الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1) |
هر ڪا واکاڻ الله کي ئي جڳائي ٿي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ اونداهين ۽ روشنيءَ کي بڻايائين، پوءِ به ڪافر (ٻين کي) پنهنجي ڌڻيءَ جي برابر سمجهن ٿا. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2) |
اهوئي آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ (موت جو) وقت مقرر ڪيائين. هڪ مقرر وقت ان وٽ (ٻيو به) آهي، پوءِ به اوهين شڪ ڪريو ٿا؟ |
وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3) |
اهوئي الله آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ به. اهو اوهان جي ڳجهين ۽ پڌرين ڳالهين کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي عمل ڪريو ٿا، انهن کي ڄاڻي ٿو. |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4) |
سندن رب وٽان سندس نشانين مان جيڪا به نشاني ٿي اچي، اهي ان کان منهن موڙين ٿا. |
فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5) |
جڏهن وٽن حق آيو، ته ان کي به ڪوڙو ڪيائون. پوءِ جن ڳالهين تي چٿرون ڪندا هئا. تن جي خبر کين جلدي پوندي. |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6) |
ڇا هنن نه ڏٺو آهي؟ ته کانئن اڳ اسان ڪيترين اهڙين امتن کي ناس ڪيو، جن کي زمين ۾ اهڙو ڄمايو هوسون، جو اوهانکي به نه ڄمايو اٿئون. ۽ مٿن آسمان مان لڳو لڳ، مينهن وسايو سون ۽ انهن لاءِ نهرون بڻايون سين، جي سندن (ڳوٺن) هيٺان وهيون ٿي، پوءِ سندن گناهن ڪري کين ناس ڪيوسون ۽ انهن کان پوءِ ٻيون امتون پيدا ڪيون سين. |
وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
جيڪڏهن اسين توتي ڪاغذن تي لکيل ڪتاب نازل ڪريون ها ۽ اهي ان کي سندن هٿن سان به ڇهن ها، ته به ڪافر ائين ئي چون ها، ته ”هي پڌري جادوءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.“ |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8) |
۽ چون ٿا ته ”مٿس فرشتو ڇو نه آيو؟“ جيڪڏهن اسين فرشتو موڪليون ها ته ڳالهه ئي فيصل ٿي وڃي ها. پوءِ کين مهلت به نه ملي ها. |
وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن اسين فرشتو (رسول ڪري) موڪليون ها، ته به ماڻهوءَ جي شڪل ۾ هجي ها ۽ اسين کين انهيءَ شڪ ۾ وجهون ها، جو شڪ هو ڪري رهيا آهن. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
توکان اڳ به رسولن سان مسخريون ٿينديون رهيون آهن، پوءِ جي ماڻهو انهن سان مسخريون ڪندا هئا، تن کي مسخرين جي سزا گهيري ورتو. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
چئو ته زمين جو سير ڪريو، ۽ ڏسو ته (رسولن کي) ڪوڙو ڪندڙن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿئي! |
قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12) |
(انهن کان) پڇ ته ”جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، اهو ڪنهن جو آهي؟“ چئو ”الله جو،“ ان پنهنجي پاڻ تي رحمت کي لازم ڪيو آهي. هو اوهان سڀني کي قيامت ڏينهن ضرور ڪٺو ڪندو، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي سي ايمان نه آڻيندا. |
وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13) |
۽ جيڪا مخلوق رات ۽ ڏينهن ۾ رهي ٿي. اها سندس آهي ۽ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14) |
چئو ڇا. آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪندڙ الله کي ڇڏي، ڪنهن ٻئي کي ڪارساز بڻايان؟ ۽ اهو (سڀ کي) روزي ڏئي ٿو، ۽ ڪو به کيس روزي نه ٿو ڏئي. چئو ته مون کي حڪم مليو آهي ته آءٌ سڀ کان اڳ حڪم مڃيندڙ ٿيان ۽ تون هرگز ان سان ٻيا ڀائيوار بڻائيندڙ نه ٿيءُ. |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
چئو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي رب جي نافرماني ڪندس ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي. |
مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16) |
جنهن کان ان ڏينهن عذاب ٽري ويو ته ان تي برابر الله جي مهرباني ٿي ۽ اها پڌري ڪاميابي آهي. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
۽ جيڪڏهن الله توکي ڏک ڏئي، ته ڪو به ان کي ٽارڻ وارو ڪو نه آهي ان کان سواءِ (اِلّا هو) ۽ جيڪڏهن توکي فائدو ڏئي ته هو هر ڳالهه تي وس وارو آهي. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18) |
۽ اهو پنهنجي بندن تي غالب آهي ۽ اهو داناءُ ۽ خبردار آهي. |
قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19) |
تون پڇ ته سڀ کان وڏو گواهه ڪير آهي؟ چئو ته الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ گواهه آهي ۽ هي قرآن مون ڏانهن هن ڪري لاٿو ويو آهي، ته آءٌ ان سان اوهان کي ۽ جن کي (اهو قرآن) پهچي، ڊيڄاريان، ڇا اوهين اها شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان ٻيو به ڪو بندگيءَ جو لائق آهي؟ چئو ته گواهي نه ٿو ڏيان. چئو ته اهو ئي هڪ بندگيءَ جو لائق آهي ۽ جن کي اوهين ان جا ڀائيوار بڻايو ٿا، آءٌ انهن کان بيزار آهيان. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، سي ان کي ائين سڃاڻن ٿا، جيئن پنهنجي پٽن کي سڃاڻن ٿا. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي، سي ايمان نه آڻيندا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21) |
۽ ان کان ڪير وڌيڪ ظالم آهي، جو الله تي ڪوڙ گهڙي ۽ سندس آيتن کي ڪوڙو ڪري؟ بيشڪ ظالم ڇوٽڪارو نه پائيندا. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22) |
۽ جنهن ڏينهن اسان سڀني ماڻهن کي ڪٺو ڪنداسون، پوءِ مشرڪن کان پڇنداسون، ته ”اڄ اوهان جا اُهي سائين ڪٿي آهن، جن کي اوهين (الله جو ڀائيوار) ڀائيندا هئا؟“ |
ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23) |
پوءِ اُهي هن چوڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به فريب نه ڪري سگهندا ته الله جو قسم! اسان ڪنهن کي به ان جو ڀائيوار نه ٿي ڪيو.“ |
انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
ڏس ته ڪيئن نه پنهنجي خلاف ڪوڙ ڳالهايائون ۽ جيڪي ڪوڙ گهڙيندا هئا، سي کانئن ڀلجي ويا. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25) |
۽ انهن مان ڪي تو ڏانهن ڪن ڏين ٿا ۽ اسان سندن دلين تي پردا وڌا آهن، ته ان کي سمجهي نه سگهن ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙاڻ (وڌي اٿئون) ۽ جيڪڏهن اهي سڀ نشانيون به ڏسن ته به ان تي ايمان نه آڻيندا. ايستائين جو جڏهن تو وٽ بحث لاءِ اچن ٿا، ته ڪافر چون ٿا ته ”هي (قرآن) اڳين جي آکاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.“ |
وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26) |
۽ اهي ان کان (ٻين کي به) روڪين ٿا ۽ پاڻ به ڀڄن ٿا. مگر پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به برباد نٿا ڪن، پر اهي بي خبر آهن. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27) |
جيڪر تون انهن کي ان وقت ڏسين، جڏهن اهي دوزخ جي ڪناري تي کڙا ڪيا ويندا، پوءِ چوندا ته ”جيڪر اسين موٽائجون ته اسين پنهنجي رب جي آيتن کي ڪوڙو نه ڪريون ۽ مومن ٿي پئون!“ |
بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28) |
بلڪ جيڪي هو اڳ لڪائيندا هئا، سو پڌرو ٿي پيو ۽ جي موٽائبا ته وري به منع ڪيل ڪم وڃي ڪندا ۽ هو پڪ ڪوڙا آهن. |
وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29) |
۽ چون ٿا ته فقط دنيا جي حياتي ئي آهي ۽ اسين (مرڻ بعد) نه اٿارباسين. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30) |
پر جي تون کين ان وقت ڏسين، جڏهن پنهنجي رب وٽ بيهاربا ۽ هو چوندو ”ڇا هي حق نه آهي؟“ اهي چوندا ”هائو. اسان جي ڌڻيءَ جو قسم!“ چوندو ”جيڪو ڪفر ڪندا هؤ، ان جي بدلي عذاب چکو.“ |
قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31) |
جن الله جي ملاقات کي ڪوڙو سمجهيو، سي برابر نقصان ۾ آهن. ايتري تائين (جو مٿن قيامت جي) گهڙي اوچتو ايندي، ته چوندا ”افسوس! جو اسان ان بابت ڪوتاهي ڪئي“ ۽ اهي پنهنجو بار پٺن تي کنيو ايندا. ڏسو، ڪهڙو نه بڇڙو آهي جو کڻندا! |
وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32) |
دنيا جي حياتي راند ۽ تماشي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ۽ نيڪن لاءِ ته آخرت جو گهر ئي بهتر آهي، ڇا اوهين نٿا سمجهو؟ |
قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33) |
اسان کي خبر آهي ته سندن ڳالهيون توکي غم ۾ وجهن ٿيون پر هو توکي ڪوڙونه ٿا چون، مگر ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا. |
وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34) |
بيشڪ توکان اڳ به رسولن کي ڪوڙو ڪيو ويو، پوءِ انهن سندن ڪوڙي ڪرڻ ۽ ايذاءُ تي صبر ڪيو. ايتري تائين، جو وٽن اسان جي مدد پهچي- الله جي ڳالهين کي ڪو به بدلائيندڙ نه آهي ۽ تو وٽ ته رسولن جون خبرون پهچي چڪيون آهن. |
وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35) |
پر جي توکي سندن منهن موڙڻ ڏکيو لڳي ٿو ته جي توکان پڄي، ته زمين ۾ سرنگهه يا آسمان ۾ ڏاڪڻ ڳولي ڪڍ، ته کين نشاني آڻي ڏيکارين ۽ جي الله گهري ته هوند سڀني کي هدايت تي ڪٺو ڪري، ان ڪري تون اڻ ڄاڻن مان نه ٿيءُ. |
إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36) |
(حق کي) اُهي ئي قبول ڪن ٿا، جي ٻڌن ٿا ۽ مئلن کي الله ئي اٿاريندو. پوءِ ان ڏانهن ئي موٽايا ويندا. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37) |
۽ چون ٿا ته ”نبيءَ تي سندس رب کان ڪا نشاني ڇو نه لٿي؟“ چئو ته ”الله نشاني لاهڻ تي وس وارو آهي، مگر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.“ |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38) |
۽ زمين ۾ جيڪو گهمندڙ جانور ۽ سندن پرن سان اڏامندڙ پکي آهي سو اوهان جيئن جماعتون رکندڙ آهي، اسان لکڻ ۾ ڪنهن به ڳالهه جي گهٽتائي نه ڪئي. پوءِ اهي پنهنجي رب وٽ ڪٺا ڪيا ويندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39) |
جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، سي ٻوڙا ۽ گونگا، اونداهين ۾ گم آهن. الله جنهن کي وڻيس ته گمراهه ڪري ۽ جنهن کي وڻيس ته سنئينءَ واٽ تي رکي. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40) |
چئو ته ڀلا ڏسو، جيڪڏهن اوهان تي الله جو عذاب اچي يا قيامت اچي ته به الله کان سواءِ ٻئي کي پڪاريندؤ؟ جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟ |
بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41) |
(نه) بلڪ ان کي ئي سڏيندا- پوءِ جي هو گهري، ته جنهن (دک) لاءِ اوهين کيس پڪاريو ٿا ان کي لاهي ۽ اوهين جن کي شريڪ ڪريو ٿا تن کي وساري ٿا ڇڏيو. |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42) |
۽ اوهان کان اڳ گهڻين ئي امتن ڏانهن رسول موڪلياسون، پوءِ انهن کي سختي ۽ تڪليف ڏيڻ سان پڪڙ ڪئي سون، ته من هو عاجزي ڪن. |
فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43) |
پوءِ هنن ڇو مٿن اسان جي عذاب اچڻ تي عاجزي نه ڪئي؟ مگر سندن دليون سخت ٿي ويون هيون ۽ شيطان سندن ڪيتن کي سندن نظر ۾ سهڻو ڪري ڏيکاريو. |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44) |
پوءِ جڏهن انهن، کين ڪيل نصيحت کي وساريو، ته اسان مٿن هر هڪ شيءِ جو دروازو کولي ڇڏيو، تان جو جڏهن هو ڏنل شين تي خوش ٿيا، ته پوءِ اسان کين اوچتي پڪڙ ڪئي ان وقت هو مايوس ٿي پيا. |
فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45) |
پوءِ ظالم ماڻهن جي پاڙ پٽجي ويئي ۽ جهانن جي پالڻهار الله کي ئي واکاڻ جڳائي. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46) |
چئو، ڏسو ته سهي، ته جيڪڏهن الله اوهان جي ڪنن ۽ اکين کي کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر هڻي، ته الله ڌاران ٻيو ڪهڙو سائين آهي، جو اوهان کي ڏئي؟ ڏس ته ڪيئن اسين پنهنجين آيتن کي جدا جدا نمونن ۾ ورائي ورائي بيان ڪريون ٿا، پوءِ به اُهي منهن موڙين ٿا. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47) |
چئو، ڏسو ته سهي، جي اوهان وٽ الله جو عذاب اوچتو يا پڌري پٽ اچي، ته ظالم ماڻهن ڌاران ڪو ٻيو به ناس ٿيندو؟ |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48) |
اسين رسولن کي رڳو خوشخبري ٻڌائڻ يا ڊيڄارڻ لاءِ موڪليندا آهيون. پوءِ جنهن ايمان آندو ۽ پاڻ سڌاريائين، ته نه انهن تي ڪجهه خوف ٿيندو ۽ نه اهي غم کائيندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49) |
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، ته انهن کي سندن بدعمليءَ ڪري عذاب لاڳو ٿيندو. |
قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50) |
چئو ته آءٌ اوهان کي نه ٿو چوان، ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نڪي آءٌ غيب ڄاڻان ٿو ۽ نڪي آءٌ اوهان کي چوان ٿو ته آءٌ ملائڪ آهيان. آءٌ ته رڳي ان جي پيروي ڪريان ٿو، جو مون ڏانهن وحي ٿئي ٿو. پڇ ته، انڌو ۽ سڄو برابر ٿي سگهن ٿا؟ پوءِ اوهين ڇو غور نٿا ڪريو. |
وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51) |
۽ جي شخص انهيءَ کان ڊڄن ٿا ته هو پنهنجي رب وٽ حاضر ٿيندا ۽ انهن لاءِ ان (الله) ڌاران نه ڪو مددگار ۽ نه سفارشي هوندو، انهن کي ان (وحي سان) ڊيڄار، ته عجب نه آهي ته هو نيڪ ٿين. |
وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52) |
۽ اهڙن کي لوڌي نه ڪڍ، جي صبح شام پنهنجي رب کان دعا گهرن ٿا ۽ سندس ئي رضا طلبين ٿا، انهن جي ڪمن جي توتي ڪا به جوابداري نه آهي ۽ نه اوهان جي ڪا جوابداري انهن تي آهي، جو تون انهن کي تڙين، پوءِ تون ظالمن مان ٿي پوندين. |
وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53) |
۽ ايئن اسان ڪن کي ڪن سان پرکيو آهي ته هو چون ته ڇا هي آهن، جن تي الله اسان مان انعام ڪيو آهي؟ ڇا الله شڪر ڪندڙن کي چڱيءَ طرح نٿو ڄاڻي؟ |
وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54) |
جڏهن تو وٽ اسان جي آيتن تي ايمان رکندڙ ماڻهو اچن ٿا ته تون چئو ته اوهان تي سلامتي هجي- اوهان جي رب پاڻ تي رحمت کي لازم ڪري ڇڏيو آهي- ته جيڪو اوهان مان ناداني کان بڇڙائي ڪري، پوءِ ان بعد توبهه ڪندو ۽ پاڻ سڌاريندو، ته بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55) |
۽ ايئن اسين پنهنجي آيتن کي کولي بيان ڪريون ٿا ۽ هن لاءِ به، ته ڏوهارين جو رستو پڌرو ٿئي. |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56) |
چئو ته اوهين الله ڌاران جن کي پڪاريو ٿا تن جي عبادت جي مون کي منع ڪيل آهي- چئو ته آءٌ توهان جي خواهشن جي پيروي نه ڪندس، (نه ته) آءٌ ان وقت گمراهه ٿيندس ۽ هدايت پائيندڙن مان نه ٿيندس. |
قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57) |
چئو ته آءٌ پنهنجي رب طرفان روشن دليل تي آهيان ۽ اوهان ان کي ڪوڙو سمجهيو. جنهن (عذاب) جي جلدي ڪريو ٿا، سو مون وٽ نه آهي- حڪم ته رڳو الله ئي جي اختيار ۾ آهي، هو سچ کي بيان ڪندو آهي ۽ اهوئي سڀ کان سٺو فيصلو ڪندڙ آهي. |
قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58) |
چئو ته جنهن (عذاب) جي جلدي ڪري رهيا آهيو سو جي منهنجي هٿ ۾ هجي ها، ته هوند اوهان ۽ منهنجي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها ۽ الله ظالمن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59) |
ان وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن، جن کي ان ڌاران ڪو به نٿو ڄاڻي، جيڪي زمين خواهه پاڻيءَ ۾ آهي، سو هو ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو به پن ڪري ٿو سو هو ڄاڻي ٿو ۽ زمين جي اونداهين جو هر هڪ ذرو ۽ هر ڪا سڪي خواهه آلي چيز پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهي. |
وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60) |
۽ هو اهو آهي جو رات جو اوهان کي (ڄڻ ته) ماري ٿو ۽ جيڪي اوهين ڏينهن جو ڪريو ٿا ان کي (به) ڄاڻي ٿو. وري اوهان کي ڏينهن جو هن لاءِ اٿاري ٿو ته (عمر جو) مقرر وقت پورو ٿئي، پوءِ ان ڏانهن ئي موٽندؤ، پوءِ جيڪي اوهين ڪندا هئا انهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61) |
۽ هو پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي ۽ اوهان تي نگهبان موڪلي ٿو. تان جو اوهان مان ڪنهن تي موت اچي ٿو، ته اسان جا ملائڪ ان کي مارين ٿا ۽ اهي ڪا به ڪوتاهي نه ٿا ڪن. |
ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62) |
پوءِ اوهين پنهنجي سچي مالڪ ڏانهن موٽايا ويندا- ياد رکو! حڪم ان جو ئي آهي ۽ اهو نهايت جلدي حساب وٺڻ وارو آهي. |
قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63) |
چئو ته ڪير اوهان کي بيابان ۽ سمنڊ جي اونداهين کان ڇڏائي ٿو؟ جڏهن کيس عاجزي سان ۽ ڳجهو پڪاريو ٿا ته جي تون اسان کي هن کان ڇڏائيندين ته اسين شڪر گذارن مان ٿينداسون. |
قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64) |
چئو ته الله ئي اوهان کي ان کان ۽ هر هڪ سختي کان ڇڏائي ٿو. پوءِ وري اوهين (ان سان) ڀائيوار بنايو ٿا. |
قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65) |
چئو ته هو انهيءَ تي وس وارو آهي، ته اوهان تي اوهان مٿان يا اوهان جي پيرن هيٺان عذاب موڪلي، يا اوهان کي ٽولا ٽولا ڪري ڇڏي ۽ اوهان کي هڪ ٻئي جي لڙائي جو مزو چکائي. ڏس ته اسين ڪيئن پنهنجين آيتن کي ورائي ورائي بيان ڪريون ٿا ته اهي سمجهن. |
وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66) |
۽ ان (قرآن) کي تنهنجي قوم ڪوڙ ڀانيو، پر اهو بلڪل سچ آهي، چئو ته آءٌ اوهان جو جوابدار نه آهيان. |
لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67) |
هر هڪ خبر لاءِ وقت مقرر آهي ۽ جلد ئي ڄاڻندؤ. |
وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68) |
جڏهن تون اهڙن کي اسان جي آيتن ۾ اجايو بحث ڪندو ڏسين، ته انهن کان منهن موڙ، جيسين ٻين ڳالهين ۾ مشغول نه ٿين- پر جي شيطان توکان اهو وسارائي، ته ياد اچڻ کان پوءِ ظالم ماڻهن سان نه ويهه. |
وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69) |
۽ جيڪي نيڪ آهن انهن تي ظالمن جي حساب جي جوابداري نه آهي، مگر نصيحت ڪرڻ گهرجي، ته من اهي بچن. |
وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
۽ هنن پنهنجن دين کي کيڏ ۽ تماشو بڻائي رکيو آهي ۽ دنيا جي حياتي کين دوکي ۾ وڌو آهي، تن کي ڇڏي ڏي ۽ ان (قرآن) سان نصيحت ڪندو رهه، ته ڪو به ماڻهو پنهنجي عملن ڪري (ان ڏينهن) مصيبت ۾ نه پوي، جڏهن الله کان سواءِ ڪو مددگار ۽ سفارشي نه هوندو ۽ جيڪڏهن هر ڪا چيز بدلي ۾ ڏيڻ گهرندو ته به قبول نه پوندي. اهي ئي آهن، جي پنهنجي عملن جي مصيبت ۾ پيا. انهن لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ دردناڪ عذاب هوندو، جو هو ڪفر ڪندا هئا. |
قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71) |
چئو ته ڇا، اسين الله کانسواءِ انهن کي سڏيون، جي اسان کي نه نفعو ڏين ٿا ۽ نه نقصان؟ ۽ الله جي رستي ڏيکارڻ کان پوءِ اسين پوئين پير موٽي وڃون؟ جيئن جهنگ ۾ ڪنهن کي شيطان ڀلائي ڇڏيو هجي، هو حيران هجي ۽ ڪي ان جا سنگتي کيس رستي ڏانهن سڏي رهيا هجن، ته اسان ڏانهن اچ! چئو ته الله جو رستو ئي سڌو رستو آهي ۽ اسان کي ته جهانن جي رب جي فرمانبرداريءَ جو حڪم ڏنل آهي. |
وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72) |
۽ هيءُ (به) ته نماز کي قائم رکو، ان کان ڊڄندا رهو ۽ اهوئي آهي، جنهن ڏي ڪٺا ڪيا ويندؤ. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73) |
۽ اهوئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي ٺيڪ طرح پيدا ڪيو ۽ ان ڏينهن حڪم فرمائيندو ته ٿي پئو ته (اها) ٿي پوندي. سندس فرمان حق آهي. جڏن صور ڦوڪي ويندي ان ڏينهن سندس ئي بادشاهي هوندي، هو ڳجهه ۽ ظاهر (سڀ) جو ڄاڻندڙ آهي ۽ اهوئي داناءُ ۽ خبردار آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو ته ”اوهين بتن کي ڌڻي ڇو ٿا بڻايو؟ آءٌ ڏسان ٿو ته تون ۽ تنهنجي قوم پڌريءَ گمراهي ۾ آهيو.“ |
وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75) |
۽ اهڙي طرح ابراهيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ڏيکاري سون ته هو يقين ڪندڙن مان ٿئي. |
فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن مٿس رات ڇانئجي ويئي ۽ هن تاري کي ڏٺو چيائين ته ”هي منهنجو رب آهي!“ جڏهن اهو لهي ويو، تڏهن چيائين ته ”مون کي لهي ويندڙ پسند نه آهي.“ |
فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77) |
وري جڏهن چنڊ کي چمڪندو ڏٺائين چيائين ته ”هي منهنجو رب آهي.“ جڏهن اهو لٿو ته چيائين ”جيڪڏهن منهنجو رب مون کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو ته آءٌ ڀٽڪندڙ ماڻهن مان ٿي پوندس.“ |
فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78) |
وري جڏهن سج کي روشن ڏٺائين، چيائين ”هي منهنجو رب آهي، هي وڏو آهي“ جڏهن اهو (به) لٿو ته چيائين ”اي منهنجي قوم! اوهين جن کي (خدا جو) شريڪ بڻايو ٿا، آءٌ انهن کان بيزار آهيان.“ |
إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79) |
مون پنهنجو رخ ٻين سڀني کان موڙي ان ڏانهن ڪيو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي ۽ ان سان ٻيا ڀائيوار بنائيندڙن مان نه آهيان.“ |
وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80) |
سندس قوم انهيءَ تي ساڻس بحث ڪرڻ لڳي، چيائين ته ڇا اوهين مون سان الله بابت بحث ڪريو ٿا ۽ ان ئي ته مون کي سڌو رستو ڏيکاريو آهي ۽ جن کي اوهين سندس ڀائيوار بڻايو ٿا، آءٌ انهن کان نٿو ڊڄان، پر جيڪي منهنجو رب گهري، منهنجي رب هر هڪ شيءِ کي پنهنجي علم جي گهيري ۾ رکيو آهي. ڇا اوهين نصيحت نٿا وٺو؟ |
وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81) |
آءٌ انهن کان ڪيئن ڊڄان، جن کي اوهين الله جو شريڪ بڻايو ٿا، جڏهن اوهان ان کان نه ٿا ڊڄو، جو الله جا شريڪ بڻايو ٿا، جنهن لاءِ الله اوهان ڏانهن ڪا سند نه لاٿي آهي. جيڪڏهن سمجهه رکو ٿا ته پوءِ (ٻڌايو ته) ڪهڙو ٽولو امن جو وڌيڪ حقدار آهي؟ |
الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82) |
جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم سان نه ملايائون، انهن لاءِ امن آهي. ۽ اهي ئي سنئون رستو لهندڙ آهن. |
وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83) |
۽ اهو اسان جو دليل هو، جو ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾ ڏنوسون. اسين انهن کي درجن ۾ بلند ڪريون ٿا، جن کي گهرون. بيشڪ تنهنجو رب داناءُ ۽ خبردار آهي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84) |
۽ اسان ان کي اسحاق ۽ يعقوب بخشيا ۽ سڀني کي سنئون رستو ڏيکاريوسون ۽ ان کان اڳ نوح کي به سنئون رستو ڏيکاريوسون ۽ سندس اولاد مان دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسيٰ ۽ هارون کي به، ۽ اسين ائين نيڪن کي بدلو ڏيندا آهيون. |
وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85) |
۽ زڪريا، يحيٰ، عيسيٰ ۽ الياس کي به. اهي سڀ نيڪن مان هئا. |
وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86) |
۽ اسماعيل، يسع، يونس ۽ لوط کي به. انهن سڀني کي دنيا جي ماڻهن تي ڀلائي بخشي سون. |
وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87) |
۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن اولاد ۽ ڀائرن مان به ڪيترن کي. ۽ انهن سڀني کي چونڊيوسون ۽ انهن کي سڌو رستو به ڏيکاريوسون. |
ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88) |
اهو الله جو ڏسيل سنئون رستو آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي وڻيس، ان کي سنئون رستو ڏيکاري ۽ جي اهي الله سان ٻيا ڀائيوار ڪن ها ته سندن سڀ عمل چٽ ٿي وڃن ها، جي هو ڪندا هئا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89) |
اهي ئي هئا جن کي ڪتاب، حڪومت ۽ نبوت عطا ڪئي سون، جيڪڏهن اهي انهن ڳالهين جو انڪار ڪن ته اسان ان جي (پيروي) هڪ اهڙي قوم جي حوالي ڪئي، جي انڪار ڪندڙ نه آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90) |
۽ اهي ئي آهن جن کي الله سنئون رستو ڏيکاريو آهي، پوءِ تون به انهن جي هدايت جي پيروي ڪر. چئو ته آءٌ اوهان کان بدلو نه ٿو گهران، هيءُ ته جهان جي ماڻهن لاءِ نصيحت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91) |
انهن الله جو اهڙو قدر نه ڪيو جهڙو ان جو قدر گهرجي، جڏهن چيائون ته ”الله انسان تي ڪجهه به نه لاٿو آهي“ پڇ ته ”ان ڪتاب کي ڪنهن لاٿو جي موسيٰ آندو هو؟ جو ماڻهن لاءِ نور ۽ سنئين واٽ ڏيکاريندڙ هو. جنهن کي اوهان ورق ورق ڪري ظاهر ڪريو ٿا ۽ گهڻو ان مان لڪايو ٿا. ۽ اوهان کي اهو سيکاريو ويو، جو نڪي اوهين ڄاڻندا هئا ۽ نه اوهان جا ابا ڏاڏا. چئو اهو الله ئي لاٿو هو، پوءِ انهن کي سندن اجائي بحث ۾ کيڏندو ڇڏي ڏي. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92) |
۽ هيءُ جيڪو ڪتاب اسان لاٿو آهي، (اهو) برڪت ڀريو ۽ پاڻ کان اڳين ڪتابن کي سچو ڪندڙ آهي ۽ هن لاءِ ته تون مڪي ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين- جيڪي آخرت تي ويساهه رکن ٿا، سي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ اهي پنهنجين نمازن جي پوري سنڀال رکن ٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93) |
ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جو الله تي ڪوڙ گهڙي، يا چوي، ته مون ڏي وحي ٿيل آهي. مگر ان ڏانهن ڪجهه به وحي نه آيو هجي ۽ جيڪو چوي ته آءٌ به اهڙو وحي آڻي سگهان ٿو جهڙو الله موڪلي ٿو. ۽ جيڪڏهن تون انهن ظالمن کي ڏسين جڏهن اهي موت جي سختين ۾ هوندا آهن ملائڪ هٿ وڌائيندا آهن ته ”پنهنجن جانين کي ٻاهر ڪڍو، اڄ اوهان کي ذلت جو عذاب ڏنو ويندو جو اوهين الله تي ڪوڙ ڳالهائيندا هئا ۽ سندن آيتن کان سرڪشي ڪندا هئا.“ |
وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94) |
جيئن اسان اوهان کي پهرين ڀيرو (اڪيلو) پيدا ڪيو هو، تيئن (اڄ) اوهين اسان وٽ اڪيلا آيا آهيو ۽ جيڪي اسان اوهان کي عطا ڪيو هو، سو پٺتي ڇڏي آيا آهيو ۽ نڪي اسين اوهان سان اوهان جي انهن سفارشين کي ڏسون ٿا، جن کي اوهان پنهنجي خيال ۾ (الله جو) ڀائيوار سمجهيو ٿي. اوهان جا پاڻ ۾ لاڳاپا ٽٽي چڪا ۽ جيڪي اوهان ٿي ڀانيو، سو اوهان کان ويو هليو. |
إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95) |
بيشڪ الله ئي داڻي ۽ ککڙي کي ڦاڙڻ وارو آهي، اهو ئي جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍي ٿو اهوئي الله آهي پوءِ اوهين ڪيڏانهن ڀلجي وڃو ٿا؟ |
فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96) |
اهوئي صبح کي نروار ڪري ٿو ۽ رات کي آرام لاءِ بڻايائين، سج ۽ چنڊ کي حساب لاءِ، اهو غالب علم رکڻ واري جو اندازو آهي. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97) |
ان ئي اوهان لاءِ تارن کي بڻايو، ته جهنگن ۽ سمنڊن جي اونداهين ۾ رستو لهو. بيشڪ اسان علم وارن لاءِ پنهنجون آيتون کولي بيان ڪيون آهن. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98) |
۽ ان ئي اوهان کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو. پوءِ هڪڙو ٽڪاءُ جو هنڌ آهي ۽ ٻيو سؤنپڻ جو. اسان سمجهه رکندڙن لاءِ پنهنجون آيتون کولي بيان ڪيون آهن. |
وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99) |
۽ ان ئي آسمان مان پاڻي لاٿو ۽ پوءِ ان سان هر هڪ شيءِ جا اوڀڙ اپاياسون ۽ پوءِ انهن مان ساوا گونچ ڪڍياسون، ۽ انهن مان هڪ ٻئي ۾ جڙيل داڻا ڪڍون ٿا ۽ کجين جي ڳڀ مان لٽڪندڙ گوشا، انگورن ۽ زيتون ۽ ڏاڙهوئن جا باغ، هڪ ٻئي جهڙا ۽ جدا جدا قسمن جا. انهن جي ڦر ڏانهن نڪرڻ ۽ پچڻ وقت ڏسو- بيشڪ ان ۾ يقين رکندڙن لاءِ نشانيون آهن. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100) |
۽ انهن جنن کي خدا جو ڀائيوار ٺهرايو، پر انهن کي هن ئي پيدا ڪيو ۽ سوچ سمجهه ڌاران ان لاءِ پٽ ۽ ڌيئر بڻايو اٿن. هو پاڪ آهي ۽ اهي جيڪي ان بابت بيان ڪن ٿا تن کان بلند آهي. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101) |
هو آسمانن ۽ زمين جو نه هجڻ مان بنائيندڙ آهي، جڏهن کيس ڪا زال نه آهي، ته سندس اولاد ڪٿان ايندو؟ هن هر چيز کي پيدا ڪيو ۽ هر چيز کي ڄاڻي ٿو؟ |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102) |
اهوئي الله اوهان جو ڌڻي آهي. ان ڌاران ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق نه آهي- (هو) هر چيز جو پيدا ڪندڙ آهي، تنهنڪري ان جي عبادت ڪريو ۽ هر چيز ان جي حوالي آهي. |
لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103) |
اکيون ان کي نه ٿيون ڏسي سگهن، پر هو اکين کي ڏسي ٿو ۽ هر هر ذرو ڏسندڙ، خبردار آهي. |
قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104) |
(ڏسو) اوهان وٽ اوهان جي رب کان روشن دليل اچي چڪا آهن، پوءِ جنهن ڏٺو ته سندن ئي فائدو آهي ۽ جو انڌو ٿيو، ته ان جو وبال مٿس آهي ۽ آءٌ اوهان جو نگهبان نه آهيان. |
وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105) |
۽ ائين اسين آيتن کي هر نموني بيان ڪريون ٿا ۽ هن لاءِ به، ته اهي چون ته تو پڙهي ٻڌايو، ۽ اسين ڄاڻڻ وارن لاءِ چٽائي سان بيان ٿا ڪريون. |
اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106) |
تو ڏانهن تنهنجي رب کان جيڪو اچي ٿو، ان جي پيروي ڪر. ان ڌاران ٻيو ڪو سائين نه آهي ۽ الله سان ٻيا ڀائيوار بنائيندڙن کان پاسو ڪر. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107) |
۽ جي الله گهري ته اهي شرڪ نه ڪن ۽ اسان توکي انهن تي نگهبان مقرر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي تون مٿن داروغو آهين. |
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108) |
۽ اهي خدا کانسواءِ جن کي پڪارين ٿا ته تن کي گاريون نه ڏيو، نه ته اهي به الله کي سوچ کانسواءِ دشمني ڪري گاريون ڏيندا- ان طرح اسان هر هڪ قوم لاءِ سندن عملن کي سهڻو بنايو آهي. پوءِ انهن کي پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي، پوءِ ۽ هو انهن کي سندن ڪمن جي خبر ڏيندو. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109) |
۽ اهي الله جا سخت قسم کائي چون ٿا ته، ”جي وٽن ڪا نشاني آئي ته هو ان تي ضرور ايمان آڻيندا.“ چئو ته ”سڀ نشانيون الله وٽ آهن.“ ۽ اوهان کي ڪهڙي خبر، ته جڏهن انهن وٽ اهي نشانيون اينديون، ته هو ايمان نه آڻيندا؟ |
وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110) |
اسين سندن دلين ۽ اکين کي ڦيرينداسون، جيئن انهن پهرئين ڀيري ايمان نه آندو ۽ انهن کي سندن سرڪشيءَ ۾ ڀٽڪندو ڇڏي ڏينداسين. |
وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111) |
۽ جي اسين انهن ڏانهن ملائڪ موڪليون ها ۽ مُئل به ساڻن ڳالهائين ها ۽ سندن اڳيان سڀ شيون به آڻي گڏ ڪريون ها ته به الله جي مرضيءَ ڌاران ايمان نه آڻين ها، مگر منجهائن گهڻا جاهل آهن. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيٰطينَ الإِنسِ وَالجِنِّ يوحى بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ زُخرُفَ القَولِ غُرورًا وَلَو شاءَ رَبُّكَ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 112) |
اهڙيءَ طرح اسان انسانن ۽ جنن مان شيطانن کي هر هڪ نبيءَ جو دشمن بڻايو، جي هڪ ٻئي کي دوکي ڏيڻ لاءِ ملمعي واريون ڳالهيون سيکاريندا رهن ٿا. جيڪڏهن الله گهري ته هو ائين نه ڪن، تنهنڪري کين سندن ڪوڙ گهڙڻ ۾ ڇڏي ڏي. |
وَلِتَصغىٰ إِلَيهِ أَفـِٔدَةُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَلِيَرضَوهُ وَلِيَقتَرِفوا ما هُم مُقتَرِفونَ (آيت : 113) |
۽ (هو ائين) ان لاءِ (ٿا ڪن ته) جيڪي آخرت تي ايمان نٿا رکن، تن جون دليون انهن ڏانهن لاڙو ڪن ۽ پسند ڪن ۽ جيڪي ڪم هو ڪندا رهن ٿا، سي ڪندا رهن. |
أَفَغَيرَ اللَّهِ أَبتَغى حَكَمًا وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ إِلَيكُمُ الكِتٰبَ مُفَصَّلًا وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعلَمونَ أَنَّهُ مُنَزَّلٌ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 114) |
(چئو ته) ڇا، الله ڌاران ڪنهن ٻئي کي فيصلو ڪندڙ طلبيان؟ جڏهن هن اوهان ڏي چٽائي ڪندڙ ڪتاب به موڪليو آهي، جن کي (اسان اڳيون) ڪتاب ڏنو آهي، سي پڪ ڄاڻن ٿا، ته اهو سچ پچ تنهنجي رب وٽان آيو آهي. تنهنڪري تون شڪ ڪندڙن مان نه ٿيءُ. |
وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدقًا وَعَدلًا لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 115) |
تنهنجي رب جون ڳالهيون سچائي ۽ انصاف ۾ پوريون آهن. سندس ڳالهين کي ڪو بدلڻ وارو نه آهي ۽ هو ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن تُطِع أَكثَرَ مَن فِى الأَرضِ يُضِلّوكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 116) |
۽ جيڪڏهن تون زمين تي رهندڙ گهڻن جو چيو مڃيندين، ته توکي الله جي رستي کان ڀٽڪائي ڇڏيندا، اهي رڳو گمان تي هلن ٿا ۽ رڳو اٽڪل بازي ڪري رهيا آهن. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 117) |
تنهنجو رب اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته ڪير رستي کان ڀٽڪيل آهي ۽ سنئين رستي هلڻ وارن کي (به) خوب ڄاڻي ٿو. |
فَكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كُنتُم بِـٔايٰتِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 118) |
جيڪڏهن اوهين سندس آيتن تي ايمان رکو ٿا ته جنهن جانور تي الله جو نالو ياد ڪجي، ان مان کائو. |
وَما لَكُم أَلّا تَأكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَقَد فَصَّلَ لَكُم ما حَرَّمَ عَلَيكُم إِلّا مَا اضطُرِرتُم إِلَيهِ وَإِنَّ كَثيرًا لَيُضِلّونَ بِأَهوائِهِم بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِالمُعتَدينَ (آيت : 119) |
اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو ان مان نه ٿا کائو جنهن تي الله جو نالو ورتو ويو آهي؟ ۽ الله جن کي اوهان لاءِ حرام ڪيو آهي، انهن کي کولي بيان ڪيو اٿس، سواءِ انهيءَ جي جو اوهين انهي (کائڻ لاءِ) لاچار ٿيو. گهڻا ماڻهو علم بنا پنهنجي خواهش سان ماڻهن کي ڀٽڪائيندا رهن ٿا. بيشڪ تنهنجو رب حد کان لنگهندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَذَروا ظٰهِرَ الإِثمِ وَباطِنَهُ إِنَّ الَّذينَ يَكسِبونَ الإِثمَ سَيُجزَونَ بِما كانوا يَقتَرِفونَ (آيت : 120) |
پڌري گناهه توڙي لڪل کي ڇڏي ڏيو. جيڪي شخص گناهه ڪندا رهن ٿا، انهن کي سندن ڪمن جو جلد ئي بدلو ملندو. |
وَلا تَأكُلوا مِمّا لَم يُذكَرِ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَإِنَّهُ لَفِسقٌ وَإِنَّ الشَّيٰطينَ لَيوحونَ إِلىٰ أَولِيائِهِم لِيُجٰدِلوكُم وَإِن أَطَعتُموهُم إِنَّكُم لَمُشرِكونَ (آيت : 121) |
جن جانورن تي الله جو نالو نه ورتل آهي، تن کي نه کائو- بيشڪ اها نافرماني آهي ۽ شيطان ته سندن دوستن کي هدايت ڪندا آهن ته اوهان سان بحث ڪن ۽ جي اوهان به سندن چيو مڃيو ته اوهين به مشرڪ ٿيندؤ. |
أَوَمَن كانَ مَيتًا فَأَحيَينٰهُ وَجَعَلنا لَهُ نورًا يَمشى بِهِ فِى النّاسِ كَمَن مَثَلُهُ فِى الظُّلُمٰتِ لَيسَ بِخارِجٍ مِنها كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلكٰفِرينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 122) |
پر جيڪو مئل هو ۽ اسان کيس جيئرو ڪيو ۽ کيس روشني ڪري ڏني سون ته ان سان ماڻهن ۾ هلندو رهي، سو ان جهڙو ٿيندو ڇا جو اوندهه ۾ پيو هجي ۽ ان کان نڪري ئي نه سگهي؟ اهڙيءَ طرح ڪافر جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن سي کين چڱا معلوم ٿين ٿا. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا فى كُلِّ قَريَةٍ أَكٰبِرَ مُجرِميها لِيَمكُروا فيها وَما يَمكُرونَ إِلّا بِأَنفُسِهِم وَما يَشعُرونَ (آيت : 123) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان هر هڪ ڳوٺ ۾ بدڪارن جا سردار بڻايا ته اُهي ان ۾ بڇڙيون رٿون رٿيندا رهن، مگر اهي رڳو پاڻ لاءِ ٿا بريون رٿون رٿين پر سمجهن نٿا. |
وَإِذا جاءَتهُم ءايَةٌ قالوا لَن نُؤمِنَ حَتّىٰ نُؤتىٰ مِثلَ ما أوتِىَ رُسُلُ اللَّهِ اللَّهُ أَعلَمُ حَيثُ يَجعَلُ رِسالَتَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ أَجرَموا صَغارٌ عِندَ اللَّهِ وَعَذابٌ شَديدٌ بِما كانوا يَمكُرونَ (آيت : 124) |
جڏهن وٽن ڪا آيت اچي ٿي، ته چون ٿا ته ”اسين هرگز ايمان نه آڻينداسون، جيسين اسان کي اهڙو ملي جهڙو رسولن کي مليو آهي.“ الله بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪنهن کي پيغمبري ڏئي. جيڪي ڏوهه ڪن ٿا، تن کي جلد ئي الله وٽ ذلت حاصل ٿيندي، سندن مڪارين جي ڪري سخت عذاب ملندو. |
فَمَن يُرِدِ اللَّهُ أَن يَهدِيَهُ يَشرَح صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ وَمَن يُرِد أَن يُضِلَّهُ يَجعَل صَدرَهُ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّما يَصَّعَّدُ فِى السَّماءِ كَذٰلِكَ يَجعَلُ اللَّهُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 125) |
۽ جنهن کي الله سنئين واٽ تي هلائڻ گهري ان جي سيني کي اسلام لاءِ کولي ٿو ۽ جنهن جو رستو گم ڪرڻ گهري، ان جي سيني کي تنگ ۽ گهٽيل ڪري ٿو، جو ڄڻ ته هو آسمان تي چڙهي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪي ايمان نه آڻيندا آهن، تن تي الله عذاب موڪليندو آهي. |
وَهٰذا صِرٰطُ رَبِّكَ مُستَقيمًا قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
۽ اهوئي تنهنجي رب جو سڌو رستو آهي، بيشڪ اسان آيتن کي غور ڪندرن لاءِ کولي بيان ڪيو آهي. |
لَهُم دارُ السَّلٰمِ عِندَ رَبِّهِم وَهُوَ وَلِيُّهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 127) |
(سندن نيڪ عملن جي ڪري) انهن لاءِ سندن رب وٽ سلامتيءَ جو گهر آهي، اهو ئي سندن مددگار آهي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا يٰمَعشَرَ الجِنِّ قَدِ استَكثَرتُم مِنَ الإِنسِ وَقالَ أَولِياؤُهُم مِنَ الإِنسِ رَبَّنَا استَمتَعَ بَعضُنا بِبَعضٍ وَبَلَغنا أَجَلَنَا الَّذى أَجَّلتَ لَنا قالَ النّارُ مَثوىٰكُم خٰلِدينَ فيها إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 128) |
جنهن ڏينهن هو انهن سڀني کي ڪٺو ڪندو (چوندو ته) ”اي جنو! اوهان انسانن مان گهڻا پاڻ سان ڪيا هئا.“ انسانن مان انهن جا ساٿي چوندا ”اي اسان جا ڌڻي! اسان هڪٻئي مان فائدو ورتو جو ان وقت کي پهتاسون، جيڪو اسان لاءِ مقرر ڪيو هيئي،“ چوندو ”اوهان جي جاءِ دوزخ آهي، ان ۾ هميشه رهندا، مگر جيڪي الله گهري،“ بيشڪ تنهنجو رب داناءُ، سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُوَلّى بَعضَ الظّٰلِمينَ بَعضًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 129) |
۽ اهڙي طرح اسين ظالمن کي سندن عملن جي ڪري هڪ ٻئي سان ملائينداسون. |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا شَهِدنا عَلىٰ أَنفُسِنا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 130) |
اي جنن ۽ انسانن جي جماعت! ڇا اوهان وٽ اوهان مان رسول نه آيا هئا، جي اوهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌائيندا ۽ اوهان کي هن ڏينهن اچڻ بابت ڊيڄاريندا هئا؟“ چوندا ”اسان پاڻ تي اقرار ڪيو.“ هنن کي دنيا جي حياتيءَ ئي دوکي ۾ وڌو هو ۽ (هاڻي) پاڻ تي پاڻ ئي گواهي ڏنائون، ته بيشڪ هو ڪافر هئا. |
ذٰلِكَ أَن لَم يَكُن رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها غٰفِلونَ (آيت : 131) |
اهو هن ڪري جو تنهنجو ڌڻي اهڙو نه آهي، جو ڳوٺن کي بي انصافي سان سندن رهاڪن جي بيخبريءَ ۾ ناس ڪري. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 132) |
۽ سڀني لاءِ پنهنجي عملن موجب درجا آهن ۽ تنهنجو ڌڻي سندن ڪمن کان بيخبر نه آهي. |
وَرَبُّكَ الغَنِىُّ ذُو الرَّحمَةِ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَستَخلِف مِن بَعدِكُم ما يَشاءُ كَما أَنشَأَكُم مِن ذُرِّيَّةِ قَومٍ ءاخَرينَ (آيت : 133) |
تنهنجو رب بي پرواهه رحمت وارو آهي، جيڪڏهن گهري ته اوهان کي نابود ڪري ٻيا جيڪي چاهي سي اوهان کان پوءِ اوهان جي جاءِ تي وهاري، جيئن اوهان کي ٻين ماڻهن جي نسل مان پيدا ڪيائين. |
إِنَّ ما توعَدونَ لَءاتٍ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 134) |
بيشڪ اوهان سان ڪيل واعدو ضرور ايندو ۽ اوهين عاجز نٿا ڪري سگهو. |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عامِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 135) |
چئو ته اي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ عمل ڪندا رهو، آءٌ به عمل ڪندو رهان ٿو. جلد ئي خبر پوندوَ ته ڪنهن جي پڇاڙي چڱي ٿئي ٿي؟ بيشڪ ظلم ڪندڙ ڪامياب نه ٿيندا. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ مِمّا ذَرَأَ مِنَ الحَرثِ وَالأَنعٰمِ نَصيبًا فَقالوا هٰذا لِلَّهِ بِزَعمِهِم وَهٰذا لِشُرَكائِنا فَما كانَ لِشُرَكائِهِم فَلا يَصِلُ إِلَى اللَّهِ وَما كانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلىٰ شُرَكائِهِم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 136) |
۽ الله جيڪا پوک ۽ ڍور بڻايا آهن تن مان هڪ حصو الله لاءِ مقرر ڪندا آهن، پوءِ پنهنجي گمان موجب چوندا آهن ”هي الله جو آهي ۽ هي الله سان اسان جي بنايل ڀائيوارن جو آهي.“ ۽ پوءِ جيڪو (حصو) سندن بنايل ڀائيوارن جوآهي، اهو ته الله ڏانهن نه ٿو پهچي سگهي، پر جيڪو الله لاءِ مقرر ڪيل آهي سو بنايل ڀائيوارن کي پهچي سگهي ٿو! هو ڪهڙو نه بڇڙو فيصلو ٿا ڪن! |
وَكَذٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثيرٍ مِنَ المُشرِكينَ قَتلَ أَولٰدِهِم شُرَكاؤُهُم لِيُردوهُم وَلِيَلبِسوا عَلَيهِم دينَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 137) |
ائين سندن بنايل ڀائيوارن گهڻن ئي ڀائيوار بنائيندڙن کي سندن اولاد جو قتل ڪرڻ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي، ته انهن کي مصيبت ۾ وجهن ۽ سندن دين کي مٿن رلائي ملائي ڇڏين. جي الله گهري ته هوند ائين نه ڪن، تنهنڪري تون انهن ۽ سندن ٺاهيل ٺاهن کي ڇڏي ڏي. |
وَقالوا هٰذِهِ أَنعٰمٌ وَحَرثٌ حِجرٌ لا يَطعَمُها إِلّا مَن نَشاءُ بِزَعمِهِم وَأَنعٰمٌ حُرِّمَت ظُهورُها وَأَنعٰمٌ لا يَذكُرونَ اسمَ اللَّهِ عَلَيهَا افتِراءً عَلَيهِ سَيَجزيهِم بِما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 138) |
۽ پنهنجي ئي گمان سان چون ٿا ته ”هي ڍور ۽ پوک حرام ٿيل آهن، هن کي فقط اهو کائي، جنهن کي اسين چئون، ”۽ الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهي ڪن جانورن تي سواري حرام ڪن ٿا ۽ ڪن تي (ڪهڻ وقت) الله جو نالو نٿا وٺن، جيڪي ٺاهه ٺاهين ٿا تن جي هو کين سگهي سزا ڏيندو. |
وَقالوا ما فى بُطونِ هٰذِهِ الأَنعٰمِ خالِصَةٌ لِذُكورِنا وَمُحَرَّمٌ عَلىٰ أَزوٰجِنا وَإِن يَكُن مَيتَةً فَهُم فيهِ شُرَكاءُ سَيَجزيهِم وَصفَهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 139) |
۽ چون ٿا ته ”جيڪي هنن جانورن جي پيٽن ۾ آهي، اهو فقط اسان جي مردن لاءِ آهي ۽ اسان جي زالن تي حرام آهي، پر جي مئل هوندو، ته ان ۾ سڀ شريڪ آهن، الله جلد ئي کين سندن اهڙيءَ تقرير جي سزا ڏيندو. بيشڪ اهو ڏاهپ وارو ڄاڻندڙ آهي. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ قَتَلوا أَولٰدَهُم سَفَهًا بِغَيرِ عِلمٍ وَحَرَّموا ما رَزَقَهُمُ اللَّهُ افتِراءً عَلَى اللَّهِ قَد ضَلّوا وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 140) |
جن پنهنجي اولاد کي بيوقوفيءَ ۽ بي سمجهيءَ سان ماريو ۽ کين الله جي ڏنل رزق کي الله تي ڪوڙ گهڙيندي حرام ڪيائون- سي بيشڪ نقصان ۾ پيا، گمراهه ٿيا ۽ سنئين واٽ تي هلندڙ نه آهن. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ جَنّٰتٍ مَعروشٰتٍ وَغَيرَ مَعروشٰتٍ وَالنَّخلَ وَالزَّرعَ مُختَلِفًا أُكُلُهُ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُتَشٰبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ كُلوا مِن ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَءاتوا حَقَّهُ يَومَ حَصادِهِ وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 141) |
هو ئي آهي جنهن ڇتين وارا ۽ بنا ڇتين باغ پيدا ڪيا ۽ کجيون ۽ پوکون، جن جا قسمين قسمين ميوا آهن ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون، هڪ ٻئي سان ملندڙ ۽ جدا جدا نمونن جا- جڏهن اُهي ڦر ڏين، ته انهن مان کائو ۽ لڻڻ واري ڏينهن اُن مان (خدا) جو به حق ڏيو ۽ بيجا خرچ نه ڪريو، بيشڪ اهو بيجا خرچ ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري. |
وَمِنَ الأَنعٰمِ حَمولَةً وَفَرشًا كُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 142) |
جانورن مان ڪي بار کڻڻ وارا آهن ۽ زمين سان لڳل. الله جي ڏنل رزق مان کائو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو- اهو اوهان جو پڌرو دشمن آهي. |
ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ مِنَ الضَّأنِ اثنَينِ وَمِنَ المَعزِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ نَبِّـٔونى بِعِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 143) |
(ڍور) آهن اٺ قسم. ٻه رڍن مان ۽ ٻه ٻڪرين مان، پڇين ته ”ڀلا، ٻنهي مان نر حرام ڪيا اٿس، يا ماديون، يا جيڪي مادين جي پيٽ ۾ آهي؟ جي سچا آهيو، ته مون کي دليل سان خبر ڏيو!“ |
وَمِنَ الإِبِلِ اثنَينِ وَمِنَ البَقَرِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ وَصّىٰكُمُ اللَّهُ بِهٰذا فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا لِيُضِلَّ النّاسَ بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 144) |
۽ ٻه قسم اُٺن مان، ٻه قسم ڳئن مان. پڇ ته ”ڀلا، نر حرام ڪيا اٿس يا ماديون، يا جيڪي مادين جي پيٽ ۾ آهي؟ جڏهن الله اهي حڪم ڏنا، تڏهن اوهين روبرو هئا؟“ پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جو بنا ڪنهن علم جي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ الله تي ڪوڙ گهڙي؟ بيشڪ الله ظالمن کي سنئين راهه نٿو لڳائي. |
قُل لا أَجِدُ فى ما أوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلىٰ طاعِمٍ يَطعَمُهُ إِلّا أَن يَكونَ مَيتَةً أَو دَمًا مَسفوحًا أَو لَحمَ خِنزيرٍ فَإِنَّهُ رِجسٌ أَو فِسقًا أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 145) |
چئو ته جيڪي حڪم مون تي نازل ٿيا آهن، تن ۾ آءٌ کائيندڙ تي هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حرام نٿو ڏسان، ته مردار هجي يا وهندڙ رت يا سوئر جو گوشت، بيشڪ اهي گندگي آهن، يا گناهه وانگر جنهن ڍور کي الله ڌاران ٻئي جي نالي سان سڏجي. پر جيڪو شخص بي فرمان ۽ حد لنگهندڙ بنا لاچار ٿي (انهن مان کائي) ته بيشڪ تنهنجو رب بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا كُلَّ ذى ظُفُرٍ وَمِنَ البَقَرِ وَالغَنَمِ حَرَّمنا عَلَيهِم شُحومَهُما إِلّا ما حَمَلَت ظُهورُهُما أَوِ الحَوايا أَو مَا اختَلَطَ بِعَظمٍ ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِبَغيِهِم وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 146) |
۽ يهودين تي اسان سڀ نهن وارا جانور حرام ڪيا هئا ۽ ڳئون ۽ ٻڪريءَ جي چرٻيءَ کي به مٿن حرام ڪيوسون، سواءِ انهيءَ جي، جا سندن پٺن يا آنڊن تي، يا هڏين سان لڳل هجي- اها سزا کين سندن سرڪشيءَ ڪري ڏني هئي سون ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون. |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقُل رَبُّكُم ذو رَحمَةٍ وٰسِعَةٍ وَلا يُرَدُّ بَأسُهُ عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 147) |
پوءِ جي توکي ڪوڙو ڪن، ته چئو ته اوهان جو رب وڏيءَ ڪشاديءَ رحمت وارو آهي، مگر ڏوهاري قوم کان سندن عذاب ٽرڻ وارو نه آهي. |
سَيَقولُ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكنا وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم حَتّىٰ ذاقوا بَأسَنا قُل هَل عِندَكُم مِن عِلمٍ فَتُخرِجوهُ لَنا إِن تَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن أَنتُم إِلّا تَخرُصونَ (آيت : 148) |
الله سان ٻين کي ڀائيوار ڪندڙ اجهو ٿا چَوَن ”جي الله گهري ها، ته اسين خواهه اسان جا وڏا هوند ساڻس ٻين کي ڀائيوار نه بڻايون ها ۽ نڪي ڪا به شيءِ حرام ڪريون ها“! انهن کان اڳين به ايئن (الله جا حڪم) ڪوڙ سمجهيا، تان جو اسان جو عذاب چکيائون. پڇ ته اوهان وٽ ڪا علمي سند به آهي؟ ته اها اسان کي ڪڍي ڏيکاريو مگر اوهين رڳو گمانن پٺيان پيا هلو ۽ رڳو ڌُڪا پيا هڻو. |
قُل فَلِلَّهِ الحُجَّةُ البٰلِغَةُ فَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 149) |
چئو ته الله جي حجت محڪم آهي. جيڪڏهن الله گهري، ته اوهان سڀني کي هدايت ڏئي. |
قُل هَلُمَّ شُهَداءَكُمُ الَّذينَ يَشهَدونَ أَنَّ اللَّهَ حَرَّمَ هٰذا فَإِن شَهِدوا فَلا تَشهَد مَعَهُم وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 150) |
چئو ته پنهنجا گواهه آڻيو، جي شاهدي ڏين، ته الله فلاڻي شيءِ حرام ڪئي آهي. پوءِ جيڪڏهن هو گواهي ڏين، ته تون انهن سان گواهي نه ڏي ۽ تون انهن جي خواهشن پٺيان نه لڳ، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، جي آخرت تي يقين نه ٿا رکن ۽ اهي (ٻين کي) پنهنجي ڌڻيءَ سان برابر بنائين ٿا. |
قُل تَعالَوا أَتلُ ما حَرَّمَ رَبُّكُم عَلَيكُم أَلّا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم مِن إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُكُم وَإِيّاهُم وَلا تَقرَبُوا الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 151) |
چئو ته اچو ته جيڪي اوهان جي رب اوهان تي حرام ڪيو آهي، سو آءٌ اوهان کي پڙهي ٻڌايان. ”ڪنهن کي به ان سان شريڪ نه ڪريو، پيءُ ماءُ سان چڱي طرح هلو ۽ پنهنجي اولاد کي غريبيءَ جي خوف کان قتل نه ڪريو، اسين ئي اوهان کي خواهه انهن کي رزق ڏيون ٿا. بي حيائي جي ڪمن کي ويجها نه وڃو، اهي پڌرا هجن خواهه لڪل ۽ حق کان سواءِ انهيءَ جان کي نه ماريو جنهن لاءِ الله جي منع هجي. انهن ئي ڳالهين لاءِ الله اوهان کي وصيت ڪري ٿو، ته سمجهه کان ڪم وٺو. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ بِالقِسطِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَإِذا قُلتُم فَاعدِلوا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَبِعَهدِ اللَّهِ أَوفوا ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 152) |
يتيم جي مال کي چڱي رستي کان سواءِ ويجها نه وڃو، جيسين هو پنهنجي جوانيءَ کي پهچي. ۽ ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪريو. اسين ڪنهن کي به سندن وس کان ٻاهر تڪليف نه ٿا ڏيون. ۽ جڏهن ڳالهايو، ته انصاف سان ڳالهايو، پوءِ کڻي ڪو عزيز ڇو نه هجي ۽ الله جي عهد کي پورو ڪريو. هو اوهان کي اهي ئي حڪم ٿو ڪري، ته نصيحت وٺو. |
وَأَنَّ هٰذا صِرٰطى مُستَقيمًا فَاتَّبِعوهُ وَلا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُم عَن سَبيلِهِ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 153) |
۽ بيشڪ هي منهنجو رستو سڌو آهي، تنهنڪري ان تي هلو ۽ ٻين رستن تي نه هلو، نه ته اهي اوهان کي ان رستي کان جُدا ڪري ڇڏيندا. هو اوهان کي اهي ئي حڪم ٿو ڪري ته نيڪ ٿيو. |
ثُمَّ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ تَمامًا عَلَى الَّذى أَحسَنَ وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم بِلِقاءِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 154) |
پوءِ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ته نيڪوڪار تي نعمت کي پورو ڪريون ۽ اهو هر ڳالهه جي چٽائي ڪندڙ ۽ هدايت ۽ رحمت آهي، ته هو پنهنجي رب جي اڳيان حاضر ٿيڻ جو يقين رکن. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعوهُ وَاتَّقوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 155) |
۽ هي ڪتاب اسان برڪت ڀريو ڪري لاٿو آهي، تنهن ڪري ان جي پيروي ڪريو ۽ ڊڄو ته اوهان تي رحمت ٿئي. |
أَن تَقولوا إِنَّما أُنزِلَ الكِتٰبُ عَلىٰ طائِفَتَينِ مِن قَبلِنا وَإِن كُنّا عَن دِراسَتِهِم لَغٰفِلينَ (آيت : 156) |
هن لاءِ ته متان چئو ته ”خدائي ڪتاب ته اسان کان اڳ ٻين جماعتن تي ئي لٿو ۽ اسين ته انهيءَ جي پڙهڻ پڙهائڻ کان بيخبر هئاسون.“ |
أَو تَقولوا لَو أَنّا أُنزِلَ عَلَينَا الكِتٰبُ لَكُنّا أَهدىٰ مِنهُم فَقَد جاءَكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَصَدَفَ عَنها سَنَجزِى الَّذينَ يَصدِفونَ عَن ءايٰتِنا سوءَ العَذابِ بِما كانوا يَصدِفونَ (آيت : 157) |
يا چئو ته ”جي اسان تي به ڪتاب لهي ها ته اسين انهن کان وڌيڪ هدايت وارا هجون ها.“ سو اوهان وٽ به پنهنجي رب کان هڪ دليل ۽ هدايت ۽ رحمت اچي ويئي. پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جو الله جي آيتن کي ڪوڙو ڪري ۽ انهن کان منهن موڙي؟ اسان جلد ئي اسان جي آيتن کان منهن موڙيندڙن کي سندن منهن موڙڻ ڪري بڇڙو عذاب ڏينداسون. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ رَبُّكَ أَو يَأتِىَ بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ يَومَ يَأتى بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ لا يَنفَعُ نَفسًا إيمٰنُها لَم تَكُن ءامَنَت مِن قَبلُ أَو كَسَبَت فى إيمٰنِها خَيرًا قُلِ انتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 158) |
اهي ڀلا انهيءَ کانسواءِ ٻي ڪهڙيءَ ڳالهه جو انتظار ٿا ڪن، ته وٽن ملائڪ اچن، يا تنهنجو رب اچي، يا تنهنجي رب جي ڪي نشانيون اچن؟ پر جنهن ڏينهن تنهنجي رب جون ڪي نشانيون اينديون، تڏهن ڪنهن به اهڙي شخص کي سندن ايمان فائدو نه ڏيندو، جنهن ان کان اڳ ايمان نه آندو، يا سندس ايمان ۾ نيڪي نه ڪمائي هوندائين چئو ته اوهين به پيا انتظار ڪريو ۽ اسين به پيا انتظار ڪريون. |
إِنَّ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا لَستَ مِنهُم فى شَيءٍ إِنَّما أَمرُهُم إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 159) |
جن پنهنجي دين ۾ تفرقو وڌو ۽ ٽولا ٽولا ٿي ويا ته انهن سان توکي ڪو واسطو نه آهي- انهن جو معاملو الله جي حوالي آهي، پوءِ هو ئي سندن ڪمن جي خبر ڏيندو. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ عَشرُ أَمثالِها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 160) |
جيڪو (الله وٽ) نيڪي آڻيندو ان کي اهڙيون ڏهه نيڪيون ملنديون ۽ جيڪو بڇڙائي آڻيندو، ان کي اوتري ئي ملندي ۽ مٿن ظلم نه ٿيندو. |
قُل إِنَّنى هَدىٰنى رَبّى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ دينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 161) |
چئو ته منهنجي رب ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريو آهي. جو ابراهيم هڪ رخي جو صحيح دين ۽ طريقو آهي ۽ جيڪو الله سان ٻيا ڀائيوار ڪندڙ نه هو. |
قُل إِنَّ صَلاتى وَنُسُكى وَمَحياىَ وَمَماتى لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 162) |
چئو ته منهنجي نماز منهنجو حج، منهنجو جيئڻ، منهنجو مرڻ، سڀ الله لاءِ آهي، جو جهانن جو رب آهي. |
لا شَريكَ لَهُ وَبِذٰلِكَ أُمِرتُ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُسلِمينَ (آيت : 163) |
سندس ڪو شريڪ نه آهي، مون کي اهو ئي حڪم مليو آهي ۽ آءٌ پهريون مسلمان آهيان. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَبغى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَيءٍ وَلا تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ إِلّا عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 164) |
چئو، ڇا آءٌ انهيءَ الله ڌاران ڪو ٻيو ڌڻي ڳوليان، جو هر هڪ شيءِ جوڌڻي آهي؟ ۽ هر شخص جي ڪمائي مٿس ئي پوندي، ڪو به ٻئي ڪنهنجو بار نه کڻندو. پوءِ اوهان کي پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي، تڏهن هو اوهان کي انهيءَ جي خبر ڏيندو، جنهن بابت جهڳڙندا هئا. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ الأَرضِ وَرَفَعَ بَعضَكُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم إِنَّ رَبَّكَ سَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 165) |
۽ هو ئي اهو آهي، جنهن اوهان کي زمين ۾ نائب بڻايو ۽ اوهان هڪڙن جا درجا ٻين جي درجن کان بلند ڪيائين انهيءَ لاءِ ته اوهانکي جيڪو ڏنو اٿس، ان ۾ آزمائي. بيشڪ تنهنجو رب جلد عذاب ڏيڻ وارو آهي ۽ هو بخشيندڙ مهربان (به) آهي. |