الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1) |
سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمينن کي پيدا فرمايو ۽ تخليق ڪيائين اُوندَاهِيُنِ ۽ روشنين کي، انهي کان پوءِ جيڪي ماڻهو ڪفر ڪن ٿا سي پنهنجي رب سان بُتن کي شريڪ ڪن ٿا |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2) |
اهو الله جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا فرمايو پوءِ هڪ مُدت کي (توهان لاءِ) مقرر ڪيائين ۽ الله وٽ وقت (توهان جو) مقرر ٿيل آهي انهيءَ کان پوءِ توهان شڪ ڪريو ٿا |
وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3) |
۽ اهو الله آهي آسمانن ۽ زمينن ۾ ڄاڻي ٿو ڳُجھه توهان جي کي ۽ ظاهر توهان جي کي ۽ ڄاڻي ٿو عملن توهان جن کي |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4) |
۽ نٿي اچي انهن وٽ ڪا آيت سندن رب جي طرفان مگر انهيءَ کان اهي مُنهن موڙيندڙ هئا |
فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5) |
پوءِ بيشڪ انڪار ڪيائون قرآن ڪريم جو جڏهن رسولِ عربي انهن وٽ آندو، پوءِ جلدي ايندي انهن وٽ خبر انهيءَ جي جنهن سان مذاق ڪندا هئا |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6) |
ڇا نه ڏٺائون ڪيتريون هلاڪ ڪيون اسان انهن کان اڳ ۾ اُمتون جن کي اسان ٽِڪايو زمين ۾ نعمتن سان جن نعمتن سان اسان توهان کي نه ٽڪايو ۽ اسان مسلسل بارشون انهن تي وسايون ۽ اسان نهرن کي پيدا فرمايو جيڪي وهيون ٿي انهن جي هيٺان پوءِ سندن گناهن سببان اسان انهن کي هلاڪ ڪيو ۽ انهن کان پوءِ اسان پيدا ڪيا ٻيا ماڻهو |
وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ جيڪڏهن اسان رسولِ عربي تي لکت نازل ڪريون ها پني تي پوءِ انهيءَ کي اهي هٿ لائن ها، ته به چون ها جن ماڻهن ڪفر ڪيو ٿي، ناهي هي (قرآن) مگر صاف جادو |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8) |
۽ چيائون ڇو نه رسولِ عربي تي ملائڪ نازل ڪيو ويو (جيڪو سندن تصديق ڪري ها) ۽ جيڪڏهن اسان ملائڪ موڪليون ها ته فيصلو ٿي وڃي ها انهي کان پوءِ مهلت نه ڏني وڃي ها |
وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته اُهو ضرور انساني شڪل ۾ موڪليون ها ۽ ضرور رسول بابت اهي شڪ ۾ پون ها جيئنڪ هينئر اهي شڪ ۾ آهن |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
۽ تحقيق توهان کان اڳين رسولن سان مذاق ڪئي وئي پوءِ (عذاب ۾ گرفتار ٿيا اهي ماڻهو جن پيغمبرن سان مذاق ڪئي انهي سببان جو مذاق ڪيائون ٿي |
قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
اي حبيب ! توهان فرمايو، سير ڪريو توهان زمين ۾ انهيءَ کان پوءِ ڏسو ته ڪهڙي پڇاڙي آهي رسولن کي ڪُوڙو سمجھندڙن جي |
قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12) |
اي حبيب ! توهان فرمايو ڪنهن لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي؟ اي حبيب ! توهان فرمايو اهو سڀ ڪجھه الله لاءِ آهي، الله تعالى (امتِ محمديه لاءِ) رحمت جو فيصلو فرمايو آهي، ۽ الله ضرور توهان کي گڏ ڪندو قيامت جي ڏينهن جو ناهي شڪ انهيءَ ۾، جن ماڻهن نقصان ۾ وڌو پنهنجن وجودن کي پوءِ اهي نٿا ايمان آڻن |
وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13) |
۽ سڀئي مخلوقات ۽ موجودات الله تعالى جي ملڪيت آهن، ۽ اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14) |
اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا الله کان سواءِ آئون عبادت ڪريان جيڪو پيدا ڪندڙ آهي آسمانن جو ۽ زمينن جو ۽ اهو کارائي ٿو ۽ پاڻ نٿو کائي. اي حبيب ! توهان فرمايو مون کي بيشڪ حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون پهريون فرمانبردار هجان ۽ هرگز تون گڏ نه هج مشرڪن سان |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ آئون خوف ڪريان ٿو قيامت جو جيڪڏهن (بالفرض) مون پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي |
مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16) |
جيڪو انسان قيامت جي ڏينهن عذاب کان پري ڪيو ويو پوءِِ بيشڪ انهيءَ تي الله رحم ڪيو، ۽ اِها صاف ڪاميابي آهي |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
۽ جيڪڏهن الله توهان کي سختي پهچائي پوءِ ڪير به ان کي لاهي نٿو سگھي مگر الله تعالى پاڻ ۽ جيڪڏهن الله توهان کي ڀلائي پهچائي ٿو پوءِ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18) |
۽ الله تعالى پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو هميشه حڪمت وارو خبردار آهي |
قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19) |
اي حبيب ! توهان فرمايو الله کان شاهدي ۾ ڪهڙي شيءِ وڏي آهي، اي حبيب ! توهان فرمايو الله شاهد آهي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ ۽ مون ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي هيءُ قرآن مجيد انهي لاءِ ته توهان کي ڊيڄاريان ۽ جن ماڻهن تائين قرآن ڪريم پهچي. ڇا توهان (مڪي جا ماڻهو) شاهدي ڏيو ٿا ته بيشڪ الله تعالى سان گڏ ٻيا خدا آهن، اي حبيب ! توهان فرمايو آئون شاهدي نٿو ڏيان، توهان فرمايو اهو الله هڪ آهي ۽ بيشڪ آئون اوهان جي شرڪ کان قطعاً بيزار آهيان |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
اهي ماڻهو جن کي اسان تورات ۽ انجيل ڏنو رسولِ عربي کي سڃاڻن ٿا جيئن سڃاڻن ٿا پنهنجن پُٽن کي، جن ماڻهن نقصان ۾ وڌو پنهنجن وجودن کي پوءِ اهي ايمان نه آڻيندا |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21) |
۽ ناهي ڪوبه هڪڙو وڌيڪ ظالم اُن شخص کان جيڪو الله تعالى جي مٿان ڪُوڙ مڙهي ٿو يا الله جي آيتن جو انڪار ڪري ٿو، بيشڪ ظالم ڇوٽڪارو نٿا وٺن |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22) |
۽ ان ڏينهن اسين سڀني کي گڏ ڪنداسين ان کان پوءِ اسين انهن ماڻهن کي چونداسين جيڪي شرڪ ڪندا هئا، ڪٿي توهان جا معبود آهن جن جو توهان گمان ڪندا هئا، |
ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23) |
پوءِ نٿو هجي عُذر انهن جو مگر چوندا قسم آهي الله جو اي اسان جا رب اسين دنيا ۾ شرڪ ڪندڙ نه هئاسين |
انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
رسولِ عربي توهان ڏسو ڪهڙيءَ طرح اُهي پاڻ تي ڪُوڙ ڳالهائن ٿا ۽ انهن کي وسري ويون اُهي ڳالهيون جيڪي الله تي مڙهيندا هئا |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25) |
۽ ڪجھه انهن مان اُهي آهن جيڪي توهان کان قرآن ٻڌن ٿا ۽ اسان انهن جي دلين تي سمجھڻ کان پردا رکرايا آهن ۽ انهن جي ڪنن تي ڳراڻ آهي، ۽ جيڪڏهن هر نشاني ڏسن تڏهن به ايمان نه آڻيندا انهيءَ تي، ايستائين جو جڏهن رسولِ عربي وٽ اچن ٿا (هر وقت) توهان سان ڪافر جھڳڙو ڪن ٿا ۽ چون ٿا ناهي هيءُ قرآن مگر اڳين جون ڪُوڙيون ڳالهيون |
وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26) |
۽ ڪافر منع ٿا ڪن ماڻهن کي رسولِ عربي جي تابعداري کان ۽ پاڻ پري ٿين ٿا رسولِ عربي کان ۽ نٿا هلاڪ ڪن مگر پنهنجن نفسن کي ۽ نٿا سمجھن |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27) |
۽ جيڪڏهن رسولِ عربي توهان ڏسو ها جنهن وقت بيهندا اُهي باه تي پوءِ چوندا اي ڪاش اسين موٽايا وڃون ها ۽ اسين نه ڪُوڙو ڪريون ها الله جي آيتن کي ۽ اسين هجون ها مؤمنن مان |
بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28) |
بلڪِ ظاهر ٿي پيو انهن لاءِ جيڪي ڪجھه لڪايائون ٿي دنيا ۾ (ماڻهن کان) ۽ جيڪڏهن اهي موٽايا وڃن ها ته (دنيا ۾) ضرور اهي ڪم ڪن ها جن کان منع ڪيا ويا ۽ بيشڪ اهي ڪُوڙا آهن |
وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29) |
۽ چيائون ناهي هيءُ مگر حياتي دنيا جي ۽ اسين (مرڻ کان پوءِ) نه اٿاريا وينداسين |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30) |
۽ جيڪڏهن رسولِ عربي توهان ڏسو ها ته جڏهن اهي رب جي اڳيان پيش ٿيندا. الله فرمائيندو ڇا ناهي هي حق، عرض ڪندا هائو قسم آهي رب اسان جي جو، الله حڪم فرمائيندو پوءِ توهان عذاب کي چکو انهيءَ سببان جو توهان ڪفر ڪندا هئا |
قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31) |
بيشڪ نقصان ۾ پيا اهي ماڻهو جن قيامت کي ڪُوڙو سمجھو تان جو جڏهن اوچتي قيامت آئي چيائون اي حسرت اسان جي انهيءَ ڳالهه تي جو ڪوتاهي ڪئي اسان انهيءَ ۾ ۽ اهي کڻندا گناهن پنهنجن کي پنهنجن پٺن تي، خبردار ! خراب آهي اهو بار جيڪو کڻندا |
وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32) |
۽ ناهي حياتي دنيا جي مگر راند ۽ تماشو ۽ بهشت ڀلو آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي خوفِ خدا رکن ٿا، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو |
قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33) |
تحقيق اسان کي معلوم آهي ته اهي ماڻهو رسولِ عربيءَ کي ڏکوئن ٿا. پوءِ بيشڪ اهي توهان کي (اي رسولِ عربي) ڪُوڙو نٿا سمجھن پر ظالم الله جي آيتن (قرآن مجيد) جو انڪار ڪن ٿا |
وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ تحقيق ڪُوڙا سمجھيا ويا رسولَ جيڪي توهان کان اڳ ۾ آيا، پوءِ صبر ڪيائون انهي ڳالهه تي جنهن ۾ ڪُوڙا سمجھا ويا (نبوت ۾) ۽ ايذاء ڏنا ويا ايستائين جو آئي انهن وٽ مدد اسان جي، ۽ ناهي ڪير تبديل ڪندڙ الله جي حڪمن کي، ۽ بيشڪ تحقيق توهان وٽ آيون آهن خبرون اڳين پيغمبرن جون |
وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35) |
۽ توهان جي مٿان انهن جو مُنهن موڙڻ جيتوڻيڪ وڏي پريشاني آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان کي توفيق آهي ته طلب ڪريو ڪا سرنگ زمين ۾ يا ڏاڪڻ آسمان ۾ پوءِ توهان انهن کي ڪا نشاني آڻي ڏيو، ۽ جيڪڏهن الله چاهي ته گڏ ڪري انهن کي هدايت تي پوءِ (اي مخاطب) هرگز نٿي تون جاهلن مان |
إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36) |
اُهي (توهان جي دعوتِ اسلامي) قبول ڪندا جيڪي ٻڌن ٿا، ۽ ڪافرن کي الله قبرن مان اٿاريندو انهيءَ کان پوءِ الله ڏانهن موٽايا ويندا |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37) |
۽ چيائون ڇو نه رسولِ عربي تي ڪا نشاني نازل ڪئي وئي سندس رب جي طرفان، اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ آيت نازل ڪرڻ تي الله قادر آهي پر اڪثر انهن جا نٿا ڄاڻن |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38) |
۽ ناهي ڪو هلندڙ جانور زمين ۾ ۽ ناهي ڪو پکي جيڪو پنهنجن پرن تي اڏامي ٿو مگر سندن تقدير لکيل آهي، نه ڇڏي آهي اسان لوحِ محفوظ ۾ ڪا به شيءِ، انهي کان پوءِ اهي پنهنجي رب ڏانهن گڏ ڪيا ويندا |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39) |
۽ جيڪي ماڻهو قرآن ڪريم کي ڪُوڙو سمجھن ٿا، اُهي ٻوڙا ۽ گونگا آهن اونداهين ۾، جنهنکي رب چاهي گمراه ڪري ۽ جنهنکي رب چاهي انهيءَ کي سنئين رستي تي هلائي |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40) |
اي حبيب ! توهان فرمايو ڀلا توهان ٻڌايو جيڪڏهن اچي توهان تي الله جو عذاب يا اچي توهان تي قيامت ڇا الله کان سواءِ بتن کي پڪاريندا جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41) |
بلڪ خاص الله کي توهان پڪاريو ٿا پوءِ جيڪڏهن چاهي ته توهان جون تڪليفون لاهي ڇڏي جيڪي دعائون الله کان گھرو ٿا ۽ توهان بتن کي وساري ڇڏيو |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42) |
۽ بيشڪ تحقيق توهان کان اڳ ۾ اسان گھڻين امتن ڏانهن پيغمبر موڪليا (پوءِ انهن نه مڃو) پوءِ اسان انهن کي مسڪيني ۽ مرضن ۾ گرفتار ڪيو ته من اهي توبه ڪن |
فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43) |
پوءِ ڇو نه انهن توبه ڪئي جنهن وقت انهن وٽ اسان جو عذاب آيو، پر ڪٽيا قلب انهن جا ۽ سندن لاءِ شيطان سينگاريو جيڪو (ڪفر) ڪندا هئا |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44) |
پوءِ جڏهن جو وساريائون جنهن جي کين نصيحت ڪئي وئي پوءِ (بطور مهلت) اسان انهن تي نعمتن جا دروازا کوليا ايستائين جو خوش ٿيا انهي سببان جيڪي اسان انهن کي ڏنو، اسان انهن کي اوچتو پڪڙيو، پوءِ اهي ان وقت نااميد آهن |
فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45) |
پوءِ قوم ظالمن جي پاڙ پٽي وئي، ۽ سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو رب آهي جهانن جو |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46) |
اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا توهان (مڪه جا رهندڙ) مون کي خبر ڏيندا جيڪڏهن الله توهان جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ختم ڪري ۽ توهان جي دلين تي مهر هڻي، ڪير آهي معبود، الله کان سواءِ جو اهي شيون توهان کي ڏي. اي حبيب ! توهان ڏسو ڪهڙي طرح اسين دليل بيان ڪريون ٿا انهيءَ کان پوءِ به اهي نٿا مڃن |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47) |
اي حبيب ! توهان فرمايو مون کي خبر ڏيو جيڪڏهن توهان تي الله جو عذاب اوچتو اچي يا ظاهر بظهور ته فقط ظالم قوم هلاڪ ٿيندي |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48) |
۽ نٿا موڪليون اسان رسولن کي مگر مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري، پوءِ جنهن ماڻهو ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا پوءِ ناهي خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49) |
۽ جن ماڻهن ڪُوڙو سمجھو آيتن اسان جن کي، پهچي ٿو انهن کي عذاب انهي سببان جو گناه ڪندا هُئا |
قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50) |
اي حبيب ! توهان فرمايو آئون نٿو دعويٰ ڪريان توهان لاءِ ته مون وٽ (بذاتِ خود) الله جا خزانا آهن ۽ (بذاتِ خود) آئون غيب جو علم ڄاڻان ٿو ۽ آئون نٿو دعويٰ ڪريان ته بيشڪ آئون ملائڪ آهيان، آئون ته فقط وحي ربانيءَ جي تابعداري ڪريان ٿو، اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا ڪافر ۽ مؤمن پاڻ ۾ برابر آهن، (يقيناً نه) ڇا پوءِ توهان فڪر نٿا ڪريو |
وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51) |
۽ اي حبيب ! توهان قرآن سان ڊيڄاريو انهن ماڻهن کي جيڪي خوف ڪن ٿا جو اهي گڏ ڪيا ويندا سندن رب ڏانهن ناهي انهن لاءِ (حقيقت ۾) الله کان سواءِ ڪو مددگار ۽ سفارش ڪندڙ، مَن اُهي خوف ڪن |
وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52) |
۽ توهان پري نه ڪريو انهن ماڻهن کي جيڪي عبادت ڪن ٿا پنهنجي رب جي صبح ۽ شام، اهي ارادو ڪن ٿا الله جي ذات جو، توهان تي انهن جي حساب مان ڪا شيءِ ناهي ۽ نه توهان جي حساب مان انهن تي ڪا شيءِ آهي، پوءِ توهان انهن کي پري ڪريو ٿا پوءِ توهان انهن لاءِ ناانصافن مان ٿي پوندا |
وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53) |
۽ اهڙي طرح اسان آزمايو ڪن ماڻهن کي ڪن ماڻهن سان، نيٺ چوندا ڇا انهن تي الله احسان ڪيو، اسان جي وچان، ڇا الله تعالى شڪرگذار ٻانهن کي زياده ڄاڻندڙ ناهي |
وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54) |
۽ جنهن وقت توهان وٽ اهي ماڻهو اچن ٿا جيڪي اسان جن آيتن تي ايمان آڻن ٿا پوءِ توهان فرمايو الله جو سلام توهان تي آهي الله توهان لاءِ پاڻ تي رحمت جو فيصلو فرمايو آهي، بيشڪ جنهن توهان مان غلطي مان گناه ڪيو پوءِ انهيءَ کان توبه تائب ٿيو ۽ نيڪ عمل ڪيا پوءِ بيشڪ آئون بخشيندڙ رحم ڪندڙ آهيان |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55) |
۽ اهڙيءَ طرح بيان ڪريون ٿا اسان نشانين کي انهيءَ لاءِ ته اي حبيب ! توهان مجرمن جي واٽ ظاهر ڪريو |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56) |
اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ آئون منع ڪيو ويو آهيان جو آئون عبادت ڪريان (انهن بتن جي) جن جي توهان الله کان سواءِ عبادت ڪريو ٿا، اي حبيب ! توهان فرمايو آئون توهان جي سڌن جي تابعداري نٿو ڪريان ايئن ٿيو ته انهي وقت ۾ آئون هدايت تي نه ٿيندس ۽ نه آهيان آئون هدايت وارن مان |
قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57) |
توهان فرمايو بيشڪ آئون صاف دليلن تي آهيان پنهنجي رب جي طرفان ۽ الله کي اوهان ڪُوڙو سمجھو، جنهن عذاب جي توهان تڪڙ ڪريو ٿا اهو مون وٽ ناهي، ناهي حڪم مگر الله تعالى جو اهو سچي ڳالهه ٻڌائي ٿو ۽ اهو سڀ کان بهتر حاڪم آهي |
قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58) |
اي حبيب ! توهان فرمايو جيڪڏهن تحقيق جنهن عذاب جي توهان تڪڙ ڪريو ٿا مون وٽ هجي ها ته يقيناً منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها، ۽ الله ظالمن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي |
وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59) |
۽ الله تعالى وٽ غيب جون چاٻيون آهن نٿو ڄاڻي (حقيقت ۾) انهن کي مگر الله تعالى ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪو زمين ۽ سمنڊ ۾ آهي، ۽ نٿو ڪِري ڪو وڻ جو پَن مگر الله انهي کي ڄاڻي ٿو ۽ ناهي ڪو ٻج زمين جي اونداهي ۾ ۽ نه تازي شيءِ ۽ نه سڪل شيءِ مگر سڀئي لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي |
وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60) |
۽ الله اهو آهي جيڪو رات جو توهان کي سمهاري ٿو ۽ ڄاڻي ٿو جيڪو عمل توهان ڏينهن ۾ ڪريو ٿا انهي کان پوءِ ڏينهن جو توهان کي سجاڳ ڪري ٿو انهي لاءِ ته (انسان) پنهنجي زندگي پوري ڪري انهي کان پوءِ الله ڏانهن توهان کي موٽڻو آهي پوءِ اُهو توهان کي خبر ڏيندو انهيءَ جي جيڪو توهان عمل ڪندا هئا |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61) |
۽ الله تعالى غالب آهي پنهنجن ٻانهن تي ۽ توهان تي حفاظت ڪندڙ ملائڪ (ڪراماً ڪاتبين) مقرر ڪيا اٿس ايستائين جو جنهن وقت توهان مان هڪڙي تي موت اچي ٿو. اسان جا موڪليل فرشتا روح قبض ڪن ٿا ۽ اهي ڪوتاهي نٿا ڪن |
ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62) |
انهيءَ کان پوءِ موٽايا ويندا طرف الله جي جيڪو سندن سچو مالڪ آهي، خبردار ! (قيامت ۾) الله جو حڪم هلندو ۽ الله نهايت تيز حساب ڪندڙ آهي |
قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63) |
توهان فرمايو ڪير نجات ڏئي ٿو توهان کي زمين ۽ سمنڊ جي مصيبتن مان، الله کي توهان پڪاريو ٿا دل سان ۽ زبان سان، قَسَم سان جيڪڏهن الله تعالى اسان کي هن مصيبت مان نجات ڏني ته ضرور اسين شڪر ڪندڙن مان ٿينداسين |
قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64) |
توهان فرمايو الله نجات ڏي ٿو توهان کي انهي مصيبت مان ۽ هر غم مان انهيءَ کان پوءِ به توهان شرڪ ڪريو ٿا |
قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65) |
اي رسولِ عربي توهان فرمايو الله قادر آهي جو موڪلي توهان جي مٿان عذاب کي توهان جي مٿان يا توهان جي هيٺان يا توهان کي گروه ڪري ۽ توهان پاڻ ۾ جنگ ڪريو. اي رسولِ عربي توهان نگاهه ڪريو ڪهڙي طرح اسين بيان ڪريون ٿا آيتن کي ته من اهي سمجھن |
وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66) |
۽ توهان جي قوم (قريش) قرآن ڪريم کي ڪُوڙو سمجھو حالانڪ اهو سچو آهي، اي حبيب ! توهان فرمايو آئون توهان تي وڪيل ناهيان |
لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67) |
هر هڪ خبر لاءِ وقت مقرر ٿيل آهي ۽ توهان جلدي معلوم ڪندا |
وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68) |
۽ جنهن وقت توهان ڏسو انهن ماڻهن کي جيڪي قرآن سان مذاق ڪن ٿا پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو ايستائين جو ٻي ڳالهه ۾ مشغول ٿين، ۽ اي مخاطب جيڪڏهن شيطان توکي ڀُلائي يادگيري کان پوءِ به، ته پوءِ تون ظالم قوم سان گڏ نه ويهه |
وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69) |
۽ پرهيزگارن تي انهن (ڪافرن) جي حساب جو ڪو ذمون ناهي، پر (مسلمانن تي) نصيحت ڪرڻ آهي من اُهي خوف ڪن |
وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
۽ پاسو ڪريو انهن ماڻهن کان جن دين پنهنجي کي راند ۽ تماشو ڪري ورتو ۽ مغرور ڪيائين انهن کي حياتي دنيا جي ۽ توهان نصيحت ڪريو قرآن سان، ان لاءِ ته ڪو ماڻهو پنهنجي بداعمالي جي ڪري هلاڪ نه ٿئي، نه هجي انهيءَ لاءِ الله کان سواءِ ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارشي، ۽ جيڪڏهن اهو ماڻهو وڏو فِديو ادا ڪري (تڏهن به) نه ورتو ويندو انهيءَ کان. اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي بداعماليءَ جي ڪري هلاڪ ڪيا ويا، انهن جي پيئڻ لاءِ گرم پاڻي هوندو ۽ عذاب دردناڪ انهيءَ سببان جو (دنيا ۾) اُهي ڪُفر ڪندا هئا |
قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71) |
رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى کان سواءِ انهن (بتن) جي عبادت ڪريان جيڪي اسان کي نفعو ۽ نقصان نٿا ڏين ۽ اسين موٽايا وڃون پنهنجن کُڙين تي انهيءَ کان پوءِ جڏهن الله اسان کي هدايت ڏني، مثال انهيءَ ماڻهو جي جنهنکي شيطانن بيابان ۾ گمراه ڪيو انهي حال ۾ حيران آهي، انهيءَ جا رفيق آهن جيڪي انهي کي سنئين رستي ڏانهن سڏي رهيا آهن، ته تون هيڏانهن اچ، توهان فرمايو بيشڪ هدايت فقط اسلام آهي ۽ اسان کي حڪم ڪيو ويو آهي ته اسان رب العالمين سان مخلص ٿيون |
وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72) |
۽ اسان کي حڪم آهي ته نماز پنج وقت پڙهون ۽ الله کان خوف ڪريون، ۽ الله تعالى اهو آهي جو انهي ڏانهن سڀئي گڏ ڪيا ويندا |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73) |
۽ الله تعالى اهو آهي جنهن پيدا فرمايو آسمانن ۽ زمينن کي حق سان ۽ قيامت جي ڏينهن الله حڪم ڪندو ٿيءُ ته فوراً ٿي پوندو، الله تعالى جو حڪم سچو آهي، ۽ سمورو مُلڪ الله جو آهي انهيءَ ڏينهن صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي، الله هر غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ آهي ۽ الله حڪمت وارو خبردار آهي |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74) |
۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جڏهن ابراهيم پنهنجي چاچي آزر کي چيو ڇا آئون بتن کي معبود ڪري وٺان، بيشڪ آئون ڏسان ٿو توکي ۽ قوم تنهنجي کي صاف گمراهي ۾، |
وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان ڏيکاري ابراهيم کي پنهنجي قدرت ۽ حڪمت آسمانن ۽ زمينن ۾ ۽ انهي لاءِ ته پڪو يقين ڪندڙن مان ٿئي |
فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن رات جي اونداهي کيس ڍڪيو ڏٺائين تاري کي، چيائين هيءُ منهنجو رب آهي؟ پوءِ جڏهن تارو غائب ٿيو، ابراهيم چيو آئون غائب ٿيندڙن سان محبت نٿو رکان |
فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77) |
پوءِ جڏهن چنڊ کي اڀرندڙ ڏٺائين چيائين هيءُ منهنجو رب آهي؟ پوءِ جڏهن چنڊ غائب ٿيو، چيائين جيڪڏهن منهنجي رب مون کي هدايت نه ڏني ته ضرور آئون گمراه قوم مان ٿيندس |
فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78) |
پوءِ جڏهن جو سج کي اڀرندڙ ڏٺائين چيائين هيءُ منهنجو رب آهي؟ هيءُ ته تمام وڏو آهي، پوءِ جڏهن سج لهي ويو چيائين اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان جن معبودن کان بيزار آهيان |
إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79) |
بيشڪ آئون پنهنجي چهري کي عبادت لاءِ الله ڏانهن متوجه ڪريان ٿو، اهو الله جنهن پيدا فرمايو آسمانن ۽ زمينن کي آئون حق جو تابعدار آهيان ۽ نه آهيان آئون مشرڪن مان |
وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80) |
۽ (حضرت) ابراهيم سان سندس قوم جھڳڙو ڪيو، ابراهيم چيو ڇا توهان مون سان الله جي وحدانيت تي جھڳڙو ڪريو ٿا حالانڪ تحقيق الله مون کي هدايت ڏني، ۽ آئون خوف نٿو ڪريان توهان جن معبودن کان مگر جيڪو منهنجي رب منهنجي لاءِ تڪليف مقرر ڪئي، منهنجي رب جو علم هر شيءِ کان زياده آهي، ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا وٺو |
وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81) |
۽ ڪهڙيءَ طرح آئون خوف ڪريان توهان جن معبودن جوحالانڪ توهان نٿا خوف ڪريو بيشڪ توهان الله تعالى سان شرڪ ڪريو ٿا جنهن الله تعالى نازل نه ڪيو توهان جي مٿان ڪوبه دليل. پوءِ ٻنهي گروهن مان ڪهڙو وڌيڪ امن جو حقدار آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻون ٿا |
الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظُلم سان (شرڪ سان ) نه گڏيائون انهن لاءِ امن آهي ۽ اُهي ئي هدايت وارا آهن |
وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83) |
۽ اهي اسان جي وحدانيت جا دليل آهن جيڪي اسان (حضرت) ابراهيم کي ڏنا سندس قوم لاءِ اسين بلند درجا ڪريون ٿا جنهن جا اسين چاهيون، بيشڪ تنهنجو رب حڪمت وارو هميشه ڄاڻندڙ آهي |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84) |
۽ اسان عطا ڪيو ابراهيم کي اسحاق (پُٽ) ۽ يعقوب (پوٽو)، سڀني کي اسان هدايت ڏني ۽ انهيءَ کان اڳ اسان نوح کي هدايت ڏني سين ۽ انهيءَ جي اولاد مان داؤد ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسيٰ ۽ هارون کي هدايت ڏني سين، ۽ اهڙيءَ طرح اسين نيڪوڪارن کي بلند درجا ڏيون ٿا |
وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85) |
۽ (حضرت) زڪريا ۽ يحييٰ ۽ عيسيٰ ۽ الياس، سڀئي (ڪامل) صالحن مان هئا |
وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86) |
۽ (حضرت) اسماعيل ۽ يسع ۽ يونس ۽ لوط، ۽ سڀني کي اسان فضيلت ڏني سين (نبوت سان) انهيءَ جهان وارن تي |
وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87) |
۽ انهن جي والدين مان ۽ انهن جي اولاد مان ۽ انهن جي ڀائرن مان (ڪِن کي درجو ڏنوسين) ۽ اسان انهن کي فضيلت ڏني ۽ سنئين رستي تي اسان انهن کي هلايو |
ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88) |
اها هدايت الله تعالى جي آهي جنهنکي چاهي هدايت فرمائي ٿو انهيءَ سان ٻانهن پنهنجن کي، ۽ جيڪڏهن شرڪ ڪن ها ته يقيناً سندن عمل باطن ٿين ها |
أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي اسان ڪتاب ڏنا ۽ حڪمت ۽ نبوت (عطا ڪئي) پوءِ جيڪڏهن انهن ٽنهي ڳالهين جو انڪار ڪن ٿا (مڪي جا رهندڙ) پوءِ بيشڪ اسين مقرر ڪنداسين انهن لاءِ اُها قوم جيڪي انهيءَ جو انڪار ڪندڙ نه هوندا |
أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي الله هدايت ڏني پوءِ توهان اُنهن جي هدايت جي تابعداري ڪريو، اي رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان کان قرآن جو اجر نٿو گھران، ناهي هيءُ قرآن ڪريم مگر نصيحت سڀني جهانن لاءِ |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91) |
۽ نه سڃاتو (يهودين) الله کي حق سان سڃاڻڻ، جنهن وقت انهن چيائون نه نازل ڪيائين الله تعالى ڪنهن بشر تي ڪا شيءِ، رسولِ عربي توهان فرمايو اهو ڪتاب (تورات) ڪنهن نازل ڪيو جيڪو (حضرت) موسيٰ کڻي آيو روشني ۽ هدايت ڏيندڙ هو ماڻهن کي توهان تورات کي پنو پنو ڪري ڇڏيو انهي مان ڪجھه حصو ظاهر ڪريو ٿا ۽ رسولِ عربي جي تعريف لڪايو ٿا ۽ توهان کي معلوم ڪرايو ويو جيڪو توهان کي ۽ توهان جن پيءُ ڏاڏن کي معلوم نه هو، توهان فرمايو الله نازل فرمايو، پوءِ ڇڏيو انهن کي سندن ڪُوڙن عقيدن ۾، اهي راند ڪن ٿا |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92) |
۽ هي (قرآن ڪريم) ڪتاب آهي جيڪو اسان نازل ڪيو آهي وڏي برڪت وارو آهي تصديق ڪندڙ آهي اڳين مقدس ڪتابن جي ۽ انهي لاءِ ته توهان ڊيڄاريو مڪه جي ماڻهن کي ۽ سمورن ماڻهن کي، ۽ اهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان رکن ٿا (اُهي) قرآن ڪريم تي ايمان آڻن ٿا، ۽ اهي پنهنجن نمازن تي هميشگي ڪن ٿا |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93) |
۽ ڪير آهي وڌيڪ ظالم انهي کان جيڪو الله تي ڪُوڙ مڙهي ٿو يا چيائين مون ڏانهن وحي رباني ڪئي وئي آهي حالانڪ ان ڏانهن وحي نه موڪلي وئي ۽ جنهن ماڻهو چيو جلدي مون ڏانهن نازل ڪيو ويندو مثل انهيءَ جي جيڪو الله نازل ڪيو، ۽ جيڪڏهن توهان اهو وقت ڏسو ها جڏهن اهي ظالم موت جي سڪرات ۾ هوندا ۽ ملائڪ (سندن ساهه ڪڍڻ لاءِ) هٿ وڌائيندا، چوندا توهان پنهنجن ساهن کي ڪڍو، اڄ ڏينهن توهان کي خواري واري عذاب سان سزا ڏني ويندي، ڇو ته توهان الله تي ناحق ڳالهيون مڙهيندا هئا ۽ توهان الله تعالى جي آيتن کان تڪبر ڪندا هئا |
وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94) |
۽ تحقيق توهان اسان وٽ اڪيلا ايندا جيئنڪ اسان توهان کي پيدا فرمايو پهرين دفعي ۽ توهان دنيا ۾ ڇڏيندا جيڪي اسان توهان کي ڏنو، ۽ نه ڏينداسين اسان توهان سان گڏ توهان جن بتن کي جن لاءِ توهان جو گمان هو ته بيشڪ اهي بت عبادت ۾ رب تعالى جا شريڪ آهن، بيشڪ تحقيق اڄ (قيامت ۾) توهان جي ۽ توهان جي بتن جي وچ ۾ جدائي ٿي وئي ۽ توهان کان ضايع ٿيا اُهي جن جو توهان گمان ڪندا هئا |
إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95) |
بيشڪ الله تعالى داڻن ۽ کجور جي ککڙي کي ڦُٽائيندڙ آهي، زندهه کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي زندهه مان ڪڍندڙ آهي، اهو آهي توهان جو رب پوءِ ڪهڙي طرح ابتا وڃو ٿا |
فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96) |
اونداهي کي ختم ڪري صبح ڪندڙ آهي، ۽ پيدا ڪيائين رات کي آرام لاءِ ۽ پيدا ڪيائين سج ۽ چنڊ کي حساب لاءِ، اهو اندازو آهي غالب ڄاڻندڙ جو |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97) |
۽ اهو رب آهي جنهن توهان لاء پيدا ڪيائين تارن کي انهي لاءِ ته معلوم ڪريو توهان واٽ انهن سان اونداهِين ميدان ۽ سمنڊ ۾، بيشڪ اسان بيان ڪريون ٿا نشانيون انهي قوم لاءِ جيڪي علم رکن ٿا |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98) |
۽ اهو رب آهي جنهن پيدا فرمايو توهان کي هڪ انسان (آدم) مان پوءِ ڪٿي توهان کي هميشه رهڻو آهي ۽ ڪٿي توهان کي عارضي رهڻو آهي. بيشڪ الله آيتون بيان ڪيون آهن انهي قوم لاءِ جيڪي سمجھه رکن ٿا |
وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99) |
اهو رب آهي جنهن نازل فرمايو آسمان مان مِينهن کي، پوءِ اسان پيدا ڪيا انهي پاڻيءَ مان سَلا هر شيءِ جا پوءِ اسان انهيءَ مان ساوڪ پيدا ڪئي جنهن مان اسين داڻا (ٻج) پيدا ڪريون ٿا، هڪ ٻئي سان مليل، ۽ (پيدا ڪيا اسان) کجور جي گوشي مان ڇڳا جيڪي زمين کي ويجھا ٿيندڙ آهن (۽ اسان پيدا ڪيا) باغ انگورن جا ۽ زيتونن جا ۽ ڏاڙهن جا، زيتون ۽ ڏاڙهون جا وڻ هڪ جهڙا ۽ ميوا سندن جدا جدا آهن، توهان ڏسو انهن ميون ۾ جڏهن ميوو ڏين ٿا ۽ ميون جي پچڻ کي ڏسو، بيشڪ انهيءَ ۾ نشانيون آهن انهي قوم لاءِ جيڪي ايمان رکن ٿا |
وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100) |
۽ الله جو شريڪ بنايائون جِنن کي حالانڪ الله انهن کي پيدا فرمايو ۽ الله لاءِ بنايائون پُٽن ۽ ڌيين کي بغير علم جي، الله پاڪ ۽ بلند آهي ان کان جيڪي اهي چون ٿا |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101) |
الله تعالى پيدا ڪندڙ آهي آسمانن جو ۽ زمينن جو، ڪهڙي طرح ان مقدس ذات کي اولاد آهي حالانڪ ناهي انهي کي گھر واري، ۽ الله تعالىٰهر شيءِ کي پيدا فرمايو، ۽ الله هر شيءِ کي هميشه ڄاڻندڙ آهي |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102) |
اهو الله توهان جو رب آهي، ناهي ڪو معبود مگر الله، هر شيءِ جو خالق آهي پوءِ خاص الله جي عبادت ڪريو ۽ اهو هر شيءِ تي ڪارساز آهي |
لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103) |
نه ٿيون لهي سگھن الله کي اکيون (انسان جون دنيا ۾) ۽ الله پروڙي ٿو اکين کي، ۽ الله باريڪ ڏسندڙ خبردار آهي |
قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104) |
تحقيق توهان وٽ آيون حجتون توهان جي رب جي طرفان، پوءِ جنهن انهن حجتن کي ڏٺو ان پنهنجي لاءِ ڏٺو ۽ جنهن نه ڏٺو پوءِ اُن جو بار اُن تي آهي، ۽ ناهيان آئون توهان تي نگهبان |
وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان بيان ڪريون ٿا نشانين کي ۽ ڀلي ته ڪافر چون ته توهان گذريل ڪتاب پڙهيا آهن ۽ ضرور بيان ڪريون ٿا قرآن کي انهي قوم لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا |
اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106) |
رسولِ عربي توهان تابعداري ڪريو انهي قرآن جي جيڪو توهان جي رب جي طرفان آهي. ناهي ڪو معبود مگر الله تعالىٰ، ۽ توهان مشرڪن کان مُنهن موڙيو |
وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107) |
۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته شرڪ نه ڪن ها، ۽ نه مقرر ڪيو اسان توهان کي انهن جي مٿان نگهبان، ۽ ناهيو توهان انهن جي مٿان ڪارساز |
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108) |
۽ توهان گاريون نه ڏيو انهن جي بتن کي جن جي اهي الله تعالى کان سواءِ عبادت ڪن ٿا پوءِ اهي ٿا بي ادبي ڪن الله جي دشمني ۽ علم نه هئڻ سببان، اهڙيءَ طرح اسان هر اُمت لاءِ سندن عمل سينگاريا آهن، انهيءَ کان پوءِ کين پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي پوءِ جزا ڏي ٿو انهن کي سندن بداعمالي سببان |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109) |
۽ اهي الله تعالى جا قسم کڻي پنهنجن قسمن کي نهايت پڪو ڪن ٿا (اهي چون ٿا) جيڪڏهن آئي انهن وٽ نشاني ته انهي تي ضرور ايمان آڻيندا. رسولِ عربي توهان فرمايو نشانيون ته فقط الله تعالى وٽ آهن ۽ توهان کي ڪهڙي خبر، بيشڪ اهي نشانيون جڏهن اينديون تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا |
وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110) |
۽ اسين انهن جي دلين ۽ اکين کي ڦيرايون ٿا (حق سچ کان) ڇو ته انهن نه ايمان آندو (معجزن تي) پهرين دفعي ۽ اسان انهن کي سندن گمراهي ۾ ڇڏيون ٿا جو حيران رهن ٿا |
وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111) |
۽ جيڪڏهن تحقيق اسان نازل فرمايون ها انهن ڏانهن ملائڪ ۽ مئل ماڻهو انهن سان ڳالهائن ها ۽ اسين گڏ ڪريون ها انهن جي روبرو هر شيءِ ته به اهي ايمان نه آڻن ها مگر جنهنکي الله چاهي ها ۽ پر اڪثر انهن جا جهالت ڪن ٿا |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيٰطينَ الإِنسِ وَالجِنِّ يوحى بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ زُخرُفَ القَولِ غُرورًا وَلَو شاءَ رَبُّكَ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 112) |
۽ اهڙيءَ طرح پيدا ڪيا اسان هر هڪ پيغمبر لاءِ دشمن شيطان، انسانن مان ۽ جِنن مان وسوسو وجھن ٿا هڪ ٻئي کي سينگاريل ڳالهه تڪبر ڪرڻ سان، ۽ جيڪڏهن توهان جو رب چاهي ته ايئن نه ڪن ها پوءِ انهن کي ڇڏي ڏيو ۽ جيڪي ڪجھه مڙهن ٿا |
وَلِتَصغىٰ إِلَيهِ أَفـِٔدَةُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَلِيَرضَوهُ وَلِيَقتَرِفوا ما هُم مُقتَرِفونَ (آيت : 113) |
۽ ڀلي ته ان طرف جھُڪن انهن ماڻهن جون دليون جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين ۽ ڀلي ته پاڻ کي خوش ڪن ۽ ڀلي ته ٺاهن ڪُوڙن کي جيڪي ڪُوڙ ٺاهيندڙ آهن |
أَفَغَيرَ اللَّهِ أَبتَغى حَكَمًا وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ إِلَيكُمُ الكِتٰبَ مُفَصَّلًا وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعلَمونَ أَنَّهُ مُنَزَّلٌ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 114) |
ڇا پوءِ الله تعالى کان سواءِ آئون فيصلي ڪندڙ کي طلب ڪريان ۽ الله تعالى اهو آهي جنهن نازل فرمايو توهان ڏانهن قران مجيد تفصيل سان ۽ اهي ماڻهو جن کي اسان تورات ۽ انجيل ڏنو آهي (اُهي) ڄاڻن ٿا ته بيشڪ قرآن مجيد الله جي طرفان حق سان نازل ڪيل آهي پوءِ تون (اي ٻڌندڙ) هرگز شڪ ڪندڙن مان نٿيءُ |
وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدقًا وَعَدلًا لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 115) |
۽ رسولِ عربي جي رب جا احڪام سچائي ۽ انصاف سان پورا ٿيا، الله جي حڪمن ۽ وعدن کي ڪو مَٽائيندڙ ڪونهي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
وَإِن تُطِع أَكثَرَ مَن فِى الأَرضِ يُضِلّوكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 116) |
۽ جيڪڏهن (اي ٻڌندڙ) تون تابعداري ڪندين ڪافرن جي ته اهي توکي الله جي واٽ کان گمراه ڪندا، (اهي) نٿا تابعداري ڪن مگر گمان جي ۽ ناهن اهي (ڪافر) مگر اندازو ڪن ٿا |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 117) |
بيشڪ رسولِ عربيءَ جو رب اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو سندس واٽ کان گمراه ٿئي ٿو، ۽ اُهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي هدايت وارن کي |
فَكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كُنتُم بِـٔايٰتِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 118) |
پوءِ توهان انهيءَ جانور مان کائو جنهنجي ڪُهڻ وقت اُن تي الله جو نالو ورتو ويو جيڪڏهن توهان الله جي آيتن کي مڃيندڙ آهيو |
وَما لَكُم أَلّا تَأكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَقَد فَصَّلَ لَكُم ما حَرَّمَ عَلَيكُم إِلّا مَا اضطُرِرتُم إِلَيهِ وَإِنَّ كَثيرًا لَيُضِلّونَ بِأَهوائِهِم بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِالمُعتَدينَ (آيت : 119) |
۽ توهان کي ڇا ٿو ٿئي جو نٿا کائو ان مان جنهن جي ڪُهڻ وقت ان تي الله جو نالو ورتو ويو ۽ تحقيق بيان ڪيا الله توهان لاءِ اهي جانور جيڪي توهان تي حرام ڪيائين مگر جڏهن توهان مجبور ڪيا وڃو، ۽ بيشڪ گھڻا ماڻهو پنهنجن سڌن سان بغير معلومات جي گمراه ٿين ٿا، بيشڪ رسولِ عربي جو رب اُهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي حد کان وڌندڙن کي |
وَذَروا ظٰهِرَ الإِثمِ وَباطِنَهُ إِنَّ الَّذينَ يَكسِبونَ الإِثمَ سَيُجزَونَ بِما كانوا يَقتَرِفونَ (آيت : 120) |
۽ توهان (اي مؤمنو) ظاهري ۽ باطني گناه ڇڏي ڏيو، بيشڪ جيڪي ماڻهو گناه ڪن ٿا اهي جلدي جزا ڏنا ويندا سندن بداعمالي سببان |
وَلا تَأكُلوا مِمّا لَم يُذكَرِ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَإِنَّهُ لَفِسقٌ وَإِنَّ الشَّيٰطينَ لَيوحونَ إِلىٰ أَولِيائِهِم لِيُجٰدِلوكُم وَإِن أَطَعتُموهُم إِنَّكُم لَمُشرِكونَ (آيت : 121) |
۽ توهان نه کائو (اُن جانور کي) جنهنجي ڪُهڻ وقت غيرالله جو نالو ورتو ويو ۽ بيشڪ اهو گناه آهي، ۽ بيشڪ شيطان پنهنجن ساٿين کي وسوسا وجھن ٿا، انهي لاءِ ته توهان سان اختلاف ڪن، ۽ جيڪڏهن توهان (اي ٻڌندڙ) انهن جي تابعداري ڪئي (بالفرض) ته بيشڪ توهان مشرڪ آهيو |
أَوَمَن كانَ مَيتًا فَأَحيَينٰهُ وَجَعَلنا لَهُ نورًا يَمشى بِهِ فِى النّاسِ كَمَن مَثَلُهُ فِى الظُّلُمٰتِ لَيسَ بِخارِجٍ مِنها كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلكٰفِرينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 122) |
ڇا جيڪو ماڻهو ڪفر تي هو پوءِ اسان ان کي هدايت ڏني ۽ اسان ان لاءِ روشني پيدا ڪئي جنهن سان اهو ٻين ماڻهن ۾ هلي ٿو (ڇا) اهو ان ماڻهو جهڙو آهي جيڪو اونداهين ۾ آهي ۽ انهي کان نڪري به نٿو سگھي، اهڙي طرح ڪافرن لاءِ سندن بداعمالي سينگاري وئي |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا فى كُلِّ قَريَةٍ أَكٰبِرَ مُجرِميها لِيَمكُروا فيها وَما يَمكُرونَ إِلّا بِأَنفُسِهِم وَما يَشعُرونَ (آيت : 123) |
۽ اهڙي طرح پيدا ڪيا اسان هر ڳوٺ ۾ وڏا ماڻهو جيڪي گناه ڪندڙ آهن. انهيءَ ڳوٺ ۾ انهي لاءِ ته اهي ڳوٺ ۾ (ڀلي) فريب ڪن، ۽ نٿا فريب ڪن مگر پنهنجن نفسن سان ۽ اهي نٿا سمجھن |
وَإِذا جاءَتهُم ءايَةٌ قالوا لَن نُؤمِنَ حَتّىٰ نُؤتىٰ مِثلَ ما أوتِىَ رُسُلُ اللَّهِ اللَّهُ أَعلَمُ حَيثُ يَجعَلُ رِسالَتَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ أَجرَموا صَغارٌ عِندَ اللَّهِ وَعَذابٌ شَديدٌ بِما كانوا يَمكُرونَ (آيت : 124) |
۽ جنهن وقت انهن وٽ ڪا نشاني اچي ٿا، چون ٿا اسين هرگز ايمان نه آڻينداسين ايستائين جو اسان کي اها شيءِ نه ملي جيڪا الله جي رسولن کي ڏني وئي آهي، الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي انهيءَ کي جيڪو نبوت جي صلاحيت رکي ٿو، جلدي پهچندي ذلت مجرمن کي الله جي طرفان ۽ سخت عذاب انهيءَ سببان جو فريب ڪندا هئا |
فَمَن يُرِدِ اللَّهُ أَن يَهدِيَهُ يَشرَح صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ وَمَن يُرِد أَن يُضِلَّهُ يَجعَل صَدرَهُ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّما يَصَّعَّدُ فِى السَّماءِ كَذٰلِكَ يَجعَلُ اللَّهُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 125) |
پوءِ جنهن ماڻهو کي الله هدايت ڏيڻ چاهي ٿو انهيءَ جي سيني کي اسلام لاءِ ڪشادو فرمائي ٿو، ۽ جنهن ماڻهو کي گمراه ڪرڻ چاهي ٿو انهيءَ جي سيني کي تنگ ۽ گھُٽيل ڪري ٿو گوياڪ اهو زبردستي آسمان تي چڙهي رهيو آهي، اهڙي طرح الله تعالى عذاب مقرر فرمائي ٿو انهن ماڻهن تي جيڪي ايمان نٿا آڻن |
وَهٰذا صِرٰطُ رَبِّكَ مُستَقيمًا قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
۽ هيءُ رستو، رسولِ عربيءَ جي رب جو سڌو آهي، تحقيق اسان پنهنجي آيتن کي کولي کولي بيان ڪيو آهي انهي قوم لاءِ جيڪي نصيحت قبول ڪن ٿا |
لَهُم دارُ السَّلٰمِ عِندَ رَبِّهِم وَهُوَ وَلِيُّهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 127) |
انهن لاءِ بهشت آهي سندن رب وٽ ۽ رب تعالى سندن دوست آهي انهيءَ سببان جو اھي نيڪوڪار هئا |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا يٰمَعشَرَ الجِنِّ قَدِ استَكثَرتُم مِنَ الإِنسِ وَقالَ أَولِياؤُهُم مِنَ الإِنسِ رَبَّنَا استَمتَعَ بَعضُنا بِبَعضٍ وَبَلَغنا أَجَلَنَا الَّذى أَجَّلتَ لَنا قالَ النّارُ مَثوىٰكُم خٰلِدينَ فيها إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 128) |
۽ قيامت ۾ الله انهن سڀني کي گڏ ڪندو، (الله فرمائيندو) اي جِنن جي جماعت تحقيق توهان گھڻن انسانن کي گھيري ۾ آندو، ۽ چوندا سنگتي جنن جا، انسانن مان، اي اسان جا رب اسان هڪ ٻئي کان فائدو ورتو (گناهن ۾) ۽ اسان کي پهتو مقرر وقت (موت جو) جيڪو تو اسان لاءِ مقرر فرمايو، الله فرمائيندو دوزخ توهان جي رهڻ جي جاءِ آهي هميشه انهي ۾ رهندا مگر جيڪو الله چاهي، بيشڪ رسولِ عربيءَ جو رب حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي |
وَكَذٰلِكَ نُوَلّى بَعضَ الظّٰلِمينَ بَعضًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 129) |
۽ اهڙي طرح اسين ڪِن ظالمن کي ڪِن ظالمن جو دوست بنايون ٿا انهيءَ سببان جو گناه ڪن ٿا |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا شَهِدنا عَلىٰ أَنفُسِنا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 130) |
اي جماعت جنن ۽ انسانن جي ڇا نه آيا توهان وٽ پيغمبر توهان مان، جن بيان ٿي ڪيائون توهان تي منهن جون آيتون ۽ توهان کي قيامت جي ڏينهن اچڻ کان ڊيڄاريائون ٿي، چوندا (هائو) اسين پنهنجن نفسن تي شاهدي ڏيون ٿا ۽ حياتي دنيا جي کين مغرور ڪيو ۽ پنهنجن نفسن تي شاهدي ڏنائون ته بيشڪ اهي ڪافرن مان هئا |
ذٰلِكَ أَن لَم يَكُن رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها غٰفِلونَ (آيت : 131) |
اهو انهيءَ ڪري جو ناهي هلاڪ ڪندڙ تنهنجو رب، ظلم سببان ڪنهن ڳوٺ کي ۽ رهواسي ان ڳوٺ جا بي خبر هجن |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 132) |
۽ هر هڪ لاءِ درجا آهن اُن مطابق جو عمل ڪيائون، ۽ تنهنجو رب انهن جي عملن کان بي خبر ناهي |
وَرَبُّكَ الغَنِىُّ ذُو الرَّحمَةِ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَستَخلِف مِن بَعدِكُم ما يَشاءُ كَما أَنشَأَكُم مِن ذُرِّيَّةِ قَومٍ ءاخَرينَ (آيت : 133) |
۽ تنهنجو رب بي نياز وڏي رحمت وارو آهي، جيڪڏهن چاهي، توهان کي گھرائي وٺي ۽ توهان کان پوءِ جن ماڻهن کي چاهي توهان جو جاءِ نشين ڪري، جيئنڪ توهان کي اڳين قومن جو جاءِ نشين ڪري پيدا فرمايائين |
إِنَّ ما توعَدونَ لَءاتٍ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 134) |
بيشڪ توهان کي جيڪو وعدو ڏنو ويو آهي اُهو ضرور پورو ڪيو ويندو ۽ توهان عاجز ڪندڙ ناهيو |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عامِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 135) |
رسولِ عربي توهان فرمايو اي منهنجي قوم توهان پنهنجي جاءِ تي عمل ڪريو، بيشڪ آئون پنهنجو ڪم ڪندڙ آهيان، پوءِ توهان جلدي معلوم ڪندا ته ڪنهن لاءِ بهشت آهي، بيشڪ ظالم نجات حاصل نٿا ڪن |
وَجَعَلوا لِلَّهِ مِمّا ذَرَأَ مِنَ الحَرثِ وَالأَنعٰمِ نَصيبًا فَقالوا هٰذا لِلَّهِ بِزَعمِهِم وَهٰذا لِشُرَكائِنا فَما كانَ لِشُرَكائِهِم فَلا يَصِلُ إِلَى اللَّهِ وَما كانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلىٰ شُرَكائِهِم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 136) |
۽ ڪافرن ڪجھه حصو مقرر ڪيو الله لاءِ سندن پوکيل پوک ۽ چؤپاين مان پوءِ پنهنجي باطل عقيدي موجب چيائون، هيءُ الله لاءِ آهي ۽ هيءُ اسان جي بتن لاءِ آهي، پوءِ جيڪو حصو انهي جي بتن لاءِ آهي، پوءِ اهو الله جي طرف نٿو پهچي سگهي، ۽ جيڪو حصو الله لاءِ آهي اهو انهن جي بتن طرف پهچي سگھي ٿو، اهو فيصلو تمام خراب آهي (عقل جي خلاف آهي) |
وَكَذٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثيرٍ مِنَ المُشرِكينَ قَتلَ أَولٰدِهِم شُرَكاؤُهُم لِيُردوهُم وَلِيَلبِسوا عَلَيهِم دينَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 137) |
۽ اهڙي طرح ڪيترن بتن (گويا) مشرڪن جي نظر ۾ پنهنجي نياڻين کي قتل ڪرڻ سٺو ٿي ڏيکاريو انهيءَ لاءِ ته انهن (مشرڪن کي) هلاڪت ۾ وجھن ۽ سندن دين مٿن مشڪوڪ ڪن، ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته ايئن نه ڪن ها پوءِ توهان انهن کي ۽ سندن ڪُوڙ مڙهڻ کي ڇڏي ڏيو |
وَقالوا هٰذِهِ أَنعٰمٌ وَحَرثٌ حِجرٌ لا يَطعَمُها إِلّا مَن نَشاءُ بِزَعمِهِم وَأَنعٰمٌ حُرِّمَت ظُهورُها وَأَنعٰمٌ لا يَذكُرونَ اسمَ اللَّهِ عَلَيهَا افتِراءً عَلَيهِ سَيَجزيهِم بِما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 138) |
۽ مشرڪن پنهنجي عقيدي موجب چيو هي چؤپايا ۽ پوکون حرام آهن، نه کائن انهن کي مگر جنهنکي اسين چاهيون ۽ چيائون ڪِن جانورن جي سواري حرام ڪئي وئي آهي ۽ ڪِن جانورن جي ڪُهڻ وقت الله اڪبر نه چئجي (اهي سڀ ڳالهيون) الله جي مٿان مڙهين ٿا الله انهن کي جلدي جزا ڏيندو انهيءَ سببان جو ڪُوڙ مڙهين ٿا |
وَقالوا ما فى بُطونِ هٰذِهِ الأَنعٰمِ خالِصَةٌ لِذُكورِنا وَمُحَرَّمٌ عَلىٰ أَزوٰجِنا وَإِن يَكُن مَيتَةً فَهُم فيهِ شُرَكاءُ سَيَجزيهِم وَصفَهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 139) |
۽ مشرڪن چيو جيڪي ڪجھه انهن (حلال) جانورن جي پيٽن ۾ آهي اُهو اسان مردن لاءِ حلال آهي ۽ اسان جي زالن لاءِ حرام آهي، ۽ جيڪڏهن مُئل آهي ته پوءِ اهي سڀيئي ان ۾ شريڪ آهن الله جلدي انهن کي سندن ڳالهين جو بدلو ڏيندو، بيشڪ الله تعالى حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي |
قَد خَسِرَ الَّذينَ قَتَلوا أَولٰدَهُم سَفَهًا بِغَيرِ عِلمٍ وَحَرَّموا ما رَزَقَهُمُ اللَّهُ افتِراءً عَلَى اللَّهِ قَد ضَلّوا وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 140) |
تحقيق نقصان ۾ پيا اهي ماڻهو جن بي وقوفي ۽ جهالت سببان پنهنجي اولاد کي قتل ڪيو ۽ حرام سمجھائون انهن شين کي جيڪي الله رزق ڪري انهن کي ڏنيون، اھي الله تعالى تي ڪُوڙ مڙهين ٿا، تحقيق اهي گمراه ٿيا ۽ هدايت واري نه هئا |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ جَنّٰتٍ مَعروشٰتٍ وَغَيرَ مَعروشٰتٍ وَالنَّخلَ وَالزَّرعَ مُختَلِفًا أُكُلُهُ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُتَشٰبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ كُلوا مِن ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَءاتوا حَقَّهُ يَومَ حَصادِهِ وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 141) |
۽ الله تعالى اهو آهي جنهن پيدا فرمايا باغ، (اُنهن مان) ڪجھه وَلُن ۽ وڻن جا آهن ۽ (پيدا ڪيائين) کجور ۽ پوکون جن جا ذائقا جُدا جُدا آهن ۽ (پيدا ڪيائين) زيتون ۽ ڏاڙهون سندن وڻ هڪ جهڙا ۽ ميوا جُدا جُدا آهن، توهان انهن ميون مان کائو جڏهن ميوو ڏِيَنِ ۽ فصل تيار ٿيڻ وقت عُشر (ڏهون حصو) مسڪينن کي ڏيو، ۽ اجايو خرچ نه ڪريو، بيشڪ الله اجائي خرچ ڪندڙ سان محبت نٿو رکي |
وَمِنَ الأَنعٰمِ حَمولَةً وَفَرشًا كُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 142) |
۽ جانورن مان ڪي وڏا جانور بار لاءِ ۽ ڪي ننڍا جانور پيدا فرمايائين، توهان کائو جيڪي الله توهان کي رزق ڏنو آهي ۽ شيطان جي نقشِ قدم تي نه هَلو، بيشڪ اهو توهان جو صاف دشمن آهي |
ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ مِنَ الضَّأنِ اثنَينِ وَمِنَ المَعزِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ نَبِّـٔونى بِعِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 143) |
اَٺَ (8) قِسم (چؤپاين جا حلال) آهن، هڪ جوڙي دُنبن مان ۽ هڪ جوڙي ٻڪرين مان، توهان فرمايو ڇا الله ٻَئِي نَر حرام ڪيا يا ٻَئِي ماديون يا اهو جنهنکي ٻنهي مادين پيٽ ۾ رکيو آهي؟ توهان مون کي علم سان ٻڌايو جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
وَمِنَ الإِبِلِ اثنَينِ وَمِنَ البَقَرِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ وَصّىٰكُمُ اللَّهُ بِهٰذا فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا لِيُضِلَّ النّاسَ بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 144) |
۽ هڪ جوڙي اُٺَن مان ۽ هڪ جوڙي ڍڳن مان، توهان فرمايو ڇا الله ٻَئِي نَر حرام ڪيا يا ٻَئِي ماديون يا اهو جنهنکي ٻنهي مادين پيٽ ۾ رکيو آهي؟ ڇا توهان موجود هئا جڏهن الله توهان کي (انهن حلال جانورن جي حرام هجڻ جو) حڪم ڏنو هو، پوءِ اهو ڪير آهي وڌيڪ ظالم انهيءَ کان جنهن الله تي ڪُوڙ مڙهيو انهي لاءِ ته ماڻهن کي گمراه ڪري علم کان سواءِ، بيشڪ الله تعالى نٿو هدايت ڏئي ظالمن جي قوم کي |
قُل لا أَجِدُ فى ما أوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلىٰ طاعِمٍ يَطعَمُهُ إِلّا أَن يَكونَ مَيتَةً أَو دَمًا مَسفوحًا أَو لَحمَ خِنزيرٍ فَإِنَّهُ رِجسٌ أَو فِسقًا أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 145) |
رسولِ عربي توهان فرمايو، آئون وحي رباني موجب انهن (حلال جانورن) جو کائڻ حرام نٿو سمجھان مگر اهي جانور جيڪي انهن مان مردار ڪيا ويا يا سِير وارو رَتُ يا سُوئر جو گوشت پوءِ بيشڪ اهو پليد (۽ حرام) آهي يا گناه واري شيءِ جنهن تي ڪُهڻ وقت غيرالله جو نالو ورتو ويو، پوءِ جيڪو ماڻهو (حرام کائڻ لاءِ) مجبور ڪيو ويو ۽ دل سان گھڻو نه کاڌائين پوءِ بيشڪ رسولِ عربيءَ جو رب بخشيندڙ ٻاجهارو آهي |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا كُلَّ ذى ظُفُرٍ وَمِنَ البَقَرِ وَالغَنَمِ حَرَّمنا عَلَيهِم شُحومَهُما إِلّا ما حَمَلَت ظُهورُهُما أَوِ الحَوايا أَو مَا اختَلَطَ بِعَظمٍ ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِبَغيِهِم وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 146) |
۽ اسان حرام ڪيو يهودين تي هر ناخن دار جانور، ۽ اسان حرام ڪيو ڍڳين ۽ ٻڪرين مان انهن يهودين تي انهن جانورن جي چرٻي مگر جيڪا چرٻي لڳل هجي انهن جي پٺين تي يا آنڊا يا جيڪا مِکُ انهن جي هڏن ۾ آهي، يهودين جي بغاوت سببان اها انهن جي جزا آهي، ۽ بيشڪ اسان سچا آهيون |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقُل رَبُّكُم ذو رَحمَةٍ وٰسِعَةٍ وَلا يُرَدُّ بَأسُهُ عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 147) |
پوءِ جيڪڏهن توهان کي ڪُوڙو سمجھن پوءِ توهان فرمايو توهان جو رب گھڻي رحمت وارو آهي، الله جو عذاب نٿو ڦيرايو وڃي مجرمن جي قوم تان |
سَيَقولُ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكنا وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم حَتّىٰ ذاقوا بَأسَنا قُل هَل عِندَكُم مِن عِلمٍ فَتُخرِجوهُ لَنا إِن تَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن أَنتُم إِلّا تَخرُصونَ (آيت : 148) |
جلدي چوندا مشرڪ جيڪڏهن الله چاهي ها ته اسين ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا شرڪ نه ڪن ها ۽ اسين پاڻ ڪا شيءِ حرام نه ڪريون ها، اهڙي طرح ڪُوڙو سمجھائون (نبين کي) انهن ماڻهن جيڪي انهن کان اڳ ۾ هئا ايستائين جو اسان جو عذاب چکيائون، توهان فرمايو ڇا توهان وٽ ڪو علم آهي پوءِ ان کي اسان لاءِ ظاهر ڪريو؟ توهان تابعداري ڪريو ٿا پنهنجي گمان جي ۽ توهان ته فقط اندازو ڪريو ٿا |
قُل فَلِلَّهِ الحُجَّةُ البٰلِغَةُ فَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 149) |
رسولِ عربي توهان فرمايو ته الله تعالى وٽ سڀئي دليل آهن، پوءِ الله جيڪڏهن چاهي ته توهان سڀني کي هدايت فرمائي |
قُل هَلُمَّ شُهَداءَكُمُ الَّذينَ يَشهَدونَ أَنَّ اللَّهَ حَرَّمَ هٰذا فَإِن شَهِدوا فَلا تَشهَد مَعَهُم وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 150) |
رسولِ عربي توهان فرمايو آڻيو پنهنجا شاهد جيڪي شاهدي ڏين ته بيشڪ الله انهن شين کي حرام ڪيو آهي، پوءِ جيڪڏهن شاهدي ڏين (بالفرض) پوءِ توهان انهن سان گڏ شاهدي نه ڏيو، ۽ توهان انهن جي سَڌُن جي تابعداري نه ڪريو، جن ماڻهن ڪُوڙو سمجھو اسان جي آيتن کي ۽ اهي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻن ۽ اهي ماڻهو پنهنجي رب سان برابري ڪن ٿا |
قُل تَعالَوا أَتلُ ما حَرَّمَ رَبُّكُم عَلَيكُم أَلّا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم مِن إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُكُم وَإِيّاهُم وَلا تَقرَبُوا الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 151) |
اي حبيب ! توهان فرمايو توهان اچو آئون توهان کي پڙهي ٻڌايان جيڪي توهان جي رب توهان تي حرام ڪيو آهي ته الله سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريو ۽ پيءُ ۽ ماءُ سان نيڪي ڪريو، ۽ نه قتل ڪريو توهان پنهنجي اولاد کي غربت سببان، اسين توهان کي ۽ انهن کي رزق ڏينداسين، ۽ نه ويجھا وڃو بي حيائي کي جيڪا ظاهر ۾ آهي يا باطن ۾ آهي، ۽ جنهن شخص جي قتل ڪرڻ کي الله حرام ڪيو آهي اُن کي قتل نه ڪريو مگر شريعت موجب، انهن ڪمن لاءِ الله توهان کي حڪم فرمائي ٿو ته مَن توهان سمجھو |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ بِالقِسطِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَإِذا قُلتُم فَاعدِلوا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَبِعَهدِ اللَّهِ أَوفوا ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 152) |
۽ توهان ويجھا نه وڃو يتيم جي ملڪيت کي مگر ان جي سهڻي نموني سان حفاظت ڪريو، ايستائين جو اهو پهچي پنهنجي جواني کي، ۽ ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪريو، نٿا تڪليف ڏيون اسان انسان کي مگر سندس طاقت آهر، ۽ جنهن وقت ڳالهايو توهان (فيصلي ۾) پوءِ انصاف ڪريو جيتوڻيڪ توهان جا مائٽ هجن، ۽ شريعت جا احڪام پورا ڪريو، اِنهن ڪمن جو الله توهان کي حڪم فرمائي ٿو، من توهان نصيحت وٺو |
وَأَنَّ هٰذا صِرٰطى مُستَقيمًا فَاتَّبِعوهُ وَلا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُم عَن سَبيلِهِ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 153) |
۽ بيشڪ هيءُ منهنجي واٽ سڌي آهي پوءِ توهان سڌي واٽ تي هلو، ۽ غلط رستي تي نه هلو ورنه توهان الله جي راه کان پري ٿيندا، انهن ڪمن جو الله توهان کي حڪم فرمائي ٿو ته من توهان الله تعالى جي عذاب کان ڊڄو |
ثُمَّ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ تَمامًا عَلَى الَّذى أَحسَنَ وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم بِلِقاءِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 154) |
انهيءَ کان پوءِ اسان موسيٰ کي تورات نعمت ڪري عطا ڪيو اُنهيءَ ماڻهو لاءِ جيڪو نيڪوڪار آهي ۽ تفصيل هر شيءِ جو ۽ هدايت ۽ رحمت ته من اِهي (بني اسرائيل) پنهنجي رب جي ملاقات تي ايمان آڻين |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعوهُ وَاتَّقوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 155) |
۽ هي قرآن وڏي برڪت وارو ڪتاب آهي جنهنکي اسان نازل فرمايو آهي پوءِ توهان ان جي تابعداري ڪريو ۽ خوف ڪريو ته من توهان تي رحم ڪيو وڃي |
أَن تَقولوا إِنَّما أُنزِلَ الكِتٰبُ عَلىٰ طائِفَتَينِ مِن قَبلِنا وَإِن كُنّا عَن دِراسَتِهِم لَغٰفِلينَ (آيت : 156) |
متان توهان چئو ته فقط ڪتاب نازل ڪيا ويا ٻن گروهن (يهودين ۽ عيسائن) تي اسان کان اڳ ۾، ۽ بيشڪ اسان انهن ڪتابن جي پڙهڻ کان بي خبر هئاسين |
أَو تَقولوا لَو أَنّا أُنزِلَ عَلَينَا الكِتٰبُ لَكُنّا أَهدىٰ مِنهُم فَقَد جاءَكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَصَدَفَ عَنها سَنَجزِى الَّذينَ يَصدِفونَ عَن ءايٰتِنا سوءَ العَذابِ بِما كانوا يَصدِفونَ (آيت : 157) |
يا هينئن چئو ته، جيڪڏهن اسان تي ڪتاب نازل ڪيو وڃي ها ته اسان انهن کان وڌيڪ هدايت تي هجون ها، پوءِ بيشڪ توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان بيان آيو ۽ هدايت ۽ رحمت، پوءِ اُن کان زياده ظالم ڪير آهي جيڪو رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم کي ڪُوڙو سمجھي ۽ قرآن کان مُنهن موڙي، جلدي اسين جزا ڏينداسين انهن ماڻهن کي جيڪي روڪين ٿا اسان جي آيتن کان، اسين انهن کي سخت عذاب ڏينداسين سندن روڪڻ سببان |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ رَبُّكَ أَو يَأتِىَ بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ يَومَ يَأتى بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ لا يَنفَعُ نَفسًا إيمٰنُها لَم تَكُن ءامَنَت مِن قَبلُ أَو كَسَبَت فى إيمٰنِها خَيرًا قُلِ انتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 158) |
نه انتظار ڪن مگر جو اچن انهن وٽ ملائڪ (ساهه ڪڍڻ لاءِ) يا اچي انهن وٽ عذاب رب تنهنجي جو يا اچن ڪي نشانيون رب تنهنجي جون، انهيءَ ڏينهن جو اچن ڪجھه نشانيون تنهنجي رب جون، نٿو نفعو ڏئي انهن ماڻهو کي (ان وقت) سندس ايمان آڻڻ، يا نيڪ عمل جيڪي اڳ ۾ ڪيا هوندائين، رسولِ عربي توهان فرمايو توهان انتظار ڪريو بيشڪ آئون انتظار ڪندڙ آهيان |
إِنَّ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا لَستَ مِنهُم فى شَيءٍ إِنَّما أَمرُهُم إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 159) |
بيشڪ جن ماڻهن پنهنجي دين ۾ تفرقو وڌو ۽ ٿي پيا گروه توهان جو انهن سان ڪو تعلق ناهي، انهن جو معاملو الله وٽ آهي، پوءِ الله انهن کي سندن بداعمالي جي جزا ڏيندو |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ عَشرُ أَمثالِها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 160) |
جنهن ماڻهوءَ نيڪي ڪئي پوءِ اُن لاءِ ڏَهَه (10) درجا نيڪيءَ جا آهن، ۽ جنهن ماڻهو برائي ڪئي پوءِ کيس سندس برائي جهڙي سزا ڏني ويندا ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو |
قُل إِنَّنى هَدىٰنى رَبّى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ دينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 161) |
رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ مون کي منهنجي رب سنئين رستي جي هدايت ڏني آهي، (يعنى) دينِ ابراهيمي جيڪو حق ڏانهن لڙندڙ آهي ۽ (حضرت ابراهيم) مشرڪن مان نه هو |
قُل إِنَّ صَلاتى وَنُسُكى وَمَحياىَ وَمَماتى لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 162) |
رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ منهنجي نماز ۽ منهنجي قرباني ۽ منهنجي زندگي ۽ وِصال سڀ الله لاءِ آهي جيڪو رب آهي جهانن جو |
لا شَريكَ لَهُ وَبِذٰلِكَ أُمِرتُ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُسلِمينَ (آيت : 163) |
الله جو ڪوبه شريڪ ناهي، ۽ مون کي اهو حڪم ڪيو ويو ۽ آئون پهريون فرمانبردار آهيان (هن اُمت مان) |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَبغى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَيءٍ وَلا تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ إِلّا عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 164) |
رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا آئون الله کان سواءِ رب طلب ڪريان حالانڪ اهو رب آهي هر شيءِ جو ۽ نٿو گناه ڪري انسان مگر اُن جي جزا ان تي آهي، ۽ ڪوبه ماڻهو ڪنهن جو بار نٿو کڻي، انهي کان پوءِ توهان کي الله ڏانهن موٽڻو آهي پوءِ اهو توهان کي خبر ڏيندو جنهن ۾ اختلاف ڪندا هئا |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ الأَرضِ وَرَفَعَ بَعضَكُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم إِنَّ رَبَّكَ سَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 165) |
۽ الله اهو آهي جنهن توهان کي زمين ۾ جاءِ نشين بنايو ۽ ڪِن ماڻهن کي ڪِن ماڻهن تي درجا ڏنا انهي لاءِ ته توهان کي آزمائي جيڪي توهان کي ڏنو اٿس، بيشڪ تنهنجو رب جلدي سزا ڏيندڙ آهي، ۽ بيشڪ اهو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |