) پنهنجي شاهدن کي (يعني حڪم ڏيڻ وارن کي) وٺي اچو ته انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏين ته خدا (سچ پچ) اها شيء حرام ڪري ڇڏي آهي. پوءِ جيڪڏهن سندن (ڪوڙا شاهد) اهڙي شاهدي به ڏين ته به تون انهن سان شامل ٿي اهڙي شاهدي نه ڏجانءِ (ڇو ته اها حقيقت جي بلڪل خلاف آهي) تون انهن ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي ۽ جي آخرت تي يقين نٿا رکن ۽ ٻين هستين کي پنهنجي پروردگار جي برابر ٺهرائين ٿا. |
قُل تَعالَوا أَتلُ ما حَرَّمَ رَبُّكُم عَلَيكُم أَلّا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم مِن إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُكُم وَإِيّاهُم وَلا تَقرَبُوا الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 151) |
(اي پيغمبر!) انهن کي چؤ ته، اچو ته مان اوهان کي (الله جو ڪلام) پڙهي ٻڌايان، ته توهان جي پروردگار توهان جي لاءِ ڇا ڇا حرام ڪري ڇڏيو آهي. خدا سان ڪنهن به شيء کي شريڪ نه ٺهرايو. پنهنجي ماءُ پيءُ سان چڱي هلت وٺو ۽ چڱايون ڪيو. پنهنجي اولاد کي سڃائي جي خوف کان قتل نه ڪيو، اسان ئي توهان کي روزي ڏيون ٿا ۽ انهن (يعني اوهان جي اولاد) کي به روزي اسان ڏينداسين ۽ بي شرمي جي ڳالهين ۽ ڪمن کي رڳو ويجهي به نه وڃو. اهي (بي شرميءَ جا ڪم ۽ ڳالهيون) کليل هجن توڙي لڪل هجن (ڪنهن به حالت ۾ انهن جي ويجهو نه وڃو) ۽ ڪنهن به جان (انسان) کي قتل نه ڪيو، جنهنجي (قتل) کي خدا تعاليٰ حرام ٺهرايو هجي، سواءِ هن جي جو ڪنهن حق جي بنا تي هن کي قتل ڪرڻو پوي (مثلاً قصاص ۾ يا جج جي فيصلي موجب) اهي آهن اهي ڳالهيون جن جي خدا توهان کي وصيت ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺو. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ بِالقِسطِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَإِذا قُلتُم فَاعدِلوا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَبِعَهدِ اللَّهِ أَوفوا ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 152) |
۽ (اهڙيءَ طرح) يتيمن جي مال ملڪيت کي به ويجهو نه وڃو. (يعني ان تي قبضو ڪرڻ يا ان مان ڪجهه هضم ڪرڻ جو ارادو به نه ڪيو) سواءِ هن جي جو چڱي طريقي (۽ نيت) سان (ان جو انتظام رکو) (يعني يتيمن جي فائدي ۽ سنڀال لاءِ سندن مال ملڪيت جي نگهباني ڪرڻ چاهيو) سو به تيستائين جيستائين اهي يتيم پنهنجي (سمجهه ۽ طاقت جي) عمر کي پهچي وڃن، ۽ (هي ڳالهه به ياد رکو ته) انصاف ۽ ايمانداريءَ سان تور ۽ ماپ پوري ڪريو. اسان ڪنهن به جان (انسان) تي سندس طاقت کان ٻاهر بار نٿا رکون (پنهنجي طاقت آهر انصاف ۽ ايمانداريءَ جي ڪوشش ڪريو) ۽ جڏهن ڪابه ڳالهه چؤ ته حق ۽ انصاف جي چئو، اگرچه معاملو پنهنجي مائٽن سان تعلق رکندڙ هجي )۽ فيصلو سندس خلاف وڃي) ۽ الله سان جيڪو عهد اقرار ڪيو اٿو سو پورو ڪيو ۽ چڱيءَ طرح پاڙيو. اهي ڳالهيون آهن جن جو خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ ته من نصيحت وٺو (۽ صالح عمل ڪيو). |
وَأَنَّ هٰذا صِرٰطى مُستَقيمًا فَاتَّبِعوهُ وَلا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُم عَن سَبيلِهِ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 153) |
۽ (الله تعاليٰ ٻڏايو ته خدا پرستي ۽ نيڪ عمليءَ جي) اهائي واٽ منهنجي (ٺهرايل) سڌي واٽ آهي، سو انهيءَ ئي (واٽ) تي هلو. (ٻين) واٽن تي نه هلو، متان اهي واٽون اوهان کي خدا جي سڌيءَ واٽ کان جدا ڪري ڇڙوڇڙ ۽ گمراه ڪري ڇڏين. اها ڳالهه آهي جهن جو خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان پرهيزگار ٿي پئو. |
ثُمَّ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ تَمامًا عَلَى الَّذى أَحسَنَ وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم بِلِقاءِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 154) |
وري (ڏسو ته) اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، انهيءَ لاءِ ته جيڪو نيڪ عمل ڪندڙ ٿئي تنهن تي پنهنجي نعمت پوري ڪيون، ۽ هرهڪ ڳالهه کي کولي کولي بيان ڪيون ۽ ماڻهن جي لاءِ (اهو ڪتاب) هدايت ۽ رحمت ٿئي ته من پنهنجي پروردگار جي ملاقات (يعني قيامت جي ڏينهن خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ) تي ايمان آڻين. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعوهُ وَاتَّقوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 155) |
۽ (اهڙيءَ طرح) هي ڪتاب (قرآن مجيد) آهي، جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي جو برڪت وارو آهي (يعني جيڪي ان جي پيروي ڪندا تن لاءِ برڪت واري راهه کولي ڇڏيندڙ آهي). پوءِ توهان کي گهرجي ته ان (قرآن مجيد) جي پيروي ڪيو ۽ پرهيزگاريءَ جو ڍنگ اختيار ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي. |
أَن تَقولوا إِنَّما أُنزِلَ الكِتٰبُ عَلىٰ طائِفَتَينِ مِن قَبلِنا وَإِن كُنّا عَن دِراسَتِهِم لَغٰفِلينَ (آيت : 156) |
(اي اهل عرب! اسان هي قرآن مجيد هن لاءِ نازل ڪيو ته) توهان ائين نه چئي سگهو ته خدا فقط ٻن جماعتن (يهودين ۽ عيسائين) تي ڪتاب نازل ڪيو جي اسان کان اڳي ٿي گذريا ۽ اسان کي هنن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي خبر ڪانه هئي. |
أَو تَقولوا لَو أَنّا أُنزِلَ عَلَينَا الكِتٰبُ لَكُنّا أَهدىٰ مِنهُم فَقَد جاءَكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَصَدَفَ عَنها سَنَجزِى الَّذينَ يَصدِفونَ عَن ءايٰتِنا سوءَ العَذابِ بِما كانوا يَصدِفونَ (آيت : 157) |
يا چئو ته، جيڪڏهن اسان تي ڪتاب نازل ٿئي ها ته اسان انهن جماعتن کان (جن تي ڪتاب نازل ٿيو) زياده هدايت وارا ٿيون ها، سو (ڏسو) تحقيق توهان ڏي به توهان جي پروردگار وٽان هڪ چٽو دليل ۽ رحمت اچي وئي آهي، پوءٌ (ٻڌايو ته) انهيءَ کان وڌيڪ ظالم انسان ڪري آهي جو خدا جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرائي ۽ انهن کان منهن موڙي. (ياد رکو ته) جي ماڻهو اسان جي نشانين کان منهن موڙين ٿا تن کي اسان ان جي بدلي ۾ جلد سخت عذاب ڏينداسين. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ رَبُّكَ أَو يَأتِىَ بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ يَومَ يَأتى بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ لا يَنفَعُ نَفسًا إيمٰنُها لَم تَكُن ءامَنَت مِن قَبلُ أَو كَسَبَت فى إيمٰنِها خَيرًا قُلِ انتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 158) |
پوءِ اهي ماڻهو (جيڪي سچائي جي نشانين ڏسڻ بعد به سرڪشيءَ کان باز نٿا اچن) ڪهڙيءَ ڳالهه جي انتظار ۾ ترسيا ويٺا آهن؟ هن ڳالهه جي انتظار ۾ ته (آسمان مان) فرشتا هنن وٽ هلي اچن يا خود تنهنجو پروردگار انهن جي سامهون اچي بيهي يا وري تنهنجي پروردگار جون ڪي نشانيون (معجزا) ظهور ۾ اچن (يا قيامت جا آثار ظاهر ٿين؟) پوءِ (جيڪڏهن اهي ماڻهن انهيءَ ڳالهه جي واٽ تڪي رهيا آهن ته کين معلوم ڪرڻ گهرجي يه) جنهن ڏينهن تنهنجي پروردگار جون ڪي نشانيون ظهور ۾ اينديون تنهن ڏينهن ڪنهن به انسان کي جنهن اڳ ئي ايمان نه آندو هوندو يا پنهنجي ايمان (جي حالت) ۾ نيڪي نه ڪمائي هوندي تنهن جو (پوءِ) ايمان آڻڻ کيس فائديمند ڪونه ٿيندو. (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته (جيڪڏهن توهان کي انتظار ئي ڪرڻو آهي ته ڀلي) انتظار ڪندا رهو. اسان به (حق ۽ باطل جي فيصلي جو) انتظار ٿا ڪيون. |
إِنَّ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا لَستَ مِنهُم فى شَيءٍ إِنَّما أَمرُهُم إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 159) |
(اي پيغمبر!) جن ماڻهن پنهنجي دين ۾ تفرقو وڌو (يعني اختلاف ڪري جدا جدا فرقا ۽ مذهب بنايا) ۽ جدا جدا ٽوليون ٺاهيائين تن سان تنهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي، (تنهنجي راهه حقيقي دين جي راهه آهي جا سڀني کي ڳنڍڻ ۽ هڪ ڪرڻ واري آهي تنهنجي واٽ اها ناهي جا ماڻهن جي ٺاهيل ٽولين بنائڻ واري آهي) انهن جو معاملو الله جي حوالي آهي، پوءِ اهوئي ٻڌائيندو ته جيڪي هو ڪندا رهيا آهن، تنهن جي حقيقت ڇا هئي؟ |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ عَشرُ أَمثالِها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 160) |
(ياد رکو ته) جيڪو به (الله جي حضور ۾) نيڪي (صالح عمل) آڻيندو تنهن کي سندس نيڪ عملن کان ڏهوڻو ثواب ملند، ۽ جيڪو برائي آڻيندو سو ان برائيءَ جي بدلي ۾ اوتري ئي سزا کائيندو جيتري برائي ڪئي هوندائين (يعني نيڪيءَ جي اجر ۾ واڌارو ڪيو وڃي ٿو پر برائي جي سزا ۾ واڌارو ڪونهي) ۽ ائين ڪونه ٿيندو جو (عملن جي بدلي ۾) ماڻهن سان ڪجهه به بي انصافي ڪئي وڃي. |
قُل إِنَّنى هَدىٰنى رَبّى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ دينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 161) |
(اي پيغمبر!) چئي ڏي ته، منهنجي پروردگار مون کي سڌو رستو ڏيکاريو آهي. اهوئي درست ۽ صحيح دين آهي. (اهو آهي) حضرت ابراهيم جو طريقو ته فقط خدا جي لاءِ ٿي وڃو (ٻيو ڪوبه مقصد يا مطلب نه رکو) ۽ حضرت ابراهيم مشرڪين مان هرگز نه هو. |
قُل إِنَّ صَلاتى وَنُسُكى وَمَحياىَ وَمَماتى لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 162) |
چؤ ته، منهنجي نماز، منهنجو حج (قرباني) منهنجو جيئڻ ۽ منهنجي مرڻ سڀ ڪجهه فقط الله جي لاءِ آهي، جو سڄي جهان جو پروردگار آهي. |
لا شَريكَ لَهُ وَبِذٰلِكَ أُمِرتُ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُسلِمينَ (آيت : 163) |
هن جو ڪوئي شريڪ ڪونهي، مون کي انهيءَ ئي ڳالهه جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مان مسلمانن ۾ (يعني خدا جي فرمانبردارن ۾) پهريون فرمانبردار آهيان. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَبغى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَيءٍ وَلا تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ إِلّا عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 164) |
تون (هنن ماڻهن کان) پڇ ته ڇا (توهان هي چاهيو ٿا ته) مان خدا کان سواءِ ڪو ٻيو پروردگار ڳوليان؟ حالانڪ فقط اهوئي هر شيء جي پرورش ڪندڙ آهي؟ ۽ (ڏسو) هرهڪ ماڻهو پنهنجي عملن سان جيڪي ڪمائي ٿو سو انهيءَ جي ذمي ٿئي ٿو، (چڱا عمل مندو ته پاڻ کي ئي فائدو پوندس ۽ بدعمل ڪندو ته پاڻ کي ئي نقصان رسندس) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نٿو کڻي، پوءِ (آخر) اوهان سڀني کي پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي ۽ (جڏهن وٽس حاضر ٿيندو تڏهن هو) ٻڌائيندو ته جن ڳالهين ۾ اوهان اختلاف ڪندا هئو تن جي حقيقت ڇا هئي. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ الأَرضِ وَرَفَعَ بَعضَكُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم إِنَّ رَبَّكَ سَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 165) |
۽ اهوئي (خدا) آهي جنهن اوهان کي (هڪ ٻئي جو) زمين ۾ جانشين بنايو ۽ توهان مان ڪن کي ڪن مٿان (عملن جي لحاظ کان) مرتبا ڏنا، انهيءَ لاءِ ته جيڪو (اختيار) اوهان کي ڏنو ويو آهي تنهن ۾ توهان کي آزمائي (۽ طلب ۽ ڪوشش جو موقعو ڏئي. اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پروردگار جلد (بدعملين جي) سزا ڏيڻ وارو آهي، ۽ بيشڪ هو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي. |